2. بيحسي
مون هن کان حال احوال ورتو ٿي ته تيستائين جاويد مون کي ٻانهن کان جهلي اڳتي هلڻ لاءِ چيو، “هل يار اشرف.... هن شهر ۾ اهڙا ڪيترائي ڏيک ڏسندين.... ۽ هر ڏيک ڪنهن نه ڪنهن ڀيانڪ ناٽڪ جو حصو هوندو!” جاويد جي ڳالهه تي مون کي اچرج وٺي ويو. ڇاڪاڻ ته هيڏي بيوس ۽ مجبور عورت جي درد کي هُن ناٽڪ جو نالو ڏنو. مون ورندي ڏيندي کيس چيو، “يار جاويد تون ته صفا دل جو ڪو ڏاڍو ٿو لڳين! هن عورت جي مجبوري توکي ناٽڪ ٿي لڳي ...! حيف آهي تنهنجي سوچ تي... يار! ڪجهه رحم ڌاري هن جي درد کي سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪر...! منهنجي ته خيال ۾ پاڻ کي هن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ئي گهرجي!”
جاويد طنزيه انداز ۾ مون تان ٺٺولي ڪندي وراڻيو، “اچي وئين نه فريب ۾...! دوست اهو سڀ ڪجهه ڏيکاءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي! هن عورت جو درد مصنوعي آ... هي عورت ٻهروپي اٿئي! هن اسان جا کيسا خالي ڪرڻ جي لاءِ اهو ڊرامو رچايو آ...” جاويد وراڻيو، “ان ۾ هنن ماڻهن جو ڪو به ڏوهه ناهي..... اسان جي فراخ دلي ئي هنن جو مٿو خراب ڪيو آهي... اصل پنڻ کي ڌنڌو ڪري ڇڏيو اٿن!!” هن مون کي پنهنجي مام ۾ سمجهائيندي وراڻيو، “اشرف اها جيڪا اسان جي آڏو ليلائي رهي آهي، سا مجبور ناهي پر کيس پنڻ جي عادت پئجي ويئي آهي!”
مون جاويد جي ڳالهين کي ٻُڌو ۽ عورت جي اجڙيل حالت ڏي ڏٺم. جاويد ڳالهائي ماٺ ڪئي ته کيس وراڻيم، “يار هرڪو ته ائين به ناهي هوندو... ممڪن آهي ته هي ويچاري واقعي به مجبور هجي!!”
جاويد منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟”
هوءَ عورت مسلسل اسان جي اڳيان جهولي جهلي ليلائي رهي هئي. هو روئي روئي چئي رهي هئي، “اوهان اعتبار ڪريو منهنجو پُٽ ڏاڍو لاچار آهي. مون کي پئسا نه گهرجن... مون کي ته منهنجي ٻچڙي جو علاج گهرجي! هو منهنجو دين دنيا ۾ اڪيلو اولاد آهي! مان بيوهه آهيان هُو يتيم آ. ... اسان جو ڪير به اوهي واهي ڪونهي! اسان جي واهر ڪريو خدا جي واسطي ...! .. اوهان کي منهنجي ممتا جو قسم.... مون تي رحم ڪريو...... منهنجي جهولي خالي ٿي ويندي.....!” هُوءَ پڄري پئي.
هن جو هڪ هڪ لفظ منهنجي جسم مان سيسڙاٽ ڪڍائي ٿو ڇڏي! هن جو درد حقيقي هو، سندس چهري مان مون کي اهڙي جهلڪ ئي نظر نه ٿي آئي، جنهن مان اهو شڪ ٿئي ته هُوءَ ڪو ناٽڪ رچائي رهي آهي. هُوءَ ويچاري مسلسل ليلائي ئي رهي هئي پر جاويد زوري مون کي ٻانهن کان جهلي اڳتي گِهلي ويو. اڳيان هلندي هلندي مون جاويد کي چيو، “يار پاڻ کي ايتري ڪنارا ڪشي نه ڪرڻ گهرجي ها.....منهنجي دل ۾ اهو وهم ٿي پيو آهي ته شايد پاڻ ڪا وڏي غلطي ڪري ڇڏي آهي.... پاڻ ڏوهي آهيون يار!”
منهنجي انهي ڳالهه تي جاويد مڇرجي پيو، چهري تان چمڪ اڏامي ويس. پر هن پنهنجو پاڻ سنڀاليو ۽ ڪجهه دير ۾ پاڻ تي قابو پاتائين ۽ پوءِ وري وراڻيو، “اڙي اشرف هي ڪو ڳوٺ ناهي! هي شهر آهي.... تون نٿو سمجهين ته هتي ڇا ڇا ٿو وهي واپري ...! هتي جي چالاڪين کان تون اڻ واقف آهين! تون ته صفا ڪو ڀورو ماڻهو آهين يار!” هن چيو، “يار هتي جيڪو ڏسڻ ۾ ايندو آهي سو اصل ۾ هوندو ناهي! هتي هر چهرو ٻهروپيو آهي... هتي هر دل مُنافقت....” هن جو ليڪچر اڃان بس نه ٿيو هو پر مون کان برداشت نه پئي ٿيو، منهنجي دل ۾ ڏاڍي الجهن ٿي رهي هئي سو مون سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “نه يار نه.... هر جڳهه تي ائين به ناهي جاويد! سڀئي ڪارا ڪانوَ به ناهن! ڪي مور ته ڪي هنج به آهن اڃان!”
جاويد منهنجي ڳالهه تي چٿر ڪندي وراڻيو، “اهي، جيڪي توکي مور ۽ هنج نظر ٿا اچن، سي اصل ۾ ٻگهه ۽ ڳجهون آهن...!!”
جاويد جي ڳالهه تي افسوس سان وراڻيم، “يار تون خود کي عقل ڪُل ٿو سمجهين، ٻئي جي ته راءِ ئي تو لاءِ بيڪار آهي... هونئن به ڪنهن تي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ آسان هوندي آهي پر ٻئي جي ڳالهه ٻُڌڻ مشڪل هوندي آ...”
اسان جون ڳالهيون هلنديون ئي رهيون. انهن ئي ڳالهين ۾ ڪلاڪ کن شهر ۾ ئي جاويد سان گڏ گذري ويو، پر ان سموري وقت دوران، ان عورت جون دردناڪ ليلائڻ واريون ڪيفيتون منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائينديون رهيون. الائي ڇو ان عورت جو درد مون کي پنهنجو درد محسوس ٿيندو رهيو. مون کي ڏاڍي الجهن ٿيڻ لڳي، نيٺ پوءِ کائنس موڪلائڻ لڳس. “جاويد آئون هلان ٿو هاڻي!”
“ڇو يار.... ايترو جلدي.....!” جاويد مون کي روڪيندي وراڻيو.
“بس يار....” پر آئون رڪجي نه سگهيس.
جاويد منهنجي منهن منجهان سمجهي ويو ته منهنجي من ۾ اڃا تائين انهي عورت واري آنڌ مانڌ گهٽجي نه سگهي آهي. هن جي سوچ به ساڳي ئي هئي يا شايد پهرين کان به ڪِري پئي هئي، جو هن موڪلائيندي مُشڪندي وراڻيو، “ها ادا تون وڃي شوق پورو ڪر.. ٻيلي اسان پاڻ غريب ماڻهو آهيون... هتي سڄو جڳ مسئلا کنيو وتي...! پاڻ ته ڪنهن جو ٺيڪو ناهي کنيو ۽ نه ئي ڪو پاڻ کي اليڪشن ۾ بيهڻو آهي جو پرايون پريشانيون پنهنجي مٿي تي کڻون!”
جاويد جي اهڙين ڳالهين جي ڪري منهنجي من ۾ هن جي لاءِ نفرت پيدا ٿي پئي. مون کي اهڙي دوستيءَ تي ڏاڍي شرمندگي ٿيڻ لڳي. مان بس جلد ئي اتان منهن ڪوجهو ڪري واپس روانو ٿيڻ لڳس. منهنجي ذهن تي صرف ۽ صرف اها عورت ئي سوار هئي. ان جي بيوسي ان جي لاچاري منهنجي اکين جي اڳيان ترورا ڏئي رهي هئي. مختلف رستن تي هلندي هلندي اوچتو ڇا ٿيو جو منهنجي نظر هڪڙي ايمبولينس تي پئي. ان ايمبولينس ۾ مون کي اها ئي عورت ڏسڻ ۾ آئي. هيڪر ته مون کي ائين لڳو جيئن اهو رڳو منهنجي نظرن جو ڌوڪو هو پر پوءِ مون کي پڪ ٿي ته ان ايمبولينس ۾ اها ئي لاچار عورت هئي جيڪا پهرين منهنجي ۽ جاويد جي اڳيان ليلائي رهي هئي. آئون انهي ايمبولينس جي پُٺيان پُٺيان سڌو اسپتال تي وڃي پهتس. اسپتال ۾ مون ڏٺو ته اها ئي عورت آپريشن ٿيٽر جي اڳيان بي حال بيٺي هئي. آئون شرمندگي کان کيس آٿت به ڏئي نه سگهيس. بس چپ چاپ وڃي پاسي تي ٿي بيهي رهيس. ڪجهه ئي دير کان پوءِ ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو ته مون هڪدم کانئس پڇيو، “ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿيو...؟” مون سان گڏ اها عورت به ڊاڪٽر کي ڌونڌاڙڻ لڳي، “ڊاڪٽر منهنجي ٻچڙي جي طبيعت...”
ڊاڪٽر ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو پر ان کان ئي اڳ ۾ مون کيس چيو، “اوهان ٻُڌايو رڳو ته ننڍڙي جي حياتي بچائڻ جي لاءِ ڇا گهرجي....؟ ڇا به ٿئي ڊاڪٽر.... ڪيترو به خرچ ٿيئي آئون ڀرڻ جي لاءِ تيار آهيان... اوهان رڳو ٻُڌايو ڊاڪٽر....”
“آءِ ايم سوري... ڪاش جيڪڏهن اوهان ڪجهه دير پهرين پهچو ها ته ڇوڪري جي زندگي بچي پوي ها پر...!!”
ڊاڪٽر جي انهي ڳالهه سان ئي اها عورت دانهون ڪري پٽ تي ڪري پئي.
ندامت جا ڪڙا احساس منهنجي روح کي ڪوهيڙي جيان وڪوڙي ويا هئا، احساسن جي انهي سيڪ تي منهنجي کيرين اکين مان پڇتاءُ جا لُڙڪ بي اختيار وهڻ لڳا.