ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

6. ڇتو

شهر ۾ ڄڻ ته ڪو آدم خور ڪاهي پيو هو. بازار ۾ سُڃ اچي واسو ڪيو هو. فقط مين روڊ تي ڪجهه دوڪان کليل هئا. ڳلين ۾ ته هلندي به خوف ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڳليون سُڃيون سُڃيون هيون. سُڃائي به ايتري قدر جو پنهنجي پاڇي کان به لڱ ٿي ڪانڊاريا! نه ته رات جي وقت ڳليون ۽ چونڪ وسندا هئا. گهٽين ۾ ته ڪرڪيٽ جا ميلا مچندا هئا. آئسڪريم ۽ پوپ ڪارن جون ريڙهيون به رات جو دير تائين پيون گهٽين جو گشت ڪنديون هيون. ڄڻ رات جاڳي اٿندي هئي. بازار ۾، هوٽلن تي پتن راند تي شوقينن جا انبوهه لڳا پيا هوندا هئا. کيڏڻ وارن کان ڏسڻ وارن ۾ دلچسپي گهڻي لڳندي هئي. مطلب ته ننڍڙو شهر به رونقن جي ڪري وڏن شهرن جو مَٽ پيو لڳندو هو، پر اڄ ته انهي ئي شهر ۾ هلندي به ساهه ۾ ٿي سوڙهه ٿي! شهر کي ان وقت خوف ورائي ويو، جنهن وقت اهو هُل هليو ته، ڪو ڳوٺاڻو ڇتو ٿي پيو آهه! جنهن کي به ڏسي ٿو ان تي حملو ڪري ٿو ڇڏي! حملي بعد وري اهو ماڻهو به ڇتو ٿيو پوي ...! تنهن ڪري ماڻهن ڇتي ٿيڻ کان بچڻ جي لاءِ گهرن ۾ پناهه وٺي، درن کي اندران کان تالا هڻي ڇڏيا هئا. فقط ڪجهه سر ڦرين شهر جي پچر ڪو نه ڇڏي هئي. اهي چونڪن تي ميڙا ڪيو بيٺا هئا. تڏهن به احتياطن، وٽن هٿن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون هيون.
هُو ٽيئي شاهي بازار وٺي اچي رهيا هئا ته چونڪ تي بيٺل هڪڙي همراهه ڦوڪ ڏني، “ادا فون آئي آهي ته ڇتو وڏيري ڦتن وارو ڳوٺ ڇڏي آيو آهي. ڪنهن کان جهلجي ئي نٿو ... باقي ماڻهو پويان ڪاهيو ٿا اچينس...!!”
ٻي وراڻيو، “ها ادا، ماڻهو جهڙي شيءِ ائين ته ڪونه ماري ڇڏيندا!”
ٿورو اڳتي اچن ٿا، مڪي مسجد جي در اڳيان تبصرو هلي پيو.
“ادا ڇتو وڏيري مُراد جي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو، هڪ ٻُڍڙي کي کڻي سوگهو ڪيائين ته ڳوٺاڻن مڙئي مُڙسي ڪري ٻُڍڙي جو ساهه بچايو!” منهنجائن هڪڙي خوف وچان وراڻيو.
“ته پوءِ ٻُڍڙي کي کاڌو هوندائين، اها به ٿي ڇتي...! مولا بچائج ... اڃا هڪ نه پڪڙيو تيسين ٻي ....!”
ٻئي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي دلاسو ڏنو، “نه ڙي نه ...! مائي کي اڃا سوگهو ڪيائين ته ڳوٺاڻن پُٺن واري ڪهاڙي وهائي ڪڍيس. ...ڇتو ڇڏائي منهن واهه ڪري ڀڳو!!”
هڪڙي ٻئي وراڻيو، “ته ادا ان کي سوگهو ڇو نه ڪيائون؟.... جهلي ٻڌنس ها ... !!”
“ڪيئن جهلنس ها...؟يار هُو ڇتو هو ... خبر اٿئي اهڙي ماڻهو ۾ ڏهوڻي سگهه هوندي آهه ... جوش ۾ جو هوندو آهه ... ڪوشش ته قابو ڪرڻ جي ڪئي هوندن پر بابا اهڙو ماڻهو ڏاڍو...!!”
هي سڄي شهر جو جائزو وٺندا اچي دبئي چونڪ تي پهتا. اتي ماڻهن ۾ وري ٻي ڳالهه، مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون پئي ماڻهن گهڙيون!
“ادا ڇتو ڪمدار جمعي جي گهر جي ڀرسان وڏيري دودي جي ڪمند ۾ گهڙي ويو آهه، ڳوٺاڻا گهيرو ڪيو بيٺا اٿس...رڳو نڪري ته پڪڙنس ...!”
ٻئي پڇيو، “ادا ڇتو ته واهن ۾ هوندو آهه سو ڪمند ۾ ڪيئن ويهندو؟!”
جواب مليس، “ادا ڇتو ٿڪي پيو هوندو، سو ساهي پٽڻ جي لاءِ ويهي رهيو هوندو ... !”
حيرت منجهان ٻيهر وراڻيائين، “اڇا ته يعني ڇتا ٿڪندا به آهن ...!”
جواب مليس، “نه نه ٿڪندا ناهن.... اڙي ڀوڪ مشينيون به ٿڪجي گرم ٿي وينديون آهن.... هي ته وري به ماڻهو جهڙي شيءِ آهه ... .!”
هي سڀني جون اهي ڳالهيون ڪنائيندا سڌو اچي آڪاش ڪولڊ ڊرنڪس تي ويٺا. اتي شهر جا ڪجهه سُلجهيل نوجوان گفتگو ڪري رهيا هئا. هي ٽيئي اها گفتگو ڌيان سان ٻُڌڻ لڳا، “يار ايڊمنسٽريٽر کي چيو هو سين ته شهر ۽ ڳوٺن ۾ بيماري وارن ڪتن جو آزار ٿي پيو آهه، ٻيو ته چؤ وايا به لڳن پيا، ڪتا ڇتا به ٿين پيا، تنهن ڪري اهڙن ڪتن کي زهر ڏئي ماريو وڃي ته جيئن ماڻهن جو تحفظ يقيني ٿئي!”
ٻي وراڻيو، “ها جاويد صحيح ٿو چوين، پهرين ته ڳلي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتو هوندو هو...هاڻي ته گهٽي گهٽي ۾ چار پنج ڪتا اهڙا ئي آهن ... سو به ناسور وارا ... !”
جاويد وراڻيو، “يار ناسور وارن ڪتن سان گڏ ڇتپڻ جي وبا ڦهليل آهي، هي ڇتو به ڪنهن اهڙي ڪتي جو ڏاڙهيل آهي...!”
ٻئي وراڻيو، “ها يار، الله سڻائي ڪندو.... هلو ته هلون ... متان پاڻ به ڪٿان پٽجي نه وڃون!” نوجوان اٿي هليا ويا.
بيرو هنن ٽنهي جي اڳيان بوتلون رکي ٿو، زاهد بوتل مان سرڪ ڀري وراڻيو، “يار ڇا ٿيندو پاڻ جي ماڻهن جو؟”
نعيم وراڻيو، “ٿيندو وري ڇا ...! بس سندن حال ڏسي لڳي ٿو خدا ئي حافظ اٿن ...! همت واري وائي ته سندن وات تي وري ئي نٿي ...! بي دل ... بُزدل ... هول ... وهم ... افواهه!!”
ساگر وراڻيو، “پر هن ۾ ته ڪا وهم جي ڳالهه ڪونهي ... اهو دور گذري ويو جڏهن گهوڙي ويامندي هئي ته افواهه يا ڪوڙ ڦهلائيندا هئا.... هاڻي ڪميونيڪيشن تيز آهه ... ماڻهو جڳ جهان جي اٿل پٿل کان پل پل واقف ٿا رهن...دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي هاڻي ...!!”
نعيم طنزيه لهجي ۾ وراڻيو، “دنيا هوندي...پر پاڻ اڃا گلوبل نه پر گُلو واري وليج ۾ رهون ٿا، جتي جهالت جو راڄ آهه ... اڄ به ڳوٺن ۾ مائرون ٻارڙن کي حوصلن ۽ همتن واري لولي ڏيڻ بدران گدڙن جو خوف ڏياري سنجهي مهل سمهاريو ڇڏين...جيڪي ٻچا پينگهي ۾ ئي خوف ۽ حراس واريون ڳالهيون ٻڌي وڏا ٿيندا سي ويچارا سڄي ڄمار ڊڄندا ئي رهندا... هاڻي ته ٻارن کي ٻنڌڻن ۾ ئي دودي، دولهه ۽ هوشو هيمون جا قصا ٻڌائي وڏو ڪرڻ جي گهرج آهه يار ... !”
زاهد وراڻيو، “ڇڏ نعيم يار مايوسي واريون خبرون ڪرڻ... جذباتي نه ٿي ...”
نعيم وراڻيو، “يار مان جذباتي ناهيان...ڏس تون به سندن پار...هوش عقل جي ڳالهه آهه، هڪ ماڻهو اتفاقي طور تي ڪنٽرول مان نڪري ويو آهه ته کيس سوگهو ڪن ...!”
ساگر وراڻيو، “ڪيئن سوگهو ٿيندو ...؟ هن ۾ ته جوش ۽ طاقت...”
“ڌوڙ جي طاقت!” نعيم ساگر جي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ٻڌو نه هيئي ... چيائون پئي ته ڇتي جي پويان ماڻهو لٺيون ۽ ڪهاڙيون کنيو اچن... مطلب ته هُو لٺين ۽ ڪهاڙين جي ٽهاءُ تي ڀڳو آهه...هاڻي ٿورو ڳالهه تي غور ته ڪريو...جي جيءَ جي نه هجيس ها ته ڀڄي ڪيئن ...؟ هُو مسڪين ته ساهه بچائڻ جي لاءِ منهن واهه ڪري ڀڳو آهه.... ٻڌايو هاڻي ته ڇتو ڪير...؟ هِي يا هُو!!”
ساگر پنهنجي ڳالهه جي دفاع ۾ چيو، “اڙي مٿي جا سور، جڏهن ڪو ڇتو ٿيندو آهه تڏهن هن جو جيڏانهن ڪنڌ هوندو آهه تيڏانهن پنڌ ...! مطلب ته نڪ جي سڌائي هن جي لاءِ قطب مينار هوندو آهه ... بس گِگون ڳاڙيندو پاڻ کي پٽيندو ڀڄندو ايندو آهه ... هو به اهڙي رُخ ۾ پيو اچي...!”
ساگر جي اها ڳالهه نعيم کي قائل ڪري نه سگهي، چپ رهڻ کي بهتر سمجهيائين. زاهد وراڻيو، “ها يار صحيح پيو چوين پر هڪڙي ماڻهو جي ڪري سڄو شهر حراسجي ويو آهه، گڏجي ڪجهه ڪري پئي سگهيا ... !”
نعيم ٻيهر وراڻيو، “پتو ناهي ڪهڙي هوا گهلي آهه جو ڪنهن به مشن تي گڏجڻ خواب ٿي ويو آهه... هڪڙا وحشت ۾ ته ٻيا دهشت ۾ ...! ٽيان وري پاڻ جي همراهن وانگر. ... وجود جي بچاءُ جي خوف ۾... بس انفراديت ئي انفراديت... .!”
زاهد وراڻيو، “ها نعيم! واقعي هي وقت مڙي مُٺ ٿيڻ جو آهه... هميشه اجتماعي ويڙهه ئي جابرن جا حوصلا پست ڪندي آهي.... سڀن کي انفراديت جو جمود ٽوڙي اجتماعي جاکوڙ ڪرڻ گهرجي ....!”
ساگر وراڻيو، “يار هلو دير پئي ٿيئي ... لفظن جي مينهن سان چمن سائو ڪونه ٿيندو... مالهي ٿيڻو پوندو.... مالهي...!!”
ساگر بل ادا ڪيو، ٻيهر شهر وٺي گهرن ڏانهن موٽڻ لڳا، شهر ۾ پهرين کان به وڌيڪ سُڃ ٿي ويئي هئي. شهر ڇڏي ڳلي ۾ آيا ته نعيم کي ڪال آئي، اٽينڊ ڪيائين، “جي جي... مان نعيم! ... جي ها جمن ... ڇا ٿيو هن کي.... او نو. ... ويري سيڊ!!”
نعيم جي چهري جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکين مان ڏک جهاتيون پائي ٻاهر نڪرڻ لڳو. هُو تجسس ۾ پئجي ويا، پر اصل ڳالهه جو پتو نه هين، تنهن ڪري ڪا به اڳرائي نه ڪيائون. نعيم ڪال آف ڪري هيانوَ ڏاريندڙ لهجي ۾ وراڻيو، “يار.... يار جُمن کي به ڇتي ڏاڙهي وڌو!!” هنن کي خوف ورائي ويو، ساگر پڇيو، “يار جمن ڪهڙو؟”
نعيم جواب ڏنو، “يار هُو جا آهه ماسي جينو ... جيڪا اسان جي گهر پورهيو ڪندي آهه.... تنهن جو اڪيلو پُٽ جمن...! ڪَتيءَ لهڻ کان پوءِ ماسي سندس هٿن تي ميندي رکڻ جي سنبت پئي ڪئي ... تنهن کي .... تنهن کي!!”
هنن کي حيرت ٿي، پڇيائون، “پر يار ماسي جينو جو پُٽ جمن ته ڪراچي ۾ ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهه... !”
نعيم وراڻيو، “ها يار جمن کي ڪراچي ۾ ئي ڇتي ڏاڙهيو آهي....پتو ته هوندئي ته هتي ٽارگيٽ ڪلنگ يعني ڇتپَڻ جا چؤ وايا لڳندا رهندا آهن... جڏهن اهڙيون هوائون گهلنديون آهن تڏهن اڪثر جانورن ۾ ڇتپَڻ جو واسراءَ پکڙبو آهه ۽ پوءِ اهي ڇتا ٿي انسانن تي اُلري پوندا آهن ...! اڄ ڪلهه اهڙا واءَ هر وقت هتي لڳن ٿا...۽ روئڻ اهو آهه ته هتي اهو واسراءَ جانورن بدران...!” نعيم چپ ٿي ويو.
جمن جي قتل جي آگاهي جڏهن ماسي جينو کي ملي ته هُو هوش و حواس وڃائي ويٺي! پيريءَ جو سهارو ڇڄڻ تي مت ئي ڇڏائجي ويس. هن جيڪا دانهن ڪئي هئي، تنهن تي قدرت به آهون ڀريون هونديون. زاروزار روئي پٽون پاراتا ڏيڻ لڳي. هونئن به اڀرو ماڻهو ان کان وڌ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي ...! سندس اجڙيل جهولي جو حساب ڪير ڏيندو ...؟ هونئن به مسڪين جي ٻار جو قتل سندس نراڙ جي لکيي جو ليک ئي ڀانئبو آهي ...! هي ته وري به ڪراچي جي ڳلي ۾ ڪلور ٿيو هو، سو تنهن جي ڪل ڪنهن کي؟ مورڙو ته ناهي رهيو مياڻ ۾ ... جو پنهنجا ڀائر مانگر جي وات مان ورائي ...! ٻئي ڏينهن مٽي ويئي مٽي سان ملي. ماسي جون اميدون ۽ خواب سندس وانگي بيواهه ٿي ويا.
هُو قبرستان ۾ هئا، تدفين ٿي ويئي هئي ته ڪانڌين مان هڪ کي ڪال آئي، “ڇتي کي پوليس پڪڙي ٿاڻي تي کڻي آئي آهه!”
اهو ٻڌي ماڻهن ۾ ڄڻ دليري ۽ خوشي موٽي آئي. سڀني ٿاڻي ڏانهن رخ ڪيو. هي به قبرستان ڇڏي ٿاڻي ڏانهن وريا.
نعيم هلندي هلندي افسوس وچان وراڻيو، “مون کي ته اهو ارمان آهي ته ماسي جو ڇا ٿيندو ...!؟ يار! هن جي حالت ڏسي مون کي ته خوف پيو ٿئي ته ڪٿي هُو دماغي توازن نه وڃائي ويهي! هن سان وڏو ويل ٿي ويو آهي يار!”
ساگر ٿڌو ساهه ڀريندي ڳالهه اڳتي وڌائي، “ها يار! ڏاڍو ڏکيو آهي ... جوان پُٽ جي وڇوڙي جا سور سهڻ ...! قاتلن جي ڪنن تي جونءَ ئي نٿي سُري! گهرن جا گهر ٽارگيٽ ڪري ماريا اٿن! بس ڇتا ٿا ٿي پون ته روڊن تي نڪري ٿا اچن ...! پوءِ ... !!” ساگر ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ ٿي ويو، ڄڻ سندس لفظ ئي کٽي ويا!
زاهد وراڻيو، “ڇڏ نادان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ...! ڪٿ جمن جيان تون به ڏاڙهجي نه وڃين!”
نعيم وراڻيو، “بچيل ڪهڙا آهيون...؟اسان جا سينا، خوشيون، مُرڪون، احساس، جذبا سڀ ڪجهه ته ڏاڙهجي چڪا آهن ...! بس جند ئي بچي آهي، سورن سهڻ جي لاءِ ...! ساگر تون هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، هوشيار آهين.”
ساگر پريشان ٿي ويو، اندازو هئس ته نعيم جو سوال رواجي نه هوندو، دل جهلي چيائين، “ جي جي ..... پُڇ نعيم!”
نعيم وراڻيو، “يار ڪتا ڇتا ٿين ته فائر ڪرڻ انسان جي وس جي ڳالهه آهه ... پر هي جيڪي ماڻهو ڇتا ٿي روڊن تي اچي ماڻهن کي ڏاڙهين ٿا ... تن کي ڀلا؟”
ساگر وراڻيو، “ته پوءِ قانون ڇا کي چئبو آهه؟ ٿاڻا ڪورٽون ئي ته آهن انهن ڏوهارين لاءِ!”
نعيم جي چهري تي طنزيه مُرڪ تري آئي، “هون! ... مون کي پڪ هئي ته منهنجي انهي سوال جو تون اهو روايتي ئي جواب ڏيندين ...! اهڙا ڪيترائي سوال آهن، جن جو جواب ڏيڻ کان پهرين چپن تي چُپ جي مهر لڳي ويندي آهي ...! ۽ انهي چُپ ئي سڄي سماج کي گونگو ڪري ڇڏيو آهي ...! اسان جي خاموشي ئي ماڻهن کي سمهڻ جي سُتي ڏني آهي...! پنهنجي آئيندي جو جيڪڏهن ذرو به الڪو اٿئو ته پوءِ اهو روايتي جمود ٽوڙيو پليز ...! سوالن جا اصلي جواب ڏيڻ جي جرئت ڪريو! ... دودي جا وارث آهيو ته انهي جو ڀرم به رکو ...! ڀاڙي نه ٿيو ...! اوهان جي انهي ماٺ جي ئي ڪري دشمن اسان کي ڪمزور ۽ گيدي سمجهي بار بار ڪکيو آهي!” نعيم ڄڻ پنهنجن لفظن سان ساگر کي ڏنگي ٿو، ڄڻ هر ڳالهه جو ذميوار رڳو ساگر ئي هجي!
ساگر وراڻيو، “سوري يار...! جي ويساهه ڪرين ته ضمير جي جهنجهوڙ منهنجي تن من ۾ آهه، پر يار مسڪين ماڻهو آهيون، نه چاهيندي به ڊڄون ٿا!”
هُو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ٿاڻي تي پهچي ويا! ماڻهن جا اتي انبوهه لڳا پيا هئا. وڏا وڏا ٽهڪ ۽ تبصرا روان دوان هئا. ڄڻ ڪا فتح ٿي هُين. هُو ٿاڻي اندر داخل ٿيا ته اتي هڪ همراهه بيحال ويٺو هو. لٽا ليڙون ليڙون، وارن ۾ مٽي، چهري، ٽنگن ۽ ڇاتي تي زخم ۽ رت هئس. گهٻراهٽ ۾ غرق هو. ڄڻ سڄي شهر جو خوف هن جي اندر هو! حالت مان چريو پئي محسوس ٿيو. هنن هڪ سپاهي کان تفصيل ورتو ته کين پتو پيو ته هُو دماغي مريض آهي. دماغ تي چريائپ جو دورو چڙهيس ته هڪ اڌ ماڻهو سان اٽڪيو ته هراس ڦهلجي ويو. ائين ئي هي ماڻهن جي خوف کان ۽ ماڻهو هن جي خوف کان ڀڄي رهيا هئا. هي ٿاڻي مان ٻاهر آيا. نعيم اچرج ۾ پوندي وراڻيو، “هي اهو ئي ٿيو نه؟.... !”
هنن پڇيو، “ڇا ٿيو ....؟؟”
نعيم جذباتي ٿيندي وراڻيو، “اسان هميشه اصل خطرن کان بي نياز ٿي پنهنجي اندر جي گيدي جي چڪر ۾ اچي پاڻ کان هيڻن تي اُلرون ڪندا آهيون.... جيڪي معاشري ۾ اصل ڇتا هوندا آهن، تن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ جي جرئت به نه ڪندا آهيون ...! تيستائين، جيستائين هُو تڏو ئي تيل ڪري هليا ويندا آهن ...! اسان هميشه مرڻ تي روئڻ ئي سکيو آهه، پر مارڻ واري جي ڳچي ۾ ڳٽ وجهڻ جي همت نه ڪئي آهه ...! باقي ههڙا اٻوجهه ماڻهو، جيڪي اسان جي روين جو شڪار ٿي بيوس ٿي وڃن ٿا، تن مان پنهنجي مڙسي جون سڀ ڪسرون ڪڍندا آهيون.... اڃان به ... ها اڃان به مُنجهندا رهياسين ته اصل ڇتا هڪ ڏينهن هڪ هڪ ڪري اسان سڀن کي ڏاڙهي ڇڏيندا ... اسان جي وجود ۾ زهر ڀرجي ويندو ۽ اسان سڀ ڇتا ٿي وينداسين ... ڇتا!!!”
نعيم جون اکيون ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون، سندس لونڻن مان ٺڪاءُ نڪرن ٿا، مٿو چڪرائجيس ٿو. اکين مان لُڙڪ وهي ٿا پونس! هُو ٿاڻي جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي ڪنڌ لاڙي ويهي ٿو رهي!
ساگر ۽ زاهد جي اکين ۾ به ڳوڙها تري ٿا اچن! ساگر نعيم جي ڪلهي تي هٿ رکي ڏک ۽ جذبات مان وراڻيو، “ها نعيم! تو صحيح چيو ...! هن ته اٻوجهه کي اسان جي ڇتپڻ ڏاڙهيو آهه پر اصل ڇتو ته اهو هيو، جنهن جمن کي ڏاڙهيو ...! پتو ناهي يار.... اڃا به ڪيترين ماسي جينو جهڙين مسڪين ۽ بيواهين جي اميدن کي هُو ڪفن اوڍائيندا....!؟”
هنن جي اکڙين مان بيوسي جا ڳوڙها وڌيڪ وهن ٿا. سندن من ۾ پيڙائن جا کورا دکن ٿا ...! من اندر ۾ مزاحمت ۽ بيوسي جي سوچن جي باهه ۾ ڄڻ پچڻ لڳن ٿا ... !!