7
ماسيءَ به امان کي سنڀالڻ جي شديد ڪوشش پئي ڪئي، پر هُوءَ ڪنهن کي وٺَ ئي نه پئي ڏئي. پريان کٽ تي، چاچو قاصد ۽ مامو امان الله سُتل هُئا. چاچي عبدالقيوم جي وڃڻ کان پوءِ اَبي اندر اچي، امان کي هوش ۾ آندو هو. پاڻي ڇڻڪي، جاڳايو هئوسين. هوءَ ڏاڍي رني هُئي. مامي، پنهنجي ڀيڻ کي سنڀالڻ ۾ وڏا وسَ ڪيا. مسَ مسَ وڃي هوءَ ڪُجهه سامت ۾ آئي هُئي. ننڊ نه پئي آيس... بس لڳو پئي جهڙو بيهوش ئي هُئي.
رات ڊگهي ٿي وئي هُئي. جاويد کان سواءِ پهرين رات هُئي. عجيب خاموشي هُئي... مُنهنجو هانءُ پئي ڦاٽو... الاءِ ڪٿي هوندو!... الاءِ ڪيڏانهن ويو هوندو..! الاءِ ڇا ٿيو هوندس!... هُو وڃڻ جهڙو ته ڪونه هو ڪيڏانهن! ڪاوڙ جو تکو هو پر ايترو نه... ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهي!
ڇا، جوئا جي جهان ۾ رهي هُو اهڙو ٿي ويو هو...! ڇا سندس سنگت اهڙي ٿي وئي هُئي. يا، اسان پاران پڪڙجڻ تي، هن فرار ٿيڻ جو موقعو پئي ڳوليو.! نه پر کيس موقعي ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي!. هُو ته گهر ٻاهر گهڻو وقت رهندو هو. ڪنهن به وقت وڃي سگهيو پئي...ائين ميلي مان ڪيئن هليو ويو!...
جهان ڪيڏو نه عجيب آهي..! ماڻهو آهي ته آهي... جي ناهي ته جهڙو هو ئي ڪونه، ائين ڪيئن سامهون سامهون گم ٿي ويندو آهي؟... هاڻي هئو... هاڻي ناهي... اهو سڀ ڪهڙو جهان آهي.
هيءَ رمز ڪهڙي آهي... گم ٿيڻ وارو ائين هڪ پلَ ۾ گم ڪيئن ٿو ٿي وڃي ۽ لڀجڻ وارو ائين لمحن منجهه سامهون ڪيئن ٿو اچي بيهي. هُو پاڻ ويو آهي، يا ڪنهن گم ڪيو ٿس؟ لالڻ جي ته ڪا شرارت ناهي!... نه پر هُو ڇو گم ڪندا؟ اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. ان ڏينهن جهيڙو جو ٿيو هئن... پاڻ ۾ وڙهيا جي هُئا... ٿي سگهي ٿو، ڳالهه ڪا وڏي هُجي جيڪا جاويد اسان سان اُڇاتري بيان ڪئي هُجي.
عجيب سُٽُ هو جيڪو الجهندو ئي ٿي ويو. مُنهنجي دل روئڻ لاءِ چئي رهي هُئي. الاءِ ڇو، مُنهنجا ڳوڙها نڪتا نه پئي... ضبط به ڪونه پئي ڪيم، پر الاءِ ڇو ڄڻ ڪا روڪُ هجي... ڪو خوف هجي... ڪا پَڪَ هجي ته اهو روئڻ جو هنڌ ناهي... بس الاءِ ڇا هو.. ڪُجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيم.
اڱڻ ۾ ابو ويٺو هو... مان وٽس هلي آيس، وسيع ميدان ۾ پرڀرو، چاچي قاصد ۽ مامي امان الله جون کٽون پيل هيون...اَبي الاءِ ڇو پريان، نِمَ هيٺان کٽَ هنئين هُئي. سدائين اسان کي وڻ هيٺان سمهڻ کان روڪڻ وارو ابو، پاڻ اڄ اهو سڀ ڪري رهيو هو.
اڱڻ ۾ چانڊوڪي هُئي، بس ان جاءِ تي ئي روشني گهٽ هُئي جتي اَبي جي کٽَ رکيل هُئي. هُو ڄڻ هلڪي اوندهه ۾ ويٺل هو. هڪ عڪس جيان... پر سمجهه ۾ آيو پئي ته هُو کٽَ تي ويٺل هو.
مان وٽس هلي آيس... هن مون ڏانهن نهاريو... سندس ڳلُ تَر هُئا... اکين جا بندَ ڀڳل هُئس.
مان سندس ڀر ۾ ويٺس ۽ ڀَڄي پيس... هن مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ اسين ٻئي پيءُ ڌيءُ چرين وانگر روئڻ لڳاسين. عجيب منظر هو، سمهڻ وارن جو خيال به هو ۽ پنهنجي ملال جو ڌيان به هو ۽ الاءِ ڪيتري دير اهو بي آواز وهڪرو جاري رهيو. هُن مُنهنجو مُنهن اگهيو، مُنهنجي پيشاني چُميائين.
”تو مون سان ڳالهه ڇو ڪونه ڪئي هُئي زيبُل؟“
مون رئي سان سندس مُنهن اُگهيو، پوءِ پنهنجو چهرو صاف ڪيم.
”مون ۾ همٿ نه هُئي بابا“
”ڇا جي همٿ نه هُئي؟“
”اهو ٻڌائڻ جي ته توهان جو اولاد، ان رستي تي هلي پيو ٿو“
”۽ هاڻي؟... هاڻي جو ايڏو قهر ٿي ويو آهي... سو؟“
”مون کي اُن جو اندازو نه هو بابا.“
”توکي ڇا جو اندازو هو امان؟“ سندس اکيون ڇلڪي پيون جيڪي هُن مُنهنجي رئي سان اُگهيون.
”مون کي ڪوبه اندازو نه هو بابا“ مون وڏو ساهه کنيو. ”هُو جو مَٽيو هو نه ته به سُتت مٽيو هو... پهرين اهڙو ڪونه هو.“
”دوست مٽايا هُئائين ڇا؟“
”نه بابا... دوست به اُهي ئي ساڳيا هُئس... هو سڀ شايد گڏجي مٽيا هُئا.“
”پَتَي جي خبر ڪڏهن پئي هُئي توهان کي؟“
”امان کي شڪ ٿيو هو... پوءِ ماسي جادُل ڳالهه ڪيس... الاءِ پهرين ماسي جادُل ڳالهه ڪئي پوءِ پئسا لڌا هُئائين... پر بهرحال ڳالهه اُتان شروع ٿي هُئي.“
”گهڻو وقت پهرين؟“
”مهينو کن ته ٿيندو بابا“
”توکي ڇا ٿو لڳي...! هُو ڪاوڙجي ويو آ؟“
”الاءِ بابا... مون کي ته ڪُجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي.“
”مان سوچيان ٿو ته صرف هڪڙي مهيني ۾ ايڏي تبديلي ڪٿان ٿي اچي سگهي!! هڪ مهيني ۾ ايڏي ماڻهوءَ مٽَ! مٿان وري هڪڙو خيال اهو به ٿو اچي ته ماڻهو ته لحضي ۾ مٽجي ويندو آهي.“
”هُو اهڙو ڪونهي بابا... اُن ڏينهن امان ماريس... پوءِ معافي گهري هُئائين ته صدقِ دل سان گهري هُئائين...“
”تُنهنجي دل ائين چئي ٿي؟“
”بلڪل چوي ٿي... مُنهنجي دل چوي ٿي بابا هُو پاڻ ناهي ويو“ مون روئڻ شروع ڪيو. ”الاءِ ڇو... بس... هو اسان وٽان وڃي ئي نه ٿو سگهي... ڪُجهه ٿيو ضرور آهي... ڪا دشمني... ڪُجهه ٻيو“
ابي مُنهنجو مٿو چُميو، ”تون مُنهنجو وڏو ٻچو آهين زيبُل... مان ڌيءَ پُٽ جو فرق ناهيان رکندو... پر مون ڪڏهن توکي پُٽن کان گهٽ بهادر به ناهي سمجهيو... بس همٿ نه هارجانءِ... هُو ڪٿي به آهي... الله ڪندو ته محفوظ هوندو... رب جي امان ۾ هوندو... تون رڳو دُعا ڪرينس... ۽ ها، مُنهنجو بازو بڻجانءِ... مان هنن سڀني کي مُنهن ڏئي سگهان ٿو.“
***
صبح جهڙو ٿيو هو تهڙو نه ٿيو هو.
امان جون اکيون سُڄيل هيون، ماسيءَ نيرن تيار ڪئي هُئي ٻارڙن کي زوريءَ تيار ڪري اسڪول موڪليو هُئائين. نصيبان به اچي وئي هُئي. اسان ٻئي ڪونه ويا هُئاسين. ماسيءَ، امان کي زوريءَ چانهه جو اڌيڪو ڪوپ پياريو هو ۽ ٻه بسڪوٽ کارايا هُئا. امان بس ماٺ ۾ هُئي.
ابو، صبح ساڻ ئي نڪتو ويو هو ۽ چاچا قاصد ۽ مامون امان الله به هن ساڻ ئي ويا هُئا. ڏينهن جي شروعات ئي الاءِ ڇو ساهه منجهائيندڙ هُئي. ڪالهه کان وٺي جيڪو دل کي ڌڙڪو شروع ٿيو هو، سو ڄڻ لهڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. ڪُجهه دير ترسي، نصيبان ميلي جي اسٽال واري هنڌ وئي، کيس حساب ڪتاب ڪليئر ڪرڻو هو. ڪالهه تڙ تڪڙ ۾ نڪتا هُئاسين. ڪُجهه ڄڻ سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو. پوءِ احساس ٿيو هو ته پئسا به اتي ڪائونٽر ۾ ئي رهجي ويا هُئا. بس نصيبان عقل اهو ڪيو هو جو ان کي تالو هڻي آئي هُئي. ماسي حنيفان، امان کي وڏو سهارو ڏنو هو. ڪُجهه ئي دير ۾ ٻيون سڀ مائٽياڻيون به اچي پهتيون، سڄو گهر ماڻهن سان ڀريو ته مُنهنجو ساههَ منجهڻ لڳو. هر ڪنهن وات ۾ پنهنجي ڳالهه هُئي.. هر ڪنهن وٽ پنهنجي سؤچ هُئي.
نصيبان موٽي ته هن وٽ به ڪُجهه اهڙو ئي احوال هو. اتي جيڪا به مائي ملي پئي، تقريبن جائُوءَ جو ئي پُڇي پئي. نصيبان وٽ موٽ ۾ ڪهڙو جواب هو، بس هتان هُتان جون ڳالهيون هيون جن وڌيڪ اندر ساڙيو پئي.
مون کي ڪُجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. هي سڀ ڇا ٿي رهيو هو. ٽپهريءَ جو ابو موٽيو ته اهو به شڪسته حال هو. چاچو قاصد ۽ مامو امان الله گڏ ڪونه هُئس. گهر ۾ به مائيٽياڻين جو ميلو ٽُٽي چُڪو هو. هاڻي بس، ابو، امان، ماسي حنيفان، نصيبان، مان ۽ ٻارَ هُئاسين.
ابو ماٺ ڪري کٽ تي ويهي رهيو.
مان پاڻيءَ جو گلاس کڻي ويس ته هُن هڪ ساههَ ۾ ختم ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته صدين جو اڃايل هو. سڄو مُنهن ٽامڻي هڻي ويو هُئس. ڄڻ ڪنهن ڊگهي سفر تان ٿڪجي موٽيو هو. امان سواليا نگاهن سان ڏانهس نهاريندي رهي.
”نه ٿي پئي خبر شمان...“ هن وڏو ساهه کنيو... ”ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪاڏي ويو هليو...!! زمين ڳهي ويس يا آسمان کائي ويس...“
”خيرگهرو سائين...“ امان هٿن تي رئو ويڙهيو ”دُعا ڪيوس... ائين ڇو ٿا ڳالهايوس!“
”پوليس ڇا چيو ادا...“ ماسيءَ پُڇيو.
”اهي به ڳولين پيا ٿا... شڪين جا نالا پئي پُڇيائون... مون في الحال ته ڪونه ڏَسيا مانِ...“
”زاهد جي جهيڙي واري ڳالهه ڪيئي انهن سان..“ امان پُڇيو.
”ها پر، اهو ته سڀني جي سامهون ڪو ٿيو هو. سڀني کي خبر هُئي ۽ ٻئي ڄڻا پوءِ کير کنڊ به ٿي ويا هُئا...“
”توهان شڪ ظاهر ڪيو ها نه چاچا...“ نصيبان ڪُڇيو، ”ان لالڻ يا زاهدَ مان ڪنهن جو نالو ڏئي اچو ها پوليس کي.“
”اهو سڀ ايڏو سولو ناهي امان...“ اَبي وڏو ساهه کنيو ”ٿي سگهي ٿو انهن جو ڪو هٿ هجي... نالو کڻجينِ ۽ جي ڇِڙي پيا ته مصيبت ٿي ويندي.“
”توهان جو مطلب آهي اغوا وغيره؟..“ مُنهنجي وات مان نڪري ويو.
”ڪُجهه به ٿي سگهي ٿو امان...“ ابي جي اکين جي جؤت ڄڻ جهيڻي هُئي ”ٿيڻ لاءِ ته ڪُجهه به ٿي سگهي ٿو... ڇا ڪاڻ ته ڪنهن به کيس ويندي ناهي ڏٺو... نه پيادل... نه ڪنهن گاڏيءَ ۾... ڪنهن کي به ڏسڻ ۾ ڇو ڪونه آيو هو هُو...؟“
عجيب معاملو هو... مُنهنجي ته سمجهه کان ٻاهر هو. اَبي مستقل ڳالهايو پئي.
”جي هُو ڪنهن سان گڏ ويو هو ته ڪير ته ڏسي ها نه... ڪنهن گهٽيءَ ۾، ڪنهن رستي تي... ڪٿي نه ڪٿي... اهو ڇا ٿيو جو هڪدم غائب ٿي ويو. ڪجهه آهي مامَ ۾ زيبُل... ڪُجهه آهي ڊاڪٽرَ... آهي ضرور... بس اها خبر ئي ته نٿي پوي...“
مون کي مٿس ڏاڍو پيار پئي آيو... اسانجو ابو، هڪ مثالي پيءُ هو. هُن پنهنجي وسئون ڪڏهن به گهٽايو ڪونه هو ته اسانکي ڪو سک نه ملي. پنهنجي حال آهر، هُن هر قسم جون خوشيون اسان جي ترين تي آڻي رکيون هيون. اها لالڻ واري ڳالهه نه ٿئي ها ته مُنهنجي زندگيءَ ۾ سندس خلاف ڪڏهن به ڪابه شڪايت جنم نه وٺي ها. اُها شڪايت به هاڻي الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي هُئي. جي هن مون سان دوستيءَ جو ورتاءُ ڪيو هو ته جاويد سان به سندس هلت چلت ڪا خراب نه هُئي... پوءِ هي سڀ ڇا هو... زندگي بس سوالنامو بڻجي وئي هُئي... جيڏانهن نگاهه ڪيم پئي... لڳم پئي ڄڻ ڪو نه ڪو سوال، پنهنجي ٽٻڪي تي سوار ڊوڙندو پئي آيو.
***
ٻه ڏينهن گذري ويا... گهر ۾ چُلهو جهڙو ٻرندو هو تهڙو نه... صبح ساڻ ماڻهن جا جهڙوڪر هجومَ گڏ ٿيندا هُئا... انهن جي خدمت ماسي، نصيبان ۽ مان پيون ڪنديون هيوسين... امان ته جهڙي اَڌَ مُئي ٿي وئي هُئي.. جيڪو انتظار سندس اکين ۾ لهي آيو هو، اهو ڄڻ نور جي جاءِ وٺي ويو هو.
انسان به ڪيڏو نه عجيب آهي. ڪو ماڻهو مري ويندو آهي ته سهسائڻ سولو ٿي پوندو آهي، پرَ جي، ڪٿي ائين هليو وڃي، ته ڪيڏو نه عجيب ٿي ويندو آهي جيون... هڪ هڪ پَل سوريءَ جي سيج ٿي پوندو آهي. نگاههَ، درَ تان هٽڻ جو نالو ناهي وٺندي. هر ٺڙڪو، کڙڪو، ڪا چُر پُر... ڪو چؤٻول... سڀ هُن جي واپسيءَ جا وراڪا لڳندا آهن... موبائيل جي بيل... ڪنهن جو ڪو نياپو... بس سڀ ڪُجهه الاءِ ڇا ٿي ويندو آهي. سج لهندو ۽ چڙهندو، اميد جي ڀاڪرن ۾ آهي.
جاويد جي ڪابه خبر نه پَئي پئي... روز رات جو، دير سان، اَبو جهڪيل ڪُلهن سان گهر ايندو هو. پاڻ کي کڙو تڙو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر سندس وجود جي ٿانوَ تي الاءِ ڇو اها قلعي نه پئي چڙهِي. چاچا قاصد ۽ ماما امان الله به گڏ ايندا هُئس، ڪجهه دير ويهندا هُئا، پاڻ ۾ الاءِ ڇا ڇا ڳالهائيندا هُئا ۽ نيٺ هليا ويندا هُئا. اڄ رات ماسي حنيفان به نصيبان سان گهر هلي وئي هُئي. امان اڪيلي اندر ڪمري ۾ ليٽيل هُئي. ٻار سمهي رهيا هُئا.
بابا، چاچي قاصد ۽ مامي امان الله سان گڏ آيو هو. رات گهري هُئي. اڱڻ ۾ هلڪي هلڪي هَوا پئي لڳي. چنڊ تي نگاهه وئي ته احساس ٿيو، چوڏهين آهي. چوڏهين هُئي پر اسان سڀني جي اندر ۾ اُماس هو.
پاڻي ڏنو مانس ته پي ابي چيو ”چانهن ٺاهي وٺ زيبُل... مٿُو سُورَ کان ڦاٽي پيو.“
”ماني نه لڳايان بابا...!“
”نه امان... في الحال چانهن پيار“ ابي هُنن ڏي ڏٺو، ”ماني کائيندؤ يا چانهن پيئندؤ!“
”چانهه ٿا پيئون ادا“ مامي امان الله ورندي ڏني. چاچو قاصد ماٺ هو مون هُن ڏانهن نهاريو. اکين جي اشاري سان هُن به هائو ڪئي ته ائين ئي ڪر جيئن هي چون ٿا.
موٽي ويس ته رڌڻي ۾ هُنن جو آواز ڪنينَ پوڻ لڳو.
”ڇا ڪيونس هاڻي؟ صفا دَتُ هڻي بيٺو آهي.“ مامي امان الله ڪُڇيو. جواب ۾ ڪُجهه لمحا ماٺ هُئي، پوءِ ابي ڳالهايو ”ڇا ٿو ڪري سگهجيس امان الله؟“
”ڇا نٿو ڪري سگهجيس ادا؟“ چاچا قاصد جو آواز اُڀريو، ”اسان جي جگر ۾ هٿ پوندا ته ٻئي کي ڇڏي ڏينداسين ڇا؟“
”اهي هٿ ئي ته نٿا سمجهه ۾ اچن قاصد“ مامي ڳالهايو، ”ڪابه ڳالهه هُنن تي نٿي اچي.“
”نٿي اچي ته نه اچي... اسين ته اُهو ئي سمجهيون ٿا نه“
”اسان جي سمجهڻ سان ڇا ٿو ٿئي ٻچا“ ابي ڳالهايو، ”اسين جيڪي ڪُجهه سمجهيون ٿا اُهو ٻيا ته سڀ سمجهن ٿا... پوليس نٿي سمجهي.“
”پوليس جو آ مٿو خراب... ٻه ڏوڪڙ ڏي ته ڏس ڪيئن نٿي سمجهي...“ چاچي وري گونج ڪئي.
”هن واري ڪڙڪ ڊي ايس آهي قاصد...“ مامي ڳالهايو، ”سڀني کي ڇڪي رکيو اٿائين...ڏسين نٿو ڪيئن پنهنجي مدد پيو ٿو ڪري... مسئلو اهو آهي ته پاڻ به ته ڪنهن تي هٿ رکون نه“
”ته ڇو نٿا رکون ادا“ چاچي زور سان ڳالهايو، ”شڪ اٿئون ته ظاهر ڇو ڪونه ٿا ڪيون؟“
”ان ڪري جو... ڳالهه خراب ٿي نه وڃي قاصدَ... هٿ رکڻ ۾ ڇاهي... پر جي بگڙجي ويا ته!؟“
”ته ڇا ادا؟ بگڙجي ويا ته خير آهي... جيڪي ڪيو اٿن اُن کان وڌيڪ ڪندا ڇا؟“
”اسان جو شڪ آ هُنن تي... پڪ ناهي...“
چاچا قاصد ابي جي ڳالهه ڪٽي ”مون کي ته پڪ آهي ادا... ڏسين نٿو، قيوم ڪيئن ٿو ڳالهائي!؟ مُنهنجو وس پُڄي ته مُنهن پَٽِي وٺانس...“
”مُنهنجي ڳالهه پوري ٻُڌ“ هاڻي ابي جو لهجو به سخت ٿي ويو، ”ڳالهه هٿ رکڻ جي رڳو ناهي... هي ته اڃان تون ڇا تون ڇا ڪئي ٿئون نه... جي هٿ رکنداسين، ۽ جي هُنن وٽ هوندو به نه... ته موٽي نه ملندو... في الحال ته شڪ جي شُبهي ۾ ورائي ته سگهجي ٿو نه...“
بس ماٺ ٿي وئي هُئي ٻاهر... سڀ جهڙوڪر چُپ جي ڀاڪر ۾ اچي ويا هُئا. چانهه کڻي ويس ته هُنن ماٺ ميٺ ۾ ورتي... مان به چُپ چاپ اندر موٽي آئي هُئس.
اندر امان جاڳي پئي...اڱڻ جا آواز هُن تائين به پهتا پئي. مُنهنجي اندر گهڙڻ تي، اکين تان رئو هٽائڻ بنا پُڇيائين، ”بس ٽئي آيا آهن نه؟“
”ها“ مون الاءِ ڪيئن اُڪليو... هُن مُنهن تي پيل رئي کي چڪ هڻي ڇڏيو. سندس سڄي وجود ۾ لرزش هُئي. مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هُو ٻارن وانگر روئي رهي هُئي. ڪوشش ته ڪيائين پئي پر وري به آواز نڪري پيو وڃينس... مُنهنجون اکيون به ڀڄڻ لڳيون. ابو اندر گهڙي آيو.
”همٿ ڪر شمان... ائين نه ڪر... ائين مُنهنجي به چيلهه نه ٽوڙ... دُعا ڪرينس... دُعا ڪرينس بس... باقي هُن کي واپس موٽائڻ مُنهنجو ڪم آهي.“ هُن مون ڏي نهاريو، ”ماڻهين کي سنڀال زيبُل... حوصلو هاريوسين... مطلب سڀ ڪُجهه هاريوسين.“
هُو جنهن تيزيءَ سان اندر آيو هو، اُن ئي تيزيءَ سان ٻاهر نڪري ويو. مون امان جي مُنهن تان رئو پري ڪري، سندس مُنهن پنهنجن هٿن ۾ ڀري ورتو.
”همٿ ڪر امان...دُعا ڪر...تُنهنجي دُعا ۾ طاقت آهي... رب توکي ڪونه موٽائيندو...تون گهر الله کان...ڏس ڪيئن نٿو گهر واپس اچي...“
ٻنهي رنو پئي... الاءِ ڪنهن، ڪنهن کي دلداري پئي ڏني.
***
صُبح ساڻ ئي چاچو قاصد ۽ ماما امان الله نظر نه آيا هُئا.
جاڳڻ ۾ دير ٿي وئي هُئم. ڏٺم ته اڱڻ ۾ ابي چانهه ويٺي پيتي... امان پاسي کان ويٺي هُئس... چُپ چاپ، ڄڻ بيزار هُجي.
”اُٿي وئينءَ ڊاڪٽر!“ لڳم آواز ۾ اجائي خوشنمائي پيو ٿو ڀري... روح ۾ ته جهڙي ڄَرَ اٿس.
”اسلام عليڪم بابا...سلام امان“
مون کين سلام ڪيو، امان ماٺ هُئي، بابي ورندي ڏني. ”وعليڪم سلام...گڊ مارننگ“
”سوري بابا...اڄ دير ٿي وئي“ شرمنده هُئس، واقعي ڏينهن چڙهي آيو هو.
”ڪا ئي ڳالهه ناهي... ڪڏهن ڪڏهن ائين اک لڳي ويندي آهي... بُرش ڪري اچ... چانهه ٺهيل ٿئي ڪڍي وٺ...اڄ مون ٺاهي آهي.“
شرمساري اڃا به وڌي وئي هُئم... امان ڏانهن ڏٺم... دل چيو پُڇانس ’تون نه اُٿي هُئينءَ ڇا؟‘ هُوءَ مون ڏي نهاري وري ڪنڌ ڦيري وئي.
باٿ روم مان ٿي آيس ته هُو ٻئي ائين ئي ويٺا هُئا. چانهه گرم ڪيم، ٻاهر کڻي آيس. ابي ڪوپ جي ڪنيءَ تي هٿ پئي ڦيريو... امان جو ڄڻ ته ڪنهن سان ڪو تعلق ئي نه هو.
”ادي حنيفان ايندي هينئر زيبُل... هُن سان گڏ گهر کي ٿورو ڏسي وٺ... هونئن خيرن سان تون پاڻ به ڏسي سگهين ٿي پر هُن کان مدد ضرور وٺج...“
مون کي سمجهه ۾ نه آيو، ابي ائين ڳالهه ڪيئن شروع ڪئي هُئي.
”امان آهي نه بابا...ماسي به هوندي آهي...شين کي ڏسي ٿا وٺون...ڄاڻ نصيبان به آئي.“
”مو سوچيو پئي ته سُڀاڻي کان تون ۽ نصيبان به اسڪول وڃو...ان ڪري چيم ته اڄ گهر ۾ رهي ڪُجهه شين کي سيٽ ڪري وٺ“
سندس لهجي ۾ الاءِ ڇا هو. عجيب ماٺ هُئس. ڇا هُو مايوس هو يا کيس اندر ۾ جاويد جي ملڻ جي ڪا پڪ هُئي... چانهه ڪُجهه وڌيڪ گرم لڳي رهي هُئم.
”جي بابا“
اوچتو امان ڀُڙڪو کاڌو ”اڄ ٽيجهو آ نه...“
سندس سڄو وجود لرزي ويو هو. ابي سندس هٿ جهلي ورتا... هُو ڄڻ ڦاٽي پئي. اُڀا ساهه کڻندي ۽ سُڏڪن ۾ روئندي هُن چيو، ”اڄ ٽيجهو آ نه...ٽيون ڏينهن ٿس نه...جائُو...جائُو...مان توکي ڪٿي ڳوليان.“
ابي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو...هُوءَ وحشتن جي چوٽ چڙهيل هُئي.
”شمان...شمان...ناهي اهڙو ڪُجهه... ناهي ڪو ٽيجهو ٻيجهو... هوش ڪر.“
مان به ڊوڙيس جهڙوڪر... وڃي جهليومانس...سندس وار وکرجي مُنهن تي اچي ويا هُئا. ڳوڙهن سان سڄو مُنهن تر هُئس.
”اڄ ٽيون ڏينهن ناهي؟...هان...ٽيون ڏينهن ناهي...“ هُن رڙ ڪئي، ابي کيس مضبوطيءَ سان جهلي ورتو ”آهي...آهي پر هُو خير سان آهي...خيرسان آهي پنهنجو جاويد“
”امان...امان...هوش ڪر امان“ مُنهنجي وات مان الاءِ ڇا ڇا پئي نڪتو. هُوءَ اسان ٻنهي کان سنڀالي نه پئي ٿي.
ابي کيس کٽ تي ليٽايو ”پاڻي کڻي آءُ زيبُل“
مان تڪڙي اندر ڀڳس. فرج مان پاڻي ڪڍيم، کڻي موٽيس ته ڏٺم هُو بيهوش ٿي وئي هُئي. ابي تڪڙا تڪڙا سندس مُنهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا، هُوءَ جهٽڪي سان ٿوري سامت ۾ آئي. مُنهنجا ڳوڙها نه پئي بيٺا. ابي مون ڏانهن نهاريو، ”ڳوڙها بچائي رک زيبُل...اڃا اڳتي الاءِ ڪيترو روئڻو آهي بابا.“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هُئي. سمجهه ۾ اچي به ڇا ها.!
***
ڊاڪٽر کيس تپاسيو ته ٻُڌايائين ته ذهني دٻاءَ ۾ آهي. دماغ جاءِ تي نٿو اچيس. ضروري آهي ته في الحال کيس سمهاري ڇڏجي. گهڻي کان گهڻو آرام ڪرائجي... جي پوءِ به حالت ٺيڪ نٿي ٿيس ته پوءِ شهر کڻائي وڃڻو پوندو ۽ اُتي ڪنهن ذهني مرضن جي علاج سان لاڳاپيل ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو پوندو.
ابو ڊاڪٽر سان گڏ هليو ويو هو... امان ننڊ ۾ هُئي. مان، ماسي حنيفان ۽ نصيبان پويان هُئاسين.
”نظر لڳي وئي ڪا امڙ...“ ماسيءَ چيو، ”نظر کائي ٿي وڃي ماڻهوءَ کي...“
نصيبان ماءُ ڏانهن نهاريو. ”اهڙا ڪهڙا توَنگر آهن زيبُل وارا امان...اهڙو ڪهڙو ڪارنامو ٿيو آ جنهن تي نظر لڳي سگهي!؟“
”ڪنهن جي مِٺَ مُحبت يا سُٺو حياتي گُذارڻ جو انداز به ته نظرجي سگهي ٿو نه امان. ضروري آهي ڇا ته رڳو مال متاع هُجي!... ملڪيتون هُجن ته نظر لڳي؟!“
نصيبان مون ڏي نهاريو. مون وٽ ڪُڇڻ لاءِ ڇا هو. نظر هُئي، هُوسَ هُئي يا جيڪي ڪُجهه به هو، مُنهنجي سمجهه کان ٻاهر هو.
”هل ڀلا امان...نظر لڳي وئي...هاڻي ڇا ڪجي؟“
”ڇا وري ڇا ڪبو امڙ“ ماسيءَ وراڻيو، ”هلئون ٿا ڪنهن چڱي در تي... هلي ٿا ٻاڏايونس ته من ڪنهن محابي، جان ڇُٽي پوي.“
نصيبان جي مُک تي مُرڪ اچي وئي ”امان... تُنهنجون ڳالهيون به عجيب هونديون آهن“
ماسي حيران به ٿي ۽ خفي به، ”ڇوڙي امڙ...غلط ٿي ڳالهان ڇا؟...الله جا پيارا هِن... الله کي پيارا هِن... جي سلام ڪرڻ هلياسين ته ڪو گسي ڪونه وينداسين.“
”جائُو ڪٿي هوندو ماسي؟“
اوچتو سوال ڪيو هئم. الاءِ ڪيو هئم الاءِ پاڻ واتان اهو نڪري ويو هو. ماسيءَ مون ڏانهن نهاريو. سندس ڳالهائڻ جي رواني بيهجي وئي... هُن مون ڏانهن نهاريو، بس چُپ ٿي وئي.
”ابي وارا ڳالهه ڇو ڪونه ٿا ڪن؟... چاچو قاصد ۽ مامو امان الله به ڪُجهه نٿا چون...“ مُنهنجي اندر ۾ به الاءِ ڇا پچي رهيو هو...الاءِ مون به امان وانگر هوش وڃايا پئي الاءِ ڇا!..
”مرد ماڻهو، ڪيتريون ڳالهيون ڪونه ڪندا آهن زيبُل“ ماسي مُنهنجي ويجهو اچي کٽ تي ويٺي. نصيبان به ٻئي پاسي کان اچي مُنهنجو پاسو ورتو، ”الاءِ ڪيترا فيصلا، ڪيترا قدم، هُو پاڻ سوچي پاڻ ڪندا آهن... عورت کي شريڪ ڪرڻ کين سُٺو ناهي لڳندو.“
”نه پر هي ته ڪو مرداڻو معاملو ناهي ماسي... هي اسان جي گهر جي ڳالهه آهي... امان ته کڻي سامت ۾ ناهي... پر ابو مُون سان ته ڳالهه ڪري سگهي ٿو نه... مُون سان ڇو ڪونه ٿو ڪري؟!“
”مُناسب نه سمجهندو هوندو امان...“ ماسيءَ وڏو ساهه کنيو. نصيبان جو مُنهن الاءِ ڇو لهي ويو هو.
”ڇا مُناسب ناهي ماسي؟!... مُون سان ڳالهه ڪرڻ يا مون تي اعتبار ڪرڻ؟“
”ائين ناهي چري“ نصيبان مُنهنجو ڪُلهو دٻايو، ”اجايو سجايو نه سوچ... ائين وهلور نه وڃ... چاچي کي مُنهنجي خيال مطابق ته ڪا خبر ڪانهي... جي هُجيس ها ته ضرور ٻُڌائي ها... هُو پاڻ چرين وانگر هيڏانهن هوڏانهن پيو ٿو ڳولي... کيس ڏور هٿ نٿي اچي زيبُل... اهو مُنهنجي دل ٿي چوي.“
***
ابي کي پريشاني وڌي وئي هُئي.
امان جا دؤرا ڪُجهه جهڪيا ٿيا هُئا. دوائن جي غنودگي طاري هوندي هُئس. گهڻو وقت ته سُتي پئي هوندي هُئي، ان ڪري اهو اندازو لڳائڻ ڏُکيو پئي ٿيو ته هُو دؤرن کان آجي ٿي آهي الاءِ نه. بس جهڙي هڪ ڳهير ۾ پيل هوندي هُئي.
ٻار به وسامي ويا هُئا. رضا ڪُجهه وڏڙو هو، کيس سمجهه هُئي ته ڇا ٿيو آهي. شاهينه کي اهو اندازو هو ته ڀاءُ ڪاوڙجي ويو آهي، لڪي ويو آهي. امان ۽ بابا ڳولي وٺندس. هو روز شام جو مدرسي ويندا هُئا ته هاڻي مان گڏجي ويندي هُئي مانِ... گهر جي گهٽيءَ جو موڙ مُڙي، مان سامهون ٿي بيهندي هُئس ۽ هُو سڌا مسجد جي مدرسي ۾ هليا ويندا هُئا. موٽ مهل به وقت جي اندازي سان نڪري بيهندي هُئس، هُو مون کي ڏسي ئي مدرسي مان نڪرندا هُئا. الاءِ ڇو اُهي ٻئي وقتَ سيني تي چڙهي بيهندا هُئا.
ڇا تي ڪاوڙيو هو هُو...؟ نصيبان جي مارڻ تي... مُنهنجي پُڇ پُڇان تي يا وري امان جي بيخ ڪڍڻ تي! ۽ جي ڪاوڙجي به ويو هو ته اُن ڏينهن ميلي تي ڇو آيو هو! ائين نارمل ڪيئن هو!؟ پشيمان ڇو ٿيو هو...کيس ته پشيمان نه ٿيڻ گهرجي ها.
***
راتيون عجيب ٿي ويون هيون.
سڄو گهر سُنسان ۽ ماٺڪو ٿي ويو هو. پهرين به ٿيندو ته ائين هو جو ٻار جلدي سُمهي پوندا هُئا، رات اسان جي گهر ۾ هونئن به جلدي حاڪم ٿي ويندي هُئي. ابو نائين ساڍي نائين اچي ويندو هو ته رڌڻي ۾ ٺڙڪا جاڳي پوندا هُئا. امان سدائين کيس گرم ماني ٺاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هُئي. ڀاڄي ڏينهن واري هُوندي هُئي، ڦلڪو گرم نڪرندو هو، تيسين پنهنجي رُوٽِين موجب هو باٿروم مان ٿي ايندو هو... پنهنجي مرغوب ترين ڊريس، شلوار گنجيءَ ۾ کٽ تي اچي ليٽي پوندو هو. ماني امان به کٽ تي ئي ڏيندي هُئس. ماني کائي هُو هڪدم ليٽندو هو ۽ مان کيس زور ڏيندي هُئس.
اُن مسلسل عمل ۾، سواءِ رڌڻي جي کڙڪن جي، ٻيو ڪوبه آواز نه هوندو هو. جي اسين ڪچهري ڪندا هُئاسين ته ڪو آواز بُلند ٿيندو هو نه ته ماٺ گهڻي هوندي هُئي. ماٺ، جيڪا هاڻي به هُئي پر الاءِ ڇو کُٽل کُٽل هُئي.
***
مانيءَ جا ٿانوَ کنيم ته هُو ويهاڻي کي ٽيڪ لڳائي ويٺو هو.
”ٿانوَ رکي آءُ ڊاڪٽر ته ٿورو حوال ڪيون...“ ٻيڙي دُکايائين. ابو سگريٽ نه ڇڪيندو هو... بس سال اڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا پَنَ جي ٻيڙي ٻاري وٺندو هو. مان ڄاڻندي هُئس، جڏهن کيس ڪا پريشاني يا مُونجهه ورائيندي هُئي ته هُو پن جي ٻيڙيءَ کي ساڙي اُن مان بدلا وٺندو هو.
هُن وٽ سائي رنگ جي هڪ خوبصورت دٻي هُوندي هُئي، جنهن ۾ ترتيب سان سندس ٻيڙيون رکيل هونديون هيون. جڏهن ضرورت پوندي هُئس، اُها ڊٻي الاءِ ڪٿان حاضر ٿي ويندي هُئي.
ابو الاءِ ڇو ائين ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ٻيڙي به بس جهڙي هٿ ۾ دُکندي رهندي هُئس. هُو گهڻي ڇڪيندو ڪونه هو، مون کي لڳندو هو ته سڄي ٻيڙيءَ مان هُو ڪي ٽي چار ڦوڪون مس هڻندو هو. شايد کيس دونهين جو هُڳاءُ پسند هو، شايد سندس مُونجهه اُن مان گهٽ ٿيندي هُئي.
”آ...ويهه اتي“ هُن جاءِ ٺاهي.
”توهان ليٽو نٿا بابا“ پڇيم.
”ٻيڙي ڇڪي وٺان“ هُن خفيف مُرڪيو. ”پوءِ سانءِ ستَ سان ليٽان ٿو“.
مان سندس پيرانديءَ کان کٽ تي ويهي رهيس. هُو، ٻيڙيءَ کي کٽ جي پاسي کان ڇنڊيندو رهيو. ڇار ڪا هُئي ڪانه... بس ادا هُئي جهڙي.
”ماڻهين ڪُجهه ٺيڪ ٿي آ؟“ هُن اندر نهاريو، جتي کٽ تي امان بي سُڌ پيل هُئي.
”دوائن جي نشي هيٺ آ بابا... اُٿي ٿي ته رڙيون ٿي ڪري.“
”ٺيڪ ٿي ويندي... الله ڪندو ته ٺيڪ ٿي ويندي.“ هُن ٻيڙي وسائي... کٽ هيٺ اڌڙ اُڇلائي ڇڏيائين. مون سمجهيو هاڻي سڌو ٿي ليٽندو، پر هُو ائين ئي ويٺو رهيو.
”معاملو سمجهه کان مٿي آهي ڊاڪٽر امان“ هُن وڏو ساهه کنيو، ”چار ڏينهن وڏا هوندا آهن...ڪا ڪُنڊ، پاسو مون ناهي ڇڏيو... رکي رکي اهو خيال اچي ٿو ته کيس هيترن سوين ماڻهن مان ڪنهن ته ڏٺو هوندو نه ڪيڏانهن ويندَي... پر وري خيال اچي ٿو ته دُنيا ۾ اتفاق به ته ڪو اهڙو ئي لفظ آهي نه... ٿي ويو هوندو اهڙو اتفاق... جو ڪنهن نه ڏٺو هُجي.“
ساڳي ڳالهه هُن ورجائي پئي... الاءِ ڇا پئي چوڻ چاهيائين. ”مون هر هنڌ پنڌ ڪيو آهي... پنهنجو سڄو تر جانچيو ٿم...جانچرايو ٿم... مون کي نٿو لڳي ته هُو کڄيو هُجي... مُون کي اها پڪ ٿئي ٿي ته هُو پاڻ ويو آهي... ڪيڏانهن ويو آ! ڪيئن ويو آ... اُن جي خبر نٿي پويم.“
”۽ هُنن جي دشمني بابا؟... اهي ڪُجهه نٿا ڪري سگهن؟“
”لالڻ بدقماش آهي...آوارا آهي...جوا جي ٽڪري ٻِڪري سندس جهان ٿي سگهي ٿو...باقي ائين ماڻهو کڻڻ... سو به مُنهنجي ٻچڙي کي کڻڻ جي همٿ، مان نٿو سمجهان ته هُن ۾ هُجي.“
اسين ٻئي چُپ ٿي ويا هُئاسين.
”ماڻهين بيعزتي ڏاڍي ڪئي هُئس ڇا زيبُل؟“ هُن الاءِ ڇا پئي ڄاڻڻ چاهيو.
”مطلب بابا؟“
”مطلب ته ڪو ماڳهين آپي مان نڪري وئي هُئي ڇا...اهڙو ڪو هُن جو روح مجروح ڪيو هُئائين ڇا؟“
”امان کي ڏُک ڏاڍو ٿيو هو نه بابا ته بگڙجي ته وئي هُئي.“
”جوان اولاد جي اها به هڪ مصيبت هُوندي آهي زيبُل... مائٽ کي هٿ ۾ تارازي کڻي ڳالهائڻو پوندو آهي...وزن ۾ ٿورو به هيٺ مٿانهين ٿي ۽ سودو خساري ۾ پيو...“
”امان ته هونئن به دڙڪا ڏيندي هُئس بابا...“
”مان متان ڪُجهه ڏينهن لاءِ ڪيڏانهن هليو وڃان امان...“ هُن مُنهنجي ڳالهه ڪٽي مُنهنجي دل کي الاءِ ڇا ٿيڻ لڳو ”ڪيڏانهن بابا؟“
”جائُو کي ڳولهڻ لاءِ مان ڪيڏانهن به وڃي سگهان ٿو امان...“ هُن وڏو ساهه کنيو ”ڪٿي ڏس پتو مليو اٿم اوڏانهن نڪري ويندس“
”رابطي ۾ ته هوندئو نه بابا؟“
”ڇو نه... ڇو نه امڙ...“ هُن مُنهنجو هٿ جهليو ”مان توسان رابطي ۾ ڇو نه هُوندس پر هي ڪم اهڙو آهي نه ڌيءَ... جو ڪُجهه وقت ته ڳولها ۾ لڳي ويندو. الله ڄاڻي... الاءِ ڄاڻ صحيح به پئي آهي الاءِ نه... پيرا ته کڻُون ٿا... پوءِ ڏسون ته ڪٿي ٿا پهچون.“
”ڪٿي ڪو رابطو مليو آهي ڇا بابا؟“ مان به بيتاب ٿي وئي هُئس.
”ائين ئي سمجهه... في الحال ڏسان... ڪٿي ٿي ڳالهه پهچي...“
”ڪڏهن ويندؤ؟“
اڃا هو ورندي ڏيئي ئي ڏيئي ته زور سان در کڙڪيو هو. ٻاهران چاچا قاصد جو آواز اُڀريو هو.
”ادا اڪبر... هَو هَوءِ...“
حيرت ٿي. بيل نه پيو وڄائي، سڏ پيو ڪري... اسان جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي.
”آيو... آيو...“
ابو تڪڙو اُٿيو، چپل پاتائين، مون وڌي در کوليو... چاچي قاصد جي حالت ڏاڍي خراب هُئي.
”ادا...جلد ڪر ته هلون“
”خير ته آهي نه!؟...ڇا ٿيو آهي؟“
”بس هل ته ٻُڌايائين ٿو...“ هُن شايد مون سامهون ڳالهه نه پئي ڪرڻ گهري.
”اي ڀلا ترس ته قميص ته پائي وٺان... اهڙي ڪهڙي باهه لڳي آ؟“ ابي اُٿي تڪڙي قميص پاتي هُئي.
”باهه ئي لڳل سمجهه ادا“ چاچي قاصد ڀُڙڪيو. ”نهر جي ڪَپَر تي ڪو لاش مليو آهي...سڀ اُتي گڏ ٿيا آهن... هل ته اوڏانهن هلون.“
ابي کان قميص ڇڏائجي وئي هُئي. مون کي سڀ ڪُجهه اونداهو لڳي رهيو هو. چاچي قاصد جي پنهنجي حالت خراب هُئي.
ائين لڳو هو، ڄڻ ماڻهو ڪنهن سواريءَ ۾ هُجي ۽ اُها ڪو وڏو ڌڏڪو کائي... ڪا اوچتي بريڪ لڳي هُجي ۽ ماڻهوءَ جو توازن بگڙجي ويو هُجي. ابي جي حالت به اهڙي ٿي وئي هُئي، سڄي مُنهن تي هيڊَ هارجي وئي هُئس. هُن مون ڏانهن هڪ گهري نظر ڏٺو هو. پاڻ سنڀاليندي جُتي پاتي هُئائين ۽ چاچي قاصد کي اڳيان هلڻ جو اشارو ڪيو هُئائين. در مان تڪڙا نڪري ويا هُئا. بس سڀ ڪُجهه خالي ٿي ويو هو.
***