ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

پبلشر نوٽ

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي. ڪجهه عرصو اڳ جڏهن هيءَ طويل ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ جي مقبول اخبار روزاني ”ڪاوش“ جي خاص صفحي ”ڪاوش گئلريءَ“ ۾ قسط وار شايع ٿي ته پڙهندڙن ان کي تمام گهڻو پسند ڪيو. اسان کي اميد آهي ته ڪتابي صورت ۾ اچڻ کانپوءِ پڙهندڙ انهيءَ خوبصورت ڪهاڻيءَ کي هڪ جاءِ پڙهندي لطف ماڻيندا ۽ محمود مغل جي گذريل ڪتابن جيان هي ڪتابُ به پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪندو.
محمود مغل، سنڌ جي ادب ۽ آرٽ جي دنيا جو منفرد ۽ اُتساهيندڙ ڪردار آهي. ڪهاڻي، ناوليٽ، ترجما، ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامه سندس لکڻَ جي منفرد اسلوب جي آڌار سنڌي ادب ۾ اهم ۽ مانائِتي جاءِ والارين ٿا ٻئي طرف ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جي انتهائي ذهين ۽ پنهنجي ئي انداز واري ڪمپيئرن جي حيثيت سان به هن جڳ جون دليون کٽيون آهن.
پوپٽ پبلشنگ هائوس سنڌي ٻوليءَ جي سدا سهڻي ليکڪ محمود مغلَ جو هيءُ ڪتابُ ڇاپيندي، دلي مسرت محسوس ڪري رهيو آهي. اوهان پڙهندڙن جي راءِ جو هميشه وانگر اوسيئڙو رهندو.

[b]قربان منگي
[/b]چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور