9
”ڪابه ڪوتاهي نه ڪج امان“
”ڪيئن ڪندس بابا؟ ڏيکاري آئي آهيانس... دوائون مٽايون آهن ڊاڪٽر، اهو ته مون توهان کي ٻُڌايو هو.“
”دل ۾ نه ڪر امڙ... پري آهيان، فڪر رهي ٿو.“
مون کي شرمساري محسوس ٿيڻ لڳي.
”بابا دل ۾ ڇو ڪنديس؟ مون ته بس ائين ئي ڳالهه ڪئي هُئي.“
”ٻار اسڪول وڃن پيا؟“
”جي بابا“
”مان اچان ته پوءِ تون به خير سان وڃجانءِ.“
”جي بابا“
”ڪو ملڻ ته ڪونه آيو هو؟“
”نه بابا“
”اڪيلي ڊڄين ته نه ٿي نه؟“
”نه نه... بلڪل نه... سومهڻيءَ تائين نصيبان هوندي آهي، پوءِ سمهي پوندي آهيان.“
”ٺيڪ آهي امان... خيال پئي رکجانءِ... چڱو“
”بابا، اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
پريان ڪُجهه لمحن لاءِ ڄڻ ماٺ هُئي ۽ پوءِ هُن ڄڻ پاڻ کي سنڀالي ورتو هو.
”ٺيڪ آهيان بلڪل مان...مُنهنجي ڳڻتي نه ڪجانءِ“
”چاچا قاصد ٺيڪ آهي؟“
”اهو به ٺيڪ آهي... ٺيڪ امان... الله واهي.“
”الله واهي بابا“
فون بند ٿي هُئي ته رکندي ڏٺم، امان مون ڏانهن نهاري رهي هُئي.
”بابا هو فون تي“
ويجهو آئي مانس، هُو کٽ تي ٽنگون لڙڪايو ويٺي هُئي. ڀر ۾ ويٺي مانس ته به هُوءَ بس ماٺ مِيٺ ۾ مون ڏانهن نهاري رهي هُئي.
”تُنهنجو پُڇي پيو“
”ڇا ٿيو آهي مون کي؟“ هُن اُڦٽ سوال ڪيو، لهجو حيرانين سان ڀريل هُئس.
”نه نه... ٿيو ڪُجهه ناهي“ مون سندس هٿ جهليا.
”ائين ئي بس... پُڇيائين ته ٻُڌايو مانءِ.“
”آفيس آ؟“
”هائو“
”چئينس گهر اچي... ٻارن سان گڏ جائُو ايندو ته کيس نه ڏسي پريشان ٿي ويندو...“ هُن ڪرخت لهجي ۾ چيو. سندس آواز هاڻي ڄڻ سندس آواز نه رهيو هو. امان جو سڀ ڪُجهه بدلجي ويو هو، آواز جي ڪهڙي حيثيت هُئي.
”چوانس ٿي“
”نه... هاڻي چئينس... فون کڻ، ملاءِ“
هُوءَ هڪدم سخت لهجي ۾ اچي وئي هُئي. مون فون کنئي اجايو ملايم، کيس ڏٺم.
”بند ڪئي ٿس فون، شايد ڪو ڪم هوندو.“
هُن ڪاوڙ مان مون ڏانهن نهاريو.
”سدائين فون ڇو بند رکندو آ؟... ڳالهائيندو به بند فون مان آ ڇا؟“
”ائين ڪيئن هوندو امان! بند فون مان به ڪير ڳالهائيندو آ ڇا؟“
”ڳالهائيندو آ نه...“ هُن مُرڪي ڏنو، ”توکي ڪهڙي خبر! ڳالهائيندو آ...“ هاڻي مُنهن ٽڙي پيو هُئس، ”تون سمهين پوندي آهين نه ته تُنهنجي فون تي جائُو ڳالهائيندو آ...“ هاڻي کِلي ڏنائين، ”مون سان روز ڪچهري ڪندو آ.“
مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا چوانس!.. هُو کلندي رهي.
”چيومانس... اچين ڇو ڪونه ٿو!... چيائين... مارين ٿي نه... مارين ٿي ته نٿو اچان.“ سندس ٽهڪ وڌندا ويا. ”ماريانس ٿي... هان... ڌڪ هڻانس ٿي.“
هُوءَ هاڻي قبضي مان نڪرندي پئي وئي. مون کيس ٻانهن ۾ جڪڙي ورتو. هُن روئڻ شروع ڪيو، ”ماريومانس... هان... ماريومانس... هان... هِنن هٿن سان ماريو مانس.“
هُوءَ مون کان ڇڏائيندي پاڻ کي ڌڪ هڻڻ لڳي... مون کيس سنڀالڻ لاءِ زور سان سندس ٻانهون جڪڙي ورتيون.
”ڇڏ مون کي... ڇڏ مون کي... مون کي ڇڏ نه.“
هُوءَ رڙيون ڪندي رهي ۽ روئندي رهي.
”امان... امان... نه ڪر ائين.“
مون دڙڪو ڏنو مانس... مٿس ڪوبه اثر نه هو... بس ائين ٿيو جو هُوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي. مٿس وري بيهوشيءَ جو غلبو ٿيو پئي... مون کيس کٽ تي ليٽائي ڇڏيو. هُوءَ وري به ڀُڻڪي رهي هُئي. لفظ چٻاڙجي رهيا هُئا، آخر گم ٿي ويا.
***
ماسي حنيفان ڏاڍي پريشان ٿي وئي هُئي. ڪال ڪري گهر گهرايو هومانس.
”هيءَ ته ڏاڍي خراب حالت پئي ٿئي زيبُل... هاڻي ڇا ڪيونس!“
”شهر کڻائي هلونس...وڏي ڊاڪٽر وٽ ماسي؟“
”ائين ڪيئن ڪيون امان!“
”ڏيکاري ته اچونس نه...“
”۽ جي داخل ڪنس ته؟ پوءِ ڇا ڪنداسين...ڪير فيصلو ڪندو! ادو آهي ڪونه... تون مان ته اهڙا فيصلو ڪرڻ کان رهياسين“
”نه ته... هِن حال ۾ ڇڏي به ته نٿا سگهونس نه...“
”ڊاڪٽر کي گهرايون؟“
”شهر مان هتي ڪٿي ايندو ماسي؟“
”شهر واري کي نه... حالي في الحالي...هِن ڊاڪٽر کي.“
”ڪهڙي کي؟“
”اُن ساڳئي کي...جنهن پٽي ڪئي هُئس... ڊاڪٽر اشفاق کي.“
”اُهو ڇا ڪندو ماسي؟ اهو ڪو نفسيات جو ماهر ته ناهي.“
”ائي امڙ ڊاڪٽر ته آهي نه... ڏسي ڪا دوا دارون ته ڪندو نه...“
”۽ جي ڪا غلط سلط دوا ڏئي وجهي ته؟“
”چري آهين ڇا زيبُل؟ ڊاڪٽر آهي... ائين ڪيئن ڪندو!... مان وٺي ٿي اچانس.“
”فون ڪيونس؟“
”نمبر اٿئي؟“
”نه... نمبر ته ڪونهي ماسي... مون سمجهيو متان اوهان وٽ هُجي.“
”مان ڇا ڪنديس امان؟... اسپتال جو نمبر اٿئي؟“
”نه اُهو به ناهي.“
”ته بس پوءِ مان وٺي ٿي اچانس... تون رڳو گهر کي ٿورو ٺيڪ ڪري ڇڏ.“
هُوءَ تڪڙي ٻاهر نڪتي، مان امان ڏي نهاريندي رهي هُئس. هُوءَ ائين ئي بي سُڌ، بي جان پئي هُئي.
***
اڪيلائپ جي ڳالهه به هُئي ۽ ماڻهن جا ڪردار به سامهون اچي رهيا هُئا.
ايترن مائٽن هوندي به ڪو لڙي نه آيو. رڳو پهريان ٻه ڏينهن، سڀ آيا هُئا. مٿان وري بابا ۽ چاچا قيوم جي پاڻ ۾ ڦڏي، شايد سڀني کي پوئتي ڪري ڇڏيو هو. چاچو قيوم پهچ وارو هو ته ابو به پنهنجي طبيعت وارو هو. سڄو خاندان ڄڻ ورهائجي ويو هو.
ابو، شروع کان ئي خاندان سان گڏ هوندي به الڳ هوندو هو. هُو چڱن مَٺن ڏينهن ۾ سڀني سان گڏ هوندو هو پر اُن کان سواءِ هُو تمام گهٽ ماڻهن سان رکندو هو. چاچو قاصد ۽ مامو امان الله ئي ساڻس گهرا هُئا. اُنهن مان به مامو ٿورو پرتي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس رشتو سندس ڀيڻ جي ڪري هو. چاچو قاصد بهرحال ويجهو هُئس.
ابي جي طبيعت جي ڪري، چڱن موچارن کي همٿ نه ٿيندي هُئي ته سندس ويجهو اچن. جيتوڻيڪ مالي حالتن ۾ اسان ڪو تمام گهڻا مٿانهان ڪونه هُئاسين پر بهرحال، ابو سڀني کي مٿئين درجي جو محسوس ٿيندو هو. شايد اُن ڪري به ڪو گهڻي پُڇ پُڇان نه پيو ڪري... مُنهنجي دل ۾ اهو خيال به آيو پئي ته ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو ائين به سوچيندا هُجن ته جاويد جو گم ٿيڻ، ابي جي دشمنيءَ جي ڪا ڪهاڻي آهي.
***
ڊاڪٽر اشفاق امان کي چڱيءَ طرح ڏٺو هو.
”هِنن کي ڊرپ لڳندي... بُوتل... هتي هڻائيندئو يا اسپتال کڻي هلون.؟“
”بوتل ڇو لڳندي؟“ ماسيءَ هڪدم پُڇي ورتو. کيس شايد مون وارو خدشو ياد اچي ويو هو.
”هِنن جي حالت ڏٺي اٿوَ؟... ٻن ڏينهن ۾، مون کي ته هڪدم بيمار لڳن ٿيون... ڪُجهه کائين پيئن نٿيون ڇا؟“
”تمام ٿورو ڊاڪٽر صاحب...“ مون وراڻيو. ”نه جهڙو“
”پوءِ به بوتل نه لڳَي؟“ هُن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ”هي ميڻ وانگر، ڳرن پيون... جسم ۾ کوٽ ٿن... هنن کي اميڊيئيٽ ڊرپ لڳڻ گهرجي.“
”نه پر هِن کي ته دؤرو پيو آهي.“ ماسيءَ وچ ۾ ڳالهايو، هلڪي بيزاري ڊاڪٽر جي مُک تي آئي وري گم ٿي وئي.
”خالا... اوهان کي مُنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ڇا؟ مان ڇا هتي پئسا ڪمائڻ آيو آهيان؟ يا بوتل هڻي ٻه ٽي هزار ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهيان؟ سمپل ڳالهه آهي، هُتي هلي هڻايوس... پر هُتي هلڻ جهڙيون هي آهن ڪونه.“
اوچتو هُن مون ڏي نهاريو، ”دوائون کائن پيون؟“
”جي“
”وقتَ سِر؟“
”جي وقت سر“
”خالي پيٽ پيا ڏيونِ ڇا؟“
”نه نه... ٿورو گهڻو ته کائي ٿي.“
”هِن کي ذهني مسئلو آ ابا“ ماسيءَ ڀُڻڪيو.
”اها ٻي ڳالهه آهي خالا، اهو پيو هلي، في الحال ته سندس ڪمزوريءَ کي ڏسون... ڀلي توهان شهر وٺي وڃونس پر في الحال اهڙو ته ڪيون جو هلڻ جهڙو ٿي سگهن.“
ماسيءَ مون ڏانهن نهاريو، ”شهر واري ڊاڪٽر جون دوائون ته ڏيکار ڊاڪٽر صاحب کي امان.“
”دوائون نه ڏيکاريو... پنا کڻي اچو... فائل“ هُن مون ڏانهن ڏٺو، مان اندر مُڙيس... هُو ٻاهر ماسيءَ سان گڏ ويهي رهيو هو.
پنا ڏٺائين، ٿورو فڪرمند لڳو.
”هي مسئلو ته هلندو ڪُجهه وقت خالا“ هُن ماسي حنيفان ڏي ڌيان ڏنو، ”ذهني مرض آ... ٺيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندو... پر تيستائين پاڻ کي هي سڀ ڪرڻو پوندو... مان انفيُوزن ڪيان ٿو... ڪُجهه طاقت جون دوائون به ڊرپ ۾ ڏيان ٿو... الله ڪندو ڪُجهه بهتري ٿيندي.“
”توهان لڳائيندؤ؟“ مون پُڇي ورتو.
”نه... هاڻي مون وٽ ڪُجهه پئراميڊڪس آهن...“ هُو مُرڪيو. ”مطلب... ڪم وارا ماڻهو آهن... نوان ملازم اچڻ شروع ٿيا آهن... مان ڪمپائونڊر کي موڪليان ٿو اُهو لڳائي ويندو ۽ پوءِ ختم ٿيڻ تي ڪڍي به ويندو.“
”هِتي هوندو سڄو وقت؟“ ماسيءَ پُڇيو.
”نه نه... ٽي چار ڪلاڪ ڊرپ هلندي... ختم ٿيڻ واري هُجي ته فون ڪري گهرائي وٺجوس... اچي ته نمبر وٺوس خالا.“
”۽ اوهان سان... اوهان سان ڪيئن رابطو ٿئي؟“ ماسيءَ پُڇيو.
”مُنهنجو نمبر وٺي ڇڏيو... بلڪه مان هِن تي ئي لکان ٿو“ هُن شهري ڊاڪٽر جي نُسخن جي هڪ ڪاغذ پويان، نمبر لکي، هيٺان نالو لکي ڇڏيو.
”هِن مان ڪُجهه دوائون به هِن ڊرپ ۾ لڳنديون، اهو خيال ڪجو.“
”هيءَ ٺيڪ ته ٿي ويندي نه ابا؟“ ماسيءَ جو لهجو التجائي هو.
”الله ڪندو خالا... الله ڪندو“ هو واپس مُڙيو، ”ماڻهو موڪليانوَ ٿو ته لکيل دوائون گهرائي وٺجو... ۽ ها ڪا ڳڻتي نه ڪجو... الله مالڪ آهي.“
هُو ٻاهر لاءِ نڪتو ۽ امان جو فائل کٽ تي رکيائين. ماسيءَ هڪدم اڳُ جهليس، ”ابا تُنهنجي فيس؟“
هڪ آسودي مُرڪ سندس مُک تي آئي.
”فيس في الحال ناهي خالا... مريضه ٺيڪ ٿئي... پوءِ ڏسنداسين... سلام عليڪم...“
هُو بنا هيڏانهن هوڏانهن ڏٺي، تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. اسين بس هڪ ٻئي کي ڏسندا رهجي وياسين.
”عجيب ماڻهو آهي...“ ماسيءَ ڀُڻڪيو، ”خير...ڪُجهه نه ڪُجهه ضرور وڃي اسپتال ۾ ڏئي ايندي مانس.“
***
ڪُجهه ئي دير ۾ ڪمپائونڊر اچي ويو هو. کيس دوائن جي پنَين ڏيڻ کان پهرين، مون ڊاڪٽر جو نمبر سيوَ ڪري ڇڏيو هو ۽ الاءِ ڇو اُتي ڪٽي ڇڏيو هئم ۽ ڪَٽيو به ائين هُئم جو پڙهڻ ۾ ئي نه اچي... الاءِ ڇو اهو ٿي ويو هو.
ڊرپ لڳائي هُو هليو ويو هو ۽ وري اچڻ لاءِ چئي ويو هو. ماسي، امان وٽ ويهي رهي هُئي ۽ مان رڌڻي ۾ هُئس. ماسيءَ جو آواز آيو، ”ڊاڪٽر جو نمبر ڪٽي ڇڏيئي ڇا زيبُل؟“
”سَيو ڪيو ٿم ماسي“ رڌڻي مان وراڻيم.
”مون کي به ڏئي ڇڏ.“
”فون مان کڻي ڇڏيو.“
”ڪهڙي نالي سان سَيو ڪيو ٿئي؟“
”ڊاڪٽر جي نالي سان...“ اٽو ڳوهيندي وراڻيم... هڪدم ابي جو آواز ڪنن ۾ لهي آيو، ”ڊاڪٽر ته مان توکي سڏيندو آهيان ڊاڪٽرَ...“
ابو هڪدم ڄڻ سامهون اچي ويو... سندس مُرڪ، سندس ڇُهاءُ، ڪُلهي جو رومال، مٿي جي ٽوپي... دل کي الاءِ ڇا ٿيڻ لڳو... اُتان ئي رڙ ڪري چيم، ”ماسي... پاڻ وٽ سيوَ ڪري، مون وٽ نالو پورو لکوس... ڊاڪٽر اشفاق.“
***
ماسي حنيفان، ڪُجهه دير لاءِ گهر وئي هُئي ۽ مان امان وٽ اچي ويٺي هُئس.
ڪُجهه ڏينهن... صرف ڪُجهه ڏينهن... وڌ ۾ وڌ مهينو ٻه... هي سڀ ڪُجهه ڪيئن نه مَٽجي ويو هو! جهڙوڪر سڀ ختم ٿي ويو هو. هتي امان جون مُرڪون هيون، اسان جا ٽهڪ هُئا، ابي جي وجود جي گرمي هُئي... هِتي ڇا نه هو! پوءِ اهو سڀ، ايڏو جلدي، ائين بدلجي ويو!! ڇا سڀ ڪُجهه ائين بدلجندو آهي!؟ ڇا حياتي ايڏا تڪڙا پاسا ورائيندي آهي! امان ذهني مريض ٿي وئي، جاويد الاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويو! ابو تلاش جي سفر ۾ نڪري پيو... مان اسڪول کان گهر ويهي رهيس... ٻار ماٺڪا ٿي ويا هُئا.
ڪالهه ٻارن ڪيڏي عجيب ڳالهه ڪئي هُئي. هوم ورڪ ڪندي شاهينه پُڇيو هو. ”ادا کي امان ماري ڪڍيو هو آپي؟“
ڇرڪي وئي هُئس مان... هُن کي اهو سوال ڪرڻ ڪيئن آيو!
”نه ته...“ مون تڪڙو وراڻيو، ”توکي ڪنهن چيو؟“
”شهناز پئي چيو“ هُن به ٺهه پهه وراڻيو.
”ڪلاس ۾ چيائونس پئي“ رضا ڳالهايو، ”رسيس ۾.“
”تون به اُتي هُئين ڇا؟“ مون رضا کان پُڇيو.
”هائو“ هُن هاڪار ڪئي.
”پوءِ تو هُنن کي ڪُجهه چيو؟“
”ها چيم... چيم ته امان ڪونه ماريو هُئس“
”ادا ڪوڙ ڪيو...ادا ڪوڙ ڪيو“ شاهينه کلي هُئي.
”هِن اتي به ائين ئي ڪيو هو.“ رضا مُنهن سُڄايو.
”توکي ڪنهن چيو ته ادا ڪوڙ ڪيو شانه؟
”امان ته ماريو هُئس“ هُن کي پڪ هُئي.
”تو ڏٺو ڇا جو تون چئين ٿي؟“ مون دڙڪو ڏنو مانس، ”ائين بنا ڏٺي، بنا ٻُڌي ڪا ڳالهه نه ڪبي آهي... گُناهه ٿيندو آهي.“
”گناهه ٿيندو ته پوءِ مار ملندي“... رضا ڀُڻڪيو.
”ادا گناهه ڪيو هو؟“ شاهينه هڪدم پُڇي ورتو... مُنهنجو ته مغز گهمي ويو هو. ”ادا گناهه ڇو ڪندو؟“
”ته پوءِ مار جو ملي هُئس“ هُن وري مون ڏانهن پڪ سان نهاريو... مُنهنجو ميٽر گهمي ويو هو.
”وري اُها ڳالهه...“ مون شاهينه کي گهُوريو. ”مار ڪونه ملي هُئي هُن کي.“
”آپي ڪوڙ ڪيو...آپي ڪوڙ ڪيو.“ هُوءَ وري کِلي... مان ڪُجهه ڪُڇان ڪُڇان، رضا ڀُڻڪيو، ”ادا پاڻ ٻُڌايو هو... اسان کي چماٽن جا نشان ڏيکاريا هُئائين.“
مُنهنجا ته وڻ وڄي ويا هُئا. هي ٻار آهن يا هچائُون آهن. هِنن کي ايڏيون خبرون آهن ۽ مان کين رڳو ٻار سمجهيو ويٺي آهيان! هِنن کي هي سڀ معلوم آهي... ۽ هِنن مون سان ڪابه ڳالهه نه پئي ڪئي! ڪيڏي نه سولائيءَ سان، هِنن مون کي بيوقوف پئي بڻايو... زيب النساء... تون ته صفا وائڙي آهين.
”ادا غلط ڪيو هو نه آپي؟“ شاهينه مون ڏي سرڪي آئي هُئي. مُنهنجا لفظ گم ٿي ويا هُئا... ڇا چوان ها؟... بس هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيم... هُن ڀاءُ ڏانهن ڏٺو، ڄڻ چوندي هُجي، ’ڏس تو ڪوڙ ڪيو هو نه...‘ مون پاڻ سنڀالي ورتو. ’غلطيون ٿينديون آهن ۽ بابا امان ڪاوڙ ڪندا آهن... ٽيچر به ته ڪاوڙ ڪندا آهن نه... بس ائين ئي ٿي ويو.‘
”پوءِ ادا ڇو ويو؟“ رضا سوال ڪيو.
”الاءِ... اها ئي ته خبر نٿي پوي.“ مون وراڻيو.
”ادا موٽي ايندو؟“ شاهينه سوال ڪيو.
”بلڪل ايندو...“ همٿ پڪڙيم، ”توهان هوم ورڪ پورو ڪيو.“
”بابا وٺي ايندس نه؟“ شاهينه وري پُڇيو.
”ضرور وٺي ايندس... انشا الله... هاڻي تون ڪم ڪر...“ مون ڳالهه گهٽائڻ گهري.
”۽ جي نه اچي ته؟...“ رضا هڪدم پُڇيو.
”ائين نه چئبو آهي رضا“ مون لهجي کي سخت ڪيو ”ڇو نه ايندو، بابا کيس ضرور وٺي ايندو..“
هنن ٻنهي مون کي بي يقينيءَ سان ڏٺو هو ۽ مُنهنجو اندر ڊانوان ڊول ٿي ويو هو، ڇا ٻارڙن جو اندر سچ ٻوليندو آهي... ڇا جائُو واقعي نه ايندو...!
در کلڻ ساڻ سڀ اڏامي ويو هو.... خيالَ دائره ٺاهيندا، سگريٽ جي دونهين وانگر گم ٿي ويا. نصيبان ٻارڙن ساڻ اسڪول مان موٽي آئي هُئي.
اندر اچي هُو ٽئي ڄڻا اتي ئي بيهي رهيا. نصيبان امان کي ڏٺو. آهستڙي پڇائين ”خيريت!...“
مان ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي هُئس. ٻاهر کيس احوال ڏنو هئم. ٻارڙن کي ٻئي ڪمري ۾ چينج لاءِ موڪليو هئم.
”ڊاڪٽر آيو هو؟..“ هن مون ڏانهن نهاريو.
”هائو...“
”چئي ڇا ٿو؟...“
”ڇا چوندو!... بس اهو ئي ته الله ڪندو ته ٺيڪ ٿي ويندي!...“
هُوءَ امان کي ڏسي فڪرمند ٿي وئي هُئي. سندس مُنهن لهي ويو هو.
”ماسيءَ جي طبيعت وڌيڪ ته خراب نه پئي ٿئي زيبُل؟...“
”الاءِ يار... مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي...“
”ڊاڪٽر سان ڳالهايون!“
”ڇا ڳالهايون!...“
”اهو ئي ته هڪ هڪاڻي ڪري، صاف ٻڌائي ته ڇا ٿيو آهي... نه ته شهر هليا هلون...!“
”ابو ته اچي نه...“
”۽ جي هُو نه اچي؟...آءِ مين...“ هن تڪڙو ڳالهايو ”هُوءَ جي دير ڪري اچي ته؟“
”نه پر... هن سان ڳالهائڻو ته پوندو نه...“
”ته پوءِ ڳالهائينس...“
”ابو سفر ۾ آ نصيبان... پريشان ٿي ويندو...“
”چڱو ڀلا... هينئن ٿا ڪيون، پهرين ڊاڪٽر سان ٿا ڳالهايون... پوءِ جي هُو شهر وڃڻ لاءِ چوي ته چاچي کي به ٻڌايون ٿا...“
***
مريضن ۾ ڦاٿل، جيتوڻيڪ هُو ڏاڍو مصروف هو پر وچان وچان اسان لاءِ به وقت ڪڍي رهيو هو.
ان ڏينهن اسپتال ۾ ڏاڍي رش هُئي، مريض تي مريض الاءِ ڪٿان پئي آيو. اسين او پي ڊيءَ ۾ پهتاسين ته پرچي ڪائونٽر تي ئي رش هُئي، نصيبان مون کي ٺونٺ هڻي ڀُڻڪيو هو ”صاحبَ نانءُ ڪڍيو آ...“
هوءَ ائين ئي ڳالهائيندي هُئي. هڪ ٽِڪَ ۾ فيصلو ٻڌائيندي هُئي. ماڻهن جي رش مان هن اندازو لڳايو هو ته ڊاڪٽر جي هٿ ۾ شفا آهي، هُو ماڻهن جي دلين ۾ گهرٺاهي رهيو هو.
اندر مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ انتظام هو. اسين زناني پاسي ويٺاسين ته اتي به چڱي پيههَ هُئي.
وڏو هال هو، جنهن مان پريان هڪ درَ جي وٿيءَ مان، هن جي ٽيبل ڪرسي نظر اچي رهي هُئي. ڪنن تي اسٽيٿو اسڪوپ چاڙهيو، مريض تپاسيندي، اڄ ته هن اڇو ڪوٽ به پاتو هو.
”هي لنڊن ۾ مريض ٿو ڏسي يا هتي. پاڻ وٽ..!“ نصيبان وري پڇيو، مون پير هنيو مانس.
”ماٺ ڪر...“
”ڇاتي ماٺ ڪيان“ هوءَ سور سهسائي وئي... ”حالت ته ڏسَ.... ڀلا هتي ڪو ائين ڪوٽَ ٻوٽَ پائي ويهبو آ ڇا؟..“
”ڊاڪٽر آ... ڪوٽ نه پائيندو ته ٻيو ڇا پائيندو!...“
”گهڻا ڊاڪٽر ڪوٽن سان ڏٺا ٿئي زيبُل...؟“ سندس آواز هيٺ هو. لهجو ڪاٽدار هُئس. ”فلمن ۾ ڏيکارين ته ڏيکارين، باقي پاڻ وٽ پيا ائين رنگين ڪپڙن ۾ ڦرندا... ڪيٽ واڪ ڪندا... اتي مون ڪٿي ٻڌو هو ته، هنن کي اڇي ڪوٽ سان چڙ هوندي ٿئي، تڏهن ته فلمي هيروز وانگر ڪلهن تي رکي پيا گهمندا آهن... بس هڪڙي مجبوريءَ ۾ پائيندا ٿئي... اهو ڪم به ليڊي ڊاڪٽرن کي ئي ڪرڻو هوندو آ...“
”اهي به سَتر طور ٿيون پائين نصيبان...“ مُنهنجي وات مان الاءِ ڪيئن نڪري ويو ”ٻاهر نڪرن ٿيون ته اڇو ڪوٽ ٿيون پائين.... اهو ته ٻيون عورتون به استعمال ڪنديون آهن...“
”هائو... خوب اَست...“
هن فارسي اُچاريو ۽ مون مڪ الاري مانس... اهو هڪڙو خاص اشارو هوندو هو. نصيبان الاءِ ڪٿان اهي ڪي ٻه ٽي اکر فارسيءَ جا سکيا هُئا. جنهن مهلَ به هُوءَ محسوس ڪندي هُئي ته ڪا حسناڪي ٿيڻ واري آهي، يا ڪُجهه چڱو ٿيڻ وارو آهي ته هُوءَ فارسيءَ ۾ ڪُجهه نه ڪُجهه ڀڻڪندي رهندي هُئي. سندس اَست چوڻ ساڻ ئي مون ڏٺو، هُو اتان اٿي، اسان واري پاسي هليو آيو هو.
”اسلام عليڪم“
اسين اٿي بيٺيون هيوسين.
”وعليڪم سلام!“
”خيريت؟... ماسي ڪٿي آهي!...“ هُن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو.
”امان ته ڪانهي..!“ نصيبان ورندي ڏني..
”ماسي پڇيم... مريضه... خالا جو اڃان پڇڻ وارو هئم...!“
”امان به ڪانهي“ هاڻي مون وراڻيو، ”اسين آهيون...“
”اوهان مان ڪنهن کي ڏيکارڻو آهي؟“
”ڏيکارڻو ناهي... صلاح ڪرڻي آهي...!“ همٿ ڪيم، ڀائِي الاءِ ڇا پيو ڳالهائي.
”اصل ۾ ماسيءَ بابت اوهان سان مشورو ڪرڻ آيا آهيون.“ نصيبان جهڙو ڪليئر ڪيو ”سندس حالت مزي ۾ ناهي...“
”ته توهان گهر هلو... مان اتي اچي ڏسانس ٿو.“
”نه اسان کي هتي ئي ڳالهائڻو آهي.“ نصيبان چيس.
”پوءِ هتي ته دير لڳندي...“ هن ماڻهن جي رش ڏانهن ڏٺو.
”ڪائي ڳالهه ڪانهي“ مون چيو ”اسين ويٽ ڪري وٺنداسين...“
هُو جيئن آيو هو، ائين ئي تيز ترين هليو ويو، اسين ويٺاسين ته ويندي ڏٺم، هُو پنهنجيءَ سيٽ تائين پهچي چُڪو هو.
”توبهه مائي...“ نصيبان وري ڀڻڪيو ”ماڻهو آ يا وڄ جو وراڪو.. هر هتي... هر هُتي...“
”خالا جو ڪيئن پيو پڇي“ مون کي کل اچي وئي... ”اگنور ڪر... اگنور ڪر...“ نصيبان فلمي اسٽائل ۾ چيو.
”اسين ٻئي ايڏا سهي سنڀري آيا هون.... مئي کي لڳي وري ماسي جي آ... اسانجي اچڻ جي ته ڄڻ ڪا اهميت ئي ناهي...“
هاڻي کِل هُئي سا، چپن جا بند ٽوڙڻ لاءِ آتي هُئي. پاڻ کي پاڻ ئي دٻائڻو پيو پئي.
”مئي کي ڪهڙي خبر!... ان خالا مان جان ڇڏائي ته هتي آيا هون... جي هلندو گهرُ... ته اها به ٻه ٽي راڳڻيون ٻڌائي ڇڏيندي..“
”بس ڪر نصيبان... ماٺ ڪري به ويهه“ مون دڙيو مانس. هُوءَ ٿي مُڙَي.
”مئي انڌي کي ڏس ته سهي... ڍڳي جيڏا تارا ٿس... چئوڦير پيو لوڻان هڻي... پرئَين ڪمري مان هيڏانهن پيو ڏسي... سڀ خبر پويس ٿي... اهو نه پيو سمجهي ته اسين ٻه ڄڻيون آهيون!... عجيب ڊاڪٽر آهي... وائڙو... ڏسي نه پيو سگهي ته خالائنس ڪانهي.“
”توکي ڇو ايتري باهه لڳي آ... ڇڏينس ڪري...“
”نه... مون کي باهه ته لڳندي نه... جيڪو ماڻهو اوهان کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري، ان تي باهه نه لڳندي اها ڪا فضيلت آ.... اسان کي جي ماسيءَ جو لاچار نه هُجي ته اسين ڪو ائين هن لاءِ ويهون... مُئو ڪارو... مُشڪي...“
الاءِ ڇو، سندس پارو چڙهي ويو هو. مون ڊاڪٽر کي غور سان ڏٺو هو، ڪارو ته ڪونه هو، سانورو ضرور هو.. مٿان وري ڪُجهه هو سندس چهري ۾، اهڙو ڪُجهه، جيڪو گهڻن چهرن ۾ نه هوندو آهي.
”اسان کي ڇا ڪرڻو آهي... مُشڪي هُجي يا ڦُشڪي... مجبوري آ... بس راءِ وٺونس ۽ هلون ٿا... تون به نه صفا...“
مون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿي ويندي هُئي ته ننڍڙي ڳالهه تي به الاءِ ڪيترا بکيڙا کڙا ڪري ڇڏيندي هُئي، ماٺ ته ماٺ... جي ڪڇڻ تي اچي ته رڻ ٻاري ڏئي، الاءِ ڇا سوچي آئي هُئي، الاءِ ڇا تي بِرُ ٿي هُئي.
ڪلاڪ لڳي ويو هيو، يا شايد اڃان به ان کان مٿي لڳو هو... ويٺي ويٺي پاسن ۾ سور ٿيڻ لڳو هو.
هُو مستقل مريضن ۾ ڦاٿل هو... آخرڪار، اتان ئي اسان کي اچڻ جو اشارو ڪيائين... سُڄيل مُنهن واري نصيبان مون ڏانهن نهاريو... ٻئي هُن ڏانهن هلي وياسين.
”سوري...“ هن ويهڻ جو اشارو ڪيو، ”اڄڪلهه ائين ئي ٿيندو آ...“
”هتي جي عوام ۾ پاپولر ٿي ويا آهيو، اوهان ڊاڪٽر صاحب،“ نصيبان تير هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ”هن واري هتان بلدياتي چونڊن ۾ بيهجو.“
هُو مرڪيو ”واهه، ويل سيڊ... مطلب... سٺي ڳالهه آهي... پر مان ڊاڪٽر ئي ٺيڪ آهيان...“
”انگريزي سمجهون ٿا... مطلب جي ضرورت ناهي...“ نصيبان ٿي ڇڏي... هن حيرت سان اسان کي ڏٺو، ڄڻ ڳالهه نه سمجهيو هو.
”ويل سيڊ جو مطلب اسان کي اچي پيو... ترجمي ڪرڻ جي ضرورت نه هُئي...“ نصيبان ڳالهه مڪمل ڪئي، ڊاڪٽر کِلَ ۾ پئجي ويو.
”واهه وا... واهه واهه... آئم سوري، مطلب... معافي ٿو گهران“ کلي پيو ”وري مطلب.... اهو مُنهنجو تڪيه ڪلام آهي... مُنهنجو مطلب اوهان جي دل آزاري نه هُو، ايني ويَز... ماسي ڪيئن آهي..!“
”ان بابت ئي ڳالهائڻ آيا آهيون سَر... هن جي طبيعت ٺيڪ نه پئي ٿئي...“
سَر تي هُن مون ڏي نهاريو، وري ڄڻ ڌيان مَٽائي ڇڏيائين.
”پَنان کڻي آيا آهيو!.“
اسان ٻنهين هڪ ٻئي کي ڏٺو. هڪ وقت انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيوسين.
”نه ڪو...“
”اوڪي، ڪا ئي ڳالهه ناهي. مون کي ٿورو ٿورو ذهن ۾ اچي ٿو... اگزيڪٽ اچڻ گهرجي... او يس... مون کي بلڪل ياد اچي ويو.. مون توهان کي ٻڌايو ته هو ته، سندس علاج ۾ ٽائيم لڳندو... هُو جلدي ٺيڪ ڪونه ٿينديون... ڪالهه جيڪا ڊرپ لڳي هُئس اها ته ڪمزوريءَ جي ڪري لڳي هُئي... وري ڪو پرابلم ٿيو آهي ڇا؟...“
”امان ڏينهون ڏينهن شعور وڃائي پئي ڊاڪٽر صاحب...“ مون هُن ڏانهن غور سان ڏٺو. ”لڳي پيو، سندس بيماري وڌندي پئي وڃي...“
”ان بيماريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آ“ هن، اسٽيٿو اسڪوپ سان ويٺي کيڏيو“ هڪ ماءُ جو جوان ٿيندڙ پٽ گم ٿئي ته سندس حواسن سان ائين ئي ٿيندو بي بي... هُن جو شعور اچي وڃي پيو.... ڪڏهن ڪڏهن هوش ۾ اچي ٿي، ڪڏهن نه ٿي اچي..“
”اسان، هن کي ڪنهن چڱي نفسياتي ماهر کي ڏيکارڻ پيا گهرون ڊاڪٽر صاحب...“ نصيبان چيو، ”لڳي ٿو، جيڪو ڏسيس پيو، اهو چڱو ناهي...“
”چڱو ناهي مطلب...؟“ هن غور سان اسان ڏانهن نهاريو.
”مطلب ته ڪو ايڪسپرٽ هجي... اسپيشلائيزيشن ڪيل هُجي...“ مون چيو.
”جيڪو مرض سمجهي وڃي، سو ئي اسپيشلائيزڊ هوندو آهي..“ هُن وري مُرڪيو... ”جي مون کي سمجهه ۾ اچي وڃي، ته مُنهنجي خيال ۾ مان به اهو ئي ٿي سگهان ٿو...“
”توهان کي سمجهه ۾ اچي ٿو...“ نصيبان اُڦٽ ڳالهايو.
”ڇو نه...! ڇو نه ٿو سمجهه ۾ اچي بابا...“ هن وڏو ساهه کنيو ”سمجهه ۾ اچي ٿو، تڏهن ته ڳالهايان ٿو.. مُنهنجو ڪم سائڪائٽريءَ ۾ ٿيل آهي... مُنهنجو مطلب آهي. نفسيات ۾ ڪم ڪيو ٿم...“ اسين ٻئي چپ ٿي ويا هُئاسين.
هُن جو لهجو ڪُجهه ڪسارو ٿي ويو هو، ”اُنهن مريضن کي مان چڱي طرح سُڃاڻان ميڊم...“ هُن مون ڏانهن نهاريو، ”هِنن سان مُنهنجو سالن کان واسطو آهي اوهان جي امڙ کي جيڪو دورو پيو آهي نه اُن جو درمان شايد اوهان جي ڀاءُ جي موٽ به نه ڪري سگهي... هُو نفسياتي دٻاءَ جي هڪ اهڙي دوري مان گُذري رهي آهي، جنهن ۾ سُڃاڻپ آهستي آهستي گم ٿيندي ويندي آهي.“
”نه پر، هُوءَ جائُوءَ جو نالو ته کڻي ٿي... اهو به ياد ڪري ٿي ته هُن کيس ماريو هو... ماريو هُئائين ۽ هُو گهر ڇڏي ويو... سُڃاڻي ڪيئن نٿي ڊاڪٽر صاحب؟“
هڪ عجيب مُرڪ ڊاڪٽر جي مُنهن تي آئي، ”ائين ته جيڪو چريو سُڃاڻي سگهي ٿو، اُهو ته ڪير به ڪونه ٿو سُڃاڻي سگهي... هِن دُنيا ۾ ٻه ماڻهو سچي کِل کلندا آهن... يا ته چريو يا رب جنهن کي توفيق ڏي...“
هِڪ ماٺ ٿي وئي هُئي. سندس ڳالهيون غضب جون هيون، وٽس اظهار جو سليقو هو. اسان هڪ ٻئي ڏي ڏٺو، ڄڻ نگاهن ۾ پُڇندا هُجون ’هلجي؟‘.
”ماڻهوءَ تي ڪا معيار ناهي“ هُن اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ مان لاهي، سامهون ٽيبُل جي شيشي تي رکيو. ”جي عقُل اٿس، سمجهه اٿس ته هُن جهڙو ڪو ڏاهو ئي ڪونهي، جي اُهي کسجي وڃنس ته هُن جهڙو ڪو چريو ڪونهي... خير هي سڀ ڪتابي ڳالهيون آهن پر ڇا ڪجي... ڪتابن ۾ به ته اُهو ئي ڪُجهه هجي ٿو جيڪو عملي زندگيءَ ۾ هُجي ٿو.... اڳيان ڪنهن ڏٺو آهي، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيندو! بس پوءِ ٿئي ٿو ته حالت سمجهه ۾ نٿي اچي... نه پاڻ کي نه ٻين کي... توهان جي والده سان به اهو ئي مسئلو آهي. هاڻي ڪوشش ڪبي ته حالتون ڪُجهه بهتر ٿين.“
”هُن جي ٺيڪ ٿيڻ جا چانسس ته آهن نه ڊاڪٽر صاحب؟“ نصيبان ڳيت ڏني، سڄي ڪاوڙ هوا ٿي وئي هُئس، ڊاڪٽر جي سمجهاڻي جو اهڙي هُئي. اُن کان پهرين جو سندس جواب ڪنايون آواز آيو. ”سلام عليڪم ڊاڪٽر.“ پريان لالڻ بيٺو هو.
ڊاڪٽر جو جواب ڏاڍو رسمي هو ”وعليڪم سلام“ هُن اسان سان ڳالهايو پئي، ظاهر اهو پئي ڪيائين ته ڄڻ اسان جو وارو هو. اسان سان ڳالهه مڪمل ڪرڻ پئي گهريائين ۽ پوءِ لالڻ ڏي ڌيان ڏيندو. لالڻ سان هڪ ٻيو به ڇوڪرو هو. اجايو بيٺو هو، بيٺو ڇا هو فضول ۾ لوڻان هڻي رهيو هو.
”اهو ڪيس معمولي ناهي“ ڊاڪٽر ڳالهه جاري رکي.
”ادي کش ته آهيو نه“ لالڻ، نصيبان کي کيکاريو، مُنهنجو چهرو سخت هو. الاءِ ڪيئن نصيبان جي واتان نڪتو ”جي ادا...“
ڊاڪٽر، لالڻ ڏانهن نهاريو ”مائٽ هون“ هُن ڏند ڪڍيا، جن تي ڪو ٺونشو لڳي ها ته ڪيڏو نه سُٺو ٿئي ها.
”اڇا“ ڊاڪٽر لاتعلقيءَ سان چيو.
”هِن همراهه کي ته ڏسي ڏي...تپ ٿو لڳيس“ هُن وري ڳالهايو، ڊاڪٽر کيس هڪ نگاهه ڏٺي.
”ٻه منٽ...مان اديءَ وارن کي فارغ ڪري وٺان.“ هُن نصيبان ڏانهن نهاري ڳالهايو.
”ڀلي ڀلي...بيشڪ بيشڪ...پهرين اهي... ادي سڀ کير ته آهي نه؟“ هُن وري وات کي ٽيڙيو، نصيبان ڪابه ورندي نه ڏني، ڊاڪٽر اسان ڏانهن ڌيان ڏنو. ”مان هُنن کي اچي ڏسي ويندس... سڄي ڳالهه مون سمجهي ورتي آهي... الله ڪندو چڱائي ٿي ويندي“ هُن جي ڳالهه واضح هُئي، هُن اهو ئي چاهيو پئي ته اسان هُتان هليا وڃون...اسين اُٿي کڙا ٿياسين. نصيبان ڀُڻڪيو...”چڱو ادا...“
ڊاڪٽر به ڌيان لالڻ وارن ڏانهن ڏيندي ۽ اسان کي پُٺي ڏيندي چيو، ”الله واهي بابا...جي...ڇا ٿيو آهي توهان کي؟“
مُڙياسين ته لالڻ جو آواز ڪنين پيو، ”الههُ کير ڪندو ادي“.
ادي تي زور تي سڀني کي محسوس ٿيو. ڪا ورندي ڪو جواب مناسب ئي نه هو. اسين اُتان نڪري آيوسين.
***