10
”واهيات... گندو انسان... ڪيئن ٿو ڳالهائي! اسان جي به قسمت ڦٽل آ... جڏهن نڪر، اُهو چنڊو ڪٿان نه ڪٿان ٽڪريو وڃي... امان وارن سان نڪر ته گم ٿي ويندو... انهن سان ٽڪري ته خبر پويس نه...مائٽ ڪٿان جو...“
مان ماٺ هُئس، کيس اُهو سڀ مُنهنجي ڪري ڀوڳڻو پيو پوي نه ته لالڻ ساڻ سندس ڪهڙو رشتو هو.
”۽ مٿان وري هُن کي ڏس... ڊاڪٽر مطلب کي... هڪ سٽَ ۾ ادي ٺاهي ڇڏيائين... مُنهنجي شڪل ادين جهڙي آ ڇا؟“
”مطلب؟“ مون پُڇيو.
”توکي به وري اها مطلب جي بيماري لڳي وئي ڇا؟“ هُن خار مان چيو، ”۽ ها... تُنهنجي شڪل اَدَن جهڙي آ ڇا؟“
”مون چيو مانس ڇا ته توکي ادي سڏي؟“ مُنهنجي واتان به تڪڙو نڪري ويو هو.
”هل ڀلا کڻي سڏيائين ته به خير آهي...پر هُن مُئي جي واتان ادي ٻُڌي، هانءُ ئي سڙيو ٿو وڃي.“
مون کي کِل اچي وئي. ”وڻئي ٿو ڇا؟“
”ائي باهه ڏينس... وڻڻ جهڙو آهي نڀاڳو؟“ هُن تَئه وچان چيو، ”الله نه ڪري جو ماڻهو اُن سان ڪو رشتو جوڙي.“
”پر جي ادي سڏي ٿو ته ٺيڪ آهي...شُڪر آهي ڪُجهه ٻيو نٿو سڏي.“
”توکي ته ادي نٿو سڏي نه؟“ هُن چڙ مان چيو، ”توکي ته ڪوبه ادي نٿو سڏي؟“
”چڙين ڇو ٿي نصيبو...“ مون کيس ٿڌو ڪرڻ چاهيو.
”وري اُها ڳالهه“ هُن مُنهنجي ڳالهه ڪَٽي، ”مان چڙان نٿي سچي...مون کي ته اُن ڊاڪٽر مطلب جي خوشي آهي ته اُن مون کي ڀيڻ سڏيو ۽ توکي نه سڏيو.“
مُنهنجو وات ڦاٽي ويو، ”چئين ڇا پئي؟!“
”سچ ته چوانئين پئي... مون کي تولاءِ وڻي ٿو...ڀلو ماڻهو آهي... الاءِ ڇو اهو لڳيم ٿو ته هُو به مڙئي ان حساب جو آهي.“
مان هلندي هلندي بيهي رهي هُئم، ”تُنهنجو دماغ ته خراب ناهي نه؟“
”ڇو ڇا ٿيو آهي مُنهنجي دماغ کي؟... بيهه نه... هلندي هل... گهر هلي به پاڻ بحث ڪري سگهون ٿا.“ هُن مُنهنجي ٻانهن ڇڪي.
”ڏس نصيبان... مذاق هلي ٿو... پر اهڙو مذاق... تون سمجهين ٿي مون کي پسند ناهي ايندو.“
”اي ڪير پيو بدبخت پيو توسان مذاق ڪري!“ هُوءَ ٻانهن پٽي وئي. ”مذاق نه پئي ڪيائين مان به...تون تپ نه... پاڻ اُن تي پوءِ ڳالهائي سگهون ٿا...هوش ڪر...سامهون امان بيٺي آهي.“
گهٽيءَ جي موڙ تي اچي ويا هُئاسين. ماسي، در کوليو چانئٺ تي ئي بيٺي هُئي.
***
ابي جي فون آئي هُئي. چيائين پئي ته ڪٿان ڪو آسرو مليو آهي. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي در ويو هو، جنهن جون ٻانهون ڊگهيون هيون ۽ جنهن کيس خاطري پئي ڪرائي. وقت جو ڪو تعين نه هو... هُو ڪُجهه منڌل به لڳو پئي... پر بهرحال کيس پاڻ تي ضابطو رکڻ اچي پيو.
”الله مالڪ آهي زيبُل“ هُن فون تي چيو، ”همٿ مان به نه پيو هاريان.“
”چون ڇا ٿا بابا؟“
”ڇا چوندا؟“ فون مان ٿڌي ساهه جو آواز آيو، ”اها ئي ڳالهه ته ڏسون ٿا... پُڇا ڳاڇا ڪيون ٿا... پيرا کڻون ٿا.“
”ته جي پڪ ناهي ته موٽي اچو نه بابا... هتي به ضرورت آهي.“ جملو ڳالهائي پڇتايو هُئم. پريان ڄڻ کيس ڇرڪ اچي ويو هو. ”اتي خير ته آهي نه امان؟“
”جي بابا...خير ته آهي...بلڪل آهي... پر اوهان جي ڪمي ڏاڍي آهي...“ مون ڳالهه سنڀالي.
”ادي حنيفان آهي يا ڪانهي؟“ سندس آواز ۾ هاڻي پريشان هُئي.
”آهي... آهي... بلڪل آهي بابا... نصيبان ۽ ماسي ٻئي جهڙوڪر رهيون ئي هتي پيون آهن.“
”ماڻهين ڪيئن آهي؟“
”اُها به ڪافي بهتر آهي بابا.“
”تُنهنجي آواز مون کي ڇرڪائي وڌو آ زيبُل... سچي ڳالهه ڪر... ڪا گڙٻڙ ته ناهي نه؟“
”ڪهڙي گڙٻڙ هُوندي بابا؟! الله خير ڪندو... مون کي بس سِڪ لڳي هُئي اوهان جي...اُن لاءِ چيم.“
هُن ڄڻ وڏو شُوڪارو ڀريو.
”امان... هِنن ڪمن ۾ ائين ئي ٿيندو آهي... واڳ ڪنهن ٻئي جي وس هوندي آهي. مان ته سوچيان ٿو... مون کي ته کڻي لوڇ آهي... پر چاچهين قاصد کي به ته ڏس نه... رڳو مون ساڻ آهي... سڀ ڪُجهه سيڙايو ويٺو آهي... سڀ سمجهون پيا...گهر تڙ ڇڏڻ ايڏو سولو ناهي امان... پر هي ڪم به ته ڪرڻو آهي. ائين کيس ڪٽيل لغڙ وانگر ته ڪونه ڇڏينداسين نه؟“
”نه نه بابا... الله نه ڪري جو ائين ڪيون... اوهان ڳڻتي نه ڪجو. هتي سڀ خير آهي.. ٺيڪ آهي.. توهان سانءَ ستيءَ سان پنهنجو ڪم پورو ڪري اچو... رب اوهان کي ڪامياب ڪندو.“
”پويان جو خيال رکج امان... الاءِ ڇو... مون کي لڳي ٿو ته تون هڪدم وڏي ٿي وئي آهين. سڄا بارَ کڻي ڪلهن تي کنيا ٿئي... الله همٿ ڏيندءِ ٻچڙا...“
ابي جي آواز ۾ ڏاڍو درد هو... هُو جهڙوڪ جُهري پيو هو... بس هڪدم چيائين ”پوءِ ڳالهائيندو مانءِ... وري... الهه واهي...“
”الهه واهي بابا... پنهنجو خيال رکجو....“
”ها امان...“ هن فون بند ڪئي... مُنهنجو ساههُ ڀرجي ويو هو... الاءِ ڪهڙو وقت اچي ويو هو. دلداري دلداري نه پئي لڳي... بس وقت گذاري پئي لڳي.
***
برساتن جي مند اچي وئي هُئي.
سڄو ملڪ جل ٿل ٿي ويو هو. رات جو مينهن جو گجڪو، گوڙ، هوادانن سان هوا جو ٽڪراءُ... ٽين جي ڇڄي سان ٽڪرائيندڙ مينهن ڦُڙين جون رڙيون... ٻاهر، ورانڊي جي پِلَرَ سان، هٿ بتي لُڏي رهي هُئي ۽ اندر ۽ ٻاهر هوا جو لڏندڙ عڪسَ، عجيب منظرَ ڏيکاري رهيا هُئا. لائيٽ ڪافي دير کان ڪانه هُئي ۽ نه ڪوئي ننڊَ نيڻن ۾ هُئي.
شاهينه وڄ کان ڊڄندي هُئي. شام کان ئي جڏهن اهو سلسلو شروع ٿيو هو ته مون کي سندس ڌيان هو. پاڻ سان گڏ رکيو هو مانس، پر هن کي رڳو امان جي سڪَ هُئي. هوءَ هر هر وڃي امان کي چنبڙَي پئي، جيڪا نه پري پئي ڪريس ۽ نه ئي وري ڪو ساڻ پئي ويهاريس. امان، مڪمل طور تي لاتعلق هُئي. پوءِ به شاهينه کي اتي ئي ننڊ آئي هُئي.
ٻاهر ٿيندڙ گوڙ ۽ مينهن جي ڪڙڪ دار بوڇاڙ تي، امان جو ڄڻ ڪن ئي نه پئي چُريو.
جيتوڻيڪ اڳي، رڳو ڪڪر ڀرجندا هُئا ته هُوءَ سڄي گهر کي سنڀالڻ لاءِ، سڀ ڪُجهه ڄڻ ترين تي کڻي وٺندي هُئي. انَ جو خيال رکڻو آهي. ٻورين مٿان تال پَتري مناسب طريقي سان رکيل آهي يا نه... دريون ٺيڪ بند آهن، نيسارن جا مُنهن کُليل آهن! مٿي کُڏ تي ڪُجهه اهڙو سامان ته نه رهجي ويو آهي جيڪو ڀڄي وڃي ته نقصان ٿي ويندو. هُوءَ ٻنهي ڄڻن رضا ۽ شاهينه کي پنهنجي ٻانهن ۾ لڪائي ڇڏيندي هُئي. رضا بيزار ٿيندو هو، کيس مينهن ۾ ڀِڄڻ وڻندو هو... جڏهن ته شاهينه اڃا پئي سندس ڪَڇ ۾ گهڙندي ويندي هُئي.
هُوءَ وڏي آواز سان مناجاتون پئي پڙهندي هُئي. بارش جو زور جيترو شديد ٿيندو هو، تيئن تيئن سندس آواز بُلند ٿيندو هو. پڙهڻ دوران هُو بُلند آواز ۾ صدائون به ڪندي رهندي هُئي، ”خير...خير... خير جا والي خير...“
اهڙن موقعن تي ابو گهر ۾ گهٽ هوندو هو. جي هوندو به هو ته امان جي اها حالت ڏسي پيو مُرڪندو هو.
مينهن ڊگهو ٿي وڃي يا هڪ ٻه ڏينهن ساندهه هلي ته امان ڳُڙ جي تاهري ٺاهيندي هُئي. هلڪي مٺاڻ ساڻ، مٺن چانورن جو سواد عجيب هوندو هو. مٿان وري اهو به عجيب هوندو ته اُنهن چانورن چڙهڻ، ورهائڻ ۽ کائڻ دوران ئي مينهن به موڪلائيندو هو. عجيب ٽوٽڪا هوندا هُئا، عجيب نُسخه هوندا هُئا.
گهر سڄو پيو ٻهڪندو هو. جائُو گهڻو ڪري دوستن سان نڪري ويندو هو ۽ جي گهر ۾ هوندو هو ته پيو شاهينه کي چيڙائيندو هو. مان کيس ڏاڍو روڪيندي هُئس پر کيس ننڍي ڀيڻ کي تنگ ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. پوءِ امان هڪ ٻه ڪوڙو سچو ڌڪ هڻندي هُئس ته ڀڄي ويندو هو... هوڏانهن شاهينه کي به قرار ملندو هو.
مون کي مينهن ازل ابد کان پنهنجو ساٿي لڳندو هو. جهُڙ ڀرجندو هو ته اندر ۾ عجيب ساز وڄڻ شروع ٿيندا هُئا. حياتيءَ ۾ ٽي ئي مُنهنجا سنگي ساٿي هُئا. جهُڙ، ڊائري ۽ اَنَ جي ڳُوڻين جي بلڪل مٿينءَ ڳوڻيءَ تي وڇايل رلي. جنهن تي ليٽي مان ڪتاب پڙهندي هُئي يا ڊائري لکندي هُئس. اها جاءِ بيحد حسين هُئي. اسان جي اِن ڪوٺيءَ ۾، ڪُنڊ کان اَن جون ٻوريون رکيل هونديون هيون. ابو سڄي سال جو اَن گهرائي وٺندو هو. جيڪو پوءِ پيسجي، اٽي جي چڪيءَ جو چڪر ڪاٽي گهر ايندو هو. سال سڄي لاءِ ابو ڇهه ٻوريون گهرائيندو هو جيڪي اسان جي ننڍي ڪُٽنب جي حوالي سان تمام گهڻيون هونديون هيون، پر ابي جو خيال هوندو هو ته مهمان مڙو اچي ته ٻيو ڪُجهه نه ته گهر ۾ اٽو ضرور هُئڻ گهرجي... هر سال باردانو صاف ٿيندو هو...ٻورين ۾ ٻرگهلن کي سبيو ويندو هو. اڃا به جيڪا ٻوري، استعمال ڪرڻ جهڙي نه رهندي هُئي ته اُن کي بدلايو ويندو هو. هيٺ زمين تي وڇايل سرن جي تهه کي مٽائي، زمين صاف ڪري، سرون ڌوئي، سُڪائي پوءِ وري تيار ڪبو هو. اُهو ڪم جائُوءَ جي حوالي هو.
ان جون ڇهه ئي ٻوريون، هڪ ٻئي مٿان سٿي ٿينديون هيون، جن مٿان وري ڳوڻيءَ جو ڍڪ هوندو هو. اهو ڍڪ ئي مُنهنجي لاءِ ڪنهن سکي ساهيڙيءَ جيان هو... ڇت ڪو ڇهين ٻوريءَ کان، پنج فُٽ کن ڪو مٿي هوندي هُئي. ٻورين مٿان چڙهندي اُتي پهچندي هُئس ته سُڪون اچي ويندو هو. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي ليٽي پئي هُوندي هُئس. ڪوبه ڪتاب پڙهڻو هُجي، ڊائري لکڻي هُجي... اُتي لڳندڙ هوا جو هلڪو جهوٽو، الاءِ ڇا ڇا عنايت ڪري ويندو هو.
اُن ساڳي ڪوٺيءَ ۾، اسان جا هنڌ به رکيل هوندا هُئا. لوهه جي هڪ وڏي پيتيءَ ۾، نوان هنڌ پيل هوندا هُئا. ابي جي اُها سدائين خواهش هوندي هُئي ته مهمان جيترا به اچن، هنڌ سدائين بهترين هُجن. پنهنجي خواهش پٽاندڙ، هُو الاءِ ڪٿان ڪٿان کان رليون وٺي ايندو هو. يا اُنهن جا تهه خريد ڪري ايندو هو. لوهي پيتيءَ مٿان، هنڌن ۽ وهاڻن جي هڪ ترتيب سٿيل هوندي هُئي. اُونهاري ۾ ٻورين مٿان سمهڻ ۽ سياري ۾ سَوڙين ۽ وهاڻن جي وچ ۾ گهڙي، لکڻ پڙهڻ ۽ سمهڻ مُنهنجا محبوب ترين مشغلا هوندا هُئا.
ان جي ٻوريءَ مٿان وڇايل رليءَ ۾، اَنَ جي خوشبو اچي ويندي هُئي. لڳندو هو ڄڻ ماڻهو، بُهه ۽ داڻن جي درميان هُجي. اُونهاري جو ته رنگ پنهنجو هوندو هو. سياري جي اچڻ مهل، اها ڪيفيت لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.
بارش جو زور ٽُٽو نه پئي. نيسارا کُلي وهي رهيا هُئا. اڱڻ سڄو ڀرجي ويو هو. هوا سان ڪنهن ڪنهن مهل ڇاٽَ اڇي پئي، نه ته سڌو مينهن هو. بتي جهومي پئي ته احساس ٿئي پيو ته ڄاڻ ڦوهار لڳي. مان ائين ئي اُتي چُپ چاپ ويٺي هُئس.
الاءِ ڪيترا ڏينهن لنگهيا هُئا، ننڊون ڪندي... ڪا بيفڪر، ارڏي ننڊ... گهوڙا وڪڻي سمهڻ واري... اسان جا ته گهوڙا ئي ڪير ڪاهي ويو هو. ننڊ اچي ئي نه پئي... جي اچي پئي ته ڪنهن نئين نويلي ڪنوار جيان، گهونگهٽ مان هڪ جهلڪ ڏيکاري، وري پاڻ کي ڍڪي پئي ڇڏي. مان الاءِ ڪيترن ڏينهن کان چڱي ننڊ ڪانه سُتي هُئي. ڌيان جو در کُليل رهندو هو. ننڊ ڪٿان ايندي؟... گهڻو ڪري رات جي پوئين پهر ۾ اک لڳندي هُئي... پهريان ٽي پهر ته ڄڻ اوجاڳي، مقاطعي تي ورتا هُئا.
گهر جو ڪم ڪار گهڻو نه هو. سُمهي به سڀ جلدي پوندا هُئا. ٻار ۽ امان...ٻيو هو ڪير... سومهڻيءَ مهل ماسي حنيفان ۽ نصيبان به هلي وينديون هيون. پوءِ اُها خُود ڪلامي هوندي هُئي، رات هوندي هُئي ۽ مان هُئس. وقت گهڙين ۾ مٽجي ويندو هو. الاءِ ڪٿان پنهنجو ’ريجو‘ کڻي ايندو هو. کُلين پئسن جيان گهڙيون، وزندار ٿي وينديون هيون.
ماسي حنيفان ۽ نصيبان کي به مجبوري هُئي نه ته مون وٽ ئي رهي پون ها. ٻئي اڪيليون هُيون ۽ سندن گهرن تي الاءِ ڪيتريون مهربان نظرون کُتل هيون. کين اُهو کٽڪو رهندو هو ته نصيبان جي ڏاڏاڻن مان ڪوبه اچي نڪرندو. نصيبان جي بابا جي وفات کان پوءِ ڪنهن کي به اچڻ جي توفيق ڪانه ٿي هُئي. جڏهن وقت گُذريو ۽ سلائي ڪري، ڀرت ڀري، رليون ٽاڪي، ماسيءَ رڌڻو هلايو ته اُها جاءِ گهڻن کي ڪُکڻ لڳي هُئي. ڳالهين ڳالهين ۾ اُهو ذڪر ڪري ويندا هُئا ته محمد جمن جو مال آهي، ملڪيت آهي... پر هُو به ڪو اڪيلو وارث ٿورئي هو. ڏاڏي پوٽاڻي جاءِ آهي. حصو ته ضرور ملڻ گهرجي. ماسيءَ ڪَنَ بند ڪري رکيا هُئا، پر بهرحال اکيون ته بند نه پئي رکي سگهجن. هُو سدائين الرٽ رهندي هُئي. هاڻي به کيس اُها ئي سڄي صورتحال سامهون هُئي. مون کي به سڀ خبر هُئي مان ڪيئن چاهيان ها ته کيس ڪو نقصان ٿئي.
ڊاڪٽر وٽان موٽيون هيوسين ته ماسيءَ در وٽ ئي جرح ڪئي هُئي. ”اسڪول ويون هيئو؟“.
”نه امان“. نصيبان صاف وراڻيو هو، ”اسپتال ويا هُئاسين.“
هُن جاءِ ڏني هُئي، گهر گهڙياسين ته اڱڻ ۾ ئي اچي ويٺاسين، مون اندر ڏانهن نهاريو هو. ماسيءَ هڪدم چيو، ”سُتي پئي آهي.“ جملو چئي هڪدم نصيبان ڏانهن ڌيان ڏنو هُئائين، ”مون کي نه ٻُڌايوَ.؟“
”ڇا جو؟“
”اسپتال وڃڻ جو“
”اوڏانهن وڃڻ جو خيال نه هو پهرين امان...“ نصيبان هاڻي دم پڪڙيو، ”وياسين اسڪول پئي، اوچتو خيال آيو ۽ اوڏانهن لڙي پياسين... توکي اسڪول جو چئي، پوءِ اسپتال هليا وڃون... اهو ڪوڙ ڪيئن ڪنداسين؟... توکي چيوسين اسڪول ته معنيٰ اسڪول...“
”تقرير گهٽ ڪر امڙ...“ ماسيءَ سندس ڳالهه ڪٽي. ”ڇا چيو ڊاڪٽر؟“
”چئي ٿو ته ٽائيم لڳندو ماسي“ مون چيو، ”بيماري اهڙي آ جيڪا ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت کائيندي.“
”اها ته اُها ساڳي ئي ڳالهه آهي زيبُل“
”ته بيماري به ته اُها ساڳي ئي آ نه امان...“ نصيبان ڪُڇيو، ”هُنن شروعات کان وٺي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اُن تي قائم آهن.“
”تُنهنجي خيال ۾، هِن ڊاڪٽر کي ڌپو ڪيترو ٿو پوي.“ ماسيءَ سنئون سڌو مون ڏانهن نهاري سوال ڪيو، مان گڙٻڙائجي ويم. ”مطلب؟“
”مطلب هيڏو جو ٺهي ٺُڪي هُن کان پُڇڻ ويون آهيو ته ڪو ته اعتبار جو زرڙو هُوندءَ نه... ڪُجهه ته سُجهو هوندوءَ نه...؟“
”اسان جو خيال اهو هو امان ته تفصيل سان راءِ وٺي اچونس... ۽ جي هُن وٽ ڪنهن ٻئي سُٺي ڊاڪٽر جي ڪا ايڊريس هُجي ته اُها به وٺي اچون ۽ ماسي کي اُن کي ڏيکاريون.“
”پوءِ ملي ڪا ايڊريس؟“
”هُو ته پاڻ اُن بيماريءَ جو ماهر آ ماسي.“ مون چيو.
”مطلب؟“ هُوءَ حيران ٿي وئي.
”نفسياتي ماهر آ...علاج ڪندو آ.“ نصيبان ورندي ڏني.
”اي امڙ... جي اهڙو ڀلو ڊاڪٽر آهي ته هتي ڇا پيو ڪري؟ ڪاري پاڻيءَ ۾ ڇو موڪليو ٿنس؟“
”ڊاڪٽر ته خير هُو سُٺو آ امان“ نصيبان چيو، ”رش ته ڏس... ڇا ته ٽُٽيس ٿي... هٿ ۾ شفا اٿس... مرض ڄاڻي ٿو، ائين ڪو وائڙو ڌائڙو ڪونهي...“
”اي پر پوءِ هتي ڇو آيو آ؟“
”اهو تون وڃي پُڇينس... اسان سان ڪو ايترو گهِرو آهي ڇا؟“
”حياءُ ڪر مائي نه ته هڻانءِ نه هڪڙي وڄائي“ ماسي کي ڪاوڙ اچي وئي، ”مان ڇو پُڇيانس.... ويون هيئو نه توهان پُڇڻ... ته ٻُڌايو“
”ٻُڌايون ته پيون ماسي“ مون ڳالهه سنڀالڻ جي ڪئي. ”ڊاڪٽر صاحب جي به اها ئي راءِ آهي ته امان کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ٽائم لڳندو.“
”اي پر هُو ڀلا ڪا فائنل اٿارٽي آهي ڇا؟“ ماسي ور بگڙي.
”امان، ان ڊپارٽمينٽ جو آهي ته سمجهه ته فائنل آ نه... اها ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي؟“ نصيبان مُنهن بگاڙيو.
”ڏس ڙي امڙ... جي ايڏو وڏو ڊاڪٽر هُجي ها نه، ته هتي نه اچي ها... اتي ئي ڪٿي شهر ۾ عزتڙي هُجيس ها... هي جو هتي آيو آ ته لازمن ڪا گڙٻڙ آهي... نه ته ڳوٺ ڪير ٿو اچي؟!“
”اُتي بم ڦاڙي آيو آ امان... ڌماڪو ڪري آيو آ...دهشتگرد آ“ نصيبان صفا جهڙي اُٻري پئي... مون ڏانهن نهاريندي چيائين، ”ڳالهيون ته ٻُڌ امان جون؟“
ماسي ڪُجهه ڪُڇي ڪُڇي ته هُن وري وارو وٺرايو، ”ڪن ماڻهن جي اندر ۾ خدمت ڀريل هوندي آ امان... ڏس ته سهي هُو ڪيئن ٿو مريضن جي واهر ڪري... جي ائين ئي ڪو جڏو سڏو ڊاڪٽر هُجي ها ته هِتي به رڳو سهي ڪري گم ٿي وڃي ها... اي پر سهي به ڇو ڪري ها... سڄو ملڪ پيو دُڦَ تي هلي... ڊاڪٽر ڳوٺن ۾ وڃن ڪونه ٿا.“
ماسيءَ هٿ مٿي ڪيو، ”ڪم جي ڳالهه ڪيون يا اڃا قصيده پڙهنداسين؟“
نصيبان سڙي وئي. ”ارادو ته قصيده پڙهڻ جو هو، پر تون ٿي چوين ته کڻي ڪم جي ڳالهه ٿا ڪريون.“
”هاڻي ڇا ٿيندو؟“ ماسيءَ اسان ٻنهي ڏانهن نهاريو.
”هاڻي هُو وري هڪ دفعو چيڪ اپ تي گهر ايندو امان...“ نصيبان وراڻيو. ”پوءِ ڏسون ٿا ته اڳيان لاءِ ڇا ٿا طئه ڪيون...“
”ٺيڪ آهي ادي“ ماسي اُٿي وئي، ”جيئن اوهان جو حڪم اسين ته جهڙا رٽائر آهيون.“
ماسي بخيل ٿيندي هُئي ته اسان کي ’ادي‘ چئي مخطاب ٿيندي هُئي. اسان ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو هو، فيصلو ٻنهي جو هڪڙو ئي هو.
***
مينهن وسيو ئي پئي. ٻاهر پاڻيءَ جو زور هو، دل تي خيالن جي بارش هُئي. سوچ آلي ٿي وئي هُئي، خيالن جا پُسيل ڪپڙا، ڄڻ سوچ جي جسم کي چنبڙي ويا هُئا. مان ورانڊي ۾ پيل کٽ تي ائين ئي ليٽيل هُئس ته ٺڙڪو ٿيو، ڏٺم... امان ڪمري جي در وٽ بيٺل هُئي.
”امان خير!؟ ننڊ ڦٽي وئي ڇا؟“
هُن ڪوبه جواب نه ڏنو... چُپ چاپ اچي کٽ تي ويٺي.
”ڇتو مينهن آهي.“
مان سندس ڀر ۾ اچي ويٺس
”جائُوءَ جا ڪپڙا، سُڪائڻ لاءِ کٽن تي پکيڙيا هُيئي؟ آلا ڪري آيو هوندو نه؟“
هُن سواليه نگاهن سان نهاريو، مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”اڃا رول تي نڪتل آ؟...هان“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”مون کي ته اڄڪلهه الاءِ ڇو ڏاڍي ننڊ ٿي اچي... تون هيڏي ساري آهين... اچي ڏانگهو ٿي آهين... چوينس نٿي ته گهر ويهي... هِن موسم ۾ ڪو ٻاهر رُلڻ ٺهي ٿو...جهڙي ڦُڙي آ... گپ گهَو آ... ڪٿي ترڪي ٻرڪي پئي... ڪو ڌڪ لڳي پئيس... چوينس ڇو ڪونه ٿي تون؟“
”چوانس ٿي“ مُنهنجي نڙي ڀرجڻ لڳي.
”پوءِ... نٿو ٻُڌي ڇا؟ ههڙي اوريڪ ۾ به گهر ڪونهي؟ نٿو ٻُڌي ته ڇڪيانس ٻه ٽي...“ اوچتو ڄڻ کيس ياد اچي ويو ”نه نه...نه نه...ڌڪُ نه...ڌڪ جي ڪري ته هليو ويو...نه نه...ڌڪُ نه.“ هُو اوچتو اُٿي کڙي ٿي.
”اندر هلان ٿي...اچي ته پيار سان سمجهائيجائنس“
”جي“ مون پاڻ سنڀاليو.
هُوءَ بوتي جيان آئي هُئي، ائين ئي پٿرايل جسم سان اندر وري وئي.
سندس وڃڻ کان پوءِ مون پاڻ کي کَٽَ تي اُڇلائي ڇڏيو ۽ ويهاڻي ۾ مُنهن وجهي، ڪيهُون ڪري روئڻ لڳس...الا... هي ڪنهن جي نظر لڳي هُئي؟ هي برساتون ڇا بس درد جي پالوٽ لاءِ آيون هيون؟
ڊائري کُلي وئي هُئي ۽ سامهون ئي جان اسٽين بيڪ جو جملو لکيل هو.
“ One can find so many pains, when rain is falling.”
ڀُڻڪيم، ’مينهن وسي ته هر ڪو الاءِ ڪيترا سور ڳولي لهندو آهي.‘
مُنهنجا سور ملي ويا هُئا. وهاڻو، ورانڊي جي ڇت هيٺان محفوظ هو پر مُنهنجي ڳوڙهن کيس ائين ئي آلو ڪيو هو، جيئن ٻاهر اڱڻ تي پيو هُجي.
***
اسڪول وئي هُئس ته ڄڻ سڀ ڪُجهه اوپرو اوپرو هو.
اهو پپر جو وڻ، جنهن جي هيٺان ويهي اسان ماني کائيندا هُئاسين يا جنهن جي ٿُڙ کي هٿ هڻڻ لاءِ، ڄڻ هر هر جائُو ايندو هو، مون کي ڏسڻ ساڻ ئي هُن جو پُڇڻ لڳو. اسڪول جي ٽيچرز به مون کي خاص وقت ڏنو. ميڊم زُليخان ته خاص طور تي مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو.
”اسڪول ڪڏهن کان ريگيولر ايندينءَ زيب النساء؟“
هُن ڇوٽ مان پُڇيو. مون وٽ ڪهڙو جواب هو! روز روز ته ماسي حنيفان اڄ وانگر گهر نه ويهي ها.
”جلدي اينديس آپا؟...“
”ڪٿي نالو ڪٽرائڻ ته ڪونه آئي آهين؟“
سندس خدشو اجايو نه هو. سڄي اسڪول کي ڄڻ اهو ڊپ ٿي پيو هو ته ڄاڻ زيب النساء نالو ڪٽرايو ۽ ڄاڻ اسڪول مان موڪل ورتي. ڪيترن کي ته اهو احساس به هو ته ٿي سگهي ٿو ته مان اوچتو اسڪول اچڻ کان سدائين لاءِ نابري واري ويهنديس. مُنهنجي ٽيچرس کي مون تي مانَ هو. مون ۾ اميد هُئن ته مان ڪنهن وڏي درجي ۾ اچي، ڪو وڏو نمبر ضرور کڻنديس. هن سال ئي اهو موقعو آيو هو جو مُنهنجو ڪو سٺو گريڊ ٺهي ها. مان نائنٿ ۾ ڪا جاءِ حاصل ڪري سگهان ها... هن سال ئي ڄڻ اهو سڀ ٿيڻو هو. مان جيڪا هڪ ڏينهن به نه گسائيندي هُئس، هيترن ڏينهن کان هتان غائب هُئس.
همٿون ڪندي وراڻيم ”نه آپا... نالو ڇو ڪٽرائينديس؟...“
”الاءِ.... ڇو تنهنجو ڊپ ٿي پيو آهي... جن حالتن مان تون گذرين ٿي... جيڪو تنهنجو درد اسان کي محسوس ٿئي ٿو نه... بس الله پيو خير ڪري...“
مُنهنجي اندر ۾ الاءِ ڪير مضبوط هو. بس جواب ٺهي آيو. ”ايڏي ڪمزور ناهيان مان آپا... هي ته بس ان ڪري غير حاضري ٿي آهي جو، اَبو گهر ناهي... امان جي حالت اڪيلي ڇڏڻ جهڙي ناهي بس پوءِ ڪيئن اچجي“.
”۽ هي جو تنهنجو هيڏو سارو لاس پيو ٿئي، اهو ڪيئن ڪَور ڪندينءَ؟“
”نصيبان اچي پئي نه آپا، اها سڀ نوٽس وغيره آڻي ڏيندي آهي.“
نصيبان تي هُن مون ڏانهن نهاريو... مون هڪدم ڳالهه سنڀالي.
”طلعت... طلعت آپا...“
نصيبان ته هَوءَ اسان لاءِ هُئي. اسڪول ۾ سندس اندراج اصلي نالي سان ٿيل هُئس ۽ آپا زليخا کي اسڪولي نالا ئي ازبر هوندا هُئا. هُوءَ سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندي هُئي ته ٻارن کي سندن ’جِي آر‘ نالي سان سڏيو وڃي. جنرل رجسٽر ۾ جيڪي نالو لکيل هُجي، اهو سڏڻ ساڻ، ٻار پنهنجي ڪلاسين ۾ سدائين ڄاتل سڃايل رهي ٿو. نصيبان، اسان لاءِ ته نصيبان هُئي. جي آر رجسٽر ۾ اها ماههِ طلعت هُئي.
”او ها... طلعت به ته آهي...“ هن ڄڻ سُک جو ساهه کنيو.
”پر بابا... هڪ ڳالهه سدائين ياد رکندا ڪيو.... ڪير به اوهان جو ڪجهه نٿو ڪري سگهي... ڪير به اوهان جي جاءِ نه ٿو ڀري سگهي. دُنيا جي تختي تي هزارين لکين ماڻهو آيا. زمانو ڀريل رهيو بابا. پر جاءِ هر ڪنهن جي پنهنجي رهي. تنهنجي امان ڪيئن آهي زيب النساء؟“
”ڪُجهه بهتر آ آپا...“
”علاج هليس پيو!“
”جي ها.“
”ڪنهن کي ڏيکاريو ٿوَ؟“
”شهر جو ڊاڪٽر آهي آپا... بابا ڏيکاري آيو هُئس“
”ڊاڪٽر ته هتي جو به چڱيرڙو آ... ڇا نالو ٿس... ڊاڪٽر اشفاق... ان جي به تعريف ٻڌي ٿم، آهي ڇوڪراٽ پر ڏاڍو ڪم وارو ڊاڪٽر آهي.“
”اهو به ڏسندو آ امان کي آپا... هڪ ٻه دفعا ايمرجنسي ٿي آهي ته وٺي ويا آهيونس“
”تنهنجي ڀاءُ جي ڪا خبر پئي؟“
”نه آپا...“
”يڪو جو گم ٿيو آهي ته ڪو پار پتو نه پيو؟...“
”نه آپا...“
”الله سائين خير ڪندو پُٽ... جاويد به اسانجو پنهنجو ٻچو آهي. ڌڻي ڪندو ته خير سان گهر واپس وري ايندو.“
”آمين...“
”تو تي وڏا بارَ اچي ويا آهن. زيب النساء... انهن کي همٿ سان مُنهن ڏجانءِ.“
”جي آپا...“
”مون کي تنهنجو ڏاڍو فڪر هو. چڱو ٿيو جو تون اڄ آئينءَ... نه ته مون سوچيو پئي ته ڏينهن ٻن ۾ تنهنجي گهر چڪر هڻان هان...“
”ڀلي اچو آپا.... اوهان پنهنجو گهر آ...“
”نه بس... هاڻي نه... هاڻي خير سان توسان ملاقات ٿي وئي... ڳڻتي لٿي، باقي تنهنجي امان کي پڇڻ لاءِ مان انشاءَ الله ڪڏهن وقت ڪڍي اينديس.“
”يو آر ويلڪم آپا...“
سندس چهرو ٻهڪي اٿيو. آپا کي اسانجو انگريزي ڳالهائڻ ڏاڍو وڻندو هو. هُوءَ ڳوٺ جي ڇوڪرين تي ساهه ڇڏيندي هُئي. ٻارن ٻچن سان کيس بيحد پيار هو، پر بهرحال نياڻين جو خيال وٽس اُتم هو. هُوءَ پاڻ به ڏاڍي سهڻي انگريزي ڳالهائيندي هُئي.
”ماءِ پليزر بابا...“
مان واپس مڙيس ته هن وري سڏ ڪيو
”زيبا...“
”جي آپا...“
”ڪڏهن به همٿ نه هارجانءِ... مُنهنجي والده هڪڙو جملو چوندي هُئي. ’ويندا لُڙَ لهي، ٿينديون اکيون، اکين جهڙيون...‘ سو سڄو ڪارونڀار نيٺ ته هڪڙي ڏينهن ختم ٿيڻو آهي... تنهنجا بارُ به هڪ ڏينهن هلڪا ٿيندا، اها سوچ ضرور به ضرور دل ۾ رکجانءِ.“
”جي آپا... ضرور... ٿينڪ يُو...“
مُنهنجي ٽيچر هُئي، ٻه سال مُنهنجي ڪلاس ٽيچر رهي هُئي. سندس اصول اسان کي ڏاڍا سُٺا لڳندا هُئا ۽ مٿان وري سندس بُردباري ۽ اسان سان محبت...ڇوڪرين جي ڪردار ٺاهڻ ۾ آپا زُليخا جو وڏو ڪردار هو.
مُنهنجي دل الاءِ ڇو چيو هو ته مان ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پائي اچان... پر اهو سڀ ڪيئن ٿئي ها... هڪ لحاظ کان ته بس مون لاءِ ناممڪن ئي هو..
مون ٻاهر نڪرندي نڪرندي سندس آواز ٻُڌو هو ”گاڊ بليس يُو بابا...“
***