• مهاڳ: ڪهاڻي، رائج الوقت سِڪو آهي
ڪهاڻي ٻين ادبي صنفن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شوق ۽ چاهه سان پڙهي ويندڙ صنف آهي. سائين محمد ابراهيم جوئي چواڻي، ته: ‘‘ڪهاڻي رائج الوقت تاريخ يا رائج الوقت سِڪو Current Coin آهي.” ان ڪري، ته ڪهاڻي زندگيءَ جو پوتاميل ۽ سماج جو سچو عڪس ڏيکاريندي آهي. ان ڪري به، ته ڪهاڻي ردعمل هوندي آهي، انساني سماج ۾ ٿيندڙ وهي واپري ۽ اُٿل پٿل جو. اسان جي ماحول ۾ جيڪو وهي واپري ٿو، ڪهاڻيڪار اُهي عڪس جھٽي، اُهو ئي ڪجهه فني ڪارب ۽ تخليقي ڏانءُ سان موٽائي سماج جي مُنهن تي هڻي ٿو.
جٽادار ادب لاءِ اڻ کٽ مواد اسان جي آسپاس ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وکريل پيون آهن، روز نيون ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون۽ مٿاچرين نگاهن جي نظر اندازين هٿان گھائجي وقت جي ٽوڪريءَ حوالي ٿي وڃن ٿيون. ڪهاڻين جا ڪيئي اڻ ڇهيا موضوع ۽ شاهڪار ڪهاڻين جا ڪردار به اسان جي آس پاس موجود آهن. ڪهاڻيڪار جو ڪم رڳو انهن کي کڻي، پنهنجي تخليقي ڏانءُ ۽ هنر سان ڪهاڻيءَ جي فني ڪارب ۾ آڻي پيش ڪرڻ آهي.
ڪهاڻي تخليقي پورهيو آهي، اها رڳو لفظن جي کيڙ ٻيلهه يا وندر ورونهن ناهي، پر غلام سماج ۾ هڪ مقصد ۽ نصب العين بڻجي ٿو وڃي غلام قوم جو پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ڪميٽيڊ ڏات ڌڻي جڏهن ڪهاڻي لکندو، ته اها الف ليليٰ جو قصو نه هوندي، پر اها ڪٺل ڪُوڪ يا ٿر جي مرندڙ مُور جي نڙيءَ ۾ اٽڪيل ڊنل ڊنل ٽهوڪو بڻجي ويندي آهي. اها پڙهندڙ جي ذهنن ۾ نئين سوچ جون نڪور لهرون اڀاري، ذهنن کي اُٿل وهيڻو ڪرڻ جي سگهه به رکندي آهي. اهڙيون تخليقون ڏات جي سنڌاڻ تي چڻنگون چڻنگون ٿي وکرنديون آهن ۽ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ سوچون تاسرڙن وَٽن جيان وڄڻ لڳنديون آهن. اڄ جي سنڌ کي اهڙي ادب جي ضرورت آهي، جنهن ۾ اديب، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي ڏات ۽ ڏانءُ جو محرڪ ۽ محور ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جا ڌتڙيل ۽ ڏنجھيل ماڻهو هجن. ان ڪري ته ڌرتيءَ کان ڪٽيل ادب پاڻيءَ جي ڦوٽي يا ٽرنڪولائزر کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي.
مرزا نادر بيگ ۽ امر لال هنڱوراڻي کان وٺي شيخ اياز ۽ جمال ابڙي تائين، ماڻڪ منير ۽ علي بابا کان وٺي نسيم کرل تائين۽ شوڪت شوري کان طارق عالم تائين ويهين صديءَ جي پنجن ڏهاڪن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونهري دور چيو ٿو وڃي. ان کان انڪار ڪونهي، نه ئي ان ڳالهه ۾ ڪي ٻه رايا آهن، ته مرزا نادر بيگ ۽ امر لعل هنڱوراڻي پهريان ڪهاڻيڪار آهن، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان ۽ جديد لاڙا ڏئي ڪهاڻيءَ ۾ جدت آندي. ان ڏس ۾ امر لعل جي ڪهاڻي ‘‘ادو عبدالرحمان’’ ۽ مرزا نادر بيگ جي ڪهاڻي ‘‘مس رستم جي’’. ان دور جي ڪهاڻيءَ جي جديد گھاڙيٽي سان سنڌي سماج جي زندگيءَ کي اُپٽاريندڙ جديد طرز جون ڪهاڻيون آهن. ان کان پوءِ شيخ اياز، جمال ابڙي، اياز قادري، بشير مورياڻي، حفيظ شيخ، غلام رباني آگري ٻين ان جدت کي اڳتي وڌايو.
ڪهاڻي اڄ به لکجي پئي. ڪهاڻيءَ جو سفر بيهجي نه ويو آهي. اڄ به وڏي ۽ شاهڪار ڪهاڻي لکي پئي وڃي. اڄ جي ڪهاڻيءَ ۾ دهشتگردي، بدامني، مهانگائي، پاڻيءَ جي کوٽ، ٽارگيٽ ڪلنگ، وجوديت، جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جھڙا موضوع به شامل ٿيا آهن. نه رڳو ايترو پر ڪهاڻيڪارن جي گھڻ کي ڇڏي رڳو ڳڻ جھڙن سٺن ڪهاڻيڪارن کي ڳڻپ ۾ آڻيون ته به اڄ جيترو انگ ڪهاڻيڪارن جو آهي، اهو ويهين صديءَ جي پنجن ڏهاڪن سميت ڪنهن به دور ۾ نه رهيو آهي. بس، ڪٿي ڪا کوٽ آهي، ته اها نقادن جي آهي. اڄ جي ڪهاڻيڪار جي ڪڻي ۾ نقاد نه آهي. ان کان به وڏي ڳالهه، ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رومڙ ڪري ڇانئجي ويل لهر ۽ ڪاپي ڪلچر واري تعليمي وايو منڊل ۾ پڙهندڙ جو ادارڪ ان سطح کي ڇُهڻ جوڳو ئي نه رهيو آهي، جيڪا سطح اڳ پاٺڪن کي اعليٰ ساڃاهه ڏيندي هئي.
نون لکندڙن ۽ نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن جي کيپ مان ڪجهه داڻا ڪڻا، پنهنجي تخليقي پورهئي، سُرت ۽ محنت سان ادب جي اُڀ تي نروار ٿيا آهن، جن ۾ انور شيخ، رئوف کوسو، حميد ابڙو، حسيب ڪانهيو، اختر حفيظ، قربان جتوئي، ‘بيوس’ محرم مغيري، منظور ڪلهوڙو، منصور ٻرڙو، ذوالفقار گاڏهي، ‘وفا’ صالح راڄپر، عبدالسلام ٿهيم ۽ ٻيا شامل آهن. جيڪي پنهنجي سرت، ساڃاهه ۽ ڪمٽمينٽ سان نوان تخليقي جھان دريافت ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نين ڏسائن سان همڪنار ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جي جاکوڙ ڪري رهيا آهن. نوان تخيلقار ان ٻار جيان هوندا آهن، جيڪو ويهڪي ۽ واڪر جي حدن کي اورانگھي ننڍڙيون وکون کڻندو آهي ۽ پوءِ جڏهن وک وک کيس نئون اتساهه ۽ اعتماد ڏيڻ لڳندي آهي ته پاڻمرادو پنڌ ڪرڻ لڳندو آهي ۽ پٽ تي پختا پير رکندو آهي. ان ڪري سنڌي ادب جي گھڻ گھرائي ان ۾ آهي ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي نسرڻ ۽ نئين ٽهيءَ کي اُسرڻ ڏجي. غير منطقي دليلن سان انڌي واي لٺ گھمائي، انهن جي رستي روڪ ڪرڻ بدران نئين عهد کي ادب جي جديد لاڙن ۽ گھُرجن جي سُرت ۽ فني ڄاڻ ڏئي، اڳتي وڌڻ ۾ سهڪاري هٿ وڌائجي. ان ڪري، ته هر نئين ٽهي، پنهنجي سينئر ٽهيءَ جو تسلسل هوندي آهي.
عبدالسلام ٿهيم نئين ٽهيءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار آهي. وٽس ڪهاڻي به آهي ته ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ۽ ساهس به رکي ٿو. وٽس موضوعاتي ورائٽي به آهي ته سرجڻهاري سگھه ۽ سُرت به آهي. وڏي ڳالهه ته ڪهاڻي جي پرک پني تي سندس نانءُ به لکجي چڪو آهي. هاڻي کيس رڳو ڏات جي لغت ۾ پنهنجي ڏانءُ لاءِ نيون معنائون ڳولڻيون پونديون.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
عبدالسلام ٿهيم جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين تي نظر وجھون ٿا.
مورک اُڃ مرن:
سنڌي زرعي سماج ۾ رت جي رشتن جو اهو اُجرو پاسو رهيو آهي، ته اهو رشتو ڀاءُ ڀيڻ جو هجي يا ماءُ پٽ جو. سوٽن، ماساتن جو هجي يا ماروٽن، پڦاٽن جو. انهن ۾ رت جي ڇڪَ اورگھور حد تائين هوندي آهي. پوءِ اهو سوٽ، ماسات، ماروٽ ۽ پڦاٽ جو رشتو، زال مڙس جي رشتي ۾ ٻَڌجي ٿو وڃي، ته زال مڙس جي ان دائمي تعلق ۾ پنهنجائپ واو فطري رچاءُ ۽ اورگھور چاهنا هوندي آهي. ‘ڀُلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي.’ واري موضوع تي لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ به اهڙن ئي رشتن جي تندن سان اُڻيل زال جي اور گھور پيار کي آندو ويو آهي، جيڪو ڏيکاءُ واري ٻاهرئين پيار جي ڪوڙي طلسم کي ٽوڙڻ جي سگهه رکي ٿو. هي زندگيءَ جي لڪل گوشن کي نروار ڪندڙ ڪهاڻي آهي. شادي شده رومانس ۾ هڏ رت واري زال جي لازوال پيار ۽ قربانيءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مڙس جي نظراندازي ۽ درد ۽ پيڙا واري عورت جي ادارڪ کي چٽيو ويو آهي.
بي حسي:
هن ڪهاڻيءَ جو موضوع پراڻو ۽ روايتي آهي، پر ڪردار جي ڦيري سان موضوع کي نواڻ ڏيڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
فيس پڪچر:
موضوعاتي نيارپ رکندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي ڏکن کي پاسي تي رکي، ٻين ۾ خوشيون ونڊڻ ورهائڻ ۽ پنهنجي وجود سان سلهاڙيل محرومين ۽ نراساين کي لڪائي، ٻين کي جياپي جو اُتساهه ۽ حوصلو ڏيڻ واري مظهر جو ڪردار برجستو آهي. هن اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيءَ جا مڪالما به ڀرپور آهن.
ڇُٽل تير:
سٺي اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻي آهي. موضوع توڙي جو نئون ڪونهي، پر ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ اهڙي آهي، جنهن هن ڪهاڻيءَ ۾ ساهه وجھي ڇڏيو آهي.
اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس:
خوبصورت ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ نه رڳو سامونڊي پٽيءَ سان رهندڙ مهاڻن ۽ پورهيتن جي جيون ۽ ڪرت کي محفوظ ڪيو ويو آهي پر سامونڊي طوفانن سان سينو تاڻي منهن ڏيڻ ۽ سرڪاري واهر جي ڪوڙن هامن جي ڪٿا کي آندو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻن پريمين جي پيار ڪٿا، وڇوڙي جي ورلاپن ۽ اڻ کٽ اوسيئڙي جي نفيس جذبن جي اُڻت ڏسڻ وٽان آهي. نه رڳو ايترو، پر وڇڙيل ورَ جو، پٽ ڄمڻ جي صورت ۾ موٽي ملڻ جو خيال نئون آهي. جنهن کي عبدالسلام ٿهيم سٺو نڀايو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ مڪالما لاڙ جي سامونڊي پٽي واري سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص لهجي ۾ ڏجن ها، ته ڪهاڻي اڃان به ڀرپور اثر ڇڏي ها.
ڇتو:
انساني سماج مان ماڻهپو، جڏهن مري مُڃ ٿي وڃي ٿو ته ماڻهو پاڻ پڻي واري ڇِت ڪُتائي جي مرض ۾ وڪوڙجي ويندا آهن. سماج مان انساني ۽ اخلاقي قدر پرَ ڪري اڏامي ويندا آهن ۽ پوءِ ٽارگيٽ ڪلر انساني وسندين ۾ ڇتن ڪتن واريون لوهُون پيا ڏيندا آهن. هيءَ ڪهاڻي به ماڻهوءَ جي ان ڇتپڻي کي نيشانبر ڪري ٿي، جنهن ۾ الائجي ته ماسي جينوءَ جھڙين ڪيترين اڀاڳين جي اکين جا خواب، سندن اکين جي فريم ۾ ئي ڀورا ڀورا ٿي وڃن ٿا. سندن جوان ۽ ڳڀرو ٻچڙا،اکين جا اوجر ۽ سهاري جون لٺيون ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي ۾ پنهنجا ارمان، اڌوريون آسون ۽ سپنا ڪفن ۾ ويڙهي مٽيءَ ۾ ملي وڃن ٿا.
ڀاڳ اڀاڳ:
رومانس جي موضوع تي ڀلوڙ اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻي آهي. موضوع توڙي جو نئون ڪونهي، پر ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ، پيشڪش جو انداز ۽ ڪردارن جي بيهڪ اهڙي آهي، جنهن ڪهاڻيءَ کي نواڻ ڏئي ڇڏي آهي.
اوندهه:
عبدالسلام ٿهيم جي هيءَ ڪهاڻي نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ‘ڇوڏو’ جو تسلسل آهي. ان ڪري ته هن ڪهاڻيءَ جو موضوع، ٿيم ۽ مرڪزي خيال به ساڳيو آهي، ته ڪهاڻيءَ مان حاصل ٿيندڙ سبق، مقصد ۽ ميسيج به ساڳيو آهي. لڳي ٿو ته ليکڪ جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نجم عباسيءَ جي ڪهاڻيءَ جو سحر ۽ اثر موجود رهيو آهي. ائين ٿيندو به آهي. ان ۾ ڪا اربع خطا به ڪانهي. سنڌ جا وڏا ڪهاڻيڪار به پاڻ کي ان اثر کان بچائي نه سگھيا آهن. ممتاز مهر چواڻي، ته ‘‘جمال ابڙي تي ميڪسم گورڪي ۽ ڪرشن چندر جو اثر آهي. امر جليل جي ڪهاڻين مان ارنيسٽ هيمنگوي جون جھلڪيون ملن ٿيون. علي احمد بروهيءَ تي جيروم - ڊي- جيروم جو نمايان اثر آهي. مشتاق شورو ۽ شوڪت شورو،گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ کان متاثر آهن. سراج ميمڻ جي ڪهاڻي ‘‘اي درد هلي آءُ’ ۽ جيمز جوائز جي ڪهاڻي The Dead ۾ سئو سيڪڙو مشابهت آهي. علي بابا جي ڪهاڻي ‘‘هڪ سئو روپئي جو نوٽ’’ اوهينريءَ جي ڪهاڻيءَ جو نقل آهي.’’
ڇوٽڪارو:
ڪوڙين ڀاونائن تي آڌاريل وٿيرڪن رشتن جي جھنگل ۾ جيئندڙ ماڻهوءَ لاءِ پرائي پيار جي پناهه جو ننڍڙو ڇانورو به وڏي آٿت هوندو آهي. سٺي ڪهاڻي آهي.
فتح:
پيار جڏهن چاهتن جون حدون اورانگھي انا بڻجي ٿو وڃي، تڏهن اهو پيار نٿو رهي پر جسماني حاصلات جو ضد بڻجي ٿو وڃي. ان ۾ وصال جي خوشي کان وڌيڪ انا جي تسڪين شامل هوندي آهي. ان موضوع تي لکيل سٺي ڪهاڻي آهي.
ڪُـنُ:
هيءَ جيوت کان مٿڀري ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪنهن هڪ مقصد يا پيغام کي بريڪيٽ نٿي ڪري. هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي روزگار جي نالي ۾ بيروزگار نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کي آندو ويو آهي، اُتي پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ، ٻئي جي نقصان جي پرواهه نه ڪرڻ واري سوچ کي به شامل ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ ڏک مهل ڊاڪٽرن سميت ٻين پاران ڏکويل سان واهر نه ڪرڻ واري ورتاءَ ۽ پوليس جي حاڪماڻي ۽ اڍنگي ورتاءُ کي پڻ نمايان ڪيو ويو آهي.
حاصلات:
رومانس جي موضوع تي متاثر ڪندڙ خوبصورت اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ سچيتائيءَ سان پوري پُني بر ۽ تر ۾ ڪهاڻيءَ کي ائين اُڪلايو آهي، جو پڄاڻي ۾ اثر جا ويڙها کلندا وڃن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ نه گھڻي لفاظي آهي ۽ نه ئي طويل مڪالما. اهو پيار، جيڪو زندگيءَ جي حاصلات نه بڻجي سگھيو ان پيار کي من جي ڦرهيءَ تان ميٽي ڇڏڻ بدران پل پل جي ياد جو حوالو بنائڻ لاءِ، پريمڪا پاران پنهنجي پٽ لاءِ پريميءَ جو نالو رکڻ نئين ڳالهه آهي، جنهن کي عبدالسلام ٿهيم خوبصورتيءَ سان هن ڪهاڻيءَ ۾ نڀايو آهي.
عبدالسلام ٿهيم لاءِ ڪا وڏي هام هڻي ۽ فتويٰ ڏئي کيس ضايع ڪرڻ جو گناهه نٿو ڪرڻ گھران. ان ڪري ته کيس اڃان گھڻو پنڌ جھاڳڻو آهي. ڪهاڻيءَ تي وڌيڪ گرفت لاءِ کيس اڃان گھڻي محنت ڪرڻي آهي. هڪ هنڌ بيهي ناهي رهڻو. کيس جزئيات نگاري، ڪردارنگاري، منظر نگاري، مڪالما نگاري ۽ آرٽ جي ڇهاءَ تي ڌيان ڌئي، پنهنجي ٽهيءَ ۾ مانائتو مقام ٺاهڻو پوندو.
محمد صديق منگيو
سڪرنڊ
16 مئي 2013ع