7. ڀاڳ اڀاڳ
اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هو، تيستائين، هُوءَ گهر وارن جي اکين ۾ سرمو وجهي محبوب سان فرار ٿي ويئي. ان ڏينهن کان پوءِ سندس مائٽن جي دل ۾ هن جي لاءِ زهر ڀرجي ويو. هنن ساڻس هر قسم جو لڳ لاڳاپو ختم ڪري ڇڏيو.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ اڄ جڏهن مون کي پويان “مشتاق!” چئي سڏ ڪيو ته دل جي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي. دل چاهيو ته ساڻس ڳالهائڻ بنا ئي هليو وڃان پر وري سوچيم ته مون زندگي ۾ هن کي چاهيو آهي ... ضروري ته ناهي جنهن کي چاهجي تنهن کي حاصل به ڪجي! اها ته ڀاڳ اڀاڳ جي ڳالهه آهي....مون اڃان سوچيو ئي پئي ته هوءَ منهنجي پويان ويجهو آئي، هوءَ ڏاڍي دل شڪسته پئي لڳي. سندس چهري تي ڇانيل مايوسين جي ريکائن مان اهو ٿي محسوس ٿيو ته هوءَ ڪنهن مصيبت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ۽ سندس اندر ۾ ڪا باهه ٻري رهي آهي. هن ٻيهر ڳالهائي خاموشيءَ جو بند ٽوڙيو، “مشتاق...!”
هن جي ڳالهائڻ سان منهنجي جسم جا وار اڀا ٿي ويا. هُوءَ مون آڏو بيهي مون ۾ گهورڻ لڳي. آئون به نماڻائي سان هن سان نيڻ ملائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. هن وري وراڻيو، “ڇو مشتاق ... مون سان ٻه اکر ڳالهائڻ پسند نه ڪندين ڇا ... ؟ ٺيڪ آهي، شايد آئون ان جي لائق نه رهي آهيان ...!” هُوءَ وڃڻ لڳي. ڪجهه فاصلو اڳيان ويئي تيسين مون دل تي پٿر رکي هن کي سڏ ڪيو، “زيب ... !”
هُو بيهي رهي، مون وٽس ويجهو وڃي حال احوال ورتو، “ڇو زيب ... تون هتي ائين اڪيلي... تو سان هُو تنهنجو...!” زيب منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ڇا ڪيان مشتاق...! مون جنهن تي ڀروسو ڪيو ... پنهنجا رشتا ناتا ٺڪرائي ڇڏيم، اڄ انهي محبوب منهنجي اعتماد جو خون ڪري ڇڏيو ... هن مون کي ... !” هن کان وڌيڪ ڳالهايو نه ٿيو. اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويس، مون کيس آٿت ڏيندي چيو، “زيب. ... تون اچ ته گهر هلون ... ! هتي چوواٽي تي بيهڻ ٺيڪ ناهي ... ممڪن آهي ته پاڻ لاءِ ڪو تماشو جڙي پوي ...! اچ شابس...!”
هن گهٻراهٽ وچان وراڻيو، “مشتاق، منهنجو توسان گهر هلڻ ٺيڪ ناهي... مون ته اڳ ئي پنهنجي ناداني جي ڪري ورڻ جون سڀ واهون ختم ڪري ڇڏيون آهن... منهنجي گهر هلڻ سان ممڪن آهي تنهنجي لاءِ ڪو ڏچو کڙو ٿي پوي...!!”
مون زيب تي زور ڀريندي وراڻيو، “تون هل زيب...الله مدد ڪندو ... جيڪو ٿيندو تنهن کي پُڄي پونداسين ... هل ... .!”
زيب کي پنهنجي گهر وٺي آيس. هن تي جيئن ئي گهر وارن جي نظر پئي ته مڇرجي پيا! تعجب ۽ ڪاوڙ جا گڏيل تاثر ڇڏي رهيا هئا. مون اڃان ڪجهه به نه وراڻيو، تيسين بابا ڪاوڙ وچان اڳتي وڌي وراڻيو، “ڇورا ... هي ڪهڙي ٻاراڻي آهي... هن شامت کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهين! جنهن جي غليظ حرڪت جي ڪري اسان ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ جي لائق به نه رهيا آهيون ...! هن ڇوريءَ اسان کي بڇڙو ڪيو .... خوار ڪيو... تنهن کي وٺي آيو آهين هتي ... هن ئي ڪم ظرف ڇوري جي ڪري اسان جا سالن جا رشتا ... !”
مون بابا کي ماٺ ڪرائڻ جي لاءِ منٿون ڪندي کيس سمجهائيندي چيو، “نه بابا ... نه ..! اوهان ته گهٽ ۾ گهٽ ائين نه چئو ...! زيب جيڪو ڪيو، اهو هن جي لکيي جو ليک هو...هي ته عورت هئي، پر اهڙن معاملن ۾ ته چڱن ڀلن جا پير ڇڏائجي ويندا آهن ... هاڻي هن کي احساس ٿيو آهي ... هي پنهنجي غلطي تي پشيمان آهي ... !!”
امان جذبات ۾ وراڻيو، “غلطي تي پشيمان آهي ... اڙي ڇورا اچي قسمت هٿ ڪڍيا اٿئي ... هن ڏائڻ کي ته گهٽو ڏئي مارڻ گهرجي! ڪني آڱر وڍي ڀلي ...! هن کي هتان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪر... نه ته ڳاٽو ڀڃي ڇڏيندي سانس!”
“زيب منهنجي مڱ هئي، ...هن جيڪو ڪجهه ڪيو، تنهن ۾ منهنجي قصوروار آهي...آئون کيس پنهنجو ڏوهه بخش ڪيان ٿو...اڄ هن تي ڏکيو وقت آهي...!” مون چيو.
بابا جذباتي ٿيندي وراڻيو، “ڏکيو وقت آهي.... !! ڀلي لوڙي .... هن پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي!! تنهن ۾ پاڻ جو ڇا وڃي!؟ ... ڀل خبر پويس ته گهران نڪري وڃڻ واري ڇوڪري جو ڇا حشر ٿيندو آهي!!”
زيب مسلسل بابا ۽ امان پاران ملندڙ طعنن سبب ذهني اذيت سهي رهي هئي. هُوءَ ويچاري ويچاري پئي لڳي. هن جي مايوسي ۽ نراسائي مون کان برداشت نه پئي ٿي. مون آخر مزاحمت ڪندي وراڻيو، “امان هاڻي خدا جي واسطي زبان جا تير هڻڻ بند به ڪيو...زيبو خراب هئي يا آهي...اوهان ڇا به سمجهو ...! پر هي مون لاءِ پوتر آهي. ...اوهان کان جيڪڏهن هي برداشت نٿي ٿئي ته پوءِ مان هن کي هتان وٺي ٿو وڃان ... اچ زيب!” مون زيب کي ٻانهن مان جهلي اڳيان وک وڌائي ته پويان بابا مون کي سڏي وڏي واڪ چوڻ لڳو ته، “۽ ٻُڌ مشتاق ...! . تو جيڪڏهن هن ڇوري جي لاءِ گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته.... پوءِ منهنجو فيصلو به ٻڌي ڇڏ ... .! اڄ کان پوءِ تنهنجو به اسان سان ڪو به ناتو نه رهندو ...! . پنهنجي وچ ۾ جيئري مئي جا بند هوندا!!”
مون نرم ٿيندي ڌيرج مان وراڻيو، “بابا توهان اجايا جذباتي پيا ٿيو. ... دل ۾ نفرت جو ٻج پوکڻ بند به ڪيو ... انهن نفرتن اسان جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ...! اڄ آئون جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهيان سو حوس جو نتيجو ناهي ...! ڪنهن جي زندگي جي ٻيڙي کي ٻڏڻ کان بچائي ڪناري لڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ...! اهو منهنجو فيصلو جذباتي نه پر سوچيل سمجهيل آهي ... باقي رشتا ناتا ٽٽڻ جا نه هوندا آهن ... مان رشتن جي ڪچي ڌاڳن هئڻ واري فلسفي کي نٿو مڃان!”
آئون زيبو کي پاڻ سان گڏ وٺي شهر آيس. شهر اسان جي ڳوٺ کان اٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. شهر ۾ اسان جا ويجها مائٽ رهن ٿا. اتي کيس وٺي آيس. انهن کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪري وٽن ڪجهه ڏينهن رهڻ جي لاءِ کين آماده ڪيم. هنن اسان کي هڪ ڪمرو خالي ڪري ڏنو. مون زيبو کي چيو، “زيب، هتي بي فڪر ٿي رهه! جيسين آئون ڪنهن ٻئي هنڌ انتظام ڪيان. “
زيب وراڻيو، “پر مشتاق توکي منهنجي ڪري پنهنجي مائٽن سان اهڙو ورتاءُ نه ڪرڻ گهرجي ها ...! منهنجي خاطر تو پنهنجي رت جي رشتن کي ... ؟!” زيب جي انهي ڳالهه مون کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. مون ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو، “ڪاش زيب ...! اسان جيڪو ڪجهه چئون ٿا، ان تي پاڻ به پورو لهڻ جي ڪوشش ڪيون ...! الائي ڇو اسان قول ۽ فعل ۾ تضاد کان بچي نٿا سگهون!”
هن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، هن پڇيو، “اهو تون ڇا پيو چوين مشتاق! مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي!”
مون وراڻيو، “اهو ئي ته مسئلو آهي اسان سان...جو اسان کي پنهنجي ڳالهه سمجهڻ ۾ به وقت لڳندو آهي ... زيب تو ائين ٿي چيو نه ته مان تنهنجي ڪري پنهنجا مائٽ ۽ عزيز نه ڇڏيان ها!”
هن هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “جي جي ....!”
“ته پوءِ ڇا تو به اها ڳالهه سوچي هئي ...!؟ جڏهن تو محبوب جي ڪري سڀني رشتن ناتن کي ٺڪرائي هن جو دامن پڪڙيو هو ...! “
هُو پنهنجي ئي ڳالهه ۾ پاڻ پڪڙجي پئي. وٽس لفظ ئي کٽي ويا... حوصلو هاري ويٺي، سندس اکڙين مان لڙڪن جو مينهن وسڻ لڳو.
مون کيس دلاسو ڏيندي چيو، “اڙي چري تون روئي ويٺينءَ ...! نه روءِ ... زيب تون يقين ڪر...انهي ڳالهه جي ورجاءُ ڪرڻ جو مقصد تنهنجي دل آزاري ڪرڻ نه هو...! بلڪهِ توکي ٿورو احساس ... !”
هن کي هتي رهڻ دوران هفتو گذري ويو. ان دوران منهنجي دل تان اهي سڀئي نفرتون ڌوپجي ويون ... جيڪي فطري طور هن جي محبوب سان فرار ٿي وڃڻ سبب منهنجي دل ۾ پيدا ٿي پيون هيون. هي وري مون لاءِ اها ئي زيب ٿي وئي، جيڪا ڪالهه هئي. منهنجي نيڻن ۾ ٻيهر هن جي پيار جا خواب لهڻ شروع ٿين ٿا. مون تي وري چاهتن جا سلسلا مهربان ٿي پون ٿا. آئون هن جي ويجهو ٿيڻ جون ڪوششون ڪيان ٿو، پر هوءَ بهانا بنائي مون کان پري رهڻ جا جتن ڪري ٿي. مون محسوس ڪيو ته هُو گهر ۾ وڃايل وڃايل رهندي هئي. سندس پريشاني جو سبب شايد محبوب هو، جنهن کيس تازو دربدر ڪري رسوائين جي پاتال ڀيڙو ڪري ڇڏيو هو، سندس ڪارڻ ئي هي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيئي هئي. مون پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي ته هُو خوش رهي، پنهنجو ماضي وساري منهنجو دامن پڪڙي ته جيئن منهنجي ساڀيان کان رهجي ويل سپني کي تڪميل ملي، پر نه ڄاڻ ڇو هُو مون کان پري رهڻ جون ڪوششون ڪندي رهندي هئي. مون محسوس ڪيو ته پاڻ کي مون وٽ امانت ڀانئي ٿي.
اڄ مون پڪو پهه ڪيو ته مان هن سان دل جي ڳالهه ڪندس ته مان ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو. خدشن جي باوجود به مون کي يقين هو ته هو مون کي هاڪاري موٽ ڏيندي، ڇاڪاڻ ته گهران نڪري ويل عورت جو آخري ڏڍ سندس ور ئي هوندو آهي، پر جيڪڏهن اهو به ان عورت جي لاءِ ڇپر ڇانوَ نه رهي ته پوءِ اها عورت دنيا جي سفر ۾ اڪيلي ۽ بي سهاري ٿي پوندي آهي. اهو ته وري به زيب جو نصيب ڀلو هو جو کيس مون جهڙي مجنون جي عاشقي عطا ٿي هئي. گهر آيس ته هوءَ کٽ تي ويٺل هئي. شايد سوچن ۾ هئي، مون کي اوچتو ڏسي ڇرڪ ڀري اٿي. مون کيس ويهڻ جي لاءِ چيو، سندس چهري تي مايوسي ۽ نراسائي جون ريکائون جهاتيون پائي رهيون هيون. مون وٽانئس سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيو، “زيب.. . .! اڄ تون تمام گهڻي پشيمان پئي لڳين.... هن اداسي جو ڪارڻ؟؟!”
هن نه چاهيندي به چهري تي مرڪ سجائيندي وراڻيو، “نه مشتاق، اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي... بس ائين ئي مڙيئي اڪيلي اڪيلي ويٺي هيس. ...!”
مون ڪجهه دير ماٺ رهي ماحول ٺاهي وراڻيو، “زيب مون هڪ فيصلو ڪيو آهي...!”
“ڇا جو فيصلو...؟” زيب گهٻرائيندي وراڻيو، “خير ته آهي مشتاق؟”
“ها ها خير آهي، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي زيب ... .!”
“ته پوءِ...؟”
ڪجهه ترسي چيم، “بس هڪڙي ڳالهه، جيڪا امنگ بنجي دل جي ويران رڻ تي آبادي جا آثار ۽ امڪان ڏيڻ لڳي آهي... بس هڪڙو سپنو ... “ مان رڪجي ويس.
“تون ڳجهارتن کان هٽي ڳالهه ڪر مشتاق،” زيب تجسس مان وراڻيو، “کولي ڳالهه ٻڌاءِ.”
“زيب... !!”
“ها ها چئو ... ٺيڪ آهي تون جيڪڏهن نٿو ٻڌائي سگهين ته پوءِ پهريان منهنجو فيصلو ... !”
مون کي پڪ ٿي ويئي ته زيب منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي، شايد هن کي منهنجي اکين ۾ پنهنجي پيار جا ڏيئا ٻرندي نظر اچي ويا. منهنجي دل بيقرار ٿي وئي. مان خوشي وچان اڏڻ لڳس.
مون هن کي چيو، “ها... ها ... زيب ٻڌاءِ... مون کي خوشي ٿيندي.”
زيب وراڻيو، “مشتاق، مان محبوب ڏي واپس وڃڻ ٿي چاهيان!. . .!” اهو ٻڌي مون کي عجب لڳو. منهنجي خوشي اڏامي ويئي، مان ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهيس، زيب وراڻيو، “هن کان دور رهي اڄ مون کي اهو احساس ٿيو آهي ته جنهن ڳالهه تان اسان جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو هو، تنهن ۾ محبوب جو نه پر منهنجو ئي قصور هو. مون کي پنهنجي جذباتي فيصلي تي اڄ ڏاڍو پڇتاءُ ٿي رهيو آهي. مون کي ننڍڙي غلطفهمي کي سبب بنائي هن کي ڇڏي اچڻ نه گهرجي ها!” هن چيو، “مشتاق، آئون محبوب ڏي واپس ٿي وڃان، مان هن کي منٿون ڪري مڃائي وٺنديس ... مون کي پنهنجي پيار تي پورو ڀروسو آهي ته هو مون سان پرچي پوندو ۽ اسان جو جهان اجڙڻ کان بچي پوندو...! مشتاق تنهنجي وڏي مهرباني جو تو منهنجو ساٿ ڏنو، اهو مون تي تنهنجو سدا احسان رهندو ... مان وڃان ٿي مشتاق ...!”
هن جي اها ڳالهه مون تي قيامت برپا ڪرڻ لڳي، منهنجي محبت جو بتيلو لُڙهڻ لڳو. ڄڻ ڏينهن جا تارا ڏسڻ لڳس. زبان ڪجهه به ڪڇڻ کان نابري واري ڇڏي هئي. هوءَ منهنجي اکين جي آڏو وڃي رهي هئي، پر آئون چاهيندي به روڪي نه پئي سگهيس. هن جو ٻيهر مون کي ائين ڇڏي وڃڻ وارو عمل به منهنجي اندر بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ لڳو. هن جي واپسي واري قدم مون کي جهوري چور ڪري ڇڏيو. وري به ذهن دل تي ضبط جون ڪوششون ڪرڻ لڳو. منهنجي دل ۾ انهي احساس جنم وٺڻ شروع ڪيو ته شايد زيب منهنجو نصيب ئي نه هئي. مون جيڪو ڪجهه به هن جي حاصلات جي لاءِ سوچيو هو سو فقط دل جا جذبات هئا. اها چاهت جي چريائپ ئي هئي جنهن مون کي خيالي پلاءُ پچائڻ تي مجبور ڪيو هو.
سڀ ڳالهيون درگذر ڪري مان گهر موٽي آيس. پنهنجي مائٽن کان معافي وٺي کين پرچائي ورتم. سندن ئي مرضي جو احترام ڪندي شادي ڪري ڇڏيم. وقت گذرڻ سان گڏ زندگي ۾ پڻ ڪافي تبديليون اينديون رهيون. ڪافي ڏينهن کان پوءِ مان ۽ منهنجي گهر واري پڪنڪ تي ڪلفٽن گھمڻ آياسين. سي ويو تي گهمندي گهمندي منهنجي نظر اوچتو محبوب تي پيئي. ساڻس گڏ هڪڙي خوبصورت ناري هئي. ٻئي هڪٻئي ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رهيا هئا. آئون حيرت ۾ اچي ويس، ڇاڪاڻ ته محبوب سان گڏ ته زيب کي هئڻ کپندو هو. سندس جاءِ تي ٻي ڇوڪري کي ڏٺم ته دل ۾ هزار گمان جنم وٺڻ لڳا. زيب ته ان ڏينهن محبوب ڏي ئي ورڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، پوءِ هي ٻي ڇوڪري....!!؟ سوچيم ته محبوب کان پڇڻ گهرجي. اهڙو خيال دل ۾ رکي پنهنجي گهر واري کي هڪ پاسي بيهاري هنن ڏانهن وڃڻ لڳس. هُو مون کان ڪجهه فاصلي تي هئا. مون محبوب کي سڏ ڪيو، “محبوب ... محبوب!” پر هُو منهنجي سڏ ٻڌڻ جي باوجود به رڪيو ئي ڪونه ۽ هليو ويو. پڪ ٿيم ته زيب ان ڏينهن مون سان ڊرامو رچائي ڪنهن ٻئي پار هلي ويئي هوندي! هن کان اها ڳالهه ڏٺي ڪانه ٿي ٿي ته مان سندس جي ڪري پنهنجي مائٽن کان جدا ٿيان. هن جو قد منهنجي نظرن ۾ اوچو ٿيڻ لڳو. اچانڪ هن جي لاءِ دل ۾ احترام جا گلاب ٽڙڻ لڳا. مان هن جي تلاش جي جستجو ۾ لڳي ويس، پر هوءَ مون کي ڪٿي نه نظر نه آئي. نه ڄاڻ ڪهڙو پار وسائڻ لڳي هئي. مون هن کي ڪافي وقت تلاش ڪيو، نيٺ همت هاري ويٺس. ڪجهه عرصي کان پوءِ مان شهر جي هڪ ميٽرنٽي هوم ۾ موجود هئس، منهنجي گهر واري اميد سان هئي، سا اتي داخل هئي. مان ليبر وارڊ جي گيٽ تي پريشان حال ويٺـو هئس، تيستائين مون کي پويان سڏ ٿيو، “هيلو پليز...اوهان کي مبارڪ ... “
اهو ٻڌي مون چهري جو رخ هن ڏانهن موڙيو ته هوءَ ڪجهه چوڻ کان رڪجي ويئي. مون وراڻيو، “زيب تون!!!!”
“ها مان مشتاق ... توکي مبارڪ هجي ...! رب توهان کي چنڊ جهڙو پٽ عطا ڪيو آهي!”
مون کي پنهنجي پٽ جي جنم کان وڌيڪ هن سان ملڻ جي خوشي ٿي. کائنس وڌيڪ حال احوال پڇڻ جي لاءِ مخاطب ٿيندي چيومانس، “پر زيب ... تون هتي!!! تو ته چيو هو ته محبوب ڏي واپس ٿي وڃان...پر محبوب ته. . .!”
ڪجهه پل اڳ هن جي چهري تي مون کي مُبارڪون ڏيڻ ويل جيڪا مرڪ ظاهر ٿي هئي سا هڪدم ختم ٿي ويئي. چهرو ڦِڪو ٿي ويس ۽ روئڻهارڪي ٿي ليبر روم ۾ هلي وئي.