ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

18

دل جو عجيب حال هو.
اک هر هر موبائل تي پئي پَئي... مئسيج کول بند پئي ڪيم، دل چويم پئي... ڪُجهه نه ڪُجهه ضرور لکانس پر وري الاءِ ڪهڙي خيال روڪي پيو، سندس نگاهه جا دائرا ياد پئي آيا. اڄ سندس ڏسڻ به جهڙو ڪر عجيب لڳو هُئم... ڪُجهه نڪور هو، نئون هو... ڪو احساس هُئس، جيڪو هُو پويان ڇڏي ويو هو.
ڏاڍي بي چيني ٿي رهي هُئي، مونجهه ۾ ڄڻ ڪُجهه وڻيو ئي نه پئي. بصر ڪٽيم، پٽاٽا ڇليم... وري پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳم. ڀاڄي ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هُئي. سڌا سڌا ڳترا ڪٽي وٺان هان پٽاٽن جا، تري وٺان هان.... اهو ايڏو خفو ڇا جو پئي ڪيم! ڇا مون پنهنجي پاڻ کي مصروف رکڻ پئي گهريو؟ ڇا هُو واقعي اندر ۾ کاٽ هُڻي رهيو هو!
عمر ننڍي هُئم، پر الاءِ ڇو پنهنجو پاڻ مون کي وڏو لڳندو هو. خاص طور تي نصيبان جي ساٿ، مون کي ڄڻ رنڱي ڇڏيو هو. هُوءَ ننڍڙي عُمر ۾ ئي هڪ مڪمل خاتون هُئي. کيس روَئين، سلوڪن، ماڻهن جي سؤچن بابت ڏاڍي ڄاڻ هُئي. پنهنجيءَ يتيميءَ جي هوا سندس وجود جي برتن کي ڄڻ سڪائي ڇڏيو هو. محرومين جي آويءَ مان اهڙي پچي نڪتي هُئي جو سڀ حوالا ڄڻ کيس ازبر ٿي ويا هُئا. شايد اهو ئي هڪ اهم سبب هُئو جو اسين نگاهه جي تير ڪمان زماني مان، عافيت سان نڪري آيا هُئاسين. اسڪول ۾ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هُئا. ڪڏهن اهڙي ڪا سؤچ نه آئي هُئي. هن ڊاڪٽر تي الاءِ ڇو هُن به زور ڏنو هو. الاءِ ڇا ڏٺو هُئائينس جو پهرئين ڏينهن کان اهو راڳ سندس چپن تي اچي ويو هو.
نصيبان ماڻهن کي پڙهڻ ۾ ڏاڍي هوشيار هُئي. هُن پنهنجي اندر سان جيڪي حوالَ ڪٽيا هُئا، انهن بابت صرف مون سان ئي تذڪرا ڪندي هُئي ۽ فيس ريڊنگ جي سندس خصوصيت حيران ڪندڙ هُئي. هُن ڊاڪٽر جي مُنهن تي الاءِ ڇا پڙهيو هو. هُن رڳو ڊاڪٽر جو مُنهن پڙهيو هو يا مُنهنجي مُنهن تي به ڪُجهه لکجي آيو هو!
اکين کي هُو سٺو لڳڻ لڳو هو. پر ڇا اهو سڀ پيار هو....؟ ڇا مان هُن سان محبت ڪرڻ لڳي هُئس!... پهرين اهو سوال مَن ۾ اڀرندو هو ته هڪدم ”نه“ جو جواب ٺڪاءُ اچي ڪندو هو. هاڻي اهو دير سان پئي آيو. ڇا ڪٿي ڪنهن خيال خيما کوڙيا پئي!.
ڇا پئي ٿيو اهو سڀ جيڪو سمجهه ۾ نه پئي آيو.
اندر امان وٽ ويٺي به، دل ٻڏل ئي رهي، جيئن ڦڙو ڦڙو پاڻيءَ جو، گلوڪوز جي بوتل مان هيٺ ڪري رهيو هو، ائين ئي، مُنهنجو اندر به ڦڙو ڦڙو ٿي ڳري رهيو هو.
***
بوتل ٿورڙي بچي ته مون کيس ڪال ڪئي.
”بوتل ختم ٿئي پئي... ڪمپائونڊر کي موڪليو...“
”جي...“
”ٿورو جلدي ڪجو... لڳيم ٿو هلڻ تيز ٿي وئي آ...“
”ائڊجسٽ ڪري سگهوس ٿا... ناب سان؟...“
”ڪيئن؟...“
”اهو ناب آهي نه هيٺ، جيڪو ان پائپ کي دٻائي ٿو... ان کي ٿورو هيٺ ڪيوس... ڦڙا ڪرڻ گهٽجي ويندا.. هونئن به آخر ۾ اچي، انهن ۾ ڪُجهه تيزي اچي ويندي آهي..“
مون ناب سيٺ ڪيو، ڦڙا ڪُجهه ڍرا ٿيا.
”ٿي ويا جهڪا... توهان کيس موڪليو...“
”موڪليانس ٿو“
هن فون بند ڪئي.
نصيبان به الاءِ ڇو اچڻ ۾ دير پئي ڪئي. اڪيلائپ الائي ڇو کائڻ پئي آئي. مُنهنجي دل روئڻ تي چئي رهي هُئي.. اوڇنگارون ڏيان، رڙيون ڪيان... پاڻ کي ڌڪَ هڻان.
امان بي سُڌ پئي هُئي. بوتل ۾ آرام جي دوا هُئي الاءِ ڇا... هُوءَ ڏاڍي گهاٽي آرام ۾ هُئي. ٻانهن به نه ٿي لوڏيائين... مُنهنجي دل کيس هڪ وڏي ڀاڪر پائڻ لاءِ چئي رهي هُئي، دل پئي چيو، هُوءَ سدائين جيان رڌڻي ۾ هُجي... مان ڊوڙندي وڃان، وڃي بيٺي بيٺي ڀاڪر ۾ ڀريانس... هُوءَ مُڙي، سڌي ٿئي، مونکي جڪڙي وٺي، چميون ڏئي ۽ پُڇي ”ڇا ٿيو زيبُل؟...“
ان سوچ تي ئي اندر ڀرجي آيو... اسان ڇوڪريون ڇا هونديون آهيون؟ ڪيڏي نه ننڍڙي دُنيا هوندي آ اسانجي. پنهنجي اندر جي ويڪري دنيا ۾ اسان ڪيڏو نه سولائيءَ سان وندرنديون آهيون.... هڪ نگاهه، هلڪو مٿي تي هٿ... ڪا آسيس... ڪا ننڍڙي مُرڪ... اسان جي خوشين جو مُلهه ڪيڏو نه سستو هوندو آ...
هاڻي خبر پوي پئي نه... سندس ”زيبُل“ سڏڻ ئي ڪيڏو نه ڪمال هوندو هو.
مون کي ڪُجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، رڙيون ڪري روئي پيس... پهرين آواز اڀريو پوءِ مون وات تي رئو رکي ڇڏيو..
تيز هوائن ۾ بيد مشڪ جي وڻ جيان، مُنهنجو سڄو وجود، لُڏي رهيو هو... اندر مان ڪو درياهه پلٽڻ تي آيو هو. ڳوڙهن جي قطارن کان ڳالهه چڙهي هُئي. مُنهنجيون اکيون ۽ مُنهنجو اندر هڪجهڙو ٿي ويو هو. وقت جي ڪا خبر نه هُئي. الاءِ ڪيتري دير اهو رئو اکين ۽ مُنهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندو رهيو.
اوچتو بيل وڳي... ته هو ئي آيو...
تڪڙي غسل خاني ڏانهن ڀڳس.. پرايو ڀائي الاءِ ڇا سوچي...
مُنهن ڌوتم... ٽوال سان اگهيم... وارن کي هٿ سان سڌو ڪيم.. ڪُجهه لحظي ۾ ئي اکين ڄڻ پاڻ ملهائي ڇڏيو هو. سُڏيل ۽ سرد هيون... مون وري پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا، پاڻ سنڀاليم... بيل وري وڳي.
”هڪڙو منٽ...“ اتان اندران ئي رڙ ڪيم.
ٻاهر ڄڻ ماٺ ٿي وئي هُئي. پاڻ سنڀاليم، اچي در کوليم.
هُو سامهون بيٺو هو.
”ڪمپائونڊر هڪ سيريس مريض تي بيٺل هو... مان ئي هليو آيم...“
الاءِ ڇو مون سرڪي کيس جاءِ ڏني هُئي، هُو اندر اچي، سڌو امان جي ڪمري ڏانهن هليو ويو هو. ڪنهن مُنهنجي ڪنن ۾ سرگوشي ڪئي ”سيريس مريض تي هُيءُ بيهي ها نه... ڪمپائونڊر جو ڪهڙو ڪم هو...“
مان اتي ئي اڱڻ ۾ بيٺي رهيم... اندران سندس آواز آيو.
”ميڊم... هڪ منٽ اچجو...!“
اندر ويس... هن امان جي ٻانهن جهلي هُئي.
”هتان ٿورو پڪڙيو. مان هي ڪڍي وٺان... اڪيلي ڪڍندس ته متان رت نڪري اچي...“
مان ساڻس بيٺس... امان جي ٻانهن جهليم. جيڪا هاڻي جاڳي هُئي ۽ چپ چاپ اسان کي ڏسي رهي هُئي.
”ڪُجهه ٺيڪ آهي امان...؟ مطلب... ڪُجهه ٺيڪ محسوس ڪيو پئيا؟“ هن امان لاءِ چيو هن جي صرف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو... وري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
امان جي ٻانهن مان سئي ڪڍي، هُن اتي پلاسٽر هنيو.
”لڳڻ ته ڪينيُولا گهرجي ها... پر اسان وٽ هُئو ڪونه... سڀاڻي نه پرينهن وري سئي هڻڻي پوندي... آئم سوري، تڪليف ته ٿئي ٿي... پر انهن ننڍڙي شين کان ٿورو مٿي سوچڻو آهي.“
مون صرف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هُن مون ڏي نهاريو.
”هٿ ڌوئندس“
”هن پاسي اچو..“ مان کيس ٻاهر وٺي آيس. غسل خاني ڏانهن اشارو ڪيم ”هي واش روم آ“
هُو اندر ويو، مان تڪڙي تڪڙي ٽوال کڻي آيس. ٻاهر کٽ جي واڏڻ تي رکيم، هُو ٻاهر آيو هٿ اگهندي چيائين.
”اوهان مئسيج جو جواب نه ڏنو“
اهو ئي ٿيو، جنهن جو خدشو هُئم. هُن سنئون سڌو پڇي ورتو هو. مون وٽ هينئر به ڪو جواب نه هو.
”توهان کي بُرو لڳو ڇا؟“
”ڇا؟“
”مُنهنجو مئسيج ڪرڻ... مطلب... آئيم سوري جَي... ائين فيل ٿيو...“
”نه نه... اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي...“
”ته پوءِ ريپلاءِ نه ڪيوَ..؟“
هُن وري سوال ڪيو، مُنهنجي اندر مان الاءِ ڪيترا جواب اچڻ لڳا.... پر مون پنهنجو وات سبي ڇڏيو هو.
”مان سمجهان ٿو... الاءِ ڪيئن پنهنجو هڪ رشتو جُڙي ويو آهي ميڊم... هن سڄي ڳوٺ ۾ الاءِ ڇو اوهان ۽ صرف اوهان مون کي پنهنجا لڳا... پهرين نگاهه سان... ۽ بس... دل ان ناتي کي قائم رکڻ ٿي گهري...“
مان بس ماٺ هُئس، هي سڀ الاءِ مون ٻڌڻ چاهيو پئي، الاءِ نه... هُن جي جاءِ ايتري جُڙي هُئي جنهن بابت هُن ڳالهايو پئي!
”ڪهڙو ناتو؟...“مون لفظ اُڇلي ڪڍيا.
”اهڙا ناتا سمجهائبا آهن ڇا؟“
” نه ته انهن جي باري ۾ هڪ طرفي راءِ قائم ڪبي آ ڇا؟“ مان به الاءِ ڇو، ڄڻ ڀڙڪيل هُئس. هي پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟
”جي سچ سمجهجهي ته راءِ ته پهرين هڪ طرفي ئي هوندي آهي... ٻه طرفي ته پوءِ ٿيندي آهي؟“
”جيستائين ٿئي نه؟“
الاءِ ڇا پئي ڳالهايم، الاءِ ڇا چوڻو هُئم.
هُو ماٺ ٿي ويو هو.... مون ڏي چپ چاپ نهاريندو رهيو.
”مون کي لڳو هو ته ٻه طرفي ٿئي پئي.“
”اوهان کي لڳو هو نه؟“
”ته غلط ته نه لڳو هو...“ هن وڏي گهرائيءَ سان مون ڏي نهاريو. مُنهنجي دل چيو، ”جيڪو سوال ڪندس، ان جو جواب دل وٽان ملندو..“
”بنان سوال ڪرڻ جي، اهڙا انداز!“ مون ٽوڪ ڪئي، الاءِ ڇو چڙيس پئي.
”ته ڪيان ته پيو نه“ هُن سنئون سڌو چئي ڇڏيو. ”سوال ئي ته ڪيان پيو، هِن ناتي بابت... هي سوال ناهي ته ڪهڙو جواب آهي؟“
اسين ٻئي ماٺ ٿي ويا هُئاسين... مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون ڇا پئي چاهيو؟ مون کي اها ڳالهه وڻي پئي الاءِ نه... جي وڻي نه پئي ته مون سوال جواب ڇو پئي ڪيا ۽ جي وڻي پئي ته ايڏو بيزار ڇو هُئس؟
”مان اوهان سان سنئون سڌو ڳالهائڻ ٿو گهران“ هُن وڏو ساهه کنيو، ”ڪو گهڻو عرصو ناهي ٿيو، پاڻ کي هڪ ٻئي کي ڏٺي، پر دل چوي ٿي ته پاڻ گهڻو عرصو گڏ هلي سگهون ٿا. گهڻو عرصو ڇا؟... سڄي عُمر گڏ گُذاري سگهون ٿا. مان ڪنهن افيئر، ڪنهن اسڪينڊل جي چڪر ۾ نٿو پوڻ گهران. زندگيءَ ۾ صرف هڪ ماءُ اٿم، جيڪا يقينن اوهان سان ملي خوش ئي ٿيندي... گهڻو ڪُجهه ڪونهيم... بس پاڻ آهيان... ۽ سمجهان ٿو ته جي ماڻهو پاڻ هُجي ٿو ته اُهو ئي ڪافي هوندو آهي...“
هُن ڳالهه ڪٽي مون ڏي نهاريو. مان ماٺ هُئس. اڱڻ ۾ اُس جو رنگ مَٽجي رهيو هو. پريان ڪُونڊين تي گُل هڪ ٻئي کي اکين ئي اکين ۾ ڪُجهه چئي رهيا هُئا ۽ سندن پاسي ۾ بيٺل خار، چهنبون تِکيون ڪري رهيا هُئا.
”اوهان تي سڄي حياتيءَ بار ڪونه ٿيندس... بس هڪ خواهش آهي... هڪ ٻئي جو هٿ جهلي وٺون...“
اوچتو در کُليو ٻار ۽ نصيبان اندر ڌوڪي آيا.
***
ٻارن کيس سلام ڪيو هو ۽ هُو ڊُڪندا اندر هليا ويا هُئا. وڏي طريقي سان ڊاڪٽر ٽوال هٿن ۾ رکيو، ڄڻ هُن هاڻي هاڻي هٿ پئي اُگهيا. نصيبان اسان کي ڏسي حيران ٿي وئي هُئي.
”اسلام عليڪم“ هُن ڊاڪٽر کي سلام ڪيو هو.
”وعليڪم سلام ڀيڻ“ ڊاڪٽر مختصر ورندي ڏني هُئي. نصيبان هڪ نگاهه ۾ ڄڻ گهڻو ڪُجهه سمجهي وئي هُئي. هُوءَ سڌو اندر هلي وئي امان ڏي. ڊاڪٽر ٽوال واپس واڏڻ تي رکيو.
”مون هڪ طرفي ڳالهه ڪئي آهي... ٻئي طرف جي موٽ جو انتظار ڪندس...روئڻ سُٺي ڳالهه آهي پر جي گڏجي روئجي ته اهو ته اڃا به ڪو وڏو جهان آهي... هلان ٿو.“
هُو مُڙيو، سڌو در کان ٻاهر نڪري ويو. مُڙي نه ڏٺائين. اندران نصيبان جو آواز آيو، ”ادا... ادا...“
هُوءَ ڊوڙندي ٻاهر نڪتي در مان ٻاهر هلي وئي. مان سندس پويان در وٽ آيس. ڏٺم، هُوءَ گهٽيءَ ۾، در جي ويجهو ئي، ڊاڪٽر سان ڪُجهه ڳالهائي پئي ۽ پوءِ تڪڙي موٽي آئي. اندر گهڙي هُن در بند ڪيو.
”ته مطلب... چئي ويو اڄ سڀ ڪُجهه توکي؟“ هُن وڏو ساهه کنيو، مون ڪا ورندي ڪانه ڏني.
”تون چري آهين ڇا؟... ائين اڪيلي، اڪيلَي گهر ۾ ڪيئن ملينءَ هُن سان؟... هان؟“ هُن اکيون ڳاڙهيون ڪيون، ”۽ مٿان وري ڪڙو به ڪونه ڏنو هُيئي... جي اسان جي جاءِ تي ڪو ٻيو ائين گهر اندر اچي وڃي ها ته...!؟“
”ڪير اچي ها؟“
”اوڙي پاڙي جي ڪا مائي نٿي اچي سگهي ڇا؟...“ هُن ڏند ڪُرٽيا ”تُنهنجو دماغ خراب آهي زيبُل... مٿان وري اُن کي اڪيلو ڇڏي ڏنئي...! ائين گهران کيس ڪير اڪيلو نڪرندي ڏسي وٺي ها ته وري ڪهاڻي شروع... توکي ڪُجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ڇا؟ تڏهن تڪڙي ٻاهر ڀڳس... گهٽيءَ ۾ اجايو سجايو ڳالهايومانس ته جيئن ڪنهن جي به نظر ۾ هُجون ته اُهو سمجهي ته ٻه ڄڻيون هيون... تون اڪيلي نه هُئينءَ... مان به هُئس.“
هن الاءِ ڇا ڇا پئي چيو، مون کي سمجهه ۾ آيو به پئي، نه به پئي آيم.
”ڳوٺ جي ماڻهن کي تون نه ٿي سڃاڻين ڇا؟ جونءَ مان جعفران ڪندا آهن زيبُل...“ مون ڪُجهه به نه پئي چيو، هُن مون کي ڌڪ هنيو.
”مُنهنجي خيال ۾ مان توسان پئي ڳالهايان...“
”ٻڌان پئي...“
”توکي مان پوءِ ٿي ٻُڌايان، چڱيءَ طرح سان... في الحال ٻارن کي ماني ڏي...“
مون ڪُجهه به نه ڪُڇيو، رڌڻي ڏانهن موٽي ويس.
هُن در جي ڪنڍي لڳائي ڇڏي.
***
سڄي ڳالهه ٻُڌي، هُوءَ ماٺ ٿي وئي هُئي.
”هُن ڪيئن سمجهيو ته هن مهلَ تون اڪيلي هُوندينءَ..! امان به ته ٿي سگهي ٿي هتي!“
”وڏو هوشيار ماڻهو آ... آڙيڪاپ آ....“
”مون کي اندازو نه هو... ائين ايندو...“
”۽ تو هُو مون سان، مئسيج واري ڳالهه به نه ڪئي...“
”ڪيان هان نه اڄ... صبح جو تڪڙ هُئي توکي... ڳالهه ڪرڻ گهريم پر تفصيل سان نه ڳالهائي سگهون ها....“
”تون رُني ڇو آهين؟...“
”الاءِ ڇو... بس... دل ڄڻ ڦاٽي پئي...“
”مئسيج ڪڏهن ڪيو هُئائين...“
”رات... دير سان...“
”تو ورندي ته ڪانه ڏنس نه...!“
”نه..“
”هاڻي؟...“
”هاڻي تون ٻُڌاءِ...“
مون هُن ڏي نهاريو، ڄڻ پنهنجو پاڻ کي ڦٽي ڪري ڇڏيو هئم. سڀ ڪُجهه عجيب ٿيو پئي... سڀ ڪُجهه ئي ته ٿيو پئي.
”تو وٽ موٽَ ڪهڙي آ زيبُل؟“
”توکي ڇا ٿو لڳي؟“
”سچي ڳالهه ته اها آهي ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي... تُنهنجي سلوڪ کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سڃاڻي ناهيان سگهي... ڪٿي دل چويم ٿي، تون هن کي پسند ڪرين ٿي... ڪٿي اهو خيال اچيم ٿو ته نه... اهڙي ڪا به ڪهاڻي ناهي... هڪ ڀيرو تون واضح ڪري ڇڏ...“
”مان هُن کي پسند ڪيان ٿي نصيبان“ اندر مان ڇڪي جملو ڪڍيم ”پيار الاءِ ڪيان ٿي الاءِ نه...“
هُوءَ چپ ٿي وئي هُئي. مون به بس جملو ڌڪي ڪڍڻ کان پوءِ اطمينان محسوس ڪيو هو.
”ورندي ڏيندينس؟“
”ڏسان...“
وري چپ.... مون هن ڏي نهاريو.
”تُنهنجو ڇا خيال آهي...؟“
”مُنهنجو خيال ناهي... ووٽ آهي... جيڪو هن جي طرف آهي..“
نصيبان جي فيصلي مون کي ڇرڪايو نه هو، پر ائين سندس طرف کڻڻ مون کي عجيب لڳو هو. هُوءَ بلڪل هڪ طرفي ٿي بيٺي هُئي. کيس ان ڳالهه تي شدت سان اصرار هو. ته مون لاءِ ڊاڪٽرَ جو رشتو ۽ ان جو ساٿ، زندگيءَ ۾ زبردست ثابت ٿيندو. الاءِ ڪيتري دير اسان بحث ڪيو هو.... کيس گهر وڃڻو هو... ڳالهه مڪمل ٿي نه سگهي هُئي.
***
رات لٿي ته الاءِ ڪيترا عڪس ٻيا به لهي آيا. سڀ اڻ مڪمل هُئا... سڀ ڪُجهه ڄڻ ٽُٽو پئي. هُن جي لهجي جي چاشني عجيب هُئي ’گڏجي روئڻ به هڪ وڏو جهان آهي...‘ هر هر ڪنن ۾ ٻُري رهيو هو. سندس اعتماد، نگاهن جو وزن... هلڪي مُرڪ سان سٿيل جملا... سڀ ڪُجهه ئي ته پويان رهجي ويا هُئا.
هُو ڇو آيو هو اها ته خُدا کي خبر، علاج لاءِ آيو هو يا پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ آيو هو. مون کي پنهنجي روح ۾ عجيب هورا کورا محسوس ٿي رهي هُئي.
***
محبتون ڇا ٿينديون آهن؟
ڇا اُهي ياد سان جڙيل هونديون آهن!؟ ڏُک سان سلهاڙيل هونديون آهن. سندن قدم ڪيترو ڳرو هوندو آهي... ڳرو ئي ته هوندو آهي. هلڻ شروع ڪنديون آهن ته دل ۽ دماغ جا سڀ فرش لُڏڻ شروع ڪندا آهن. مون کي به لڳو پئي ته ڄڻ ڪُجهه لُڏي رهيو آهي.
***