9. ڇوٽڪارو
سندس والد لاش کڻائي گهر آيو. هي دل شڪسته ٿي ويئي...روئڻ لڳي.... تون ايترو جلد ڪيڏانهن هلي وئين...مون کي اڪيلو ڇڏي.... مان هاڻي تنهنجي بغير ڪيئين جيئنديس...امان!!
‘بس ڌي ... اهو ئي لکيو هو ... بس تنهنجي ماءُ جو هن دنيا مان داڻو پاڻي کٽو، سو تڏهن رب کيس...هاڻي گهڻو روئي ميت جو روح نه رنجاءِ...’
دلاسا ... آٿتون ... .
هُوءَ وڌيڪ روئڻ لڳي، لاش جو ڪفن دفن ٿي ويو ... هُوءَ روئندي رهجي ويئي.
ماءُ جي وفات کان پوءِ هاڻي گهر ۾ فقط هيءَ ۽ سندس پيءُ بچن ٿا. هن جي والده جي وفات کان پوءِ سندس سڀئي خواب لحظي منجهه لڙهي ويا هئا. اها هن جي ماءُ ئي هئي جيڪا هن جو آسرو هئي. ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ جي مرضي سان هن جو مڱڻو ڳوٺ ۾ ٿيل هو، پر هن ۽ سندس ماءُ جي مخالفت سبب هن جي اتي شادي نه پئي ٿي سگهي. جنهن گهر ۾ هن جو مڱڻو ٿيل هو، اهي سندس والد جا ويجها عزيز هئا پر هنن جو گذر سفر اوکو هيو. سندن گهر جي ڪمائي جو ذريعو چرس ۽ ڪچي شراب وڪڻڻ تي هو. هيءُ شهر جي ڪاليج ۾ جونيئر ڪلرڪ هئي. ذهني طور تي باشعور ۽ روشن خيال هئي. هن نٿي چاهيو ته هُو ان گهر ۾ ڪنوار ٿي وڃي، جنهن گهر ۾ بقا کي زهر ڏيڻ جو ڪاروبار هلندو هجي! هن جي والده ۽ هن پاران، طعنن ۽ بيعزتين بعد سندس پيءُ جا عزيز هنن کان ڪاوڙجي ويا هئا، پر اڄ سندس ماءُ جي وفات هنن کي ٻيهر کير کنڊ ڪري ڇڏيو.
هاڻي هوءَ جنهن وقت آفيس ويندي هئي، تنهن وقت پڻس ۽ هنن جي وچ ۾ رهاڻيون وڌنديون ويون، ڇاڪاڻ ته هنن جي وچ ۾ جيڪا ديوار هئي، سان هن ماءُ جي وفات جي ڪري ڊهي ويئي هئي. ان ڏينهن هوءَ آفيس وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته کيس پڻس سڏ ڪيو، “ڌيءُ بختاور... منهنجي امان بختاور...!”
هن کي پڻس جو مٺو لهجو مصنوعي لڳو، کيس پڻس جي سڏ مان مٺي زهر جا تاثر محسوس ٿيا پر هن وراڻيو، “جي بابا ... !”
“پٽ تو سان هڪڙو ڪم ... !”
“جي ٻڌايو بابا...!”
هن جو پيءُ پنهنجي چهري تي شفقت سجائي وراڻيو، “ڏس ڌيءُ بختاور...منهنجي ڌي به تون ته منهنجو پٽ به تون!! سو امان هاڻي مون کي تنهنجي ڪمائي هضم نٿي ٿئي ...! آئون چاهيان ٿو ته هاڻي تنهنجي شادي ڪري ڇڏيان!”
هن وراڻيو، “بابا! ان ۾ جلدي ناهي ڪرڻي، باقي اوهان کي منهنجي ڪمائي ڇو نٿي هضم ٿئي ... اڳ ته اوهان ڪڏهن اهڙو ذڪر. .!!”
“ڌيءُ انهي ڪري جو تون نياڻي آهين!” هن سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “سو نياڻين جو ڪمائڻ سٺو ناهي!”
هن ڪجهه مزاحمتي انداز ۾ وراڻيو، “پر بابا اوهان ٿورو اڳ ته ائين پئي چيو نه ته آئون اوهان جي ڌيءَ به آهيان ته پٽ به ... ٻي ڳالهه ته آئون پابندي سان پنهنجي ڊيوٽي ڪيان ٿي...حق حلال جي ڪمائي آهي...اهو ته ڪو غلط ڪم ڪو نه ڪيو اٿم، جنهن سبب اوهان پريشان ٿا ٿيو!”
پڻس وراڻيو، “ڇڏي ڏي گهڻين ڳالهين کي! پڙهيل لکيل آهين تنهن ڪري توسان ڳالهين ۾ پُڄي ڪو نه سگهندس!. . .ڏس بختاور، جنهن ڇوڪري جي تون مڱ آهين سو ڏاڍو سهڻو سيبتو آهي...تنهنجو جوڙ آهي. اڳ ۾ به تو ۽ ماڻهين مرحومه هنن سان بدسلوڪي ڪئي، پر ڏس هو ويچارا اهو به درگذر ڪري ويا، بس رڳو تنهنجي مرضي ... !”
هُن ٻنهي هٿن جون تريون مهٽيندي ڏاڍي افسوس سان وراڻيو، “واهه بابا واهه ... هيروئن جو ڌنڌو ڪرڻ وارن کي اوهان شريف ماڻهو پيا ڪوٺيو ... حيرت آهه اوهان جي سوچ تي ...! باقي منهنجي مرضي ڄاڻڻ ٿا چاهيو ته مان مرندي مري وينديس پر انهي سان شادي نه ڪنديس!”
پڻس تپي باهه ٿي ويو، ڌمڪي ڏيندي وراڻيائين، “شادي ته تنهنجي هر حال ۾ ٿيندي ۽ انهي ئي گهر ۾ ٿيندي ...! ڇاڪاڻ ته آئون هنن کي زبان ڏيئي چڪو آهيان هاڻي...!”
بختاور جو ڪڙڪ لهجو پڻس کي وڌيڪ تلخ ڪري ٿو. هُو مٿس وڌيڪ دٻاءُ وجهندي وراڻي ٿو، “تنهنجي انڪار سان مڱڻي ڪانه ٽٽي پوندي! ... تون قانوني طرح هن جي امانت آهين! ۽ هُو توکي هتان وٺي وڃڻ جو پورو پورو حق رکن ٿا ...! ٻي ڳالهه ته هاڻي گهڻي زبان هڻڻ ڇڏي ڏي! منهنجي نرمي جو گهڻو ناجائز فائدو نه وٺ!”
هُوءَ روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي، روئندي روئندي وراڻي ٿي، “بابا اوهين منهنجا مائٽ آهيو ... مائٽ ته ڇپر ڇانوَ هوندا آهن ... آسرو هوندا آهن بابا ...! اوهين ڇو ڪاسائي بنجي ٿا منهنجو سر اڏيءَ تي رکي قلم ڪرڻ چاهيو...؟ بابا خدا جي واسطي مڙي وڃو!”
هُوءَ گهڻو ئي واويلا ڪري ٿي، پر پڻس تي ان جو ڪو به اثر نٿو ٿئي! هوءَ آفيس ڏي اچي ٿي، آفيس جي ڪم ڪار ۾ دل ئي نٿي لڳيس، هن کي بيچين ڏسي هيڊ ڪلرڪ پڇي ٿو، “بختاور اڄ توکي ڇا ٿيو آهي!؟ ڪجهه عجيب عجيب پئي لڳين ... منهنجو مطلب پريشان ... اپ سيٽ!”
هن چيو، “زاهد خير آهي مڙئي ...”
زاهد نه مڃيو، “ڇا خير آهي مڙئي ... مون کي به خبر پوي ته اها گلن جهڙي مهڪندڙ بختاور، جيڪا سڄي آفيس کي پنهنجي ٽهڪن سان مهڪائيندي هئي ... سا ڪنهن ڪومايل مکڙي جيان اڄ مرجهايل ڇو ...؟”
“زاهد بابا! مون کي جيئري دفن ڪرڻ چاهي ٿو! هُو منهنجي شادي هيروئن جي واپاري سان ڪرائڻ ٿو چاهي...! آئون جيئري دفن ٿيڻ نٿي چاهيان زاهد!” هُوءَ يڪساهي ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي ويئي. زاهد کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ڄڻ پنهنجي دل تان اڌ بار هلڪو ڪري ڇڏيائين. زاهد کيس صلاح ڏيندي وراڻيو، “بختاور ڏس تون پنهنجي ڪنهن ويجهي عزيز سان رابطو ڪري ان تي مزاحمت جي ڪوشش ڪر!”
بختاور ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، “اهو ئي ته وڏو مسئلو آهي جو منهنجو ڪو به ڌڻي سائين ڪونهي ...! هڪڙي امان هئي، جنهن جي مزاحمت سبب هيستائين بچندي رهيس، پر هن جي وفات کان پوءِ ته هاڻي آئون بلڪل اڪيلي ۽ ننڌڻڪي بڻجي ويئي آهيان زاهد!”
زاهد دل تي قابو ڪندي وراڻيو، “بختاور... تون جيڪڏهن مون کي غلط نه سمجهين ته مان هڪڙي صلاح ڏيان...؟!”
“زاهد، مون تو کي رازدار سمجهي دل جا درد سُڻايا آهن ... .تنهنجي صلاح کي آئون غلط نه سمجهنديس ... تون ٻڌاءِ!”
ڏس بختاور....” هن وراڻيو، “توکي جيڪڏهن منهنجو سهارو...!”
“زاهد مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو ... “ بختاور اچرج مان وراڻيو.
زاهد دل جهلي وراڻيو، “بختاور آئون توکي شادي جي آفر ڪيان ٿو ... تون تون مون تي ڀروسو ڪر ... مان ڪنهن به ناري جي گهران نڪرڻ جو حامي ناهيان، پر تو بابت زميني حقيقتون ئي ڪجهه اهڙيون آهن ...! جي تون چاهين ته مان تو سان ڪورٽ ميرج...!”
بختاور وراڻيو، “زاهد تنهنجي مهرباني پر آئون اڃا ذهني طرح ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان!”
زاهد وراڻيو، “بختاور مون توکي همدرد سمجهي آڇ ڪئي... وڌيڪ تنهنجي مرضي!”
هُوءَ آفيس جو ٽائيم پورو ڪري گهر ڏانهن موٽي ٿي. گهر جي اندر ڳالهيون هلي رهيون آهن. هُوءَ در وٽ بيهي ڳالهين کي ڪن ڏئي ٿي. سندس والد سان ڪو همراهه مخاطب آهي، “پوءِ ادا بخشو ڪا تاريخ ڏيو ... ته بختاور ۽ قمر جي شادي ڪيون ...! ٻارن جي عمر پئي کري....!”
“ادا منٺار، بختاور اوهان جي امانت آهي ... ڪا به تاريخ طئه ڪري اوهان کيس وٺي وڃو...” بختاور جو والد وراڻي ٿو.
منٺار ٿو چوي، “بخشو! هڪڙي ڳالهه توکان پڇڻي هئي ته ڇا بختاور ان تي راضي آهي يا نه؟!”
بخشو وراڻيو، “ابا منهنجي ڌيءُ هجي ها ته مون تي وڃي ها ... بس جهڙي ماڻس هئي، تهڙي آهي پاڻ!”
اهو ٻڌي منٺار تعجب مان پڇيو، “مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو!”
“منهنجو مطلب اهو آهي ته منٺار ... مون واري زال جي اڳ شادي ٿيل هئي ... سندس مڙس جي وفات کان پوءِ مون ساڻس شادي ڪئي ... سو هي بختاور منهنجي زال جي پهرين ور مان آهي ... هونئن به جهڙو رت هوندو، تهڙو اثر ڏيکاريندو!”
بختاور اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ڄڻ پنهنجو دامن مصيبت مان ڇڏائي وٺي ٿي. هُوءَ پڻس جي ناٽڪي ۽ پاپي رشتي جي زنجير مان ڇٽي پوي ٿي، کيس ڇوٽڪارو ملي پوي ٿو.
هُوءَ اتان ئي واپس وري زاهد جي گهر اچي ٿي! در کڙڪائي ٿي ته زاهد ٻاهر اچي ٿو، “بختاور ... خير ته آهي ...؟ اچو اندر...!”
هُن اندر داخل ٿيندي وراڻيو، “زاهد...! مون کي تنهنجي آفر قبول آهي...!”
۽ پوءِ ٻئي ڄڻا رڪشا ۾ ويهي ڪورٽ ڏي روانا ٿي وڃن ٿا!