ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

10. فتح

اڄ هُو اها مومل ماڻي رهيو هو، جنهن جي ماڻن هن جي من کي موهي کيس چاهتن جا حسين سلسلا ارپيا هئا، ۽ جنهن جي حاصلات ئي هن جي زندگي جو واحد مقصد بنجي ويو هو. اها رات خالي نه هئي، جيڪا هن انهي مومل جي سوچن ۾ جاڳي نه گذاري هجي! پر روبينه جي دل جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هن بابت ڪو غور ويچار نه هيو. هي فقط انهي اميد جي آڌار تي هن کي چاهيندو هو ته، سچي دل سان جيڪو ڪجهه به گهريو ويندو آهي، سو خدا پاڪ پنهنجي ٻانهي کي ضرور عطا ڪندو آهي. هن کي اها پڪ هئي ته، رب پاڪ جي هڪ ڏينهن مون تي عطا ٿي پوندي ۽ روبي هڪ ڏينهن ضرور مون کي چاهڻ لڳندي، اڄ ڀلي هن جون اکيون مون کي ڏسڻ پسند نه به ڪن، پر سڀاڻي ضرور هن جا نيڻ منهنجا رستا نهاريندا! هن اهو ڀلي ڀت ڀانيو ٿي ته، وقت ۽ حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه رهنديون آهن. وقت مون تي به ضرور مهربان ٿيندو ۽ هڪ ڏينهن حالتون منهنجي حق ۾ ٿي وينديون.
اڄ جڏهن روبينه ۽ هن جا وجود، ملن جي سڀني رسمن مان آجا ٿي سينگاريل ڪمري ۾ هڪ ٿيڻ وارا هئا، تڏهن هن جي دل ۾ ڪجهه انا پيدا ٿيڻ لڳي هئي، جنهن جو سبب اهو هو جو هن جڏهن روبي سان چاهت جو اظهار ڪيو هو، تڏهن روبينه هن کي ٺڪرائي اهو اظهار ڪيو ته مان ڪنهن ٻئي جي دل ۾ رهان ٿي ۽ منهنجي من جو مهمان به اهو ئي آهي. روبي رشتي ۾ هن جي ماسات هئي پر هُوءَ پنهنجي ڪلاس ميٽ جبار جي گهورن جي گهايل هئي. ان وقت هن اهو ٿي ڀانيو ته ڀل روبي جبار کي چاهي پر هن جو ان سان رشتو نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته جبار غير آهي ۽ سندن رت وارو ناهي! سندن خاندان ۾ اڳ ڪڏهن به برادري کان ٻاهر رشتو ناهي ٿيو، پر روبي جي مائٽن، روبي کي پنهنجي زندگي سان وابسته هر فيصلو پاڻ ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو هو. هن به ضرورت کان وڌيڪ مليل آزادي جي باوجود به ڪو اهڙو قدم نه کنيو هو، جنهن سان مائٽن جي ساک خراب ٿئي. هُوءَ مائٽن جي هر ڀروسي تي پوري لٿي هئي.
روبي جي مائٽن جي اهڙي مرضي جو جڏهن هن کي پتو پيو ته هي ڏاڍو دل شڪسته ٿي پيو هو. هن کي پنهنجي پيار جو ڏيئو اجهامندي محسوس ٿيو هو. پر وري به هن کي اها اميد هئي ته فيصلو هڪ ڏينهن هن جي ئي حق ۾ ٿيندو. اڃا روبي ۽ جبار جي رشتي جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ته اوچتو جبار بيمار ٿي پيو، ڊاڪٽرن سندس مائٽن کي اهو مشورو ڏنو ته کيس ڪنهن اسپيشلسٽ سرجن کي ڏيکاريو. چيڪ اپ ۽ ٽيسٽن کان پوءِ ڊاڪٽرن اها نشاندهي ڪئي ته جبار بلڊ ڪينسر جو شڪار ٿي چڪو آهي. اها خبر جڏهن روبي کي پيئي ته هُوءَ حال وڃائي ويٺي! پر پوءِ به هن ڪجهه ضبط کان ڪم ورتو، هن سوچيو ته هي وقت امتحان جو آهي، هن وقت جبار کي آٿتون گهربل آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن مان به صبر جو دامن هٿان وڃائينديس ته جبار جي ماندي من کي ڪير آٿتون ڏيندو؟! هي جبار وٽ اسپتال جي وارڊ ۾ موجود هئي. جبار نراسائي منجهان وراڻيو، “روبينه ...! مون ته زندگي ڀر تنهنجي زلفن جو اسير ٿي رهڻ جا خواب لڌا هئا ... پر روبي... نه ڄاڻ ڪنهن ويري جي نظر.... اسان جي انهن خوابن جي ساڀيان...!” هن جي اکين جا بند ڀڄي پيا، رت روئڻ لڳو. روبينه سندس لڙڪ اگهندي کيس آٿت ڏيڻ لڳي، “جبار... دل نه هار... خدا پاڪ ڪندو سڻائي ٿيندي...اسان جا خواب، خواب نه رهندا.... ضرور ساڀيائون لهندا جبار...!! دل وڏي ڪر چريا ...! خدا پاڪ سڻائي ڪندو!” حالانڪهِ اندر هن جو به وڍيل هو، پر هن پنهنجي دل تي پٿر رکي اهو سڀ جبار سان اوريو. جبار ورندي ۾ چيو، “روبي مان ڪيئن پنهنجي دل کي سمجهايان.... منهنجي دل ۾ منهنجو قاتل پناهه وٺيون ويٺو آهه ۽ مان همت ڌاريان!!؟ ... اهو ڪيئن ممڪن آهه مون لاءِ؟!!”
روبي وراڻيو، “چريا مايوس ٿي وئين ...! اسان جو رب پاڪ وڏو ٻاجهه ڀريو آهي...هُو ضرور توتي مهر ڪندو ... مون کي اميد آهي ته اهو اسان کي مايوس نه ڪندو... هي وقتي آزمائش جلدي ختم ٿي ويندي...اسان ٻيهر خوشي جا گيت ڳائينداسين چريا! ...! . تون رڳو پنهنجي روح کي رتو ڇاڻ نه ڪر ... تون رڳو حوصلو ڌار ... !!” روبي جي انهن حوصلي وارين ڳالهين هن جي جسم ۾ ساهه وجهي ڇڏيو، هن جيڪو پنهنجو جسم ڪجهه ڏينهن کان لاش ڀانيو هو، سو کيس جاندار محسوس ٿيڻ لڳو. هن جي من ۾ جيئڻ جو اتساهه پيدا ٿيڻ لڳو. هن اهو سمجهوتو ڪري ڇڏيو ته هر چيز کي فنا ٿيڻو آهي، سو ڇو نه فنا ٿيڻ کان اڳ اهڙو ڪردار ادا ڪري وڃجي، جو ڪڏهن فنا نه ٿئي! اهو هميشه امر رهي! هن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هاڻي جيڪي به دنيا ۾ ڏينهن گهاربا سي خوشيون ورهائيندي گهاربا...!!
جبار جي بيماري سبب هن جي مڱڻي رڪجي ويئي. هڪ ڏينهن اسلم موقعو ڏسي روبي کي چيو، “روبينه تون ويساهه ڪر... مان توکي بيحد چاهيان ٿو ... تون اعتبار ڪر ... تنهنجي چاهت منهنجي تن من تي حاوي ٿي وئي آهي ...! مان تو بن پاڻ کي اڌورو ڀانيان ٿو.” روبي کيس جواب ڏيندي چيو، “پر اسلم، منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ ڪي به اهڙا احساس نه آهن ... مان ته تو کي فقط ماسي جو پٽ اسلم سمجهان ٿي! ٻي ڳالهه ته توکي اهو به پتو هئڻ گهرجي ته مان فقط ۽ فقط جبار جي آهيان ...! اڃا به جيڪڏهن تون مون بن پاڻ کي اڌورو ڀائين ٿو ته ... پوءِ مان به تو کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ٿي ته، مان به پاڻ کي جبار بنا بي جان سمجهان ٿي، هن جي نانءُ سان ئي منهنجو تن من جُڙيل آهي ...!” اهو ٻڌي اسلم وراڻيو، “چري ته ناهين ...! تون هڪ اهڙي ماڻهو بنا پاڻ کي اڌورو ٿي ڀائين ... جنهن کان ڀاڳ جي ديوي رُٺل آهي ...! جيڪو ويچارو خود اڌورو آهي... ڇڏ چري... پنهنجي خوبصورت زندگي کي اهڙي لاچار ماڻهو جي پويان ....!!؟”
هن کي اسلم جون اهڙيون ڳالهيون زهر ڀريل لڳيون، سندس خبرن مان کيس حسد جو تاثر محسوس ٿيو، جبار بابت هن کان اهڙيون ڳالهيون برداشت نه ٿيون ۽ هن ڪاوڙ ۾ اسلم جي ڳالهه ڪٽي وراڻيو، “چپ ڪر اسلم! تون ٿيندو ڪير آهين، جبار جي ڀاڳ تان مذاق ڪرڻ وارو...! جبار تي جيڪو ڪجهه به گذري رهيو آ، سو مان پاڻ تي محسوس ڪري رهي آهيان ...! مون هن کي سچي دل سان چاهيو آهي ...! منهنجي من جو مالڪ هُو آهي ...! هُو جيئن به آهي...جنهن به حال ۾ آهي، مون کي قبول آهي... ان تي توکي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي ....۽ ٻي ڳالهه به تون ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته اسان جي اهڙي پيار کي موت ڇا مات ڏيندو چريا...!!”
هُوءَ اهو سڀ ڪجهه چئي هلي ويئي، پر اسلم تي ان جو ڪو به اثر نه ٿيو، هن سوچيو ته ڀلي اڄ روبي جبار جي عشق ۾ اکيون پوري منهنجي محبت ڏي گهور نه ڪري، پر هن کي هڪ ڏينهن مون ڏي ئي اچڻو آهي. جبار کي بلڊ ڪينسر هئڻ جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ اسلم کي هاڻي اها پڪ ٿي ويئي ته هاڻي روبي جو ۽ منهنجو ملڻ اڻٽر آهي! هي روبينه جي چاهت ۾ ايترو ته گم ٿي ويو جو کيس اها ڳالهه ذهن ۾ ئي نه رهي ته محبتون ئي قربانيون گهرنديون آهن، محبوب جي خوشي ئي سچي عاشق جي خواب جي اصل ساڀيان هوندي آهي. پر محبت جي اصل فلسفي جو شعور هن جي ذهن ۾ نه هو. هن جي سوچ جو محور فقط ۽ فقط روبي جي حاصلات تائين ئي رهيو!
جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن ڪينسر جو آدمخور جبار جي جسم کي غنيمت جو مال سمجهي کائڻ لڳو. دوائون بي اثر ثابت ٿيڻ لڳيون. دعائن به ڪو فائدو نه پئي ڏنو، جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن هن جو جسم ڪمزور ٿيندو ويو. چهري جو رنگ هيڊو ٿي ويو هئس، اکيون اندر پئجي ويون هئس. هر ڏينهن، هر گهڙي هن جي لاءِ باعثِ عذاب بنجي ويئي هئي. ڪيترين ئي تڪليفن ڏسڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جنهن ڏينهن هن جي جسم مان روح جو پکي اڏاڻو ٿي ويو ۽ کيس هر مصيبت مان آزادي پئي ملي! اهو صدمو روبي ۽ جبار جي والدين جي لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونه هو، پر جبار جي بيماري دوران ان کي مشڪل حالت ۾ ڏسي هنن اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ پهرين ئي ذهن ٺاهي ڇڏيو هو.
جبار جي وفات کان پوءِ روبي ويڳاڻي بنجي ويئي هئي. سندس خوشين ڀري زندگي کي ڄڻ نظر لڳي وئي هئي. سندس زندگي جا سڀ رنگ، بي رنگ ٿي پيا هئا. اداسي سندس دل ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهي. هن جي اها حالت سندس پيءُ کان برداشت نه پئي ٿي، جبار جي وفات کي تقريبن ڏيڍ مهينو گذري چڪو هو. هن کي ڪجهه هوش ۾ ڏسي کيس پيءُ چيو، “ڌي! جڏهن کان جبار هي جهان ڇڏي ويو آهي...تڏهن کان تون نراس آهين... ڌي تنهنجي پريشاني فطري عمل آهي...پر ڌي ان جو اهو ته مقصد ڪونهي ته تون جيئڻ تان ئي هٿ کڻي ويهين...!!؟”
روبي ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، “بابا مان جيئان ته پئي ...!”
پيءُ وراڻيو، “ڌيءُ اهو ڪهڙو ڍنگ آهي جيئڻ جو ... ؟! دنيا جي ته هر شيءِ تان روح کڻي ويٺي آهين ...! ڌيءُ هڪ ڳالهه ٻڌ...! هي دنيا فاني آهي، جنهن جو به جيترو داڻو پاڻي هن جهان ۾ هوندو ... سو حاصل ڪري هڪ ڏينهن ته هونئن ئي هن پار ويندو، ماڻهو ته ويچارو دنيا ۾ مهمان وانگر هوندو آهي ... ۽ مهمان سان گڏ ٻيو ٿورئي ويندو آهي، ڌيءُ هن پوڙهي پيءُ جي هڪڙي التجا آهي جي پوري ڪرين ته مان ڪيان...!”
هن وراڻيو، “بابا. . .التجا ... سا به مون آڏو ...! ائين نه چئو.... توهان حڪم ڪيو...سڄي زندگي اوهان منهنجا ناز کنيا آهن.... مان ڇا توهان جي ڳالهه کان ٻاهر وينديس...؟!!”
پڻس وراڻيو، “ڌيءُ مان سمجهان ٿو ته اهو تنهنجي لاءِ مشڪل هوندو ... پر جي تو منهنجي فيصلي کي مانُ ڏنو ته تنهنجا لک ٿورا...! ڌيءُ مان چاهيان ٿو ته تون اسلم جي شريڪِ حيات ٿيئن ... هُو سٺو ڇوڪرو آهي...وڏي ڳالهه ته پنهنجو آهي... پٽ جي اڄ جبار حيات هجي ها ته اسان اوهان جي وچ ۾ ديوار نه بڻجون ها پوءِ ڀل هُو ڌاريو ئي سهي ...! پر هاڻي تون اسان جي مرضي رک ڌيءَ!”
پڻس جي ڳالهه جاري هئي. هن جي گهايل من کي ڳالهه ويتر گهائي وڌو، پر پڻس جي فيصلي کان انڪار به هن جي لاءِ مشڪل ٿي پيو هو. بس هن اهو زهر جو ڳوڙهو ڳهي ورتو ۽ اسلم سان مائٽن جي مرضي موجب لائون لهڻ لاءِ ها ڪري ڇڏي.
اسلم سجايل ڪمري ۾ داخل ٿيندي، دروازو اندران بند ڪيو. روبي پلنگ تي ويٺل هئي. سندس چهري تي گهونگهٽ هو. ڪمرو مڪمل سجايل هو. درين تي لڳل پردن تي خوشبودار پرفيوم اسپري ٿيل هو، جنهن جي هڳاءُ روح کي ڏاڍي تسڪين ٿي ڏني! هي پلنگ تي روبي جي سامهون ويهي سندس چهري تان گهونگهٽ هٽائڻ لڳو. روبي هن ڏي نظر نه ڪئي، ڌاريائپ جو احساس ڏيارڻ لڳي. هن وراڻيو، “ڪيئن پيا محسوس ڪريو اڄ...” سوال کان پوءِ ڪجهه ساعتون خاموش رهيو، روبي ڪو به جواب نه ڏنو. هن ٻيهر خاموشي ٽوڙي وراڻيو، “ڪا رنجش آهي ڇا جانِ من ... بهرحال... ڇا به محسوس ڪيو ... پر مان ڏاڍو خوش آهيان پنهنجي فتح تي ... ! روبي جنهن ڏينهن کان تو منهنجي دل چورائي هئي، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين مون انتظار جا وڏا ڪاٺ ڪٽيا آهن ... تنهنجي حاصلات مون کي پاڳل بڻائي ڇڏيو هو ... تنهنجي سڪ ۾ مون ڪيئي راتيون تارن سان ڳالهيون ڪندي جاڳي گذاريون هيون. گهڙي گهڙي تنهنجي ياد جي سيلاب ۾ پاڻ کي لُڙهندي ڀانيو هئم ... پر توکي ان جو ڪو به احساس نه ٿيو ... روبي مون توکي پنهنجي دل جو حال به ڏنو، تڏهن به توکي منهنجي حال تي ڪو به رحم نه آيو ... هڪ ڌاريي ڪاڻ منهنجو پيار ٿڏي هلي وئينءِ ... ! پر مون ان جي باوجود به توکي چاهيو ... ڇاڪاڻ ته فتح حاصل ڪرڻ جي لاءِ شڪستون کائڻ به ضروري هونديون آهن ... جيڪو مزو شڪست کان پوءِ واري فتح ۾ هوندو آهي، سو چري فقط فتح ۾ ناهي هوندو ... شڪست کانسواءِ فتح جي اهميت به ڪهڙي آهه ... روبي وقتي شڪستن مون کي مايوس نه ڪيو.... ٻي ڳالهه ته مون کي جنهن مات پئي ڏني، سا ڪا غير نه پر منهنجي پنهنجي روبي هئي ... ۽ پنهنجن هٿان هارائڻ جي اهميت به ڇا آهي...؟ پر اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان ... پنهنجي فتح تي... تنهنجي حاصلات تي ...!!”
اسلم وڏا ٽهڪ ڏئي ٿو، روبي جي حاصلات جي خوشي هن کي غرور ۾ غرق ڪري ٿي ڇڏي ... سندس ڳالهيون روبي کي پريشان ڪن ٿيون. من اندر باهه جا کورا دکي ٿا پونس ... صبر جو دامن وٽائنس ڇڏائجي وڃي ٿو، وڄ جيان اسلم تي ڪڙڪي ٿي پوي، “واهه اسلم واهه ... مون ته ڀانيو هو ته تون منهنجو سچو چاهيندڙ هوندين ... پر تون ته پيار ۾ فتح ۽ شڪست جو ڪاٿو لڳائي رهيو آهين ...! تو سمجهيو آهي ته مون روبينه کي حاصل ڪري وڏو تير هنيو آهي...فتح ڪئي اٿم ...! ڪيڏو نه احمق آهين ... جسم جي حاصلات سان روح ڳنڍجي نٿا سگهن چريا...! مون بابا جي ڳالهه کي اهميت ڏئي اهو سمجهوتو ڪرڻ پئي چاهيو ته مان هاڻي نئين سِر اسلم سان جيون گهارينديس ... ماضي جون سڀئي يادون من اندر ۾ دفن ڪري ڇڏينديس... پر تو ته منهنجي رتو ڇاڻ روح کي ويتر رتو رت ڪري ڇڏيو ... تو ته مون کي ٻيهر ماضي ڏي ڌڪي ڇڏيو ... مون کي توسان ملي اڄ اها خبر پئجي ويئي ته جنهن اسلم مون کي چاهيو هيو، تنهن منهنجي حاصلات کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو هو ... تو روحاني تسڪين کان وڌيڪ جسماني بک کي پنهنجي توانائي سمجهي هئي ... .هاڻي جڏهن مان سڀئي رسمون اُڪري تنهنجي بنجي وئي آهيان ... تڏهن توکي اهو چٽو ٿي ٻڌايان ته تون فقط روبي جو جسم ئي فتح ڪري سگهيو آهين، روح نه!!!”
اسلم حيران اکين سان کيس ڏسندو رهيو ۽ روبي ڳوڙهن سان ڀريل اکيون بند ڪري ڇڏيون.