ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

8. اوندهه

ٻوٽا هميشه منهنجي دلچسپي جو مرڪز رهيا آهن، سائنسي لحاظ کان انساني حياتيات کي آڪسيجن ڏيئي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا، پر منهنجو ان حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. بس مون کي هر طرف ساوڪ پسڻ جي آنڌمانڌ رهندي آهي، ساوڪ کي مان پنهنجي نيڻن جو نور سمجهندو آهيان. حقيقت ۾ فطرت جي وڏي حسناڪي وڻن ٽڻن ۽ پکي پکڻن ۾ ئي آهي. جيڪڏهن اهي ڌرتي تي نه هجن ها ته منهنجي خيال ۾ هتي هر طرف سڃ ۽ رڃ جو واسو هجي ها! ٻار ننڍپڻ کان گليلن سان پکي مارين، ڀنڀورين ۽ پوپٽن جا پر ڪٽي کين معذور بڻائين، پر مان ننڍي هوندي کان ئي انهن حرڪتن کان پاسو ڪندو رهيو آهيان. مان ننڍي هوندي کان ئي وڻن ٽڻن جي آبياري ڪندو رهيو آهيان. هن وقت جڏهن گهرن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ وڻ نظر اچي ٿو، تنهن وقت به منهنجي گهر جي اڳيان پويان مختلف گل ٻوٽا بيٺل آهن. گهڻن وڻن جي ڪري هوا لڳڻ سان گهر ۾ پنن جا ڍير لڳي ويندا آهن، ڪچري ٻهارڻ وقت ست سُريون ٻڌڻيون پونديون آهن. پر اهو سڀ ڪجهه آئون هڪ ڪن مان ٻڌي ۽ ٻئي منجهان ڪڍي ڇڏيندو آهيان.
مان مارڪيٽ مان سبزي وٺي گهر اچي رهيو هئس ته گهر ٻاهران ڪنهن وڻ جي ڪهاڙي سان واڍي جي آواز اچي ڪنن جا تاڪ کڙڪايا! اهو آواز ٻڌندي ئي منهنجو پارو مٿي چڙهي آيو. اندازو ٿي ويو ته پڪ سان گهر وارن جو مارو سريل جي وڻ تي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي هميشه گهر ۾ انهي وڻ جي هجڻ تي اعتراض رهيو آهي. هنن دل ۾ ان وڻ بابت ڪيترائي وهم سانڍي رکيا آهن، پر جيڪو وڻ جو دشمن، سو ته ڄڻ منهنجو دشمن! مان ڊوڙي گهر پهتس ته واقعي رمون سريل جي وڻ کي وڍي رهيو هو. هن ڪجهه ٽار وڍي به ورتا هئا. مون ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿيندي چيو، “اڙي رمون! ڪتي جا پڇ! تنهنجي اها مجال جو تون منهنجي وڻن کي قتل ... لهه وڻ تان ته تو جيڏو مان ٿيان!!”
رمون منهنجي للڪار تي خوف ۾ وٺجي ويو. هن ڪهاڙي روڪي ڇڏي، تيستائين مون واري سوٽ وراڻيو، “اڙي رمون، وارو ڪر وڻ وڍ ...! هن نڀاڳي کي ته گهر تي ڪانگ ئي ويهارڻا آهن ... ان وڻ جي ڪري ماڻس مئي ... ڪاڪو به ويو ... گهر ۾ ڪلفت جو راڄ!!”
اڃان سوٽ جي ڳالهه پوري ئي نٿي ته ماسي به ميدان تي لهي آئي! “ها ها! هي سڀئي شامتون اسان هن چنڊي جي ڪري ئي ڀوڳيون ويٺا آهيون!. . ... هن جي آڱوٺي ۾ سور ...! ويل ۾ ته اسين ويچارا!”
مون کي هنن جي سوچ تي تعجب ٿيو. هنن جي اکين ۾ وهم جو ڪارو پاڻي ڀرجي چڪو هو، جنهن جي سبب کين حقيقت جي روشني نظر نه پئي آئي. مون کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، “اي ماسي خدا جي واسطي هوش ڪريو! پٿرن جي دور مان نڪرو ...! هي وڻ آهه ڪا بيماري ناهي جو امان ۽ ڪاڪا کي قبرن ڏي گهلي ويو. وڻ ته فطرت دوست هوندا آهن، اهي ته اسان جي فائدي جي لاءِ هوندا آهن ماسي!”
مون واري ڳالهه تي ماما پان واري گرڙي ٻاهر ڦٽي ڪندي ڪاوڙ مان مون کي چوڻ لڳو، “هي ڪو عام وڻ ناهي! سريل آهي، هي وڻ گهر ۾ لڳائڻ گناهه آهي! هي وڻ رڳو مسجدن ۽ مزارن ۾ ٿيندو آهي! گهر ۾ پوکڻ سان ان ۾ جن ڀوت اچي پناهه وٺندا آهن. پوءِ انهن جو آزار گهر وارن تي!”
ٿوري دير جي لاءِ ته ماما مون کي پاڻ کجيءَ جو جن محسوس ٿيو، پر اڄ آئون به عامل بنجي جن ڀڄائڻ جا جتن ڪرڻ لڳس، “ماما پليز! ڇڏيو اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ! وڻ ته انسانن جي لاءِ فطرت جو حسين شاهڪار تحفو آهن! جيڪڏهن گهر ۾ انهن جو لڳائڻ گناهه هجي ها ته پوءِ ته منهنجي خيال ۾ انهن جو سلو ڦٽڻ کان اڳ ئي مٽي ۾ سڙي مٽي ٿي وڃي ها! هونئن به دنيا ۾ ڪا به شيءِ فطرت جي ابتڙ پيدا نه ٿيندي آهي! هر شيءِ ۾ قدرت جي حڪمت جو ڪو نه ڪو راز لڪل هوندو آهي، هي به ... .!!”
ماسي منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “تون پڙهيو آهين، ڪڙهيو ناهين! ٺلهي پڙهائي تنهنجي مت ئي کسي ڇڏي آهي! اسان کي فقط اها خبر آهي ته هي وڻ پاڪ آهي ۽ هي رڳو مسجدن ۽ مزارن ۾ ئي سٺو لڳندو آهي، گهر ۾ نه!!”
ماسي جي ڳالهه مون کي مضبوط دليل ڏئي ورتو سو چيم، “ماسي پاڪ آهي ته پوءِ پاڪ شيءِ کي وڍي ڇو ٿا پنهنجي قيامت ڪاري ڪريو! بس هاڻي ته جام وڏو ٿي ويو آهي، سڪڻ لڳو آهي، پاڻهي ئي سڙي ويندو، اوهان ڇو ٿا اجايو پاپ کڻو!؟”
هو سڀ وائڙا ٿي ويا، کين منهنجي سوچ ۾ صدين جو ويڇو پئي لڳو. هو سڀئي مون ۾ ائين گهوري گهوري ڏسي رهيا هئا، ڄڻ مان ماڻهو نه پر ڪو روبوٽ يا اڃا به ڪا ٻي مخلوق هجان! ماما وراڻيو، “تو ته ڪافر اسان غريبن کي شامت ۾ وجهي ڇڏيو آهي! بس الله خير ڪري پر ڏسجان تنهنجي پڇاڙي چڱي ڪا نه ٿيندي ...! ٻيو ته ٺهيو هاڻي ته روز رات جو هن تي چٻرا به اچي ويهن ٿا ...! چٻرن جتي به ٿاڪ ڪيا سي جايون ئي ويران ٿي ويون، تباهه برباد ٿي ويون ... چٻرا ته قبرستانن جي نشاني آهن نڀاڳا!”
سڀ مون تي ڦوڪجي روانا ٿي ويا. رمون به توبهه توبهه ڪري ڪهاڙي ڪلهي تي ڪري خالي موٽي ويو. مان سريل جا وڍيل ٽار ڏسي اداس ٿي ويس، مون کي ائين لڳو ڄڻ هنن وڻ جون ٽاريون نه پر منهنجيون ٻانهون ڪپيون هجن!
هڪ دفعو ماسي مون کي زبردستي مرشد سائين صالح بابا جي آستاني تي وٺي ويئي هئي. سائين کي چيائينس، “سائين هن ڇوڪري جو ڪو بلو ڪر، ڪو ڌاڳو ڦيڻو ڪرينس ... ايمان تي اصل ڪٽ چڙهي ويئي اٿس!”
صالح بابا ورندي ۾ وراڻيو، “هن جي ايمان ۾ ته ڦيرو آهي ئي پر مون کي ته هن جي رت ۾ به شڪ ٿو لڳي مائي!”
ماسي صالح بابا جي رومال ۾ ويڙهيل گار سمجهي نه سگهي پر منهنجو رت گرم ٿي ويو، پگهر ۾ شل ٿي ويس. ڏاڙهي ۾ اڇا ڏسي ڪاوڙ پي ويس نه ته اصل نه مڙان ها! ... بس اهي ڏينهن ٿيا، وري صالح بابا واري مريديءَ تي ئي بند ڏيئي ڇڏيم.
ڪافي ڏينهن گهارڻ کان پوءِ هڪ سماجي تنظيم ۾ سوشل موبلائيزر طور ڪم ڪرڻ جو اتفاق ٿيو ته فيلڊ ورڪ جي مستين ۾ گم ٿي ويس. گهر به مهيني ۾ هڪ دفعو اچڻ ٿيندو هو، تنهن ڪري منهنجي سنڀاليل وڻن جا پن پيلا ٿيڻ لڳا.... گُڏ نه نڪرڻ سبب ۽ پاڻي ٻيو وقت تي نه ملڻ جي ڪري وڻن ۾ اچي بي وقتائتي خزان واسو ڪيو. منجهائن ساوڪ سڪڻ لڳي. موڪل تي آيس ته انهن جي اجڙيل حالت ڏسي منهنجو من ملول ٿي پيو.
منجهند جو وقت هو، گرمي ۾ ڄڻ ڳيرا ٿي ڪريا! مان روم ۾ ئي ستل هئس سو بجلي ويئي ته ڪپڙا پگهر ۾ پاڻي ٿيڻ لڳا. گرمي دماغ تي چڙهي ته جاڳ ٿي پئي. هوا کائڻ جي لاءِ گهر جي پوئين در مان اکيون مهٽي ٻاهر نڪتس ته منهنجي نظر وڃي سريل جي وڻ تي پيئي. اچرج ۾ منهنجو هوش وڃائجڻ لڳو. ڇا ڏسان ته هڪ جوان ڇوڪري سريل جي وڻ کي ٻک وجهيو بار بار پئي چوي ته، “منهنجو بخار تون ٻڌ! تنهنجو ڇوڏو مان ٻڌان ٿي!”
جمعون ڪهاڙي سان ڇوڏو لاهي رهيو آهي، مان انهن ڏانهن وڃڻ لڳس ته ماسي جي نظر مون تي پئي، هُوءَ مون ڏانهن وڌي آئي ۽ مون کي ٻانهن کان پڪڙي گهر اندر وٺي ويئي! مون پڇيس، “ماسي هي سڀ ڇا آهي؟ هُوءَ ڇوڪري وڻ کي ڀاڪر ڇو وجهيو بيٺي آهي؟؟!”
ماسي چالاڪي سان وراڻيو، “پٽ پاڻ جو وڻ ڪرامت وارو آهي، هن جو ڇوڏو تعويذ ڪري ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ سان پراڻي کان پراڻو بخار ڇڏيو وڃي! ماڻهن کي هي وڏو فائدو پيو ڏئي!”
مون کي ماسي جي انهي ڳالهه تي حيرت وٺي ويئي. وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيم، “ماسي ڇو اچي مت مُنجھي آهي اوهان جي؟؟ ...! اوهان به..!”
هن اکيون ٽيڙيون ڪندي وراڻيو، “اڙي آهستي ڳالهاءِ اڌ مغزي ۽ ڀوڪ ماڻهن کي پاڻ دعوت ڏئي ڪونه گهرايو آهي، هنن کي ٻڪي ملي ٿي تڏهن ٿا اچن. اشارو ٿو ٿين ۽ تون ماٺڙي ڪري ويهه ...! ماڻهن کي جيڪڏهن ائين ئي شفا ملندي رهي ته پاڻ به هڪ ڏينهن ساوا ٿي ويندا سين!”
ماسي جون ڳالهيون ٻڌي سوچيم، “ماسي کي جيڪڏهن صالح بابا جي آستاني تي خليفو ڪري ويهاري ڇڏجي ته پوءِ صالح بابا به مارڪيٽ ۾ اهم عامل جو مقام حاصل ڪري جهازن جا سفر ڪري! مون ماسي کي چيو، “ماسي وڻن جا ڇوڏا ٻڌڻ سان ٿا بخار ڇڏين! اوهان به اچي بتال ٿيا آهيو! هنن کي چئو ته هتي اهڙي مقصد جي لاءِ نه اچن! هي ته دوکو آهي ۽ ڪنهن کي دوکي ۾ رکن وڏو ڏوهه آهي ماسي!”
ماسي ڏمرجي پئي. اکين ۾ ڳاڙهاڻ لهي آيس. مون تي ڇوهه ڇنڊيندي وراڻيائين، “هاڻي چپ ڪر چرياڻ! اسان ماڻهن کي گهرائي دوکو نه پيا ڏيون، هُو پنهنجي مرضي سان اچن ٿا. کين هي وڻ فيض پيو ڏئي ۽ ڏئي به سگهي ٿو، هي پاڪ جو آهي!”
مون کي پڪ ٿي وئي ته پهريان هنن جي اکين ۾ وهم جو ڪارو پاڻي هو ۽ هاڻي هنن جي پيٽ پلجندڙ بک جي ڪوئن کي سڻڀو گرهه نظر آيو آهي. مون چيو، “ماسي هاڻي وڻ پاڪ هجي يا نه پر مان هن کي وڍرائي ئي ساهه کڻندس! جيڪا شيءِ جنهن مقصد جي لاءِ هجي، ان کي انهي حد تائين ئي استعمال ڪرڻ گهرجي. مون ته هي ڇانوَ ۽ خوبصورتي جي لاءِ پوکيو هو پر ماڻهو ته هن کي الاءِ ڇا سمجهي ويٺا آهن!”
ماما ڇني ۾ کٽ تي ليٽيل هو، سو منهنجي ڳالهه ٻڌي مڇرجي پيو ۽ ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ وراڻيو، “هاڻي جي وڻ وڍڻ جي ڳالهه به ڪئي اٿئي ته وڻ کان اڳي تون وڍيل هوندين! هتي رهڻو هجئي ته خاموش ٿي رهه! باقي ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي پروفيسري نه هلائيندو ڪر! تو ئي ڪالهه اها وڪالت پئي ڪئي نه ته هي وڻ پاڪ آهي! هن کي وڍي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪيو!. . .پوءِ اڄ وري ڇا ... !!؟”
هنن کي مون جنهن دليل جي دم سان سريل جي وڻ وڍڻ واري ضد تان لاٿو هو. تنهن ئي دليل سان هنن مون کي کُٽائي ڇڏيو، تن جي ذهن کي ٻيهر سندن پراڻي سوچ موٽائي ڏئي قائل ڪرڻ منهنجي وس کان مٿي هو!