1. مورک اُڃ مرن
گذريل ٻن ڏينهن کان کيس صائمه نه ملي آهي. سو انهن ٻن ڏينهن جي نه ملڻ هن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به هُو گهٽي ۾ ڪافي دير تائين انتظار ڪري ڪري پگهرجي پيو آهي پر صائمه دير تائين نه آئي آهي. نيٺ، ڪنهن پل هُو پنهنجي قميص جي اڳيئن پلاند سان پيشاني تان پگهر اگهي اڳتي روانو ٿئي ٿو ته پُٺيان کيس صائمه پُڪاري ٿي: “سجاد...!”
هُو هڪدم پٺتي مُڙي نهاري ٿو ۽ پڪاري ٿو، “صائمه...!!”
صائمه جي اچڻ سان ڄڻ ته مُردي ۾ ساهه پئجي ٿو وڃي، هُو چوي ٿو، “صائمه! ٻن ڏينهن کان ڪيڏانهن هلي وئي هئين تون!؟” هن پنهنجي پيڙا بيان ڪندي چيو، “توکي خبر ناهي ته انهن ٻن ڏينهن جي منٽ منٽ ۾ مون کي تنهنجي دوريءَ واسينگن وانگر ڏنگيو آهي...!”
صائمه پنهنجي چهري تي ڏک سجائي وراڻيو:
“سجاد ...! تو کي ڪهڙي ڄاڻ ... آئون اڄ به گهران الائي ته ڪيئن نڪتي آهيان....! سچ پڇين جان، تو بن آئون پاڻ به پل پل جيئندي ۽ مرندي رهندي آهيان! جيئن ڪا مڇي پاڻي کان ٻاهر تڙپندي رهندي آهي سجاد پر.......!” هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ کن پل رکي، نماڻيون اکيون کڻي ڏٺائين ۽ ٿڌو ساهه کڻي جملي جي اڌورائپ کي مڪملتا ڏيندي چيائين:
“آئون هڪ ڇوڪري آهيان ... ۽ منهنجو گهران نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي سجاد....!”
سجاد وراڻيو، “ها صائمه، صحيح ٿي چوين ... هاڻي مون بس اهو سوچي ڇڏيو آهي ته پاڻ ٻئي هي شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي شهر هليا وينداسين....! بس تون گهر ڇڏڻ جي تياري ڪر...! “
“نه سجاد نه ... ائين ڪرڻ سان مون....”
“تون فڪر ڇا جو ٿي ڪرين صائمه.....” هن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
“تون اعتبار ڪر... آئون هر قسم جو جوکم کڻي به توکي دنيا جو هر سک ڏيندس ... تون پاڻ ئي سوچ پنهنجو روز روز جو گهٽين ۾ ائين ملڻ آخر ڪيستائين هلندو رهندو...؟ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، بس تون رڳو ذهن ٺاهه...”
“پر سجاد تون ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر... تون پهرين ئي شادي شده آهين. منهنجي ڪري تون پنهنجي زال کي...؟”
“هڻ اوڙاهه ۾ ان زيبوءَ کي...! “ هن بي رُخي واري انداز ۾ چيو، “سچ پڇين جان ته مون کي تو سواءِ ٻي ڪا به شيءِ هانوَ تي نٿي هُري!”
“سجاد... اڄ تون منهنجي ڪري پنهنجي زال کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار آهين... مون کي ڊپ ٿو ٿئي ڪٿي سُڀاڻي تون ...!!”
“صائمه تون مون تي شڪ پئي ڪرين! تون يقين ڪر ته زيبوءَ رڳو منهنجي نالي جي زال آهي پر اڄ ڏينهن تائين منهنجي دل هن کي پنهنجي زال مڃيو ئي ناهي!”
“ڏس سجاد ... هڪ ته آئون اهو گناهه کڻڻ نٿي چاهيان جو منهنجي ڪري ڪنهن ٻي عورت جو گهر برباد ٿئي ۽ ٻيو ته اهو مون کان برداشت ڪونه ٿيندو ته منهنجو ور مون کان علاوه ڪنهن ٻي عورت جو به مُڙس هجي!”
“او ... هو... صائمه تون سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪر...! هن سان شادي ڪرڻ منهنجي مائٽن جي مرضي هئي، منهنجي نه! مڙيئي ننڍي هوندي جو مڱڻو ٿيل هو... پر پاڻ ته هڪٻئي کي چاهيون ٿا...! تون سوچ ته سهي... پاڻ ڀلا هڪٻئي کان جدا ڪيئن گذارو ڪري سگهنداسين جان؟؟”
صائمه ڪجهه گهڙيون ترسي چيو، “ٺيڪ آهي سجاد... تون مون کي سوچڻ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مُھلت ڏي ڀلا...”
“ٺيڪ آهي پر ڏس انڪار نه ڪجان....” هُن وراڻيو.
صائمه پنهنجي منهن تي مُرڪ سجائي ۽ ڪجهه رکي وراڻيو، “سجاد، تو ۾ وري به هڪڙو ڪم پيو آهي جان.”
“حڪم ڪر مٺڙي ...! . ڪهڙو ڪم؟” سجاد چيو.
“بس عرض آهي ٿورو ...” صائمه هيٺاهين وٺندي وراڻيو، “شل سڄڻ اگهائين.”
“تون ٻُڌاءِ ته سهي...”
“سجاد مون کي پنج هزار رپيا گهرجن.” صائمه نماڻائي سان مجبوري ڄاڻائيندي وراڻيو.
“پر صائمه مون وٽ ايترا پئسا ڪٿان ايندا؟” سجاد هٿ مليندي چيو، “اڄڪلهه ته منهنجيون جيڪي حالتون آهن، تن کان ته تون پاڻ به باخبر آهين جان...!”
“سجاد مون کي سڀ خبر آهي پر مون کي به ضروري ضروري کپن ٿا،” صائمه ڪامياب ناٽڪ ڪندي وراڻيو، “سجاد مون کي بس رڳو آخري چڪر تون ڪيئن به ڪري ڏي، مان تو کان وري ڪڏهن به هڪ ٽڪو به ڪانه گهرنديس...”
“اها ڳالهه ناهي جان! هوندا آهن ته ڏس مان انڪار ڪندو ئي ناهيان پر....” سجاد صائمه جي لٿل منهن ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو، “ٺيڪ آهي ڀلا مان ڪوشش ڪريان ٿو.”
“ٺيڪ آهي مان سُڀاڻي هتي ئي هن وقت تنهنجو انتظار پئي ڪنديس.”
صائمه اهو چئي هلي وڃي ٿي پر سجاد کي ڳڻتين جي پاتال ڀيڙو ڪري ٿي وڃي! هن اڳ ئي سندس فرمائشون پوريون ڪندي ڪندي پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو هو. هُو اڌ شهر جو قرضي ٿي پيو هو.
هُو پنهنجي گهر ڏاڍو پريشان ويٺو هو. هن جي اها الجهيل حالت ڪافي دير کان سندس زال زيبوءَ ڏسي رهي هئي.
“ٻُڌ...” زيبوءَ دل جهلي کانئس پڇڻ چاهيو.
“ها ٻُڌاءِ ... وري کائيندين سر!” هن ڪاوڙ مان جواب ڏنس.
زيبوءَ ڳنڀيرتا منجهان وراڻيس، “تون اڄ ڏاڍو ڏکارو پيو لڳين.... ڇا ڳالهه آهي جو ماني به نٿي وڻيئي...؟ڪهڙي پريشاني اٿئي اڄ؟”
“پوءِ ڇا تون ڪو منهنجي پريشاني جو علاج ڪندينءَ؟” هن ساڳي ئي بيزارگي واري لهجي مان وراڻيو.
“تون ٻُڌاءِ ته سهي...” زيبوءِ وراڻيو.
“مون کي پئسن جي ضرورت آهي.” هن وراڻيو.
“ گهڻا پئسا؟”
“پنج هزار ٿا گهرجن.؟” هن وراڻيو،
“ڇا لاءِ گهرجن؟ خير ته آهي؟” زيبوءِ پڇيس.
“اجايو سر نه کاءِ!” هن وراڻيو، “منهنجي زندگي جو مسئلو آهي، بس مون کي پنج هزار رپيا کپن.”
“الله بچائي تنهنجي زندگي کي!” زيبوءِ ائين چيو ۽ اٿي اندر هلي ويئي. هن الماڙي جي خاني ۾ پيل پنهنجي سوني منڊي ڪڍي ۽ اچي سجاد کي ڏنائين، “اچي هي وٺ بس..”
“پر زيبوءِ...”
“هي منهنجي ڏاج جي آهي.”
“پر هڪڙي ته آئون اڳ ۾ ئي کپائي آيو هئس وري هي...”
“اها اڳ واري تنهنجي مائٽن جي ڏنل هئي، هي منهنجي مائٽن مون کي ڏني هئي.... تون وڪڻي وڃي پنهنجي اڙي لاهه ...! . هونئن به زر ۽ زيور ته رکبو ئي اوکي ويل جي لاءِ آهي.”
هُو زيبوءَ کان منڊي وٺي ٿو. زيبوءَ جي همدردي هر هر هن جي دل تي اثر ٿي ڪري. هُو سوچي ٿو، “منهنجي زيبوءَ جي مون تي مهرباني آهي. مون ته سدائين کيس نظر انداز ڪري نفرتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. هُوءَ ويچاري منهنجي پريشاني تي ڏس ته ڪيڏي پريشان ٿي ويئي! هن هميشه منهنجي پريشاني کي پنهنجي ئي پريشاني سمجهيو! ۽ مون تي سڀ ڪجهه واري ڇڏيائين.” هُو سوچي ٿو، “هي آهي جا مون تي سڀ ڪجهه لُٽائي رهي آهي ۽ آئون آهيان جو پنهنجو ته ٺهيو پر هن جو به سڀ ڪجهه هُن تي لُٽائي رهيو آهيان!”
“ڇا پيو سوچين؟”
“نه نه زيبوءَ بس مڙيئي...”
“ڇا مڙيئي؟... توکي جيڪا پريشاني هئي سا اڃا ڪونه لٿي ڇا؟”
“نه نه زيبوءَ اها ڳالهه ته ڪانهي.”
“ته پوءِ؟”
“هڪ ڳالهه پڇان زيبوءَ؟”
“ها پُڇ.”
“زيبوءَ مون ته توکي سواءِ محرومين جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. تڏهن به تون مون تي ايڏي مهربان...”
“اڙي چريا اها ته رڳو منڊي هئي... تون منهنجو ورُ آهين، مون کي توکان وڌيڪ ته ڪابه شيءِ ڪانهي!” زيبوءَ وراڻيو، “تنهنجي لاءِ ته مان جند به خوشي سان ڏئي ٿي سگهان سجاد.”
زيبوءَ جون وفا ۽ سچائي سان ڀرپور ڳالهيون هُن تي گهرو اثر ڪن ٿيون. هُوءَ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ايمانداري جي اک سان صائمه ۽ زيبوءَ کي ڏسي ٿو.
هن کي صائمه جي چهري تي لالچ ۽ لوڀ جون ريکائون نظر اچن ٿيون ۽ زيبوءَ جي چهري تي وفا ۽ سچائي جا آثار ڏسڻ ۾ ٿا اچن.
اهو ڏسي هُو سوچي ٿو: ‘‘آئون ڪيڏو نه مورک ماڻهو هيس جو مون وٽ پيار جو درياهه ته پنهنجي گهر ۾ ئي موجود هو، پر تڏهن به آئون پنهنجي اندر جي اُڃ اجهائڻ خاطر ٻاهر جي گٽر کي تڪيندو رهيس.’’
سجاد هڪ گهرو اونهو ساهه کنيو ۽ دل ئي دل ۾ شاهه جي سِٽ اچاريائين، “پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن!” زيبوءَ جي صداقت سجاد جي روح جي آخري گِهرائي تائين لهي، منجهائنس صائمه جو ڪوڙو حوس ڪوري ڪڍي ڇڏيو. سجاد زيبوءَ جي منهن ڏي ڏسي مُرڪي پيو.
هُو مٿي اٿيو ۽ ڪجهه دير پهرين ورتل منڊي پنهنجي زال کي پنهنجي هٿن سان پارائي ڇڏيائين.