11
اسڪول مان نڪرندي گهر تائين پهچندي، رستي جي ڄارَ ۾ الاءِ ڪيترا ڪُتا ڦاٿل هُئا.
ڪي ته ماڳهين ڇتا به هوندا هُئا. اسڪول مان ايندي ويندي ڊپُ لڳندو هو. ڪٿي ڪٿي هُنن جو ولرُ به هوندو هو. انهن جي ڊپَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ. اسين به ولرن ۾ لنگهندا هُئاسين.
ڇوڪرين لاءِ ته ڏاڍي مصيبت هوندي هُئي. ڇاڪاڻ ته ڪيتريون ته برقعو پائينديون هيون. هاڻي برقعو سنڀالين، پاڻ سنڀالين يا هن مصيبت کي ڏسن.
الاءِ ڪيترا واقعا ٿي چُڪا هُئا، ڪتي جي ڏاڙهڻ جا... ڳوٺ ۾ ٽي کن موت به ٿيا هُئا. هاءِ گهوڙا به مَتي هُئي. ڳوٺ وارن، پنهنجي مدد پاڻ ڪندي، ڪيترائي ڪتا ماريا به هُئا.
پر ته به، هر سال، الاءِ ڪٿان اها مصيبت اچي ڪڙڪندي هُئي. ٻارن جا مائٽ شڪايتون ڪندا رهجي ويندا هُئا، ڳوٺ جي والي وارثن جي ڪنن تي جونءِ به نه چُرندي هُئي.
رضا ۽ شاهينه، نصيبان سان آيا پئي، ان ڏينهن نصيبان ڪو، سڪينه ساڻ ڪچهري ڪندي پئي آئي، هنن جي پاڻ ۾ ڪا اهڙي محويت ٿي وئي جو ٻارَ اڳتي نڪري ويا هُئا ۽ کين خبر نه پئي هُئي. رضا ۽ شاهينه ساڻ هُئا، پر اتي به شاهينه اڳتي هُئي. اوچتو الاءِ ڇو هُوءَ ڀڳي... سندس اوچتي ڀڄڻ تي پويان ويٺل ڪُتي جُوهه ڪئي... شاهينه ڊڄي وڌيڪ تيز ٿي وئي هُئي. رضا به گهڻو ئي ڀڳو، پر ڪُتي جي ڊپ کان، جيڪو پڻ بلڪل ويجهو اچي ويو هُئس، هوءَ ڪري پئي... نصيبان، سڪينه، رضا ۽ ٻيا سڀ ڀڳا هُئا. اهو به شڪر ٿيو ته ڪتي کيس کاڌو ڪونه. پر ڌڪَ زبرا لڳا هُئس. گوڏا ۽ ٻانهون ڇلجي ويا هُئس.
خوف اهو به ٿيو هو ته ڪٿي، ڪتي ڪو چڪ وغيره ته ناهي هنيو، ڪو نشان به نه هو. ڪنهن اهڙي ڪا شئي ڏٺي به ڪانه هُئي پر الاءِ ڇو مون کي اندر ۾ دهمان ورائي ويو هو. هوءَ ٺيڪ ٺاڪ زخمي ٿي هُئي. گوڏا ۽ ٺونٺيون ته ڏاڍا زخمي ٿيا هُئس. کيس بچائڻ جي چڪر ۾ ڪو رضا به سلپ ٿي ويو هو. ان کي به ڌڪَ لڳا هُئا. نصيبان پنهنجي شرمساريءَ ۾ هُئي. تڪڙا ڀڳا هُئاسين.
اسپتال پهچي، ساهه کي قرار آيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڊاڪٽر ته اتي هو.
هن چڱي طرح چيڪ اَپ ڪيو... ٻارن جي ڊريسنگ پاڻ ڪيائين. ڊريسر مدد ڪيَس پئي، هُن شاهينه جي پٽي ڪندي، هلڪو مذاق ڪندي چيو ”ڪتو ته بچي ويو نه...!“
ڏاڍي معصوميت سان، هن هائو ڪئي ۽ اسين سڀ کلي پياسين. ڊاڪٽرَ ڄڻ اسان جي مُنهن تي خدشن کي پڙهي ورتو هو. هُن نصيبان ڏانهن نهاريو هو.
”شڪر ٿيو... ڪو چڪ وغيره ناهي لڳو... رستي تي ڪرڻ جون رهڙون آهن. مون اَي ٽي ايس لڳائي ڇڏي آهي. الله خير ڪندو...“
”مطلب... ڏندن وغيره جو ڪو نشان ناهي نه...؟“
مان ڏاڍي اُٻهري هُئس، الاءِ ڪيترا خيال بس دماغ ۾ آيا ويا پئي.
”نه... ڪو نشان ناهي... جيڪي وڏا زخمَ آهن... سي ڪرڻ جا آهن..!“
”۽ جي خدانخواسته انهن ۾ ڪُتي جو ڪو ڏند وغيره لڳي ويو هُجي...!“
”ائين ڪيئن هوندو مئڊم...“ هن مون ڏي نهاريو، نگاهه ۾ ڄڻ هلڪي طنز هُئس. ”ڪُتي جو چڪ نمايان هوندو آهي... سندس ڏندَ ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن... ۽ ٻيو ته هي سڀ گڏ هُئا. ڏٺو هو هِنن ته چڪَ وغيره ناهي لڳو.“
”مان پاڻ هُئس ادا“ نصيبان ڳالهايو ”هنڊريڊ پرسينٽ شُئر آهيان ته ڪُتي چڪ ناهي هنيو پر هن مائيءَ کي الاءِ ڇو اعتبار نه ٿو اچي...“ هن مون ڏانهن شڪايتي نظرن سان ڏٺو. ڊاڪٽر کيس دلاسو ڏنو.
”فڪرات ۾ ائين ٿي ويندو آهي... انسان ته انسان آهي نه.... ڪيترو به بهادر ڇو نه هُجي... پنهنجي ٻچي تي لهس ڪٿان سهي سگهندو؟“
”خدانخواسته جي چڪ لڳو هُجي ته علامتون ڪهڙيون هونديون آهن ڊاڪٽر صاحب؟“
هن شاهينه جي فائنل پٽي پئي ڪئي، ڳنڍ ڏيندي هُن، سندس ڳل چميو ”گُڊ گرل... شابس... بس هاڻي آرام ڪيو ٺيڪ... ۽ چاچا کي وري ٻن ڏينهن کان پوءِ ڏيکارجو...“
مُنهنجي سوالَ جو جواب نه مليو هو... عجيب اڻ تُڻ ۾ هُئس... دل پئي چيو ڌڪُ وهائي ڪڍانس، هي ڊاڪٽرَ ايترا بي قياس ڇو هوندا آهن.
”علامتن سان توهان جو ڪهڙو ڪم.... جڏهن چَڪَ ئي ناهي لڳو...“ هُو هلڪو مُرڪيو، ”رستي جو ڪتو هو... حملو ان ڪري ڪيائين جو ننڍڙي وٺي ڊوڙي هُئي. باقي جيَ پَڪَ ڪرڻي آهي ته علامتن لاءِ ڪتي کي ڏسڻو پوندو..“
”ڇا مطلب...!“ مُنهنجي ڪاوڙ وڌي وئي... هي ايترو ڪريل آهي جو هن مهلَ مذاق پيو ڪري... ”مان مشڪري ٿي ڪيان ڇا؟“ مُنهنجو لهجو سخت ٿي ويو.
سندس مُرڪَ ائين گم ٿي وئي، ڄڻ اتي آئي ئي ڪونه هُئي.
”مان مشڪرو آهيان ڇا؟... پليز بي هيَو يوئرسيلف...“ هُو پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ”اسان کي اهو سڀ پڙهايو ويندو آهي. جي ڪتو ڇتو هُجي ته دوا هڪدم شروع ڪبي آهي... ۽ جي شڪ هُجي ته ڪتي کي نظرَ ۾ رکبو آهي.“
”ڪتي کي نظر ۾ رکبو...“ نصيبان حيران ٿي وئي ”اهو ڪيئن ٿيندو..!“
”مطلب ٻَڌي ڇڏجيس... يا ڪنهن هنڌ واڙي ڇڏجيس...“ هن دوائون لکندي چيو، ”جي هوندو نه ڇتو... ته ڏهن ڏينهن جي اندر پاڻ ئي مري ويندو... پوءِ ته علاج لازم ئي لازم آهي...“
”هاڻي يڪو پيو ڏههَ ڏينهن هن کي ڏسبو...؟“
”جي شڪ هجي ته...“ هن ڳالهه مڪمل ڪئي... پنون ڦاڙي اسان ڏي وڌايائين ”هي دوائون ڏئي ڇڏجو ٻارن کي... ۽ مون کي پرينهن وري ڏيکارجو... ڊريسنگ پوءِ ٿيندي ۽ ها... مئڊم مذاق ڪرڻ جو مان قائل ناهيان... ۽ سا به مريض سان... مون کي اوهان جي سوچ تي افسوس ٿيو.“
اسين جيستائين ڪُجهه ڪُڇون ڪُڇون، هُو پرچي ڏئي هڪدم اندر ڪمرن ڏانهن هليو ويو هو، مذاق مان سندس لهجو هڪدم لاتعلق ٿي ويو هو. اسان ٻنهين کي احساس ٿي چُڪو هو ته هُو ڪاوڙجي ويو آهي.
***
رات جو نصيبان رهي پئي هُئي، رضا کي ننڊ اچي وئي هُئي شاهينه کي ڏاڍي بيچيني هُئي.
کيس رکي رکي سُور جي سٽَ اٿي پئي. دوا ۾ نشو هو الاءِ ڇا... هُوءَ جاڳ سُمهه ۾ هُئي. نصيبان جو مُنهن لٿل هو. کيس الاءِ ڪهڙو ڏُک ورائي ويو هو. اکين ۾ جل ٿل هُئس... بس چپ چاپ ڄڻ ڀتين کي ويٺي ڏٺائين.
ماٺ کائي رهي هُئي. ڏُکيو ته امان جو به سلوڪ هُو. کيس ڪو به احساس نه هو ته ٻارن کي ڇا ٿيو هو. هُوءَ لاتعلق هُئي. جڏهن اچڻ ساڻ، شاهينه کيس چنبڙي هُئي ته هُن کيس پري ته ڪونه ڪيو هو، پر ڳلي به ڪونه لاتو هُئائينس... هُوءَ ٻنهين ٻارن سان گڏ ويٺي هُئي ۽ خاموش خاموش کين تَڪي رهي هُئي. پوءِ اٿي وري وڃي پنهنجيءَ کٽ تي سُتي هُئي.
نصيبان ۽ مون اهي سڄو لقاءُ ڏٺو ويٺي. چوڻ آکڻ لاءِ ڪُجهه هو ڪونه... ماٺ هر هر سامهون کان لنگهندي مُرڪي رهي هُئي.
ٻارن جو حال عجيب ٿي ويو هو. شاهينه ته خير ننڍڙي هُئي پر سمجهُو ته هُئي نه... ۽ ان کان مٿي وري رضا سمجهه وارو هو.
”هاڻي پَڪَ ٿي ٿم ته امان چري ٿي وئي آهي..“ هن مون سان سڙٻاٽ ڪيو هو، جيڪو، نصيبان به ٻُڌو هو. ”سڃاڻي ئي نه ٿي...“
”امان کي دوائون کاڌل آهن... انهن جو اثر آ بابا“ مون کيس پيار ڪيو، نصيبان ماٺ ڪري ڏسندي رهي هُئي.
”دوائون به چريائپ جون آهن نه ادي...“ هن سُور جو اظهار ڪيو هو. پاسو ورايو هُئائين، ”اسڪول وارا به ائين پيا چون...“
”ڪير اسڪول وارا؟“ نصيبان سوال ڪيو هو.
”ڪلاسي... دوست...“ هن اکيون مچڪايون هيون. ”مُنهنجا دوست چوندا آهن، تنهنجي ماءُ چري ٿي وئي آهي. ڌڪ هڻندي دير نه ڪندي... هن کان پري رهندو ڪر...“ هن نصيبان کي ورندي ڏيندي هڪدم رخ مون ڏي ڪيو ”امان ته ائين ڪونه ڪندي آ ادي...“
”اهي ڪهڙا ڪلاسي آهن رضا...؟“ نصيبان جو لهجو ڪاوڙيلَ هو... ”نالا ته ٻڌاءِ انهن جا...“
”گهڻا هن... سڀ هن...“ هن چيو، ”سڀئي ائين چوندا آهن.“
”پوءِ تون ڇا چوندو آهين؟ وراڻيءَ ۾؟“
”ڪُجهه نه... ڇا چوندم“
هو ٻار، پر سندس ڳالهائڻ وڏن جهڙو هو. ”امان لڳي ته پئي نه... اڄ ته جهيڙو بلڪل لڳي ٿي...“
هُوءَ چپ ٿي ويو هو... نصيبان ڳالهه واضح ڪرڻ گهري هُئي.
”ماسيءَ تي دوائن جو اثر آهي رضا... اها ڳالهه توکي پهرين به اسان ٻُڌائي هُئي.. ڪلاسين کي هڻ کڏَ ۾... انهن جي چوڻ سان ڇا ٿيندو...“
”۽ دوائون ڇا جيون آهن آپي؟“ هن ڇوٽ سوال ڪيو هو، نصيبان وٽ به جواب هو.
”صدمي جون...ٻيو ڇا جون...ڀاءُ ويو آهي ته صدمو ته ٿيو ٿس نه... هاڻي اهو حال ان ۾ ٿيو اٿس.“
”صدمي ۾ ماڻهو چريا ٿي ويندا آهن آپي“ هن جو لهجو سخت هو ”سر به ائين چون پيا...“
”ڪهڙا سر؟“ مون پُڇيو.
”سر حامد... انهن به مون کي ائين چيو پئي...“
”ته سڄو ڏينهن تنهنجي ڪلاس ۾ اهي ڳالهيون هلنديون پيون آهن ڇا؟“ نصيبان بگڙي ”مان سڀاڻي ٿي ڏسان انهن سڀني کي... دماغ خراب ٿن ڇا؟..“
”سر حامد چيو پئي ته تنهنجي امان الله ڪندو ته جلدي ٺيڪ ٿي ويندي، تنهنجو ڀاءُ موٽي ملندو نه...“
هن ڊپَ وچان ڄڻ پنهنجي ٽيچر جو فيوَر ڪيو.
نصيبان جي ڪاوڙ ٿورڙي جهڪي ٿي هُئي.
”ٽيچر جو ته خير آ... باقي تنهنجن ڪلاس فيلوز جي ته مان پاڻهين ٿي ڪلاس وٺان...“
”نه چئجانءِ ادي...“ رضا منٿ ڪئي...
”ڇو!“
”کلندا مون تي...“
”ڇاتي کلندا؟“
”اهو ئي ته مان گهر وڃي ڳالهيون ٿو ڪيان...“
”ته گهر ڳالهه نه ڪبي آهي ڇا؟“
”ڪبي آ... پر“ هُو مُنجهي پيو... مون نصيبان کي اشارو ڪيو هو ”ڇڏينس ڪري...“
رضا جون اکيون ڀرجي آيون هيون. هن الاءِ ڇا چوڻ گهريو هو، الاءِ ڇا ڇا چئجي ويو هُئس.
... هڪدم جوان ٿي ويو هو جهڙو. اڄوڪي ڌڪ ۾ به هُن وڏي مڙسي ڏيکاري هُئي. ڀيڻ کي بچائڻ لاءِ پاڻ ٽپي پيو هو.
هنن ڪُجهه ڏينهن ۾ ئي سڀ ڪُجهه الاءِ ڇاٿي ويو هو. خوف جا پاڇا ڪيڏا نه گيهرا ٿي ويا هُئا. بي فڪريون، فڪرن ۾ مَٽجي ويون هيون. اکين ۾ اوجاڳا لهي آيا هُئا.
***
نصيبان جو ڏُک مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو. رات جي ماني به هُن بس ٻه ٽي گرهه کاڌي هُئي.
ٻارن جي سمهڻ کان پوءِ اسين چپ چاپ ليٽيل هُئاسين. ڳالهائڻ شايد ٻنهين مان ڪنهن کي به نه پئي پڳو.
ڪڏهن ڪڏهن ماٺ، ڳالهائڻ لڳندي آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته اها سامهون ويٺي آهي، دريءَ کان بيٺل آهي. ٿانوَ ڌوئيندي، کين سڪائي رکي پئي ۽ اوهان سان ڳالهائي پئي، ڪپڙا تار تي وجهندي بالٽيءَ مان ڪڍي ڏيندي پئي وڃي ۽ بحث به ڪري پئي... ماٺ، ڪتابن مان جهاتيون پائيندي آهي، آئينن ۾ نظر ايندي آهي... ماٺ بهرحال پنهنجي ٻولي رکندي آهي.
ماٺ جي ٻولي، اسان ٻنهين ٻڌي ويٺي... اوچتو اهو طلسم ٽُٽي ويو. پاسو ورائيندي نصيبان چيو ”مون کان فرضَ جي ادائگي صحيح نه ٿي ٿئي نه...!“
ڇرڪ نڪري ويو هئم... اوچتو ڇا ٿي ويس. هي ڇرڪَ به ڪمال هوندا آهن. اسان جن وجودن کي جيترا لوڏا ڇرڪَ ڏيندا آهن، اوترا شايد ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جي همٿ هجي... الاءِ ڇو اسان جهڙا ماڻهو بار بار حيران ٿيندا آهن.. حيرانين جا ٻلا، ڳلي ۾ وجهيو پيا گهمندا آهن.
”ڇا تي چيئه اهو...“ پڇيو مانس... هُوءَ وري سڌي ٿي ليٽي، ڇت ڏي نهاريندي رهي.
”ٻن ٻارن کي ناهيان سنڀالي سگهي.“
مان اٿي ويٺس.
”مطلب!“
”مطلب ته ڌيان نه هئم نه... جي هجي ها ته ائين ٿئي ها...!“
”ڇا ائين نه ٿئي ها!“
”ائين ڪتو، باهڙ ڪري ها!“
”ٿي ويو بس نصيبان... جيڪي ٿيڻو هو ٿي ويو... تون ان تي ايترو ڇو پئي سوچين...!“
”ڇو ٿيو... هان... ڇو ٿيو؟...“ هن روئڻ شروع ڪيو ”چاچا گهر ڪونهي، چاچي بيمار ٿي وئي آ... تون هتي پئي مَٿو هڻين... ٻاهريان ڪجهه ڪم مُنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ آهن... هر ڪنهن جو پنهنجو جهان آهي. پنهنجو اعتبار آهي. تون مون تي اعتبار ڪري موڪلين ٿي ته مان ڌيان رکنديس... مون اهو ڌيان رکيو!...“ هن اوٻر ڪڍيو... روئڻ شروع ڪيائين ته سڏڪا جهڙا وڌندا ويس... مان تڪڙي اٿيس... سندس کٽ تي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀريم.
”نصيبان... ادي... ڪرين ڇا پئي؟...“
هوءَ مُنهنجين ٻانهن ۾ روئندي رهي...
”ڇا ٿي ڪيان زيبُل... ڌوڙ ٿي پايان؟“
”ڪم آن... ائين ڪبو آهي ڇا... ائين همٿ هاربي آ...؟“
”ڪهڙي همٿ... ڇا جي همٿ؟...“ سندس ڳوڙها، مُنهنجي ڪُلهي کي آلو ڪرڻ لڳا.
”هان. اها آهي همٿ؟ جو ٻارَ اڄ گهر ڌڪجي آيا آهن..“
رات جي ماٺ ۾، سندس ڳوڙها، آواز ۽ درد عجيب ڪيفيت پيدا ڪري رهيا هُئا.
هُوءَ ڏاڍي بهادر هُئي، سمجهُو هُئي. اڄ الاءِ ڇو ائين ڀُري پئي هُئي.
”مان تنهنجو ڀرپور ساٿ ڏيڻ ٿي گهران زيبا....“ هن سڏڪندي چيو، ”توکي ڏُک ڏيڻ يا تنهنجو ڏُک وڌائڻ نه ٿي گهران...“
”ته ڪهڙو ڏُک وڌايو ٿئي ڀيڻ؟“
”اهو جيڪو اڄ ٿيو سو ڇا گهٽ آهي؟“
”ته اهو تو پاڻ ڪيو ڇا؟... ڄاڻي واڻي... هان...“
”ڄاڻي واڻي ته نه ڪيو... پر مون کان ٿي ويو نه...“
”ڇا ٿي ويو...!“
”لاغرضي... بي ڌياني...“
”ماڻهو.. ماڻهو آ نصيبان... ائين ٿي ويندو آ....“
هوءَ هڪدم مون کي چنبڙي پئي ”مون کي معاف ڪر زيبُل... پليز مون کي معاف ڪر...“
مون کيس ڀاڪر پاتو.
”چري آهين ڇا؟“
”بس مون کي معاف ڪر... چئه ته تو مون کي معاف ڪيو..“
”ڪيو... ڪيو... بس... پر اهو به ٻڌي ڇڏ ته تنهنجو ڏوهه ته ڪوبه ناهي، تون اجايون پئي معافيون گهرين.“
”بس... آئيندي ائين بي ڌياني نه ڪندس..“
”ٺيڪ آ... ٺيڪ آ... نه ڪجانءِ... پر اهو به ته سوچ... ٻار آهن... وڄ جا پاڻي اٿن... جي اهڙي ڪا حرڪت ٿي وڃي ٿي ته ڪيتري ذميواري کڻي سگهجي ٿي يار...“
مون سندس ڳوڙها اگهيا. کٽ تي اٿي ويٺي هُئي... مون ٻانهون ڍريون ڪيون.
”تولاءِ پاڻي کڻي اچان... پيءُ ته سامت ۾ اچين..“
هُن مُنهنجا هٿ جهليا.. ”نه کپي پاڻي... تون مون وٽ ويهه... مُنهنجو بار جهڪو ٿئي“
مان وٽس ويهي رهيس.
”ڪو بار، ٻار ڪونهي، بس تون ٺيڪ ٿي وڃ.“
هُن ڳوڙها اگهيا ”ڏُک ٿي ويو آ يار... اڄ ڏاڍو ڏُک ٿيو آ... پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي آهي...“
”ڪاوڙ ڪرڻ مان ڇا ورندو... تون سڀ سمجهين ٿي... تون مُنهنجو ڏَڍُ آهين نصيبان... پاڻ کي ائين ڪمزور نه ڪر... نه ته مُنهنجي جنگ ته ائين ئي ختم ٿي ويندي..“
هن مُرڪيو.
”آئم سوري... آئم ريئلي سوري.. آئيندي ائين نه ڪندم...“
مون سندس هٿ جڪڙيا هُئا.
”اٽس اوڪي...مُنهنجي خيال ۾ هاڻي ڪُجهه ننڊ ڪري وٺون.. .اوجاڳي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي.“
***
کيس ننڊَ اچي وئي هُئي ۽ مُنهنجو اوجاڳو مون ساڻ هو.
ڇوڪرين جا دردَ به ڪيڏا نه عجيب هوندا آهن. دُنيا اوڀاري هلي ته اسين ڄڻ لهوارو هلنديون آهيون. ٻين جي نگاههَ کڻي ڪهڙي انگ جي هجي... اسان جي نهارَ ڪُجهه ٻي هوندي آهي... ڇوڪرا، مردَ، ڪراڙا،... ڪنهن به شئي کي ڏسندا ته پنهنجي حساب سان ۽ انهن سان شامل هونديون ڪراڙيون به، پر ڇوڪرين جو جهان ئي ڪُجهه ٻيو هوندو آهي. اهڙو جهان، جنهن ۾ ڪراڙين جو به ڪو عمل دخل نه هوندو آهي... هُو به خوابن کان گهڻو ڪري وانجهيل هونديون آهن... ڇوڪرين جي دردن ۾ وڏو سبب سندن خواب به ته هوندا آهن.
ڇا هُئس مان... ۽ هاڻي ڇا ٿي وئس هُئس!؟... اڪيلائپ جو رنگ ڪيڏو نه گهرو ٿي ويو هو...
اهو ته شڪر هو جي ٻوڙ ڀاڄيءَ جي ڳڻتي نه هُئي... ابي سڄو انتظام ڪيو هو... ماسي حنيفان، پنهنجي حساب سان سڀ ڪُجهه ارينج ڪندي هُئي. فرج ۾ سامان رکيل هوندو هو. ڀاڄي تازي هُئي. روز وٺندي هُئي. اسانجو کاڌو هو به ڇا... ٻارن لاءِ ٿورو ڪُجهه ۽ امان جي اها ئي بُک... هوءَ بُک تي گذارو ڪندي هُئي. گهٽ کائيندي هُئي. مون کي لڳو پئي ته مُنهنجي سوادَ به الائي ڪيڏانهن هليا ويا هُئا. چاٽ جو ڇا بند ڪيو هيوسين تڙ تڪڙ ۾...ڄڻ سڀ ذائقا ناراض ٿي ويا هُئا ۽ اڄ هو به ته ناراض ٿي ويو هو.
***
مُنهنجي اجاين سوالن تي ڊاڪٽر کي بُڇان لڳي هُئي. ڪاوڙ اچي وئي هُئس جيتوڻيڪ مُنهنجي پڇڻ ۾ ڇا هو!... ماڻهو فڪرمند ٿيندو ته اهڙا سوالَ ته ڪندو نه....ڀلا پڇبو نه ته ٻيو ڇا ڪبو...!
ٻارن کي وٺي گهر آيا هُئاسين ته ماسي حنيفان به اهو ئي سوال ڪيو هو ته ڊاڪٽر سان صحيح صلاح مشورو ته ڪري آيا آهيو نه... هاڻي صلاح ته ڪبي نه... نه پر هن کي ڇا تي ڪاوڙ لڳي هُئي... مُنهنجي سوالن تي، يا بي اعتباريءَ تي...! مُنهنجو روئيو خراب ته نه هو... اهڙو ڇا ڪيو هُئم جو خراب لڳي... کِلي هُئس ڇا! نه پر اهو کلڻ جو موقعو ته نه هو... کليو ته هُو هو... چپن ۾... مُنهنجي ڳالهه ٻُڌي... خراب ته هُن ڪيو. پاڻ کي سمجهي الاءِ ڇا ٿو!
نه پر... هُو ايترو ته نه کليو هو... مون ئي رهڙ ڏني مانس شايد. هل ڀلا جي ڏنيمانس ته ڪهڙي قيامت اچي وئي. ڪهڙو مُنهنجو ڏاڏي پوٽو آهي!
ڏاڏي پوٽي تي وري اهي ڏندَ ۽ اکيون سامهون اچي ويا ”مائٽ هون“ جو نعرو ڪنن ۾ گونجيو.
مُنهنجي اندر ۾ ڪڙاڻ ڀرجي وئي هُئي، مائٽن ۾ وري ڪهڙي چڱائي هُئي. اهڙي حالت ٿي وئي هُئي پر ڪير به لڙي نه آيو هو... بس وات ٽُڪاڻي ڪري سڀ روانا ٿي ويا هُئا. ابي کي وئي هفتي کان مٿي ٿي ويو هو ڪير پڇڻ نه آيو هو... الاءِ خبر هئن به الاءِ نه... ڇو نه خبر هوندن...! سڀ ئي سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا... پر هنن جو اسان سان ڇا ٿو وڃي...گهمي ڦري اهو منحوس سامهون اچي ٿو... باقي ته جهڙو سڀ ڪُجهه هو ئي ڪونه... حياتي ڪيڏي نه اڪيلي هُئي.
اسين ايترا ته اڪيلا ڪونه هُئاسين.. گهر اچ وڃ سان پيو ٻهڪندو هو... هاڻي هي ڇا ٿي ويو هو! ڪو ڏوهه. ڪو قصور... ڀَتَ برادريءَ ۾ ڪا غلطي...! الله... الاءِ ڇا جهان هو.!
ننڊ نه پئي آئي... نصيبان هلڪا هلڪا کونگهرا هنيا پئي.. روئي روئي ستي هُئي... سندس چهري تي دردَ جون لڪيرون هيون... مون کي لڳو هو، ڄڻ مُنهنجي مُنهن تي به الاءِ ڪيترا ليڪا نڪتل هُجن.
مون هن بابت ڇو پئي سوچيو، هڪ مريض ۽ ڊاڪٽر کان سواءِ اسانجو ڪهڙو رشتو هو. هُو هڪ عام ڊاڪٽر هو ۽ مان مريضن جي اٽينڊنٽ.... لهجي کي محسوس ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه هُئي. جهڙو هن سلوڪ ڪيو هو... اهڙو مون به ڪيو هو... يا وري جيئن مون ڪيو هو، اهڙي ورندي هُن به ڏني هُئي... رات جي هن وڳڙي ۾ مون کي سندس خيال ڇو پئي آيو! زندگي ڇا ايڏي محدود ٿي وئي هُئي جو بس، هاڻي ڪُجهه ڳڻيل ماڻهن جو خيال ئي ذهن ۾ آيو پئي... مُنهنجي اندر ۾ هن جي ڪا جاءِ ٺهندي پئي وئي ڇا؟ اهڙو ڪُجهه ٿيو پئي ڇا...!
پنهنجو پاڻ کان پڇڻ به ڪا معمولي ڳالهه ناهي... جيڪو پڇجي ٿو سو گهڻو ڪري اڳ ۾ ئي معلوم ۾ هوندو آهي... پڇي بس رڳو وراڻي ئي ڏبي آهي... جواب جي خبر هجي ته سوال ته مُڏو ٿيڻو ئي آهي.
پنهنجو پاڻ کان سوالن جي اڃان موسم نه آئي هُئي پر ته به عجيب هورا کورا ٿي رهي هُئي. تعلق جڙندي خبر ناهي پوندي، تعلق ٽُٽندي به خبر ناهي پوندي... بس احساس خاموشيءَ يا درد جو هوندو آهي. خوشي ٿورڙي هوندي آهي، ان ڪري جُڙڻ گهڻو ڪري ياد ناهي رهندو، درد گَهِرو هوندو آهي، ٽُٽڻ، هميشه لاءِ ياد رهجي ويندو آهي.
هن سان ملڻ ۾ ڪا خوشي نه هُئي، ان ڪري اها پڪَ پئي ٿيم ته ڪو تعلق نه پيو جُڙي.
شايد اهو ئي احساس هُو، جنهن ننڊ ڏياري ڇڏي هُئي.
***
چاچو قاصد اوچتو موٽي آيو هو.
رضا ۽ شاهينه، ٻاهر ئي ليٽيل هُئا، امان اندر ڪمري ۾ هُئي، نصيبان اسڪول ويل هُئي ۽ ماسي حنيفان به اڃان چڪر نه هنيو هو.
در تي کڙڪو ٿيو هو ته مون ڀاڄيءَ وارو سمجهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن چاچو يعقوب، در کڙڪائيندو هو، بيل ڏئي، پڇي ويندو هو ته ڪُجهه گهرجي ته ڪونه ٿو... هونئن گهڻو ڪري ته ڀاڄي پئي هوندي هُئي پر ڪڏهن ڪڏهن سندس اچڻ ڏاڍو مددگار ثابت ٿيندو هو.
ان ڏينهن ڀاڄي پئي هُئي. مون اندران ئي رڙ ڪئي هُئي ”چاچا... اڄ ڀاڄي نه ٿي گهرجي... سڀاڻي ضرور اچجو...“
ٻاهران آواز آيو هو ”امان... مان آهيان... چاچا...“
آواز ڇرڪائي وڌو هو... تڪڙي ڀڳي هُئس ته ابي وارا اچي ويا هِن... در کوليم ته هُو اڪيلو هو.
”سلام عليم چاچا...“
”وعليڪم سلام امان...“ هن مٿي تي هٿ رکيو... مون سندس پٺيان نهاريو... اَبو متان ايندو هجي... هن در ٻيڪڙيو.
”ادو ناهي آيو... مان ڪم سان آيو آهيان“
ٻارن کي مٿي تي ۽ ٻانهن ٽنگن تي پٽيون ٻڌل ڏٺائين ته پريشان ٿي ويو...
”اڙي هي ڇا ٿيو؟...“ سڌو هُنن ڏي ويو.. ٻنهين کي ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳو.
”شاهينه تي ڪُتو اُلري آيو... بس ٻئي ڪري پياسين..“ رضا ڳالهايو.. شاهينه روئڻ لڳي. ”اَبو... ابُو...“
چاچا قاصد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.. ”ابُو به اچي ٿو امان... بس ٿورو ڪم سان آهي... ڄاڻ آيو...“ هن ڏاڍيون چميون ڏنيون شاهينه کي... رضا کي به ڏاڍا ڀاڪر پاتائين.
”پٽو اسپتال مان ڪرايو آ...“ هُن پڇيو.
”جي چاچا...“
مان پاڻيءَ جو گلاس کڻي آيس... هُو کٽَ تي ٻارن سان ئي ويهي رهيو.
”ڪتي چڪ ته نه هنيو آ نه...؟“ سندس آواز ۾ فڪرات هُئي.
”نه نه...“ رضا ڳالهايو ”ڀڄي ويو هو اهو... مون ڀڄائي ڇڏي هو مانس..“
”شابس... شابس... تون ته الاهي بهادر آهين يار...“ چاچا سندس ڪلهو هلڪو ٺپيو.
”ڊاڪٽر ڇا ٿو چئي زيبُل امان؟...“
”چئي ٿو ته ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي... ڪُجهه ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندا... بابا ڇو ڪونه آيو چاچا...“
”ٻڌايانءِ ٿو... ٿورو ترس...“ هن پاڻي گلاس پورو ڪري مون کي واپس ڪيو..
”نيرن ڪراءِ امان... بُک لڳي آ ڏاڍي...“
”جي چاچا...“
”مان ٿورو تازو توانو ٿيان... توسان ڳالهايان ٿو تفصيل سان...“
هُو باٿ روم ڏانهن هليو ويو هو... مون رڌڻي جو رُخ رکيو.
رضا مون ڏي نهاريو ”بابا ڪٿي آهي ادي؟...“
شاهينه وراڻيو ”بابا... ادا کي وٺڻ ويو آهي..“
رضا وري مون ڏي نهاريو. ”ادا اڃان نه ٿو اچي ؟“
”اچي ويندو... بابا کيس وٺي ئي ايندو رضا...“
هن ڄڻ ڪُجهه پڇڻ گهريو، وري چپ ٿي ويو. مون وٽ پاڻ وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڇا هو... پٺي ڏئي، رڌڻي جو پاسو ورتو هئم.
ذهن ڪنهن پاسي لڙيو ئي نه پئي. چاچا ڇو موٽي آيو هو! ابو ڪٿي هو!. ڪيڏانهن ويو هو! هنن مون کي ڇو نه پئي ٻُڌايو...! ڇا مان ايڏي ننڍي هُئس جو هنن جي اعتبار اعتماد جي لائق نه هُئس يا وري سلسلو ڪو ٻيو هو... جي مان سندن اعتماد جي لائق نه هُئس ته ابو هي هيڏو ساري گهر مُنهنجي حوالي ڇو ڪري ويو هو! ڇا کيس اها پڪَ ته مون تي ماسي حنيفان جي نظرداري هوندي يا هن واقعي به اهو سمجهيو هوندو ته مان سنڀالي وينديس. جو هُن سنڀالڻ جو يقين رکيو هوندو ته پوءِ مون کي ڪابه خبر ڇو ڪونهي. هي سڄو معاملو عام ۽ ڇو پيو هلي!!
چاچا قاصد نيرن کائيندي ڳالهه ڪئي هُئي.
”اتي ٿوري کوٽ ٿي وئي آهي زيبُل.... پئسا ڪُجهه کُٽا پئي“
”ڪٿي چاچا... !“ مون ڳالهه ڪٽي، هن جاري رکي.
”اهي کڻڻ آيو آهيان.“
”مُنهنجي ڳالهه ٻڌو چاچا...“ مان به ڄڻ ڦاٽي پئي هُئس.... ”مون کي ٽاريو نه... مُنهنجي سوال جو جواب ڏيو...!“
”تو سوال ڪيو هو ڇا!“ هُن گرهه ڀڳو، مون سندس انداز لنوايو
”بابا ڪٿي آهي..!“
”چيم ته سهي نه... ڳولا ۾ نڪتل آهي.“
”ڪٿي آ...“
”آهي مڙئي ڪٿي!...“
”اهو ٻڌائڻ ۾ ڇاهي؟...“
”هن روڪيو آ امان... منع ڪئي اٿس ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪرڻي ته ڪيڏي نڪتل آهيون...“
”مان ڪنهن سان آهيان ڇا چاچا؟“
”اهو مون چيو ڇا؟...“
”ته پوءِ ٻڌايو ڇو نه ٿا؟...“
چانهه جو ڍُڪ ڀريندي چيائين.
”اسان سان پنهنجن ڪئي آ زيبُل... آهي ڪو گهر جو ........ جنهن اُها جُٺ ڪئي آهي. هاڻي جي ڳالهه پڌري ٿي ته جاويد جي حياتيءَ کي خطرو ٿو لڳي.“
”مان ڳالهه ٻڌري ڪنديس ڇا چاچا؟..“
”وات تي ڪهڙو ڀروسو آهي امان؟ ڳالهه نڪري به ته سگهي ٿي...“
”مان ڪنهن سان ڳالهه ڪنديس چاچا... وڌ ۾ وڌ ماسي حنيفان يا نصيبان سان.... ٻيو ڪنهن سان ڪري سگهان ٿي...! هُو مُنهنجو ڀاءُ آهي... مان ائين ڪيئن ڪنديس جو هن کي نقصان پهچي؟“
”وات جيترا وڌندا آهن، ڳالهيون اوتريون گهڻيون ٿينديون آهن امان...“ هن غور سان ڏٺو، ”دل ۾ نه ڪج تون... ادا... صرف مون کي ساڻ رکيو آ... ڏاڍو بازيگر ماڻهو آهي. ڄاڻي ٿو گهڻو ڪُجهه... کيس اهو به احساس آهي ته تون محسوس ٿي ڪرين... يا ڪندي هُوندينءَ... پر جي هُوءَ اهو سڀ ڪري ٿو ته لازمن ڪا ڳالهه آهي نه...“
اسين ٻئي چُپ ٿي ويا هُئاسين... پوءِ مون ئي ڳالهايو هو.
”ڪا کڙڪ پئي؟... ڪو اندازو...!“
”ڳولڻ سولو هوندو آهي ڇا امان...“ هُن جو لهجو ڀرجي آيو، ”وڃائڻ سولو هوندو آهي ڌيءَ... ڳولڻ ۾ ته عُمريون هلي وينديون آهن...“ هن ٿانوَ مون ڏي سوريا هُئا ”تون رڳو دعا ڪر ته اسين کيس ڳولي لهون... ڳوليندڙ به بس پيو هٿوراڙيون ڏيندو آهي. مٿان وري اسان وٽ اهو به عجيب ڌنڌو آهي ته مددَ ڪندڙ، مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن... ڏسندا آهن نه ته تڪليف ۾ آهي... ٻه پئسا ٻيا ڪڍي وٺونس... چمڪي تي بندوق هلائڻ آهي امان... بس اهو ڪم هلي پيو...“
”مان ڪنهن سان ڳالهه نه ڪنديس چاچا...“ مُنهنجي اندر جو ٻار اڀري آيو ”بس مون کي صرف ايترو ٻڌايو توهان ويجهو آهيو يا پري...“
سندس اکيون چمڪيون... ”تون ڏاڍي ضديري آهين ڦِري گهري اتي ئي اچيو ٿي وڃين....“
مان سندس هٿ جهليا ”سچي به چاچا... بس رڳو ايترو ٻڌائي ڇڏيو...“
”ابي جا ڪُجهه ڪپڙا ڏئي ڇڏ... ٻه وڳا...“ هُن ڳالهه بدلائي... مُنهنجو مُنهن لهي ويو.
”وري ٽاري ڇڏيوءَ نه.... ڪُجهه ٻڌايو ئي ڪونه ٿا...“
”پري آهيو امان... ڪافي پري آهيون... جتي جو ڏس مليو آهي اُها جاءِ ڪافي پري آهي... بس ايترو ڪافي آهي... وڌيڪ سوال تون به نه ڪج... وڌيڪ جواب مان به نه ڏئي سگهندس.“
مون ماٺ ڪري ٿانوَ کڻي ڇڏيا هُئا.
***