1
ڇا نصيب صرف نياڻيءَ جو هجي ٿو؟ ڇا ڇوڪرن، مردن ۽ ٻي جيوت جو ڪوبه نصيب ڪونهي؟ ڇا سڀئي بنا نصيب جي حياتي گذارين ٿا.!؟
نياڻيءَ اک پٽي ٿي ۽ شعور جو ڏاڪو چڙهي ٿي ته سڀ کان پهرين اهو ئي جملو ٻڌڻ لاءِ مليس ٿو ته ”جيڪو نياڻيءَ جو نصيب“... گهر امير هجي يا غريب، مائٽ سرنديءَ وارا هجن يا اڻ سرنديءَ وارا... هجن پڙهيل ڳڙهيل يا اڻ پڙهيل... جتي به ڏسو، جتي به ٻُڌو ڳالهه اها ئي ساڳي هوندي.
پنهنجي عمر تي نگاهه وجهان ٿي ته احساس ٿئي ٿو ته اهو سچ ئي ته آهي. عورت، پنهنجي نصيب کي شروعات کان ئي ساڻ کڻي اچي ٿي، اهڙو نصيب جيڪو پُٽ جي ڄمڻ کان بنهه مختلف هوندو آهي. اُهي دُهل ڌماڪا، جشن، ميلا جيڪي پُٽن جي ڄمڻ تي برپا ٿين ٿا، اُهي نياڻين جي ڄمڻ تي ڪٿي!؟ شروعات کان ئي چڱو چُوکو پچندو ته پُٽ لاءِ، ٻوڙ ۾ رس هوندي ته ٻوٽي پُٽ لاءِ نڪتل هوندي ۽ گهڻو ڪري اها رسَ ئي نياڻيءَ جي نصيب ۾ هوندي.
گهڻو تڻو ائين ئي ٿئي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي، گهڻو ڪجهه مٽيل هوندو آهي. جيئن منهنجي گهر ۾ هو.
مان پنهنجي پيءُ جي لاڏلي ڌيءَ هئس. بابا کي الله سائينءَ اولاد جي صورت ۾ چار ٻار ڏنا جن مان، مان وڏي ۾ وڏي هئس. پهرين مان، پوءِ منهنجو ڀاءُ جاويد، تنهن کانپوءِ رضا محمد ۽ آخر ۾ شاهينا، پنهنجي پيءُ، ماءُ جي اکين جا تارا هئاسين. بابا منهنجو نالو ڏاڍي هيج مان زيب النساءِ رکيو. کيس لڳو هو ته مان ڄڻ عورت جي سونهن آهيان، زيب آهيان ۽ ٿيو به ائين جو جڏهن جوانيءَ جي پڙ ۾ پير پاتم ته خبر پئي ته واقعي به زيب النساءِ آهيان. اها ڪنهن کي خبر هئي ته شڪل صورت ۾ ڀلي مان زيب النساءِ ڇو نه هجان، منهنجو نصيب زيب النساءِ نه هو.
بابا سائين سرڪاري آفيس ۾ نوڪري ڪندڙ هو. آفيس اسسٽنٽ جي حيثيت سان جيڪي ڪجهه ڪمائيندو هو سڌو امڙ جي هٿ تي اچي رکندو هو. سندس سيٽ سڻڀي سيٽ هئي پر بابا ڪڏهن به ان طرف جو رُخ نه رکيو. کيس پنهنجي ڪمائي مان پورائو ڪرڻ ايندو هو ۽ هو پنهنجي حال تي خوش رهڻ وارن مان هو. جيتوڻيڪ اسين چار ڀائر، ڀينر ٿوري ٿوري وقفي سان ڄاوا هئاسين ۽ اسان جا اسڪول به تقريبن گڏوگڏ ئي شروع ٿيا پر تڏهن به، اسان ڪڏهن به پنهنجي پيءُ ماءُ جي مُنهن تي گُهنج ڪونه ڏٺو. هو سدائين سَرها نظر ايندا هئا ۽ اسان کي هڪ سُٺي پرورش ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا هئا. اسان جو ڳوٺ، هڪ ننڍڙي شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. پڪا رستا، اسڪول، اسپتال اُهي سڀ سُک جيڪي اسان جي مائٽن نه ڏٺا هئا اسان جي نصيب ۾ اچي ويا.
اُهو زمانو به عجيب هو، سڀ کان پهرين مان اسڪول ۾ داخل ٿي هئس ۽ اها سوچ شايد بابا جي عزيزن کي پسند نه آئي هئي. گهڻو عرصو پوءِ مون کي خبر پئي ته بابا پنهنجن مٽن مائٽن سان ٺيڪ ٺاڪ جهيڙو ڪيو. نوبت ايستائين پهتي هئي جو کيس راڄ ڀاڳ کان ڌار ڪرڻ جا سانباها به ڄڻ ڪيا ويا پر پوءِ ڪُجهه چڱن وچ ۾ پئي معاملي کي ٺاريو. ابو ضد جو پڪو هو، کيس علم جي روشنيءَ جي ڄاڻ هئي ۽ پنهنجن ٻارن کي ان نور کان روشن ڪرڻ جي خواهش سندس زندگيءَ جي وچ ۾ وڏي حسرت هئي. ائين ئي ٿيو اسان سڀ پڙهياسين ۽ سڀني ڪا نه ڪا ڊگري حاصل ڪري ورتي.
ننڍپڻ جو زمانو ڏاڍو حسين گذريو. مون کان پوءِ جاويد ۽ رضا به اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ جڏهن شاهينا به آئي ته سڀ ڪجهه ماٺ ميٺ هو. ڪنهن کي به، ڪابه ناراضگي نه ٿي. جي ناراض ٿين ها به ته ڇا ڪن ها! کين منهنجي داخلا وارو زمانو وري ڏسڻو پوي ها.
ابي جو اسان سان عجيب پيار هو. ائين هوندو آ ته مائٽ اولاد سان بي تحاشا پيار ڪندا آهن پر اسان جو پيءُ ته ڄڻ يگانو وجود هو. اسان سڀني جا نخرا، لاڏ، انگل کيس ازبر هوندا هئا. هاڻي احساس ٿئي ٿو ته وٽس پنهنجي لاءِ ته ڪجهه به ڪونه هو. جي هو پاڻ لاءِ ڪجهه رکي ها ته اسان جون فرمائشون پوريون ٿي سگهن ها.
ابي سان امان جو ساٿ به هڪ ڪرو ئي هو. هو به ڪا وک پوئتي نه رکندي هئي. سندس مائٽ يعني اسان جا ناناڻا به اسان سان ڏاڏاڻن جيترو ئي پيار ڪندا هئا. حياتي عجيب هئي ڏُک جي ڪا به جهاتي اسان ڪونه ڏٺي هئي.
مان ننڍي هوندي کان ئي الائي ڇو پنهنجو پاڻ کي سدائين ذميدار محسوس ڪيو آهي، ياد ٿو اچيم ته جڏهن جاويد يا رضا مان ڪنهن جي ٿيلهي مان ڪا شئي کُٽي پوندي هئي يا هو ڪجهه ڪيرائي ايندا هئا ته کين سُڌ پوڻ کان پهرين ڄڻ مون کي ڄاڻ ٿي ويندو هو. مان هر شئي جو بيحد گهڻو خيال رکندي هئس. مٿان وري شاهينا جي داخلا ڄڻ منهنجي ذميداري وڌائي ڇڏي. ٻئي ڀائر هونئن به پنهنجي طبيعت جا هئا. مون کان الائي ڇو لهرائيندا هئا. مٿان وري جو ٻه ڀيڻون جو پاڻ ۾ مليون ته هنن ته ڄڻ رستو ئي مٽائي ورتو. مون کان ڊڄڻ جي ڪري گهڻو سامهون نه ايندا هئا پر بهرحال پنهنجن ڀيڻن تي ڪاوڙ کين ضرور ايندي هئي.
بابا ڏاڍي سادي زندگي گذاريندو هو ۽ چاهيندو هو ته سندس اولاد به سادگي جي هُنر کان واقف ٿئي. ان معاملي ۾، ٻين معاملن جيان امان به ساڻس هر هنڌ گڏ هوندي هئي.سادو پائيندا هئاسين، سادو کائيندا هئاسين ۽ اُها سادگي اسان جي مائٽن پاران حياتيءَ جو انمول تحفو هئي.
پنهنجن مائٽن سان، امان ۽ بابا اسان کي ڏاڍو چاهه سان ملائيندا هئا. مائٽن مان مراد سندن پري جا عزيز هئا، نه ته اسان جا ماما، ماميون، چاچا، چاچيون، پُڦيون ۽ پُڦڙ ته ڄڻ هڪڙو ئي ڪهول هئا. هر ڪنهن کي هڪ ٻئي جي خبر هوندي هئي. وڏي هوندي مون کي پوءِ ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته منهنجي ماءُ، منهنجي پيءُ جي مائٽياڻي نه هئي. هوءَ ڌاري هئي پر هِن گهَرَ ۾ اچي پنهنجي سُلوڪ سان هن، اُن ڌاريائپ کي ختم ڪيو هو ۽ هن سڄي خاندان جي ڄڻ وڌ کان وڌ پنهنجي ٿي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين ۾ امان ان دور جو ذڪر ڪندي هئي جڏهن شروعات ۾ کيس هن گهر ۾ اچي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو. اسين سندس ”ڌاريو“ لفظ ٻُڌي کلندا هئاسين، ڪهڙي خبر هئي ته اُهو لفظ هانوَ تي ڇُري ڪيئن ٿو هلائي. بابا امان سان محبت جي شادي ڪئي هئي. امان اسان جي ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو هڪ ٻئي ڳوٺ سان تعلق رکندي هئي ۽ سندس ذات به مَٽيل هئي. بابي، امان کي ڪنهن شاديءَ ۾ ڏٺو هو ۽ سندس دل ضد ڪيو هو ته هُو انهي ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو. ڏاڏا ۽ ڏاڏي ڏاڍا دُور انديش ماڻهو هئا. هُنن پنهنجي پُٽ جي رويي مان ئي اندازو لڳائي ڇڏيو هو ته هُو پنهنجي سوچ ۾ ڪيترو سچو آهي. امان جي ذات، گهٽ ذاتين ۾ ليکي ويندي هئي ۽ اها هڪڙي ٻي مصيبت الڳ هئي. ڏاڏي خميسي وڏا وس ڪيا ته پنهنجي پُٽ محمد اڪبر کي چڱي طرح سمجهاڻي ڏئي ان راهه تان هٽائجي. پُٽ جي ضد کي ته هُو سمجهي ويو هو. پر کيس بهرحال راڄ ڀاڳ سان به مُنهن ڏيڻو هو. هُن ڪجهه چڱن مڙسن سان مشورا ڪيا جيڪي به ان رشتي جا مخالف هئا پر بهرحال ڏاڏو پنهنجي پُٽ جي ضد اڳيان هارائي ويو ۽ اهو رشتو کڻي هُو پاڻ امان جي گهر ويا.
امان جي گهر وارا ته حيران رهجي ويا. لکئي جو ليک هو، سو ٿي ويو. بس ڏاڏي کي پنهنجي اندر ۾ ڄڻ ڪو کاٽ لڳي ويو هُن ٻاهر نڪرڻ گهٽائي ڇڏيو ۽ راڄ ڀاڳ جي فيصلن ۾ به گهٽ وڃڻ لڳو. قدرت خدا جي جو امان جي سلوڪ ڪمال ڪري ڇڏيو. هُن ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڄي خاندان کي پنهنجي محبت جي منڊ ۾ منڊي ڇڏيو. اهو سهرو جيڪو رڳو کيس سلام جي ورندي ڏيئي سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويندو هو يا وري اوطاق ويندي ڪو سلام ورائيندو هو تنهن کي امان جي نالي کان سواءِ ڄڻ ٻي ڪابه وائي وات نه رهڻ لڳي. اها حالت رڳو ڏاڏي سان ڪونه هئي، منهنجي ڏاڏي به هاڻي امان کي بيحد پسند ڪرڻ لڳي هئي بس اهو عجيب هاڃو هو جو ڪڏهن به ڪابه اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿيندي هئي ته الاءِ ڇو ’ڌاريءَ‘ جو لفظ ڪَنين پوندو هو.
اوچتو ڪمري ۾ گهڙي هئس ته امان کي ڏسي ڄڻ سراپجي وئي هئس. سندس اکيون ڳاڙهيون ۽ اکين جون هيٺيون جايون سُڄيل هيون.
”ڇا ٿيو آهي امان؟“ هُن ڏانهن ڀڳس. هُوءَ اُن مهل هنڌن بسترن کي ويڙهي رهي هئي. مون کي ڏسي حيران ٿي وئي.
”زيبو... تون هن مهل...اسڪول مان جلدي موڪل ٿي وئي ڇا!؟“
”نه موڪل نه ٿي، مان ڪري آئي آهيان... مٿي ۾الاءِ ڇو ڏاڍو سُور پيو هئم ان ڪري.“
مون کيس ٻانهن ۾ ڀريو،”پر توکي ڇا ٿيو آهي امان؟“
”ڇا ٿيندم؟“ هُن هڪ زخمي مرڪ آڇي ۽ منهنجي پيشانيءَ تي چُمي ڏنائين، مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي مٿي جي سُور جو علاج ٿي ويو. امان مون کي ٻانهن کان وٺي کٽ تي ويهاريو ۽ چيائين، ”هتي ويهه، مان تو لاءِ چانهه ٺاهي ٿي اچان. تون گوري به کائي وٺ...شاهينه ۽ ڇوڪرن کي ٻُڌايو هيئي ته گهر ٿي وڃان؟“
”ها، جاويد کي ٻُڌائي آئي آهيان... هُن شاهينه وارن کي ٻڌايو هوندو...پر تون ٻڌائي امان توکي ڇا ٿيو آهي، تون رُني آهين لڳي ٿو... ٻُڌاءِ“
”مون کي به تو وانگر مٿي ۾ سُورَ روئاڙيو آهي.“
”مٿي ۾ سُورَ سان تون روئندي ته ناهين... ۽ امان ڪُوڙ توکي ڳالهائڻ ايندو ئي ڪونهي پوءِ ڇو پئي اهڙي اجائي ڪوشش ڪرين... ٻُڌاءِ ڇا ٿيو آهي؟“
مون سندس هٿَ جهليا ۽ پاڻ سان ويهاريم، سندس اکيون هڪ دفعو وري ڀرجڻ لڳيون، پاڻ کي سنڀاليندي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ان لفظ جو شيهو، ڪنن ۾ اوتبو آهي.“
ڳالهه ڪَٽيندي چيومانس، ”ڪنهن وري ’ڌاري‘ سڏيو اٿئي امان؟“
ڀريل اکين سان امان هاڪار ڪئي ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. سندس آواز ڏڪڻ لڳو، ”سڄي حياتي ان خدمت ۾ گذاري اٿم، رڳو ان ڪري گولپا ڪيا اٿم، ته پنهنجي ٿي سگهان... اڃا تائين به پنهنجي نه ٿي سگهي آهيان ... ساڳي ڌاري آهيان الاءِ ڇو... شايد نصيب اهڙو اٿم.“
منهنجي نڙي گُهٽجي وئي امان جي اندر جو درد منهنجي اندر ۾ به الاءِ ڪٿان گهڙي آيو هو.
امان ڳالهائڻ جاري رکيو، ”ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجو پاڻ اهڙي پاپڙ جيان لڳندو آهي، جيڪو پچڻ کان پوءِ به ڪٿان نه ڪٿان ڪچو رهجي ويندو آهي. الاءِ باهه ڪمزور هوندي آهي الاءِ پاپڙ ۾ نقص هوندو آهي.“
”ڇو ٿي سوچين تون ائين امان... ڏاڏو ۽ ڏاڏي تون چڱي طرح سُڃاڻين...انهن جو اهڙو ڏک...“
ڳالهه ڪَٽيندي چيائين، ”اڄ اها مهرباني تنهنجي پيءَ ڪئي آهي.“
”بابا!“ مان حيران ٿي وئي هئس، ”بابا ائين چيو آهي، پر ڇو؟“
”مون کي لڳندو هو ته هُو مون کي ڪڏهن به ائين ڪونه چوندو.“ امان هاڻ سُڏڪي پئي هئي. ”هيترا سال منهنجو مانُ قائم رهيو، پر الاءِ ڇو اڄ اهو سڀ ائين ئي ٿي ويو.“
”نه پر ڇو امان...؟.. جي هُن اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه چيو هو ته اڄ ڇو چيائين، اهڙي ڪهڙي اڻ ٿيڻي ٿي وئي جو هُن کي توکي ائين چوڻو پئجي ويو.“
مون ۾ گُهور وجهندي چيائين، ”تنهنجي ڪري.“
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته امان چئي ڇا پئي! ”منهنجي ڪري!؟ مون اهڙو ڇا ڪيو آهي امان... اهڙي ڪهڙي خطا ٿي آهي مون کان امان...؟“
منهنجي هٿن کي مضبوطيءَ سان جهليندي چيائين، ”تنهنجو رشتو ڏيڻ ٿو گُهري، پنهنجي مائٽن ۾.“
حيرت مٿان حيرت ڄڻ مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، مان اڃان اٺين درجي ۾ مس هيس ۽ منهنجو رشتو...! مون کي اها ڳالهه ٻُڌي لڳو ته آءٌ ايتري وڏي ٿي وئي آهيان... يقين ئي نٿي آيم... پنهنجي پاڻ کي جانچڻ لڳي هئس. امان منهنجي ماءُ ته هئي پر ساهيڙي به هئي، هُن کي انهي ڳالهه جي ڇا پهرين خبر هئي يا اهو سڀ مون جيئن هُن لاءِ به اوچتو ئي هئو.
”ادا قيوم جي پُٽ لالڻ لاءِ تنهنجو هٿ گهريو هئن. ڇوڪرو عمر ۾ توکان ڪيڏو نه وڏو آهي... ۽ مٿان وري سڄو ڏينهن هوٽل تي گذاريندو. کيسي ۾ چار پئسا ڇا ٿيا اٿس، وتي ٿو دوستن کي چانهه بسڪوٽ کارائيندو... اها به ڪا فضيلت آهي... هل ڀلا اوطاق تي به ڪير اچي ته ٺيڪ آهي، ائين هوٽلن تي ويهڻ ڪو ٺهي ٿو. اٿس ٻه ٽي ٻارا زمين ته اها سنڀالي نه... هوندي سوندي به... پاڻ ويٺي به پيو مقاطعي تي ڏيندو... هاڻي اهڙي ماڻهوءَ سان سڱابندي ڪيئن ٿي سگهي ٿي... “
”نه پر...مان سمجهان ٿي امان، ته بابا کي به هُو پسند نه هوندو...“
”اها ئي ته ڳالهه مون به چئي پئي... بس تنهنجي ڏاڏي سائينءَ جو زور آهي ۽ شايد هن واري تنهنجو پيءُ مون سان شادي ڪرڻ وارو ليکو ائين چوکو ڪرڻ ٿو گهري... تڏهن ته اهو سڀ ٿئي پيو. مٿان وري منهنجي انڪار تي اهڙو تئه آيس جو ڪيائين هم نه تم...سڌو مهڻو ڏيئي ڇڏيائين.“
هُوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي. اسين ٻئي هڪٻئي جي ٻانهن ۾ هئاسين ۽ هاڻي ته منهنجي اکين مان نار وهي نڪتا هئا.
امان مُنهن اُگهيو ۽ منهنجا ڳوڙها اُگھڻ لڳي، ”تون روءُ نه زيبو... مان آهيان نه...جيسين مان جيئري آهيان، تيسين توکي لهس به نٿي اچي سگهي... اهو ادا عبدالقيوم هجي يا تنهنجو ڏاڏا سائين يا وري سائين پاڻ... مان اهو سڀ ڪڏهن ٿيڻ ڪونه ڏيندس. ها نه ڪيم تڏهن ته بگڙيو نه... چئي ... تون انهي ڪري ها نٿي ڪرين جو توکي پنهنجو پيٽ جو سُور آهي... تون زيب النساء جو سڱ پنهنجي خاندان ۾ ڏيڻ ٿي گهرين... مون ڏاڍو سمجهايومانس ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي آهي...منهنجا مائٽ يا تنهنجا مائٽ...ڪهڙو فرق ٿو پوي... تون ڀلي ڪٿي به نياڻيءَ جو هٿ ڏي... مون کي ڇو اعتراض ٿيندو، باقي هي رشتو سو مون کي قبول ڪونهي. چوڻ لڳو، پنهنجا ته آهن... چيومانس، منهنجا مائٽ به پنهنجا آهن، رشتو ڳنڍيل آهي ته پنهنجا ئي ٿياسين نه... ته بس الاءِ ڇو بِرُ ٿي ويو... چيائين، تون منهنجي پنهنجي آهين... باقي سڀ ته ڌاريا آهن... چيم، مان به ته هُنن مان ئي آهيان.
بس قهر ٿي ويو. باهه ٿي ويو. چيائين، تنهن جو مطلب اهو ته تون اڄ ڏينهن تائين اسان جي ٿي ڪونه سگهين آهين.
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه آئي. جيستائين ورندي ڏيانس تيسين هُن پنهنجي پاران جواب گهڙيندي دير ئي ڪانه ڪئي، چيائين، آهين نه ڌاري...پنهنجي ٿي ڪونه سگهي آهين.“
مان سڄي سراپجي وئي هئس. مٿو وري ڏکڻ لڳو هو. الاءِ ڪهڙو ڊپ مون ۾ گهڙي آيو هو، منٿ ڪندي چيومانس، ”هُو ائين ڪندو ته ڪونه امان؟...“
”ڪير؟“
”بابا“
”مرد ماڻهو آهي زيب النساء... ڪرڻ لاءِ ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.“
***
بابا سائين به عجيب هو. اسان اولاد ۾ ته جهڙو ساهه هئس. مان ڇاڪاڻ ته سڀني ۾ وڏي هئس تنهن ڪري مون کي سدائين پنهنجي ويجهو رکندا هئا. ڪابه ڳالهه، جنهن ۾ مشورو گهربو هئس، سا به هن ننڍڙي ڄمار ۾ مون سان ئي ڪندو هو، جيتوڻيڪ مان پندرنهن سورنهن سالن جي ئي هئس ۽ منهنجي حياتيءَ ۾، منهنجو ڪو ايڏو خاص تجربو به نه هو،
مون لاءِ حيرت هئي ته ايڏي وڏي ڳالهه مون لاءِ بابا سائينءَ ائين سوچي ئي ڪيئن؟ هُن ته سدائين مون کي گهڻو پڙهائڻ جا درس ڏنا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته هيج ۾ هُو مون کي ڊاڪٽر ڊاڪٽر به سڏيندو هو. سو ائين هڪدم منهنجي شاديءَ لاءِ سوچيندو!؟ اهو سڀ ته منهنجي دماغ ۾ ئي نه پئي آيو.
”ڪاوڙيو ڏاڍو پر مون به دت هنيو آهي.“ امان ڳوڙها اُگهيا، ”سنئون سڌو ٻُڌايو اٿمانس ته اهو سڀ منهنجي جيئري ڪونه ٿيندئي... ها مُئس ته پوءِ هاڻ ڪهڙو وس هلندم.“
”خير گُهر امان ... اهڙي ڳالهه ڇو ٿي ڪرين؟“ مان سڄي دهلجي وئي هئس.
”ڇو ڀلا... ڪُوڙ ٿي هڻان ڇا امان؟“ هُن وڻ ويڙهيءَ جيان مون کي پاڻ ۾ ويڙهي ورتو، ”جيستائين سسِيءَ ۾ ساهُه آهي، تيسيتائين ته ائين ڪونه ٿيندو... باقي پوءِ کَٽين تنهنجا ڀاڳ...“
سندس سڄو جسم ڏڪيو پئي، منهنجي مٿي ۾ به سُور ڄڻ مُترڪا ٿي هنيا. روئڻ مون کي به ڏاڍو آيو ۽ ٻئي ڄڻيون هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري الاءِ ڪيتري دير ائين روئنديون رهيون سين. نيٺ هُن پاڻ سنڀالي ورتو. هلڪي مُرڪ چپن تي آڻيندي چيائين، ”همت نه هار ڌيءَ ... هڪڙو طوفان ٽري ويو نه ... خير آهي، جي ٻيو آيو ته ٻئي کي به ڏسنداسين... تون هٿ مُنهن ڌوءُ، ڪپڙا مَٽائي ته مان ماني لڳايان...“
منهنجي بُک ته الاءِ ڪيڏانهن وڃين چڪي هئي. مٿو سُور کان ڦاٽي رهيو هو. ڳوڙها اُگهندي چيم، ”چانهه پِيار امان... گوري ڪا کاوان ته سُور لهي... ماني نٿي کاوان.“
امان مون کي نرڙ تي هڪ وڏي چُمي ڏني، ”اها سڀ شڪست جي نشاني آهي زيب النساءِ... جيڪا مان توکي ۽ پاڻ کي ٿيڻ ڪونه ڏيندس. عورت هارائيندي ناهي زيبو... جي هارائي ته وري ڪڏهن به زندگيءَ ۾ کٽي ناهي سگهندي... اهو ڪڏهن به نه وسارجانءِ... اُٿي مُنهن ڌوئي اچ ۽ ماني کاءُ ... ۽ ها چانهه به پيئجانءِ بس.“
هُوءَ پاڻ سنڀالي اُٿي وئي هئي. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان؟ پاڻ سنڀاليندي مان به پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي هئس.
*
اُن رات بابا دير سان گهر آيو هو.
اهو به اسان جي حياتيءَ جو هڪ دستور هئو ته بابا روز رات جو کٽ تي ليٽندو هو ته مان سندس پيرن کي زور ڏيندي هئس. هُو ڏاڍو روڪيندو هو، پر مون کي اهو سڀ ڏاڍو پسند هو. الاهِي ڀيرا ڪاوڙ ڪئي هئائين ته نياڻيون اهو سڀ ناهن ڪنديون پر مان ڪٿي ٿي مُڙان. هُو اچڻ ساڻ هٿ مُنهن ڌوئي ماني کائيندو هو، جنهن ۾ به پاڻيءَ جو گلاس ڀريل رکڻ ۽ رڌڻي مان گرم مانيءَ جي آڻڻ جو ذمو منهنجو هوندو هو. ماني کائي هُو هڪدم ليٽندو هو جنهن لاءِ مان کيس سدائين منع ڪندي هئس ته ڊاڪٽرن جي اصولن موجب ماني کائي هڪدم سمهڻ نه گهرجي پر هُو سدائين کِلي ٽاريندو هو. مان آهستي آهستي سندس مُرين ۽ پيرن کي زور ڏيندي هئس. امان مانيءَ جا ٿانوَ ڌوئي واندي ٿي ايندي هئي ته ابي کي کونگهرا هوندا هئا ۽ اهو ڄڻ اسان جو روز جو معمول هو. بابا رات جو جلدي سمهڻ جو عادي هو ۽ ان ڪري اسان ٻارن ۾ به اها ئي عادت هئي. سڀني کي ٻئي ڏينهن اسڪول وڃڻو هوندو هو سو جلدي سمهڻ جو هڪڙو معقول بهانو به هوندو هو. بس مان رڳو ابي لاءِ جاڳندي هئس.
هُو اندر آيو ته سلام جي جواب ۾ سلام چئي سڌو غسل خاني ڏي هليو ويو. مون کي لڳو، اڄ سندس مُک تي اُها مرڪ نه هئي جيڪا روز هوندي هئي. مون کي لڳو هو، الاءِ سڀ ائين هو.
ٽوال جهلي بيٺي هئس. ٻاهر نڪتو ٽوال ورتائين ۽ مُنهن اُگهندي پڇيائين، ”ماڻهين جاڳي ٿي؟“
امان رڌڻي مان ئي سڀ ٻُڌي رهي هئي، ورندي ڏنائين، ”ماني پئي پچايان توهان لاءِ...“
پنهنجي کٽ ڏانهن ويندي ۽ ٽوال مون کي ڏيندي چيائين، ”ماني کائي آيو آهيان مان، تون خفو نه ڪر...“
منهنجي دل دهلجي وئي هئي... الله.... سڀ ڪجهه ايڏو جلدي مَٽجي پيو ڇا...! ابي کي ڇا ٿيو آ...؟ هڪ ڏينهن ۾ اهو سڀ ائين ٿيڻو هو ڇا!
”خليفي نورل وٽ ويٺو هئس، ضد ڪيائين سو کارائي ڇڏيائين.“ هُو کٽ تي ليٽي پيو. مون ٽوال اڱڻ ۾ تار تي واپس وڇايو ۽ موٽي سندس پيرانديءَ کان ويٺس. اکين ۾ الاءِ ڇا ڀرجي آيو هئم. الاءِ مون کي اهو ظاهر ڪرڻو هو الاءِ نه ته امان مون سان ڪو ذڪر ڪيو هو. يا مون کي ڪا خبر آهي...سندس اکيون بند هيون. امان رڌڻي مان ٻاهر نڪري آئي، ڪجهه چوڻ نه چوڻ جهڙي حال ۾ هئي. ابي جي انداز کي ڏسندي چَپَ ڀڪوڙي واپس موٽي وئي، هٿ ڄڻ اڳيان وڌيا ئي نه پئي... ان ئي حال ۾ ڪٿان پريان ابي جو آواز آيو، ”زيبو... ڊاڪٽر... اڄ ٿڪُ وڌيل آهي، تنهنجو زورن ڏيڻ جو مُوڊ ناهي ڇا؟“
”ڏيان ٿي بابا.“ الاءِ ڪيئن چيم ۽ سندس پيرن تي هٿ رکيم. ڏٺم، منهنجي هٿن تي منهنجا ڳوڙها ڪريل هئا.
روح جا زخم به عجيب هوندا آهن. نظر ايندا ناهن ۽ ڏُکوئڻ ۾ ڪمال هوندا آهن. جسم جي درد جي دوا ته ملي ٿي، زخم ڀرجي به ٿو، روح جي لاءِ مرهم ڪٿان اچي! ۽ خبر ڪيئن پئي ته زخم ڀريو يا نه! پنهنجن جي زخمن جو وڏو ڪمال شايد اهو به هوندو آهي جو اُهي سنوان سڌا روح تي لڳندا آهن. زخم ناسور بڻجندا آهن، روڳ شديد ٿي ويندو آهي.
مون کي ڪڏهن اهڙو اندازو نه ٿيو هو. عمر جا اُهي سڀ ورهيه ميٺ محبت ۾ گذريا هئا. امان ۽ بابا ڪڏهن به اسان جي سامهون ڪنهن به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو هو. اڄوڪو ڏينهن اهو پهريون ڏهاڙو هو جو سڀ ڪُجهه ڄڻ واچوڙن جي حوالي هو.
مون هٿن جي پُٺين کي، سندس پيرن تان تڪڙو کڻي ورتو. تيزيءَ سان، ٻانهن کي اکين تي گهمايم. هُن پنهنجيون اکيون کولي ڇڏيون ”ڇا ٿيو زيبُو؟“ .
”ڪُجهه نه بابا“
غور سان مون ڏي نهاريائين ”اکين ۾ ڪُجهه پيو ٿئي ڇا؟“
دل چيو چوانس، امان جي درد جو سُرمو پئجي ويو آهي. جيڪو شايد صحيح نموني سان پيٺل ناهي. ڪُجهه ڪُڪرا رهجي ويا هئا جيڪي اکين ۾ لڳن ٿا... پر چئي نه سگهيس نڙيءَ مان ڪو ٻيو جواب نڪتو. ”ها... شايد ڪا دز آهي“ .
”هوا ته اهڙي ڪانه پئي لڳي، پوءِ دز ڪٿان آئي؟“ ابي چئو طرف ڏٺو ۽ وري وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ڇڏيائين ”جي اکين ۾ ڪُجهه محسوس ڪرين ٿي ته ڌوئي اچ، پوءِ اچي زور ڏي“.
مان اٿيس ته امان اندر داخل ٿي رهي هئي. اسان جون نگاهون هڪ ٻئي سان مليون ته ڄڻ ٻنهي وٽ سوال ئي سوال هئا، جن جو شايد ڪو جواب، في الوقت ڪنهن وٽ به ڪونه هو.
باٿ روم ۾ اچي، مون ڄڻ پنهنجي نڙي گُهٽي ڇڏي هئي. بي آواز رئندي رهيس. لڳم، نلڪن ۾ شايد ايترو پاڻي نه هجي جيترو اکين جي آبشارن جاري ڪيو هو. پاڻ سنڀاليندي موٽيس ته ابو ائين ئي ليٽيل هو ۽ امان پريان کٽ تي چُپ چاپ ويٺل هئي. مُنهنجي اچڻ کي محسوس ڪندي، ابي اکيون کوليون ”نڪتئي ڪُجهه اکين مان ڇا؟“
”ها بابا... ڪُڪرو هو ننڍو... پاڻيءَ جي اُڇل سان نڪتو.“
”اکين ۾ توب جو گولو ته وڃڻ کان رهيو امان...“ ابي مون ڏي گُهورَ ڪئي ”مهٽا گهڻا ڏنا ٿئي يا روئي آئي آهين؟“
”روئي آئي آهي سائين“ امان دخل ڏنو. ”مُنهن جي سوڄ نٿي ٻُڌائيوَ ڇا؟“
ابو هڪدم اُٿي ويٺو. اشاري سان پاڻ ڏانهن گُهرايائين ”هيڏي اچ“
چُپ چاپ وٽس ويس ته کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين ”ڊاڪٽر... ايڏي ننڍڙي دل ڪبي آ ڇا؟... هان... دلڙي ٻلڙيءَ جيتري ڌاربي آهي ڇا؟“
اکين جا بندَ وري ڀَڄي پيا هئا. هُن جي سيني سان لڳس ته الاءِ ڇا ٿيڻ لڳو. بابي مونکي پنهنجين ٻانهن ۾ ميڙي ورتو ۽ نرڙ چُمندي چيائين ”چري آهين ڇا زيبُو؟... امان... ڌيءَ... پاڳل ته ناهين؟... هان... ٿيو ڇا هي!؟“
ڀڳل ٽٽل آواز ۾ چيم ”امان کي اوهان ڌاريو ڇو سڏيو بابا؟!“
هُن کان رڙ نڪري وئي ”اڙي!... ان ڳالهه تي ايڏو فساد ڪيو ٿئي؟“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، سُڏڪا اڃا بيٺا نه پئي.
”پاڻي کڻي آءُ هُن لاءِ شمعان“ بابا امان کي چيو جنهن جون پاڻ اکيون ڀڄي رهيون هيون. ”پاڻي پئي ته ڪو سُڏڪا بس ڪنس“
امان ٻاهر نڪري وئي ”تون پاڻي پيءُ... مان پوءِ تو سان ڳالهايان ٿو“ هُن منهنجا وار سنواريا ”مُنهنجي ڏاهي ڌيءَ آهين تون... مون ته سوچيو ئي ڪونه ته تون ڪو ايڏي ڏُکاري ٿيندينءَ؟“
”ڪمال ٿا ڪيو بابا... اهڙي ڳالهه ڪندئو ته ڏُک به نه ٿيندو ڇا؟“
”اي پر، اهو ته ماڻهين کي مان مشڪريءَ ۾ چوندو رهندو آهيان... اڄ ڪهڙو خاص ڪم ٿيو آ؟... پر هُن تو سان ڳالهه ڇو ڪئي؟“
دل ۾ آيم... خاص ڪم اهو ناهي جو مُنهنجو رشتو ٿو ڪرائين يا توکي منهنجو سڱ به بس عام ڳالهه ٿو لڳي ۽ ٻي ڳالهه ته خبر اٿئي نه بابا ته امان مون سان ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي... پوءِ به پُڇين ٿو. مون کي الاءِ ڇو ائين لڳو ته ڄڻ هو مون کان لنوائيندو هجي. کيس مُنهنجي درد جي خبر به هجي ۽ هو درمان به نه ڪرڻ چاهيندو هجي. مُنهنجو ابو اهڙو ته نه هو. هي ڪُجهه گهڙين ۾ سڄو جهان ڪيئن مٽجي ويندو آهي.! ڇا مان ڇا ٿي ويندو آهي. ۽ خبر به نه پوندي آهي. مون کي پنهنجو پاڻ تي چڙ پئي آئي. هي ڇا پئي ڪيو مون... ڇا مان رحم جي ڳولا ۾ هئس يا مون کي لڳو ته ظلم جي ڪا حد جاري ٿي رهي آهي.!
بابا منهنجو ڪنڌ پنهنجي هٿ سان پري ڪيو ۽ امان ڏي نهاريائين. جيڪا پاڻيءَ جو گلاس کڻي آئي هئي. امان جو مُنهن ائين ئي هيو. لڳو پئي زندگيءَ جي ڪا رمق سندس مُک تي نه پئي آئي.
”تو هن سان اها ڳالهه ڇو ڪئي شمعان؟“ هُن امان کان پاڻي گلاس ورتو ۽ مون ڏي وڌايائين ”آ... پيءُ... من ڪُجهه اوٻر لهئي.“
پاڻي پيتم ته امان جو آواز ڪنايم ”هڪ ڌاري ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي سائين!؟
ڳالهه بيحد ننڍڙي هئي، جيڪا هڪ ”لفظ“ جي پنهنجي محبوب شخصيت جي واتان اُچار کان شروع ٿي هئي. هيترا ورهيه اهو قصو هلندو آيو هو ته امان بهرحال ٻي خاندان مان آيل هئي. ڌارپ جو تعلق جُڙيو هو جنهن جو طعنو وقتن فوقتن کيس ٻُڌڻو پوندو هو. ڪٿي ڪڏهن عام زندگي ڪا ڪوتاهي ٿي ويندي هئي يا وري جي امان سان پُڄي نه سگهندا هئا ته آخري حربي طور اهو تير ڇڏيو ويندو هو، جيڪو امان کي گهايل ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. هوءَ گهاءَ سهندي هئي، وقت جو مرهم رکندي هئي ۽ ٺيڪ ٿي ويندي هئي پر هن واري ڇاڪاڻ ته کيس اهو سڀ شدتن سان بابا جي واتئون ٻُڌڻو پيو هو، سو شايد تڪليف وڌيڪ هئس.
بابا امان ڏي نهاريو، اُٿي ويٺو، وهاڻي کي ٽيڪ ڏنائين ته پير مُنهنجي هٿن مان سرڪي ويا. ”توکي اڄ اهو سڀ ايڏو خراب لڳو آهي شمعان؟“
هُن امان ڏانهن نهاريو جيڪا سامهون واري کٽ تي اچي ويٺي هئي.
”ان ۾ چڱو لڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي سائين!“ هُن ورندي ڏني. آواز الاءِ ڇو لاچار هئس.
”پر مان ته توکي مشڪري مشڪريءَ ۾ ائين چوندو رهندو آهيان... ڪو پهريون ڀيرو ته ڪو ڌاري ڪونه چيو اٿم.“
امان جي چپن تي هلڪو زهر ٻُرڪيل هو. ڪنڌ جُهڪائيندي ۽ کٽ جي واڻ کي کوٽيندي چيائين ته ”اڄ ئي ته پهريون ڀيرو چيو اٿوَ“
”چري آهين ڇا؟“ ابي جو لهجو بُلند ٿيو هو، وري سندس آواز جيڪو اُٿيو ” ٻار سُتا پيا هن... گوڙ مناسب نٿو لڳي، مون کي هن مهل رڙيون ڪرائيندينءَ ڇا؟“
مُنهنجي اندر ۾ ڪُجهه هو، الاءِ ڇا هو. چئي ڏنو مانس ”امان اهڙي ڪهڙي غلطي ڪئي هئي بابا جو توهان ائين ڪاوڙ پيا ڪيو؟ اهڙي ڪاوڙ اوهان اڳ ۾ ته ڪڏهن ڪونه ڪئي آهي“
ابي مون ڏانهن نهاريو. ڪُجهه چوڻ گهريائين وري چپ ڀڪوڙي ڇڏيائين. وهاڻو ڪُجهه وڌيڪ مٿڀرو ڪري بلڪل سڌو ٿي ويٺو.
”تون هاڻي وڏي ٿي وئي آهين زيبُو“ هُن ڪُجهه ترسي ڳالهايو ”ڳالهين کي سمجهين ٿي، سياڻي آهين، ماڻهين سان منجهند ڳالهايم ته سنئين مُنهن ورندي نه ڏنائين...“
”ڳالهه سنئين مُنهن ورندي ڏيڻ جي هُئي سائين...!“ امان سندس ڳالهه ڪٽي. هُن ڪاوڙ وچان امان ڏي نهاريو.
”مان زيبُل سان ڳالهه پوري ڪيان“
امان ڪُجهه نه وراڻيو، چُپ ٿي ته بابا مون ڏانهن ڌيان ڏنو.
”تنهنجو سڱ آيل آهي ڌيءَ... قيوم جي پُٽ لال بخش جو... ماڻهين سان بس ڳالهه ڪيم ته بَرُ ٿي وئي... اهڙا اُبتا سُبتا جواب ڏيڻ لڳي، جو اندر کي ڄڻ باهه لڳي وئي... توائيءَ ۾ اهو سڀ چئي وڌو مانس“
”توهان رڳو ڳالهه ڪئي سائين يا سختيءَ سان چيوَ ته اهو سڱ مون کي ڪرڻو آهي.“ امان اکيون اُگهيون ”مان چري آهيان ڇا جو اُبتا سُبتا جواب ڏيان... توهان اهڙي نموني ڳالهايو جو بس لڳم ته اهڙو ڪو فيصلو ڪري ئي آيا آهيو.“
”مون ڪڏهن ڪو فيصلو زيبُل کان پُڇڻ بنا ڪيو آهي شمعان؟“ بابا امان کي گُهور وڌي ”پُڇ پنهنجي ڌيءَ کان... مون ڪڏهن هُن جي مرضيءَ جي خلاف ڪا ڳالهه ڪئي آهي؟“
”جي ائين هو ته ڳالهه اُن سان ئي کڻي ڪيو ها نه سائين“ امان چيو ”مون کي ڇا لاءِ دهمانَ پئي ڏنوَ؟“
”اڙي ته ڳالهه تو سان ڪندس نه چري... ماءُ ته تون آهين... پهرين تو سان ڳالهه ڪندس پوءِ ڌيءَ سان ڳالهائيندس نه...“
”ته ائين ڳالهائبو آهي جو...“
ابي ڳالهه ڪٽي ”ڀلا لکت ۾ ڏيان ها ڇا؟... الله جي بندي، جيئن ڳالهه ڪبي آهي ائين ئي ڪيم... بس تو نه ڪئي، مون کڻي چُپ ڪئي.“
”چُپ ڪٿي ڪيوَ... درَ سٽيندا، ٿانوَ ڪيرائيندا هليا ويو، مٿان وري رات جي ماني به کائي آيا آهيو... ائين ڪڏهن اڳ ۾ ڪيو اٿوَ.“
امان هاڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڳالهائي رهي هئي، پر سندس آواز ڳوڙهن ۾ آلو ڀَتُ ٿيل هو.
”اها رڳو غلطي ڪئي ٿم ته خليفي نورل وٽان ماني کائي آيو آهيان. باقي ٻيلي... اها ڳالهه اتي ئي ختم ٿي هئي... مطلب.. تو نهڪار ڪئي اُڦٽ.. ته مون قصو سمجهي ورتو هو. ڪاوڙ سا لڳي هئم پر شام تائين اها به لهي وئي هئي.“
”توهان کي خبر آهي بابا... اسين توهان کان سواءِ رات جي ماني ناهيون کائيندا...“ مون ٻي کٽ تي وڃي امان کي ڀاڪر ۾ ڀريو، ”يا توهان کي هاڻي اها خبر به ناهي.“
هُو مرڪيو، ”تون پنهنجي ماءُ جي رويَن وانگر ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر ڊاڪٽر... خبر ٿم .. چڱو ڀلا ٺيڪ آ... ماني گرم ڪيو ته کائون ٿا...“
”توهان نه کائو.“ امان پاڻ سنڀاليو، ”اجايو ڀرتي ٿي پوندوَ.“
”ٻه گرهه هڻندس ته ڪونه ٿيندي.“ هُن مرڪيو، ”تون گرم ڪري کڻي آءُ شمعان.“
مون امان کي پيشانيءَ تي چُمي ڏني، ”تون ويهه امان... مان ٿي گرم ڪري اچان.“
هُن مون کي ڳراٽڙي پاتي، ”نه نه ... تون ويهه، مان منٽن ۾ ٿي کڻي اچان“ اکيون اُگهندي هو هلي وئي. ابي مون ڏانهن نهاريو.
”هيڏي آ ڊاڪٽر“ سرڪي ويٺو ”آءُ، هتي ويهه“
مان سندس ڀر ۾ ويٺيس، هُن منهنجو هٿ جهليو ”مائٽَ جهڙي مسڪڻي دل به رب ڪنهن جي نه ٿئي خلقي... الاءِ ڇا ڇا ويٺو سوچيندو آهي. اکيون هونديون آهن جيڪي خوابن سان ٽمٽار هونديون آهن، اولاد لاءِ ته بابا، ماڻهو خواب ئي ڏسندو آهي، پوءِ ڪي ڀوائتا هوندا آهن ۽ ڪي سُٺا... سُٺن جي آسري تي ڀوائتا به ڏسڻا پوندا آهن. اڄ به سمجهجانءِ ته مون ڪو اهڙو ئي خواب ڏٺو... ۽ پليز، وڌيڪ نه سوچجانءِ.“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، نڙي ڀرجڻ شروع ٿي هئم.
”حياتيءَ تي ڀروسو ناهي نه امان، ۽ جڏهن پيئرن کي پنهنجي حياتيءَ موڪلائيندڙ لڳي ته اُنهن لاءِ سڀ کان وڏو فڪر سندن نياڻيون هونديون آهن. پُٽن جو ڇا آهي، اُهي ته هٿ پير هڻي تڳي پوندا آهن... نياڻين جو هٿ، چڱي هٿ ۾ نه وڃي ته قبر ۾ به چين نه ايندو آهي.“
اُن رات جا پويان پهرَ بيحد حسين هئا. ماني کائڻ کانپوءِ مون بابا سان جام ڪچهري ڪئي هئي. هوڏانهن امان جو موڊ ٺيڪ ٿي ويو هو، جيئن بارشن کان پوءِ وڻ ڌوپجي وڃن ۽ نظارا نوبنا ٿي وڃن ائين ئي سڀ ڪُجهه فريش ٿي ويو هو. بس هڪ کُٽڪو هو جيڪو اندر ۾ لهي آيو. هي سڀ ائين ڇو ٿيو هو... دلين ۾ ڏار ڇو آيو هو!؟
چاچا قيوم، بابا جو سئوٽ هو جيڪو مناسب حد جو زميندار هو. سکيو ماڻهو هو ۽ سندس اولاد به چڱائيءَ جي رستي تي هلندڙ هيو، سواءِ ان لال بخش جي، جنهن کي سڀ ڪو لالڻ لالڻ سڏيندو هو. مون کان عمر ۾ وڏيرڙو هو. سندس شوق شاهانا هوندا هئا. زمينن تي وڃڻ کيس ڀانءِ نه پوندو هو. زمينون رڳو ڪنهن نه ڪنهن عرصي لاءِ مقاطي تي ڏنل ئي هونديو هيون ۽ پاڻ ان ”ٿوري“ مان چانهه پيسٽري ۽ لٻاڙ تي گذارو ڪندو هو. يا ته سندس اوطاق تي ڇَڪَي راند پئي هلندي هئي يا تاس جي بازي... اها سو چڱائي هُئي جو جوا ڪونه کيڏندا هئا، باقي چانهه جو ڪيٽلو چڙهيو پيو هوندو هو. جي اُتي ڪا کوٽ ٽوٽ ٿي ته هوٽل وارو حاضر. ٻُڌو هئم ته اُن جو بل به هر مهيني هزارن جو ٺهندو هو. مٿان وري ڳوٺ ۾ کُليل پان جي دڪان کندا کڻائي ڇڏيا هئا. اهو به ڪو هر مهيني ٻن ٽن هزارن جو پرچو اوڳاڙيندو هو، لالڻ ميان جون لاليون، ڀتين تي اُڇلايل صاف نظر اينديون هيون. حالت اها هوندي هئس جو سندس ڳالهايل اکر کان وڌ، سندس اشارو سمجهه ۾ ايندو هو.
اسين عيد براد ٽڪربا هئاسين، سو به جڏهن وڏڙن جا ميلا ڪٺا ٿيندا هئا. اسان جي اباڻي گهر ۾ سڀ اچي گڏبا هئا. لالڻ ۽ سندس هم عمر ۽ مُنهنجا ڪزنز وري به ڪانه ڪا بازي وڇائي ويهندا هئا. چاچا قيوم ڪڏهن به سندس لالا رنگيءَ يا نيستيءَ تي ڪو اکر به ڪونه اُڪليو هو. بس هو ته ڄڻ سندس اکين جو تارو هو.
ڳالهه اندر ۾ اها هُري هُئي ته بابا کي اهو سڀ ڏسڻ ۾ نه آيو هو!؟ يا هُن ڏسي درگزر ڪيو هو؟ هُن امان سان اهڙي رشتي جي ڳالهه ڇو ڪئي هئي؟ ڇا هو اُن سڄي راز جو بُڻ بنياد؟ جيترو سوچيندي هئس پريشان ئي ٿيندي هئس.
ڪلاس ۾ نصيبان مُنهنجي ويجهو هُئي. ڄائي ڄم کان گڏ هئاسين ۽ مٿان وري پهرئين درجي کان گڏ پرهيا هئاسين ۽ هاڻي اچي مئٽرڪ ۾ پهتا هئاسين. رڳو اسڪول ۾ ئي ڏهه سال گڏ گذريا هئا. هونئن به جيڪو پنهنجو لڳي سو ته هڪ پل ۾ ئي پنهنجو ٿي ويندو آهي، پر هڪڙو سچ اهو به ته آهي ته جنهن کي پرايو ٿيڻو آهي تنهن کي وري ڪهڙيون صديون ٿيون لڳن.
نصيبان، اسڪول ۾ مُنهنجي چهري تي الاءِ ڇا پڙهي ورتو. ٿوري نويڪلائي هُئي ته هُن اچي منهنجو پاسو ورتو هو ”ڪا ڳالهه آهي زيبُو!؟ ائين مُنهن ڇو لٿل ٿئي؟“
پنهنجو پاڻ سنڀاليو هئم. چهري جي پني تي الاءِ ڪُجهه لکجي ويو هو الاءِ ڇا... چوويهن ڪلاڪن ۾ شايد مُنهَن جو پنو مٽجي ويو هئم، تڏهن ته هُن هڪدم سوال ڪيو هو. نه ڪا شروعات هئي نه تمهيد... بس سڌو سنئون سوال هو. ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪي ڪي سوال ڀالا هوندا آهن، ڪٽارون هونديون آهن، تير تفنگ هوندا آهن. بس رڳو اُنهن ۾ اها ڳالهه اهم هوندي آهي ته اُهي نظر نه ايندا هئا ۽ جسم ۽ روح ۾ گهڙي اذيت ڏيندا آهن.
”مُنهنجو مُنهن لٿل آهي ڇا؟“ پاڻ سنڀاليندي چيم ”نه ڪو... اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي“
”سنئين سڌي پريشان ٿي لڳين... هاڻي اهو به مان سُڃاڻي ڪونه سگهنديس ڇا؟“ هُن گُهوريو ”ڪنهن کي ٿي بيوقوف سمجهين؟ پاڻ کي يا مون کي...! ڪا ڳالهه ٿي آهي ڇا؟“
”توکي ڪهڙي ڳالهه لڳي ٿي؟“ مون کيس وڪڙ ۾ آڻڻ چاهيو. الاءِ ڇا سمجهيو هئائين. ڪُجهه هُن جي واتان به ته نڪري.
”مون کي بس صبح کان ئي لڳو هو ته تون اڄ مزي ۾ ناهين، ڪنهن فڪرات ۾ ورتل آهين... ڪو ڏُک ٿيو ٿئي؟“
”ڪالهه بس مٿي ۾ سور هو... اُن ڪري رات به اڌو گابري ننڊ آئي“ مون پاڻ سنڀاليو شڪر ٿيو هُن ٻي ڪا ڳالهه نه سمجهي هئي.
”مٿي جي سور ۾ ايترو رُني آهين؟“ هُن مرڪيو ”اکين جا پاسا واهه جا سُڄيل ٿئي“
انسان جو چهرو به ڪمال هوندو آهي. الاءِ ڪيتريون وارتائون لڪائيندو آهي، الاءِ ڪيتريون ظاهر ڪندو آهي. اسين سمجهندا آهيون، ڳالهه لڪايون پيا... ٿي ظاهر ويندو آهي. الاءِ ڪيترن تي ظاهر ڪرڻ گهرندا آهيون... ظاهر ڪُجهه به ڪونه ٿيندو آهي.
”وري ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ رائيٽر صاحبه؟“ هُن هٿ لوڏيو مون کي چڙ اچي وئي.
”اهو رائيٽر وارو طعنو نه ڏيندي ڪر“
”روز ڊائري لکين ٿي... ڪاغذ ڪارا ٿي ڪرين... پوءِ رائيٽر ناهين ته ڇا هين؟“
”ڊائري لکڻ وارو ڪو رائيٽر ٿي پوندو آهي ڇا؟“
”ته پوءِ مان ڇو نه ٿي لکان؟“
”اهو تون ڄاڻ نصيبان... مون کي ته بس ائين شوق آهي.“
”اڙي ته رائيٽر ته ٿينءَ نه... شوق ئي صحيح پر بهرحال ائين ٿئي ته ٿو... خير ڇڏ ان ڳالهه کي، ٻُڌاءِ ڇا ٿيو آ؟“
مون پاڻ سنڀالي ورتو هو، مُنهن پڪو ڪندي چيم ”ڪُجهه نه، جيڪي ٿيو سو ٻڌايم ته سهي.“
”الاءِ... مون کي ته ائين لڳو ڄڻ تنهنجو زوريءَ ڪٿي رشتو ٿيندو هجي.“
هُن چئي ڇڏيو... هُن الاءِ ڇو ائين چيو هو. ***
”تون وڏي عالمياڻي ٿي ويئي آهين نصيبان.“ مون پاڻ سنڀاليو، ”سائين ساجن سوائيءَ جون زيارتون وڌائي ڇڏيون ٿئي ڇا؟“
سندس مُک تي ورق وري ويا، کلندي چيائين، ”ٻُڌائڻ نٿي گهرين ته نه ٻُڌاءِ.... ائين مهڻا ته نه ڏي.“
”۽ هُو جو تون مون کي رائيٽر ٿي سڏين... ڊائريءَ جا مهڻا ٿي ڏين... سو؟“
مون به وارو ورتو، وقت ڪافي ملي ويو هو، سمجهيم هاڻي هُن جي وَٺُ ۾ اچڻ واري ناهيان.
”ليکو چوکو ڪيئي نه!؟ بس... هانءُ ٺريئي؟“ هُن مُنهن سُڄايو، ”تنهنجي عادت آ زيبل، اتي جو اُتي حساب ڪتاب برابر ڪندي آهين.“
مون کيس ڀاڪر پاتو، ”چري آهين ادي... اهڙو ڪهڙو حساب ڪتاب...؟ تو ڳالهه ڪئي هيڏانهن مون به کڻي چَپَ چوريا.“
هُن پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي، ”ها بِيبي... اسان ڳالهايون ٿا، تنهنجا چَپَ چُرن ٿا... بَلي.“
لڳم واقعي به ڪاوڙجي وئي آهي. هاڻي ته مُٺيس جهڙو.
نصيبان ۾ اها عادت عجيب آهي. يا ته ڪاوڙبي ڪانه ۽ جي ڪاوڙجي ته بس... ڄڻ در کي ڪُرف اچي ويو ۽ چاٻي گم ٿي وئي. کيس پرچائڻ لاءِ يا ته محبت جي ساڳي چاٻي ڪم ايندي يا وري هڪ زبردست جهيڙي کان پوءِ اهو دروازو ٽُٽندو.
هُن پاڻ ڇڏايو هو، لڳم تالو بند ٿي ويو ۽ چاٻي اُڇلجي وئي. بيوسيءَ وچان چيم، ”گهر ۾ ڪالهه ابو، امڙ تي ڪاوڙيو هو نصيبان.“
هُوءَ سڄي ڇرڪجي وئي هئي. لڳم ڄڻ سندس ويجهو ڪو ڌماڪو ٿيو هجي.
”چاچا!... هان چاچا؟“ هُن حيرت مان پڇيو، مون هاڪار ۾ ڪنڌُ لوڏيو.
”چاچا...سو به چاچيءَ تي!؟“ هُن وري ورجايو شايد کيس مُنهنجو آواز يا ڪنڌ جي ڌوڏِ سمجهه ۾ نه پئي آئي.
”ها...امان تي“ مون وڏو ساهه کنيو ڄڻ سيني تان ڪو بار لاٿو هُجيم ”تلخي پهريون ڀيرو ڏٺم هُنن جي ته بس مُنهنجي به حالت خراب ٿي وئي هئي نصيبان“.
”تنهنجي سامهون وڙهيا هئا ٻئي؟!“ هُن جون به ذري گهٽ اکيون ڦاٽيون هيون.
”نه مُنهنجي سامهون ڪونه وڙهيا هئا... وڙهي چُڪا هئا.“
”توکي ڪيئن خبر پئي!؟“
”امان ڳالهه ڪئي هئي... پوءِ بابا به هاڪار ڪئي.“
”ڇا چيائين...؟ مطلب“ هُن کان شايد ڳالهه ٺهي نه پئي، بس مڙئي سوال پئي ڪيائين.
”مطلب... بابا جي روَئيي مان لڳو ته ڪا تلخي ته ٿي هئي.“
”اڇا... پوءِ“
”پوءِ پرچي وياسين. هُن اسان ٻنهي کي پرچائي ورتو... امان سان به ٺيڪ ٿي ويو... مون سان به.“
”پر تو مڙئي روئي روئي رَڇَ ڀريا هوندا“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. نصيبان ڪُجهه لمحن لاءِ چپ ٿي وئي پوءِ چيائين ”اُهي پهرين به وڙهندا هوندئي زيبُل... تنهنجي سامهون پهريون ڀيرو کُليا اٿئي، لڳي ٿو معاملو به ڪو تنهنجو هوندئي.“
مُنهنجي اندر ۾ وري ڊوڙ شروع ٿي وئي هئي، ڇوڪريءَ آهي يا هچا! ڳالهه سان ڳالهه جي زنجير ڳنڍيندي ٿي وڃي. اُهي ڇيڙا هن کي ڪٿان ٿا هٿ اچن!؟ هٿ اچنس ٿا يا مان پاڻ هٿ ڪري ڏيانس پئي!؟
”مُنهنجو وري ڪهڙو معاملو هوندو ڀيڻ؟! هوندن ڪا پنهنجي ڳالهه، خير ٿي ويو... بس هاڻي ڇڏ هُن جي ڳالهه کي... اڄ ٽفن ۾ ڇا آندو اٿئي، بُک لڳي اٿم ڏاڍي“.
مون ڳالهه بدلائي، هُن جو مُنهن وري سُڄي ويو. ”کڻي ٿي اچان... آهن پٽاٽا ماني... پر هڪڙي ڳالهه مُنهنجي به ضرور ٻُڌ... تون مون کي ڀلي نه ٻُڌائي پر جنهن مهل نه پاڻ واري اها ڀٽاري ڊائري کُولي، جنهن ۾ تو ڪلهه لکيو هو ته اڄ اسان وٽ گهر ۾ ڪُهرام متو آ...“
”مون ڪلهه ڪونه لکيو هو...“ مون سندس ڳالهه ڪٽي.
هوءَ ويندي ويندي بيهي رهي. ”هل ڀلا، ڪلهه ڪونه لکيو هيئي نه... ته اڄ لکجانءِ... ڊيئر ڊائري اڄ مون حياتيءَ ۾ پڪو ڪوڙ ڳالهايو، نصيبان سان... پر مُنهنجي ڪچي ٿي وئي.“
زمين تي دڙها هڻندي هُو هلي وئي... مُنهنجو سڄو وجود ڄڻ فريز ٿي ويو هو.
***