3. فيس پڪچر
فيس بوڪ تي هنن جي دوستي کي ڪجهه عرصو گذري چڪو هو پر اڃاتائين ڳالهه ٻولهه نه ٿي هُين. فقط تصويرن تي تاثرات ڏئي پنهنجا خيال اوريندا هئا. پر اڄ جيڪا تصوير مظهر کيس ٽيگ ڪئي هئي، تنهن کي ڏسي من چئي رهيو هئس ته، اڄ مظهر سان چيٽ ڪري ڏسي. هُو اڃا اهو سوچي ئي رهي هئي ته ميسيج باڪس ۾ ڳاڙهي رنگ ۾ هڪ ‘1’ ظاهر ٿيو. هُن ميسيج کوليو ته، مظهر پاران لکيل هو، “خير ته آهي عيني...؟ اوهان پنهنجي ID کولي ۽ وري يڪدم بند ڪري ڇڏي... مون ته اوهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهيو اڄ.....”
مظهر جو اهو ميسيج پڙهي دل ۾ خيال آيس، جيڪڏهن ان گهڙي آئون ڪهڙي به خواهش ڪريان ها ته اها ضرور پوري ٿي پوي ها، اها گهڙي قبوليت واري گهڙي هئي شايد... پر وري اهو سوچيائين ته هي به ته ڪا گهٽ ڳالهه نه هئي جو مظهر سان ڳالهائڻ جي خواهش ڪئي هئائين ۽ اها پوري ٿي رهي هئي. هڪدم چيٽ روم آن ڪري مظهر کي نياپو لکي موڪليائين ته، “بس .... فضول ماڻهن جي بڪواس کان بچڻ جي لاءِ آف لائين ٿي ويس توهان ٻُڌايو. ڪيئن آهيو....؟ اڄ ڀلا اسان غريبن کي ياد ڪرڻ جو اوهان ڪيئن سوچيو...؟”
مظهر جواب ڏنو، “نه نه اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي، بس سوچيم ڳالهائي ڏسان... اوهان ته وڏا ماڻهو آهيو سو ياد ئي نه ڪيوَ سو مون ئي.... “
عيني جواب ڏنو، “توهان جي وڏي مهرباني....”
مظهر اڃا ميسيج لکي ئي رهيو هو ته عيني جو ٻيو ميسيج اچي ويس، “توهان وڏي ڪمال جي شيءِ آهيو. هميشه پنهنجي تصويرن مان حوصلي، همت ۽ جيئڻ جو اتساهه ڏيندا آهيو....ايترا خوش به آهيو ڇا توهان..؟!”
مظهر اهو پڙهي ڪجهه گهڙيون سوچيو ۽ پوءِ جواب موڪليائين ته، “زندگي جيئڻ جو ئي نالو آهي. دنيا جي سڀني احساسن کان حسين احساس جيئڻ جو ئي آهي... جيڪو جيئڻ ڄاڻي ٿو، تنهن کان مايوسيون پري ڀڄنديون آهن....! خوش آهيان تڏهن ته جيئان پيو!”
هن جواب لکي موڪليو، “واهه ...! ڏاڍو زبردست ...! پر يار اسان کي ته جيئڻ نٿو اچي...! پتو ناهي ڪيئن جيئبو آهي؟!”
مظهر اهو پڙهيو ته کيس عيني ڏاڍي معصوم لڳي. جواب لکي موڪليائين، “شڪايت ڪرڻ ڇڏي ڏيو .... جيئڻ ازخود اچي ويندو!! شڪايتون وسوسا پيدا ڪنديون آهن، وسوسا ايمان ۽ اعتبار کسي وٺندا آهن، پوءِ ماڻهو جو جڏهن اعتبار کڄي ويندو آهي ته اهو الجهي پوندو آهي... جيئن توهان اڄ!”
مظهر جو اهو جواب پڙهي عيني لاجواب ٿي وئي. هُو ڪجهه سوچي ئي رهي هئي ته وٽس مظهر جو ٻيو ميسيج اچي ويو، جنهن ۾ هُن سوال ڪيو ته، “جي دل ۾ نه ڪيو ته مان اوهان کان هڪڙي ڳالهه پڇي سگهان ٿو؟”
عيني جلدي ۾ لکي موڪليو، “جي جي.... پُڇو...”
مظهر کيس لکي موڪليو، “اوهان واقعي به ڇوڪري آهيو يا هي ID جعلي آهي؟”
عيني تعجب ۾ پوندي جواب موڪليو، “جي بلڪل... مون کي ڀلا ڪهڙي ضرورت پئي آهه ڪوڙي ID ٺاهڻ جي ...؟پر توهان کي شڪ ؟”
مظهر جواب لکي موڪليو، “ها ٿورو گهڻو ته هيو، توهان ته ڄاڻندا ئي هوندا ته فيس بوڪ تي جعلي اڪائونٽ به جام ٺهيل آهن .... بس ان لاءِ پئي پڇيم ... پتو ناهي ڇو ماڻهو فيس بوڪ تي پنهنجي جنس بدلايو ڇڏين...!”
عيني جواب ٽائيپ ڪري موڪليو، “شايد اهي پنهنجي مرضي کان بغير ئي دنيا ۾ جنمي پوندا آهن! ... نه ته هو به شايد عورت بڻجي ڄمڻ پسند ڪن ها.... مرد هجڻ جي باوجود به زنانو مزاج ٿا رکن ... تڏهن ته عورتن جي نالن سان جعلي اڪائونٽ ٺاهي جڳ کي ويـٺا بيوقوف بڻائين...” هُن ڄڻ ته پنهنجي اندر جي باهه ٻاهر ڦٽي ڪئي. سندس ڳالهه مُشاهداتي هئي، هُو سوچڻ لڳو ته تيستائين کيس يقين ڏيارڻ جي لاءِ هن ميسيج ڪيو، “توهان بي فڪر رهو، مان ڇوڪري ئي آهيان.”
مظهر اهو پڙهي جواب لکڻ ئي لڳو ته لائٽ هلي وئي ۽ رابطو ڪٽجي ويو. هُوءَ مظهر بابت پنهنجي ذهن ۾ خوبصورت خيال جوڙڻ لڳي، هن سان ٿيل مختصر گفتگو سندس من کي موهي وڌو هو.
ان کان پوءِ ٻه ڏينهن گذري ويا، عيني بار بار پنهنجي اڪائونٽ ID لاگ ان ڪئي پر مظهر حيات فيس بوڪ تي موجود نه هيو، نه ئي هن ڪا تصوير به ٽيگ ڪئي هئي. هُن جي من ۾ اُڻ تُڻ وڌڻ لڳي هئي. آهستي آهستي هوءَ شدت سان مظهر جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳي هئي. ائين ئي هفتو گذري ويو هو. عيني هن جي وال پروفائل چيڪ ڪرڻ لڳي هئي، پر کيس مظهر پاران انهي هفتي جي ڪنهن به تاريخ تي ڪا به سرگرمي نظر نه آئي. هُوءَ پهريان ئي پنهنجي زندگي مان خفا هئي، فقط مظهر جي ساٿ کيس جيئڻ لاءِ اتساهيو هيو. تنهن جو به اوچتو فيس بوڪ تان غائب ٿي وڃڻ هن لاءِ وِههُ جو وٽو ثابت ٿيو هيو. بس هن تنگ ٿي نيٺ پڪو پهه ڪيو ته هاڻي مان ڪڏهن به فيس بوڪ استعمال نه ڪنديس. سڀ فراڊي آهن فيس بوڪ تي...! وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وارا پتڪڙا ماڻهو...!! احساسن کان خالي کنڊرن جهڙا ...! وري رکي رکي من ۾ آيس ته نه نه سڀ ته هڪجهڙا ڪونه هوندا آهن...! عيني کي کوڙ سارا اهڙا خيال ايندا رهيا، پر پوءِ به ڪنهن پل ويٺي ويـٺي هن جا هٿ حرڪت ۾ آيا ۽ هن فيس بوڪ تي پنهنجي ID کولي. ID کوليندي ئي هن جون اکيون اسڪرين تي اٽڪي رهجي ويون. اڄ مظهر پاران هڪ تصوير ٽيگ ٿيل هئي. مظهر پاران ٽيگ ٿيل تصوير ڏسي من سرهو ٿي ويس! تصوير به اهڙي دلڪش هئي، هڪ اهڙي سڪي ويل وڻ جي تصوير، جنهن جي سڪل ٽارين منجهان ٻيهر نوان ساوا ساوا گونچ ٿي ڦُٽا ...! وري به اهو ئي زندگي جي جيئڻ جو احساس...!
ڪجهه ئي گهڙين ۾ مظهر حيات چيٽ روم ۾ آن لائين ٿيو ته عيني کيس يڪدم شڪايتي نياپو لکي موڪليو، “ڪٿ هيا اوهان..... پاڻ کي آخرسمجهو ڇا ٿا...؟!”
مظهر کيس جواب لکي موڪليو، “مٽيءَ جي مُٺ ...! جنهن کي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان جهليو اٿم ... .. !! جڳ ۾ هيس......!”
عيني کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي، جواب لکيائين، “اهو ئي فلسفو...! ڇا پئي ڪيوَ هيترا ڏينهن...؟”
مظهر لکي موڪليو، “جيئڻ جي لاءِ جاکوڙ...! اهو هڪ ئي ڪم آهي مون تي .... بس جيئڻ!!!”
عيني جواب ٽائپ ڪري موڪليو، “ڇو ڀلا ...؟ دنيا ۾ ٻيا ڪم ختم ٿي ويا آهن ڇا جو اوهان رڳو جيئڻ تي...!”
مظهر جواب لکي موڪليو، “سڀ ڪم جيئڻ لاءِ ئي ڪبا آهن! پر مان فقط جيئڻ لاءِ جيئان پيو...!”
عيني کي وري به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، سو هن موضوع ئي مٽائيندي کيس لکي موڪليو، “يار اڄ ڏاڍي خوبصورت تصوير ٽيگ ڪئي اٿئو... “
مظهر جواب اماڻيو، “جي مهرباني... اهو ئي هڪ وڻ... جنهن ۾ ٻيهر زندگي موٽي آئي.... هو ٻيهر سائو ٿيڻ لڳو آهي...!!”
عيني جواب ڏنو، “جي بلڪل... ماشا الله اوهان جون تصويرون ڏاڍيون زبردست هونديون آهن .... پر يار مون کي سچي ۾ جيئڻ نٿو اچي! ... بس مون ته هڪ دفعو ئي جي ڏٺو هيو، جڏهن مون کي ڪنهن سان پيار ٿيو هو پر شادي ڪري ويتر پريشان ٿي پيس....!”
شادي واري لفظ تي الائي ڇو مظهر کي هلڪو جهٽڪو لڳو، سوال لکي موڪليائين، “ته اوهان شادي شده آهيو...؟”
عيني جواب لکي اماڻيو، “جي ... پر هاڻي نه گهرَ جي آهيان نه وري گهر واري جي...!”
مظهر ڳالهه کي پوري طرح سمجهڻ جي لاءِ سوال ٽائپ ڪري اماڻيو، “Oh! Very sad! ...! جي جيڪڏهن اوهان بُرو نه سمجهو ته ڇا مان اهو ڄاڻي سگهان ٿو ته آخر ڇو اوهان سان....؟”
عيني جواب لکي موڪليو، “جي.... بُرو ڇا جو....! حقيقت ڪٿي لڪائبي آهي ...؟ يونيورسٽي ۾ اسٽڊي دوران هڪ پروفيسر جي شخصيت مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، بس کلي ڳالهايومانس ۽ ٺهي وياسين.... مان به چڪر ۾ اچي هن سان شادي ڪري ڇڏي.... عمر ۾ ته ابو جيڏو هيو پر مان کليل دماغ تي ڀاڙي ان جي پرواهه نه ڪئي....”
مظهر سوال ٽائپ ڪري موڪليو، “ته پوءِ ته توکي ان سان گڏ هئڻ گهرجي ها، ڌار ڇو...؟”
عيني جو جواب آيو، “بس understanding نه ٿي سگهي اسان ۾....!”
مظهر تجسس ۾ پوندي پڇيو، “ڇا جي understanding? “
عيني جواب موڪليو، “او ... سڀ اڄ ئي پڇي چپ ڪندا شايد .... بس پروفيسر صاحب ٻاهران جو شينهن ۽ اندر جو گدڙ هيو... ٿڪل هيو.... هميشه گوڏا کوڙي ويهي رهندو هو....!”
مظهر کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. جواب لکي موڪليائين، “او ... مطلب ته اڌ سفر ۾ ئي هٿ پٽي ڇڏيندو هو....!؟”
عيني جواب لکي اماڻيو، “او.... اوهان ڪيترا ڪنا آهيو.... جي.... اوهان صحيح سمجهيو.... خالي ڏٻو هيو.....!”
مظهر جواب لکي موڪليو، “اوهان به ته سوچيندا ڪيو ... بس رڳو ظاهري ڏيکاءُ کي ڏسي اڪن ڇڪن ٿي ويهنديون آهيو .... پوءِ جڏهن پيٽ نه ڀربو اٿئو تڏهن وري..... “
عيني جواب اماڻيو، “مظهر مان صفا اهڙي به ناهيان... جو انهي مسئلي جي ڪري هن تان ڪک کڻان ... اصل مسئلو هيءُ هيو ته مان هن کان هضم نه ٿي سگهيس ... شرمندگي جي احساس کان بچڻ جي لاءِ بهانا ڪري مون کي پنهنجي وڏي زال جي منهن ۾ ڏنائين ... هن جي ذلت ۽ رويو مون کان برداشت نه ٿي سگهيو ۽ مون طلاق وٺي ڇڏي....!! منهنجي زندگي جو اهو وڏو الميو آهي ته مڙس جي گهر ۾ پهاڄ ۽ پيءُ جي گهر ۾ ماٽيلي ماءُ.... ائين سمجهو ته هڪ پاسي باهه ته ٻئي پاسي پاڻي!!”
مظهر جي اندر ۾ عيني جو ڏک لهي ويو، جواب لکي موڪليائين، “او... ويري سيڊ .... ساري مون غلط پئي سمجهيو....!!”
عيني جواب ٽائپ ڪري موڪليو، “ ڪو مسئلو ناهي... هرڪو ائين ئي سمجهندو ... مردن جي معاشري ۾ زميني حقيقتون ڪير ٿو ڏسي...!؟ خير ان کي ڇڏيو... پر مظهر توهان وٽ ته جيئڻ جون ڪيتريون ئي تصويرون آهن... توهان جون ڳالهيون به جيئڻ جهڙي جوت رکن ٿيون.... توهان جهڙو حوصلي وارو ماڻهو مون ڪٿي به ناهي ڏٺو...!”
مظهر جواب اماڻيو، “جيئڻ ئي حوصلو آهي عيني ....!”
عيني طنز ۾ لکيو، “جيئڻ.... جيئڻ ... جيئڻ ... فقط جيئڻ ئي اچي ٿو اوهان کي....!”
مظهر جو جواب آيس، “ٻيو آهي به ڇا دنيا ۾ جيئڻ کانسواءِ .... جيئڻ لاءِ ئي ماڻهو ماڻهو کي ماري ٿو... جيئڻ لاءِ ئي ان کي دفنائڻ لاءِ قبرون کڻي ٿو! .... سڀ ڪجهه جيئڻ سان ئي جُڙيل آهي!”
عيني جواب ڏنو، “جي بلڪل.... اوهان صحيح پيا چئو....پر يار اوهان جون سڀ تصويرون ناياب آهن ... دل چاهي ٿي ته اوهان جي سڀني تصويرن جا پرنٽ ڪڍرائي پنهنجي ڪمري جي ڀتين تي سجائي ڇڏيان...!”
مظهر جواب اماڻيو، “جي بلڪل سڀ تصويرون خوبصورت.... سواءِ منهنجي پنهنجي تصوير جي.... !!”
عيني جلدي ۾ لکي موڪليو:
“او سٺو ٿيو اوهان ياد ڏياريو.... پليز اوهان پنهنجي ذاتي تصوير پروفائل تي رکو نه ... ڇوڪري ته ناهيو جو پاڻ کي لڪايو پيا....!”
مظهر جي من ۾ درد دکي اٿيو، “ساري...! مان فيس بوڪ تي جيئڻ جون تصويرون رکندو آهيان.... منهنجي تصويرن منجهان زندگي صبح جي پهر جيان جرڪندي نظر ايندي آهي..... جڏهن ته منهنجي فيس پڪچر (چهري جي تصوير) ان جي اُبتڙ آهه .... مان نٿو رکي سگهان....!”
عيني کي يقين نه آيو، “نا ممڪن ... جنهن ماڻهو وٽ زندگي جون ايڏيون تصويرون هجن، جنهن ماڻهو جي عزم ۾ جيئڻ هجي، جنهن ماڻهو جي تصويرن ۾ زندگي محبوب کان وڌيڪ وڻندڙ هجي. اهو ماڻهو منهنجي خيال ۾ تمام حسين ئي هوندو!! اصل زندگي ته ان جي چهري مان ئي نظر ايندي!”
مظهر جواب موڪليو، “عيني، اوهان وري به غلط فهمي جو شڪار ٿي رهيون آهيو.... اها حقيقت آهي ته زندگي جي باري ۾ منهنجو هر تصور ڪنوارو آهي... منهنجي اکين ۾ جياپو جرڪي ٿو... منهنجي هر تصوير ۾ جيئڻ ليئا پائي ٿو.... منهنجي سوچ سمجهه، عقل ۽ شعور ۾ به زندگي آهي.... پر منهنجي رت ۾ موت پنهنجو زهر ڀري ڇڏيو آهه...!! منهنجي چهري مان به موت ٿو نظر اچي.... هڪ ناسور جنهن منهنجي چهري جي هڪ پاسي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي... ماڻهو پنهنجا چهرا پاڻ وڻائڻ لاءِ سجائي نڪرندا آهن.... جڏهن ته مان ڌڪار ۽ نفرت کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو چهرو ڪپڙي ۾ لڪائي ٻاهر نڪرندو آهيان....! عيني، مان پنهنجي اهڙي Face-Picture فيس بوڪ تي رکي ماڻهن جي ذهن ۾ خوف نٿو ڀري سگهان.... بس مان اهو چاهيان ٿو ته هر ماڻهو جي من ۾ جيئڻ جو خوبصورت احساس هجي... اعتبار ڪيو ته مون کي به جياپي سان پيار آهي پر منهنجي مقدر ۾....!”
مظهر اهو سڀ ڪجهه لکي آف لائن ٿي ويو... عيني جي اکڙين منجهان اشڪباري جاري ٿي ويئي، ڄڻ مظهر جي ڪهاڻي پڙهي سندس روح ريزه ريزه ٿي ويو. کيس ڪينسر ۾ ورتل مظهر جو زندگي تي ويساهه، جيئڻ سان پيار ، ڄڻ همت ڏيڻ لڳي ٿو. هوُءَ سوچي ٿي، مظهر جو فيس (چهرو) ڀل ڪينسر بگاڙيو هجي، پر پوءِ به مُصيبت هن کان حوصلو کسي نه سگهي آهي.... هو بهادر آهي.... اهڙا ماڻهو واقعي به حياتي جو مظهر هوندا آهن، جن جي اندر ۾ موت پناهه وٺيو ويٺو هوندو آهه ۽ هُو جيئڻ جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن...!!