14. حاصلات
هاسٽل مان پنهنجو سامان بيگ ۾ سيٽ ڪري ڳوٺ واري گاڏي ۾ سوار ٿيس. ٽن ڪلاڪن جو سفر سوچن ۾ ئي گذري ويو. جڏهن ڳوٺ جي ڌرتي تي قدم رکيم ته خوشي ۾ ويتر جهومڻ لڳس. ڳوٺ جي کليل هوائن مان جنت جي هير جا تاثر محسوس ٿي رهيا هئا. شام جو پهر هو، تنهنڪري چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ اکڙين جو نور وڌائي رهي هئي. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي امڙ جي چهري تي اک پيم، مون وڌي وڃي سندس پيرن ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن مون کي ٻانهن مان جهلي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو. سندس شفقت سان سفر جا سارا ٿڪ لهي ويا. هن وراڻيو، “خبر ڏي پُٽ. ... ڪهڙا حال اٿئي؟”
مون وراڻيو، “امان تنهنجي دعائن سان حال موچارا آهن ... ٻيو ته جنهن سان امڙ جون دعائون هونديون آهن، تنهن کي لوڪ جون گرم سرد هوائون ڀلا ڇا ته ڪري سگهنديون؟!”
امان وراڻيو، “پُٽ، گهڻو ڳالهائڻ سکي ويو آهين، خير پنهنجي پڙهائي بابت ٻڌاءِ.”
مون وراڻيو، “امان پڙهائي صحيح نموني هلي پئي ... پر اوهان ٻڌايو ته ڪيئن پيو وقت بسر ٿئي ...؟ ٻي ڳالهه ته ادا خادم ۽ بابا نظر نه پيا اچن ...؟ ڀيڻ به نه پئي ڏسجي؟”
امان وراڻيو، “پُٽ، پڻهين ۽ خادم ڪم سان شهر ويا آهن، باقي ڀيڻ ڳوٺ ۾ آهه ... بهرحال، تون ٿڪل هوندين، هلي هٿ منهن ڌوئي آرام ڪر...وڌيڪ ڪچهري ماني کائڻ وقت ڪنداسين.”
مان هٿ منهن ڌوئي بستري ڀيڙو ٿيس، ٿڪل هئس سو اک لڳي وئي. ننڊ جي ڪائنات مان ان مهل واپسي ٿي، جنهن مهل امان اچي مون کي بستري تي سجاڳي جو سڏ ڏنو. ايستائين گهر جا سڀئي فرد به گهر اچي چڪا هئا. ساڻن مليس، بابا حال احوال ورتا، بعد ۾ هن وراڻيو، “پُٽ، هٿ منهن ڌوئي اچ. وڌيڪ ڪچهري دسترخوان تي ڪيون ٿا. مان تيار ٿي وريس ته امان ۽ ادي ماني لڳائي ڇڏي هئي. ماني کائڻ دوران بابا وراڻيو، “ڏي پُٽ يونيورسٽي جون خبرون ...؟ ڪيئن تنهنجو من اتي لڳو يا نه ؟!”
مون وراڻيو، “بس بابا پڙهڻ جي حد تائين.”
“ڇو پُٽ، رڳو پڙهڻ جي حد تائين؟ نوجوان ته اتي جي ماحول تائين رسائي جي لاءِ سڪندا پيا آهن! تون وري ڇو؟”
“ها بابا، مون ٻڌايو نه ته بس پڙهڻ جي حد تائين...ٻي ڳالهه ته منهنجو من اهڙو اڻاسو ڪونهي جو شهر جي رنگيني ۾ پنهنجو ڏيهه وساري ويهي!”
منهنجي ننڍي ڀيڻ مون تي چٿر ڪندي وراڻيو، “بابا، ادا جي من ۾ ضرور ڪا ڳالهه آهي، تڏهن ته اهڙيون رکيون رکيون خبرون پيو ڪري!”
سڀئي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. مون وراڻيو، “ماني کائڻ وقت ڳالهائبو ناهي، امان تو ئي سُڻايو هو ته ماني مهل ڳالهائڻ سان شيطان ماني کائي ويندو آهي.”
هڪ دفعو ٻيهر سڀئي کلڻ لڳا. ماني کائي سڀئي اٿياسين، مان هٿ ڌوئي بيـٺس ته امان وراڻيو، “پُٽ، تو واري ماسات جي گهر واري بيمار آهي، کيس پڇي اچج، متان سڀاڻي ماسي ميار ڪري!”
ٽائيم ڪافي ٿي ويو هو، تنهنڪري رات ڪاٽي ٻئي ڏينهن ماسي جي گهر وڃڻ جو سوچي، ڪمري ۾ وڃي ويٺس. ٻئي ڏينهن شام جي وقت ماسي جي گهر ويس، سڀئي وڏي سڪ سان مليا ۽ حال احوال وٺڻ لڳا. مان ماسات جي گهر واري سان عيادت ڪندي کيس همت ڪرڻ جو چوڻ لڳس، ايتري ۾ ڪا ڇوڪري ڪمري جي در جي اوٽ ۾ بيهي ماسي کي سڏڻ لڳي. پر ماسي کيس اندر اچڻ لاءِ چيو، “هليا هليا سورٺ ڌيءُ ... ڌاريو ناهي منهنجي ڀيڻ جو پُٽ شيراز آهي، لڪين ڇو پئي ... ؟”
هن اندر اچي مون کي چانهه ڏني، کيس ڏسڻ سان ئي منهنجي بدن مان بجلي گذري ويئي. جسم کي ڪرنٽ لڳندي محسوس ٿيو. سورٺ جي جلوي جي پهرين جهلڪ ئي مون تي جادو وارو اثر ڪري ويئي! هڪ اهڙي ڪيفيت دل مان گذرڻ لڳي، جنهن کي اڳ مون ڪڏهن محسوس نه ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته هن مون کي چانهه ڏيندي ڏاڍي پنهنجائپ واري نظر سان نوازيو هو. اهي سڀ ڪيفيتون شايد مون انهي نظر جي طفيل ئي ڀانيون هيون.
چانهه پي، ڪجهه دير هنن سان ڪچهري ڪري مان گهر موٽي آيس، پر هر هر سورٺ جي اها جهلڪ منهنجي اکين آڏو ريپلي ٿي رهي هئي. هن هڪ ئي نگاهه سان مون کي پنهنجو بنائي ڇڏيو هو. هُو منهنجي دل و دماغ تي حاوي ٿيڻ لڳي هئي. ان کان اڳي مون پاڻ تي ڪنهن به خيال کي حاوي ٿيڻ نه ڏنو هو، پر اڄ مون کي پنهنجي ئي حال تي رحم اچي رهيو هو. دل ۾ اهو خيال هر هر اچي رهيو هو ته مان هن ڏي وڃي، هن سان اکيون چار ڪيان، ڇاڪاڻ ته هن جي گهور مون کي گهايل ڪري ڇڏيو هو. پر طبيعت ۾ شرم جي گهڻائي مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ڳوٺ ۾ آئي مون کي ڪجهه ڏيهاڙا گذري ويا هئا. لوڪون لڪي هن کي تڪڻ جا وس ڪندو هئس، پر ناڪام ٿيندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن مغلِ اعظم فلم جو گيت ‘پيار کيا تو ڊرنا کيا’ ٻڌي همت به ٿي ويندي هئي پر اها همت وقتي هوندي هئي. هن ڏي وڃڻ لاءِ چار قدم اڳتي وڌائڻ کان پوءِ پنجون قدم اڳتي وڌائڻ جي بدران ٻه قدم پُٺتي هٽي ويندو هئس. هن وٽ وڃڻ جي جرئت ڪجهه دير جي مهمان هوندي هئي.
هڪ ڏينهن مان ماني کائي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هئس، تيستائين سورٺ اچي منهنجي گهر ٺڪاءُ ڪيو. هن کي ڏسندي ئي من خوشي سان واسجي ويو. دل تيزي سان ڌڙڪڻ شروع ڪيو. مون دل تي قابو ڪندي هن کي کيڪاريندي چيو، “اچ سورٺ ... اندر اچ. ... قدم ڇو ڍرا ٿي ويئي؟”
هن اڳيان اچي مون سان هٿ ملايو، سندس هٿ ۾ ڏاڍي گرمي هئي. هن وراڻيو، “گهر واندي ويـٺي هيس، سوچيم ته توهان سان ڪچهري ڪري اچان...وڏن شهرن ۾ پڙهڻ وارا ماڻهو ... وري نصيب اوهان جو ڪڏهن اچڻ ٿئي!”
مون وراڻيو، “تنهنجا لک ٿورا سورٺ ... جو مون ناچيز تي هيڏو وڙ ڪري هيڏانهن هلي آئي آهين...اچ کٽ تي ويهه!”
هوءَ منهنجي کٽ تي ويهي رهي ۽ مان کٽ جي ڀرسان پيل ڪرسي تي ويهي هن ڏي گهور سان پنهنجي گهايل من جي گهائن تي پها رکڻ لڳس. من جي موسم وڻندڙ ٿيڻ لڳي. دل چاهيو پئي ته وقت اتي ئي رڪجي وڃي ۽ اسان جون ديدون هڪٻئي کي ئي پسنديون رهن ... هن مون کي هر هر نهاري مُرڪي ڪنڌ هيٺ ڪري ٿي ڇڏيو. آئون به انهي ئي ادا سبب سندس مجنون ٿي پيو هئس. مون وراڻيو، “سورٺ، رڳو مون ۾ نهاري مُرڪندي رهندينءَ يا ڪجهه ڳالهائيندينءَ به ... ؟”
هن وراڻيو، “مون جهڙي اٻوجهه ڇوڪري، تو جهڙي هوشيار ماڻهو سان ڀلا ڇا ڳالهائي سگهندي سائين؟”
مون وراڻيو، “سورٺ، مون ته توکي ائين ڪونه سمجهيو آهي ... تون ڇو ٿي ائين سمجهين؟ ... مون کي ته تون سـٺي ٿي لڳين!”
سورٺ وراڻيو، “ڪوڙ ٿو ڳالهائين...! ڪٿي شهر جون ڇوڪريون... ڪٿي آئون جاهل!”
مون وراڻيو، “نه سورٺ، تون خوبصورت آهين ... بلڪل مختلف! تنهنجي سادگي واري سونهن سان شهر جون ناريون ڇا مقابلو ڪنديون...” هُوءَ وڌيڪ شرمائجي ويئي. مون سوچيو ئي نه هو ته ڪو اسان جي پهرين ئي ملاقات ۾ ڪي اهڙيون کليل ڳالهيون ٿينديون! اسان جي وچ ۾ جاري گفتگو مان ائين پئي لڳو، ڄڻ اسان ته جنم جنم جا ساٿي هجون ۽ صدين کان اسان جا روح هڪٻئي جا متلاشي رهيا هجن. مون ڪجهه دير جي خاموشي کي ختم ڪندي وراڻيو، “سورٺ، هيترن ڏينهن کان پوءِ تو ڇو اڄ مون ڏي اچڻ پسند ڪيو ...؟ پهريان ڇو نه؟؟!”
هن وراڻيو، “شيراز، موقعو نٿي مليو ...! اڄ جڏهن تنهنجي امڙ ۽ ادي اسان جي گهر آيون تڏهن سوچيم...” مون کي پتو پئجي ويو، سوچيم ته هُو هوڏانهن ئي هجن ۽ هتي گفتار ۽ ديدار جو سلسلو جڙيو رهي! تيستائين ادي کي سامهو ايندي ڏٺم، بلا کي ياد ڪر، بلا حاضر! هن کي هينئر ڪباب ۾ هڏي ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! ادي کي ايندي ڏسي دل ۾ اهي ويچار پچارجي رهيا هئا. هن جيئن ئي سورٺ کي ڏٺو ته اچي ڀر جهلي ويهي رهيس ۽ مان آهستي آهستي ٻاهر نڪري ويس.
هاڻي اسان جي وچ ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. منهنجي هن سان ملاقات نه ٿيندي هئي ته دل بيچين ٿي ويندي هئي. جڏهن لوڪ ننڊون ڪندو هو، تڏهن اسان جاڳي هڪٻئي سان نينهن نڀائڻ جا وچن ڪري پيار ونڊيندا هئاسين. اڄ هن مون ڏي اچڻ ۾ ايڏي دير ڪئي، جو مان هن جي انتظار ۾ وڌيڪ بيقرار ٿيڻ لڳس. من ۾ مانڌاڻ هلچل مچائي ڇڏي هئي. دل ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته شايد هن جي ڀيڻ جي گهر ۾ ڪو سجاڳ آهه، تڏهن ته هوءَ هتان اڃا نڪتي ناهي! ڪافي وقت هن جو انتظار ڪري آخر هن جو آسرو پلي گهر ڏي موٽڻ لاءِ قدم وڌايم، تيستائين جهيڻي آواز ۾ هن مون کي پڪاريو، “شيراز... ڪيڏانهن شيراز ... ؟”
هن جي آواز تي ڄڻ منهنجي جسم ۾ توانائي اچي وئي. هن کي ڏسندي ئي دل جي تڙپ ڪجهه جهڪي ٿي. مون وراڻيو، “سورٺ، خير ته هو...؟جو تو هيڏي دير...؟!”
“ها شيراز ... ادي جي طبيعت خراب ٿي وئي هئي. تنهنڪري ... “
“الله خير ڪري ...! هاڻي ته ٺيڪ آهي؟”
“ها... هاڻي مڙئي ڪجهه ... مون کي معاف ڪجان شيراز... منهنجي ڪري توکي تڪليف ... “
“نه چري ڪو مسئلو ناهي ... زندگي ۾ مون ڪيترائي اوسيئڙا ڪيا آهن، پر سورٺ هن انتظار جو جهان ئي ڪجهه ٻيو هو ... !”
هن مذاق ڪندي وراڻيو، “ڇو شيراز؟ هن انتظار کي سڱ هئا ڇا؟”
مون کان ٽهڪ نڪري ويو، “چرچا به سٺا هڻڻ ڄاڻين ٿي...! پر سورٺ پرين جي اچڻ جو انتظار واقعي به دنيا جي ٻين سڀني انتظارن کان الڳ آهي ... ايڏي سڪ ... اڪير... بس توکي ڇا ڇا ٻڌايان ... بس سورٺ مان انهن ڪيفيتن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان!”
هن وراڻيو، “چريا، پيار ڪو لفظن سان بيان ڪبو آهه ڇا ...؟ پر الائي ڇو شيراز ... دل جي ڪنهن ڪنڊ مان اهو وهم ڪر کڻي مون کي اهو چوي ٿو ته چري ڪٿي تون ۽ ڪٿي شيراز ... هو تو سان دل وندرائي ... “
هن جي انهي ڳالهه ڄڻ مون تي تيزاب هاري ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ هن جي زبان مان اهڙي اظهار ٿيڻ جي مون کي اميد نه هئي. مون ڏک مان چيو، “سورٺ اهي لفظ تنهنجي زبان ادا ڪيئن ڪيا ...؟ ان مان ته مون کي ائين ٿو لڳي ته توکي مون تي ڀروسو ڪونهي!”
هن اک پل ۾ مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀري ورتو، “اڙي چريا، منهنجي ڳالهه توکي ڏکوئي ورتو...! شيراز هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ ... جي دل ۾ نه ڪرين...؟”
“نه ٻڌاءِ ... “
“شيراز ان کي منهنجي خامي سمجهين يا خوبي ... مون کان الائي ڇو ڪا ڳالهه رکي نه ٿيندي آهي... جيڪو دل ۾ هوندو آهي سو ائين ئي نڪري ويندو آهي ...! اهو منهنجي دل جو وهم هيو، توکي ٻڌائڻ جو مقصد تنهنجي دل رنجائڻ نه هو..! منهنجي ڳالهه جيڪڏهن توکي بُري لڳي ته مان توکان معافي ٿي وٺان شيراز...”
هن مون آڏو ٻئي هٿ ٻڌا!
مون سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ ڪري ڳلن تائين آندا، “نه چري، هٿ ٻڌي مون کي شرمسار نه ڪر ...! تنهنجي اها خامي خوبصورت آهه ... سچ چوڻ گهرجي ... ڳالهيون اندر ۾ دٻائي نه رکجن ...! جيڪڏهن اهي وڌي وڻ ٿي پيون ته پوءِ ... “
منهنجي ڳالهه جاري هئي تيستائين منهنجي ڪن تي ماسي جو آواز اچي پيو، هُوءَ سورٺ کي سڏيندي آئي. هن جي هٿ ۾ هٿ_بتي هئي، جنهن جي روشني تي هن اسان کي ڏسي ورتو! مان پاڻ کي چور سمجهڻ لڳس. رات جي خوشگوار موسم جي باوجود به مون کي پگهر وٺي ويو. ماسي منهنجي ويجهو آئي، سورٺ آهستي آهستي نڪري ويئي. مون رکي رکي جڏهن ماسي جي منهن ڏي نهار ڪئي ته مون کي وڌيڪ خوف وٺـي ويو. سندس چهري جو رنگ بدلجي چڪو هو. هن جي چهري تي ڪاوڙ جون لڪيرون صاف نظر اچي رهيون هيون. هن وراڻيو، “شيراز... سچ سچ ٻڌاءِ ... هي سڀ ڇا هو...؟ توکي حيا نه ٿي ...! پرائي ڄائي سان ائين لڪ لڪ ۾...”
مان خاموش رهيس، اڃا منهنجي زبان منهنجو ساٿ نه ڏئي رهي هئي. ماسي وراڻيو، “ڇو.. . پنهنجي گناهه تي چادر به نه چاڙهيندين ڇا ...؟ مون کي ٻڌاءِ ڇا هو اهو سڀ ڪجهه؟”
مون دل تي وڏو پٿر رکي ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو، “ماسي اسان ڪو به اهڙو قدم نه کنيو آهه، جنهن سان اوهان جو ڪنڌ هيٺ ٿئي!”
“پوءِ هي سڀ ڇا هيو ...؟ سڀ ماڻهو ننڊ پيا ڪن ... ۽ اوهان اڪيلا اهڙي ڪاري رات ۾ ... “
“ماسي مان سورٺ سان سچو پيار ڪيان ٿو ... اسان جي من ۾ ڪا به مير، مدائي ڪانهي ڪا! ڇا توکي مون تي اعتبار ناهي...؟ ڇا مان ڪا اهڙي ڪريل حرڪت ڪندس؟؟ جنهن سان اوهان جي عزت مٽي ۾ ملندي.. نه ماسي نه.. اوهان جو رت ڪڏهن به ائين نه ڪندو!” ماسي ڪجهه مطمئن ٿي وئي هن ڪجهه گهڙيون خاموش رهي وري ڳالهايو، “پُٽ. . پُٽ شيراز توکي خبر ناهي ته سورٺ ... “
ماسي جي ڳالهه ۾ تجسس جو عنصر محسوس ڪيم، سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيم، “ڇو ماسي ... ڇا سورٺ ... اوهان ڇا ٿا سورٺ بابت چوڻ چاهيو؟”
ماسي وراڻيو، “شيراز پُٽ، ٻن ڀائرن جي وچ ۾ رشتي جي برقرار رهڻ جو واحد وسيلو سورٺ آهي ... هُو پنهنجي چاچي جي اڪيلي پُٽ جي مڱ آهي... هُو ڏاڍا ڏنگا ماڻهو آهن ... هنن کي جي هي خبر پئي ته هُو ڪهرام مچائي ڇڏيندا...! هُو ٻئي ڀائر ته هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويندا پر هنن جي جدائي جا ڇنڊا پاڻ تي پوندا! پُٽ مان سمجهان ٿي ته تون منهنجي هن ڳالهه کي ائين ئي سمجهندين ته هڪ ٻهراڙي جي بيڪار ريتن رسمن کي هٿي ڏئي رهي آهيان پر ٻچا اهو به سچ آهي ته اسان ٻهراڙي ۾ رهون ٿا، جهنگ ۾ رهندي اسان انهن ريتن رسمن جي ابتڙ هلي ئي نٿا سگهون ...! پُٽ مان پلاند ٿي وجهانءِ ته مُڙي وڃ! ۽ ان سڀ ڪجهه کي به هن رات جي ئي پيٽ ۾ دفن ڪري ڇڏ!”
ماسي ٻهراڙي ۾ رهندي به سڄي ڳوٺ ۾ سگهڙ عورت تصور ڪئي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته هُو پنج ڪلاس پڙهيل هئي. قرآن مجيد سان گڏ اسلامي ڪتاب به پڙهيل هئي. ڄاڻ جي آڌار تي ئي هُوءَ مون کي ڪنهن حد تائين قائل ڪري سگهي هئي. مون ٻيهر وراڻيو، “پر ماسي سورٺ منهنجي بنا رهي نه سگهندي... هُوءَ مري ويندي ... هن کي جيڪڏهن پنهنجي سوٽ ۾ دلچسپي هجي ها ته هُو ٿورئي مون ڏي پيرڙا کڻي ها!”
ماسي وراڻيو، “نادان آهي هُوءَ! .. . هُوءَ رشتن جي اهميت کان بي خبر آهي ... پر پُٽ، تون ته سلجهيل آهين... تون ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر...! پٽ تون پنهنجو ارادو بدلائي... نه ته اسان مسڪين ڪٿي جا به نه رهنداسين...! شيراز جيڪڏهن توکي پنهنجي ماسي جي عزت عزيز هجي ته تون صبح سوير ئي ڪنهن ٻئي پاسي هليو وڃ ...! جيسين سورٺ هڪ پاسي ٿئي...”
مون وراڻيو، “ماسي مون کي سوچڻ لاءِ ڪجهه مهلت ڏي ... تون وڃ، جيئن الله چاهيندو، تيئن ئي ٿيندو ... الله ڪندو چڱو ٿيندو!”
ماسي پنهنجي گهر ۽ مان به پنهنجي گهر موٽي آيس. پنهنجي ڪمري ۾ بستري تي ليٽي پيس. ننڊ اکين مان پر ڪري اڏامي ويئي هئي. بستري تي بيچيني مان پاسا اٿلائي رهيو هئس. ڪجهه گهڙين ۾ مون کي سوچون وٺي ويون. دل کي ضمير جو آواز اچڻ لڳو. “اڙي چريا، تون ڇو ايڏو بيخبر ٿي پيو آهين ... محبتون ته دليون جوڙينديون آهن ... ٽوڙينديون ناهن ... توکي جي سورٺ سان سچو پيار آهي ته دل ۾ رهڻ ڏي ...! تنهنجي ڪري جيڪڏهن هن جي خاندان ۾ ڏار پوي ٿو ته پوءِ تو محبت ڪري ڇا حاصل ڪيو؟ ... اهو ئي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ وڇوڙو...!! سندن دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽڻ جي ڪوشش نه ڪر شيراز... “
دل ۾ هڪ پاسي سورٺ جي پيار جي حاصلات جي ڇڪ هئي ته وري ٻئي پاسي منهنجي ڪري سندن خاندان ۾ پيدا ٿيڻ واري امڪاني فساد بابت خدشا هئا. ڪافي دير سوچڻ کان پوءِ اهو ارادو ڪري ڇڏيم ته مون هن سان روحاني رشتو جوڙيو آهي... جسماني نه! ۽ روحاني رشتا ڪڏهن به جسماني بُک جا بکيا نه هوندا آهن ...! پيار ته امن جو پيغام ڏيندو آهي، امن ۾ خلل جو مطلب پيار ناهي ...! اهڙيون ڳالهيون سوچي سوچي صبح سوير ئي ڳوٺ ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏيم، هونئن ته اڃا به موڪلن جا پندرنهن ڏهاڙا بچيل هئا.
صبح ٿيو ته مان گهر وارن کان موڪلائي ڳوٺ مان نڪرڻ لڳس. منهنجي اوچتي واپسي تي هنن کي ڏاڍي حيرت ٿي، پر بهانا به ته نه کٽا آهن، سو بهانو بنائي هليو آيس ... ڳوٺ مان نڪرڻ لاءِ دل نه پئي چاهيو، ڪا اهڙي ڇڪ هئي، جنهن ڄڻ ته منهنجي پيرن ۾ ونگ وجهي ٿي ڇڏيا، پر مان هلڻ لڳس، ۽ نيٺ ڳوٺ کي الوداع چئي شهر هليو آيس.
هاڻي ته وقت گذرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺندو هو. هر گهڙي سورٺ جي ڪمي جو شدت سان احساس ٿي ڏياريو. هر شيءِ تان روح کڄي ويو. هن جي تصوير تصور ۾ اچي دل ۾ وڌيڪ اڪير کي جنم ٿي ڏنو. ڪنهن وقت دل بغاوت تي لهي ايندي هئي، پر وري سنجيدگي واري سوچ سان صبر جو دامن نه ڇڏائبو هو. ڪڏهن وري اهو خيال ويتر پريشان ڪندو هو ته سورٺ جي دوري جيتري قدر مون کي مجنون بنايو آهي، انهي جو مون بغير نه ڄاڻ ته ڇا حال هوندو! پر هن جي احوال مون کي ڏي به ته ڪير ڏي! بس خدا کان دعا پيو گهرندو هئس ته خدا هن کي پنهنجي امان ۾ رکجان!
ڪافي ڏينهن يونيورسٽي ۾ گذاري وري ڪجهه ڏينهن جي موڪل تي جڏهن ڳوٺ وريس ته مون کي اهو پتو پيو ته هن جي شادي ٿي وئي آهه ... ان خبر کان پوءِ هُوءَ هوريان هوريان منهنجي ذهن تان لهڻ لڳي ۽ مان پنهنجي دنيا ۾ هليو آيس. هن جي چهري کي ڏٺي اندازن ٻه اڍائي سال مڪمل ٿي ويا هئا. ايتري عرصي جي گذري وڃڻ کان پوءِ به هوءَ منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گهر ٺاهي ويٺل هئي. اها پڻ حقيقت هئي ته اهو جنون نه رهيو هو.
ڳوٺ ۾ منهنجي ننڍي ماسات جي شادي هئي، تنهن ۾ شرڪت لاءِ اچڻ ٿيو. گهر مان تيار ٿي مرداڻي ڇني طرف اچي رهيو هئس، ايتري ۾ پويان سڏ ٿيو، “شيراز ... شيراز... !!” آواز بلڪل سورٺ جو ئي محسوس ٿي رهيو هو. سوچيم ته هُو هاڻي مون کي ڇو سڏي رهي آهي؟ ٻي طرف وري هن جي سڏ سان منهنجي دل جي حالت به ڏاڍي عجيب ٿي ويئي. هڪ اهو به ذهن ۾ خيال اچي رهيو هو ته مان پُٺتي مُڙڻ بنا سڌو هليو وڃان. وري به سوچيم ته سورٺ کي ته مون پاڻ کان ڌار ڪيو پاڻ کي ڪمزور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ! مون هن سان آخري ملاقات به نه ڪئي. اڄ جڏهن هُوءَ مون کي سڏي رهي آهي ته ڇو نه هن سان ڪجهه گهڙيون حال محرم ٿي وٺجي! پنهنجي ئي پيار کي ائين پُٺي ڏيڻ چڱو ڪونهي! بيهي جڏهن پُٺتي هن ڏي نگاهه ڪيم ته حيرت ۾ منهنجا ڪن ئي کڙا ٿي ويا. عجيب منظر هيو. هُوءَ ننڍڙو ٻالڪ کڻي ڪافي اڳيان نڪري چڪي هئي، هن مون لاءِ هن لئونڻو به نه هنيو! صفا بيخبري سان وڃي رهي هئي. مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته شايد هن منهنجو پيار ته حاصل نه ڪيو پر هن منهنجو نالو پنهنجي پُٽ تي رکي منهنجي تصور کي پنهنجي دل ۽ ذهن مان نڪرڻ به نه ڏنو. پيار جي اهڙي انوکي حاصلات تي تعجب ۽ خوشي جي گڏيل ڪيفيتن سان مُرڪندو رهجي ويس...!