ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

17

گفتگوءَ جا ڇيڙا عجيب هُئا. اسين شايد اُنهن کي هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ هُئاسين جو مٿان هي مصيبت اچي ڪڙڪي هُئي. امان اندر هُئي، ٻاهر دالان ۾ اسان ڳالهائي رهيا هُئاسين.
لالڻ اسان ڏانهن هليو آيو. ”سلام عليڪم“
”وعليڪم سلام“ ڊاڪٽر کيس سرسري نگاهه سان ڏٺو ۽ ڌيان مون طرف ڪري ڇڏيائين.
”اوهان في الوقت هِنن کي ٻه ڏينهن ڏسو... نه ته پوءِ ڪو فائنل فيصلو ڪيون ٿا.“
”کير ته آهي؟“ هُن ڏند ڪڍيا... الاءِ ڇو سڄي ٻٽيهي ٻاهر اچي ويندي هُئس.
”جي!..“ ڊاڪٽر حيرت سان ڏانهنس نهاريو.
”پڇان پيو کير ته آهي نه؟“
”مطلب!.. ڇو پيا پُڇو؟“
”ڇو نه پُڇان؟“ هُن وري ڏند ڪڍي پُڇو.
”توهان جو مطلب؟“
”مائٽ هُون“ هُن هڪ وک اڳيان کنئي ”پُڇي ڏسوس“
ڊاڪٽر مون ڏانهن نهاريو، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا چئجي! الاءِ هي مصيبت ڪهڙي مصيبت کڙي ڪري! ڊاڪٽر ئي معاملو سنڀاليو ”ته پوءِ؟“
”پوءِ پُڇان پيو نه ته ڇا ڳالهه آهي؟“
”تو سان ڳالهه ڪرڻ ضروري آ ڇا؟“ مُنهنجي اندر ۾ ڪُجهه ڀڙڪي اُٿيو ”اسين پاڻ ۾ پيا ڳالهايون نه“
”چاچو اڪبر ايترو اِکتيار ڏئي ويو آ ڇا؟“
ڊاڪٽر معاملي کي سمجهي ويو هو، هُو وچ ۾ اچي ويو.
”ڏسو هي مريض جو ۽ مُنهنجو معاملو آهي... اوهان جو ڪُجهه نٿو وڃي.“
”ته مريض سان ڳالهائي نه... هِن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟“ سندس کِل غائب ٿي وئي، اکين جا ڪنارا ڄڻ سُڄي پيا هُئس.
”تون ڪير به هُجين... ڪيترو به ويجهو مائٽ هُجين... هِنن سان گڏ آيو آهين ڇا؟“ ڊاڪٽر گرم ٿي ويو، سندس مُنهن ٽامڻي هڻي ويو هو. ڪُجهه لمحا پهرين وارو ڊاڪٽر لڳو پئي ڪونه پئي.
”گڏ ناهيان آيو پر آهيان ته سهي نه“
”بابا ڏهه ڀيرا هُج“ ڊاڪٽر جو لهجو ٽانڊا هو. ”وڌيڪ ڊيگهه نه ڪر... جنهن جو جيڪو ڪم آهي اُهو ان کي ڪرڻ ڏي... مريضه سان هي آيون آهن... تون ناهين آيو... لازمن مان هِنن سان ڳالهائيندم نه.“
مون کي پنهنجيءَ ماٺ تي ڪاوڙ اچي رهي هُئي. ڇا هو جو مون کي بيوس ڪري رهيو هو. شايد اندر کي اهو به ڊپ هو ته متان ڪا سچوئيشن نه کڙي ٿي وڃي... هي ته بيحيا ماڻهو آهي... ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو نه.
”ته هُن جي سامهون ڳالهاءِ نه... هتي اڪيلو ڇا مقصد آ؟“
سندس سوچ سامهون اچي وئي هُئي. مُنهنجي اندر ۾ ڀڙڪو تيز ٿي ويو هو. ”تون ڪير آهين اهو پُڇڻ وارو؟... هان“ مان ڊاڪٽر جي اڳيان نڪري آيم. ”توکي ڪُجهه نٿي چوان ته دماغ ٿو خراب ٿيئي ڇا؟... هان“
مُنهنجي جُلهه تي هُوءَ حيران ٿي ويو هو. کيس اندازو ته هو پر شايد ايترو نه هو. هُن پاڻ سنڀاليو ”زبان سنڀالي ڳالهاءِ مون سان“
”زبان تون سنڀال ۽ هاڻي هل هتان“ اهو الاءِ مون پئي ڳالهايو الاءِ ڪنهن ٻئي... لفظ باهه ٿي نڪتا پئي، ”توکي برداشت ڪيان ٿي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڊڄان ٿي توکان... اڳ ۾ به چيو هُو مانءِ... مُنهنجي مُنهن نه لڳندو ڪر... وريو وريو ڦريو ٿو اچين!؟ ڇا ٿيو جو ڊاڪٽر صاحب سان ڳالهايم بيٺي؟! تُنهنجو ڪم؟“
شڪر جو ماڻهو ڪونه هُئا، رش هاڻي هِن طرف نه هُئي. ڊاڪٽر وري به ڳالهه سنڀالي هُئي.
”ڏسو... تلخي پيدا نه ڪيو... ۽ نه غلط سمجهو...“ هُن ڊاڪٽر جي ڳالهه ڪٽي هُئي... ”تون وچ ۾ نه آءُ...اسان کي نبرڻ ڏي.“
”ڇا نبرندين تون؟...“ مُنهنجي ڪاوڙ بس هاڻي الاءِ ڇا هُئي. ”ڇا نبرندين تون؟... هان... تو ۾ دم آهي... وڏو آيو آهي نبرڻ وارو...“
ڊاڪٽر الاءِ ڇو مون کي اڻ لکي اشاري سان پري ڪيو ۽ سندس سامهون اچي بيٺو.
”توکي عورت ذات سان ڳالهائڻ به نٿو اچي ۽ تون ويٺو ايڏي بڪ ڪرين...؟ هان... مان ويٺو توکي برداشت ڪيان ۽ تون مٿي ٿي پيو چڙهين؟ هِتان هل... هل هتان“
”ٺيڪ نه پيو ڪرين تون ڊاڪٽر...“ هُن ٻانهون کُنجهيون ”تون نٿو سڃاڻين مون کي“
ڊاڪٽر کيس گهوريو ”مان ئي ٺيڪ ٿو سڃاڻان توکي لال خان... ۽ جيڪي دوائون تون کائيندو آهين، اهي به مان ئي سُڃاڻان“ هُن سينو سندس سامهون ڪيو، ”وڌيڪ ڪُجهه نه ڪُڇ، هِتان هليو وڃ.“
”توکي خبر ناهي مان ڇا ٿو ڪري سگهان!؟“
”۽ توکي خبر ناهي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان“ ڊاڪٽر جو لهجو ٿڌو ٿي ويو، الاءِ ڇو هُو پنهنجو پاڻ ۾ موٽي آيو، ”توهان امان وٽ هلو مان اچان ٿو“ هُن مون کي اشارو ڪيو، ”ٿورو هِن سان اڪيلي ۾ ڳالهايان“
”توهان ڀلي اڪيلي ۾ ڳالهايوس“ مون کيس چيو، ”پر مون کي ٿورو سامهون ڳالهائڻ ڏيو.“ لالڻ ڏانهن ڏٺم، ”مون کي اڪيلو نه سمجهه... ۽ اهو به نه سمجهه ته مون کي ڪو ابي جي مدد حاصل ناهي... هِن مهل ڪنهن جهيڙي فساد جي چڪر ۾ نه آهيان... اُن ڪري ٽري ٿي وڃانءِ... پر ياد رک هر ڀيري ائين ڪونه ٿيندئي... مان هٿ کڻندي دير نه ڪندي مانءِ.... ۽ اهڙي مار ڪڍندي مانءِ جو سڄو جڳ ڏسندو“
”توهان اندر وڃو“ ڊاڪٽر جو لهجو گرم ٿي ويو. ”مان اوهان کي ڇا ٿو چوان؟“
”مار ڪڍندينءَ جو مون ڄڻ چوڙيون پاتيون آهن“ هُن عورتن وانگر ڳالهايو.
”اهو ته وقت ٻُڌائيندو ته ڪنهن چوڙيون پاتيون آهن“ مون رڙ ڪئي، ”توکي چوڙيون پاتل ناهن ته به مان هڪ ڏينهن ضرور پارائينديمانءِ.“
ڊاڪٽر مون کي اشارو ڪيو، ”امان ڏي وڃو پليز...“
هاڻي محسوس ٿئي پيو، پريان ڪُجهه مريض اسان کي ڏسي رهيا هُئا. مُنهنجي دل چيو هِن لالڻ کي وڄائي، هڪ ڪَن هيٺ رکي ڏيان پر الاءِ ڇو مان اندر هلي ويس. هُو به الاءِ ڇو چُپ ٿي ويو هو... ڪُجهه سمجهه ۾ نه آيو هو ته ڇا ٿيو هو ۽ ڇو ٿيو هو.
***
امان وٽ اندر، مُنهنجي اندران ڄڻ ڪو ٻيو ماڻهو نڪري آيو هو.
هي سڀ ڇا هو؟ ڇو ائين اٽڪيا هُئاسين ۽ ڇو ائين ٿڌاڻ گرماڻ ٿي هُئي! هُن کي جي جهيڙو ڪرڻو هو ته ڇو نه ڪيو هُئائين ۽ جي ڊاڪٽر کي ساڻس نبرڻو هو ته ائين ان انداز ۾ ڇو پئي ڳالهايائين! هر گرم پيو ٿئي هر ٿڌو... جي کيس مُنهنجي پَر کڻڻي هُئي ته واضح نموني سان کڻي ها نه... اهو ڇا پئي ڪيائين! لالڻ کي اک به ڏيکاريائين ۽ وري ٿڌو به ٿي ويو هو.
اندر اچي هُن امان کي انجيڪشن ڪئي هُئي.
”ذهني مريض آهي اهو به...“ هُن ڪاغذ تي دوا لکندي چيو. ”ڪنهن مهل شديد ڪاوڙ ايندي اٿم ۽ ڪنهن مهل قياس...“
”مطلب!“ مون ڏانهس ڏٺو
”مطلب ته دوائن تي هلندڙ آهي اهو... مطلب لال خان... نشي کيس خالي ڪري ڇڏيو آهي... مٿان وري ڊرگ ڊپينڊنس ساڙي لاٿو اٿس... سويل هڪ لمحي لاءِ، آيو هُئم ته ٻه ٽي واهي ڪڍانس... پر ياد آيم، هڪڙي به سهي نه سگهندو... آهي مڙئي ڀڀڪيُن جو.“
”بدمعاش ته آهي“
”ها... آهي ته سهي“ هُن مرڪيو ”ڪري ته ڪُجهه به سگهي ٿو... پر خبر ٿوَ ڪندو ڪونه...“
”ڇو؟“
”جنهن دوا جي اثر هيٺ رهي ٿو نه... اُها چڻنگون به ٻاريندي آهي ته پاڻي به هاريندي آهي... کيس پنهنجو آپو ئي اختيار ۾ نٿو رهي... ٻئي کي ڇا ڪندو...!؟ هي نشئي ائين ئي هوندا ٿوَ... ڦڙڪيون هڻڻ ڏيوس... مجبور ماڻهو آهي، مجبور رهڻ ڏيوس“.
***
سڄي ڳالهه نصيبان سان ڪئي هُئم. هُوءَ به فڪرمند ٿي هُئي. ”عجيب سين ٿي ويو“
”ٻيو نه ته“
”لڳي پيو، ڪُجهه ٿيو به ۽ نه به ٿيو“
”مُنهنجو به اهو ئي خيال آهي“
”تکا مٺا به ٿيئو... ۽ ڳالهه ڪنهن پاسي به ڪونه ٿي.“
”مون کي ته ڊاڪٽر تي جَڪ پئي آيا... الاءِ ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي!“
”ذهين آ... ڳالهه سمجهي ٿو زيبُل“
”ذهين آ، سمجهي ٿو، پوءِ به اهو سلوڪ ٿو ڪري!؟“
”ته ڇا ڪري ها؟... سمجهين ٿي، جي اُتي ڪا ڳالهه وڌي وڃي ها ته ڪير بدنام ٿئي ها؟... تون ۽ صرف تون... هر ڪو تو ڏانهن ئي پيو ڀانئيَ ها.“
”۽ هڪ بدمعاش کي ماڻهو ڪُجهه نه چون ها؟“
”هُو جيڪو الزام هڻي ها ته؟“
”ته هاڻي نه هڻندو ڇا؟“
”هڻي ته سگهي ٿو... پر جي اُتي گوڙ ڪري وجهي ها ته گهڻو ڪُجهه خراب ٿئي ها مائي...“
اسين وري به چُپ ٿي ويا هُئاسين، ٻار مدرسي ويا هُئا، امان کي گهاٽي ننڊ هُئي.
”چئي پيو مجبور ماڻهو آ“
”ڪير مجبور آ؟“ نصيبان مون ڏي نهاريو.
”اهو لالڻ“
”ڪير پيو ائين چئي؟“
”ڊاڪٽر... ٻيو وري ڪير چوندو؟“
”ڪُجهه سمجهندو هوندو تڏهن چوندو هوندو نه.“
هُن فڪرمند انداز سان ڳالهايو، ”ڊاڪٽر ڏاڍو هوشيار ماڻهو آهي زيبُل... تون ٿورو ٿڌي دماغ سان ويهي سوچ ڪر... تون ۽ لالڻ ڪابه صورتحال کڙي ڪري سگهو پيا نه... ڪُجهه به نه ٿيو... معنيٰ هِن معاملي کي ڪيئن ماٺ ميٺ ۾ اُڪلائي ڇڏيو.“
مان ماٺ ٿي وئي هُئس، اندر ۾ ڪُجهه ٺري رهيو هو... شايد معاملات ڪُجهه ڪُجهه سمجهه ۾ آيا پئي.
”مردن جو ڇاهي؟... اهي ته هُش ۾ خوش هوندا آهن... جي تُنهنجو ۽ لالڻ جو جهيڙو ماڻهن جي سامهون ٿئي ها ته تون ئي بدنام ٿين ئي ها... هُو ته نِپُٽو آهي... نشئي پتئي... هُن کي ڇا ٿئي ها!؟“
”نه پر... هر هر ڇو ٿو ائين ڪري؟“
”ته ڇا ڪري... دل جي هٿان مجبور آ...“ هُوءَ مُرڪي.
”هر هر سامهون ٿو اچي... چنڊو“
”اهو سندس نصيب آ...“ هُوءَ وري مُرڪي... ”نصيب ۾ ديدار لکيل ٿس“
”اُبتو نه ڳالهاءِ نصيبان... مان چنبو هڻندي مانءِ“
”اُبتو ڪهڙو پئي ڳالهايان!“ هُوءَ هاڻي رليڪس هُئي. ”سُبتو آ سڀ ڪُجهه... ائين ناهي ڇا؟... جنهن مهل ٿي اڪيلي نڪرين، هُو ٽنگيو بيٺو آ... بخت نه ٿس ته ٻيو ڇا ٿس... مون کي ته لڳي ٿو ته تو سان ٻٽيهه دليون ٿس...“
”مان ماريندي مانءِ واهيات...“ مون کي به کِل اچي وئي. ”سندس ٻٽيهيءَ وانگر، اهي ٻٽيهه دليون تيل ڪري ڇڏيندي مانس.“
”ته ڪر نه... ڪنهن روڪيو ٿئي؟“ هُن ڏندن ۾ ڳل دٻايا. ”هاڻي ته ڊاڪٽر به سمجهي ويو“
”اُن جو اُن ۾ ڪهڙو ڪم؟“
”اُن جو ئي ته ڪم آ...“ هُو شرارت تي لهي آئي هُئي. ”ولن سامهون هيرو ته هُو ئي آهي“
”اها تُنهنجي سوچ آهي“ مُنهنجو لهجو سنجيده هو. ”اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي نصيبان... مون کي نٿو لڳي ته هُو ڪو ائين سوچيندو هُجي.“
”اها وري تُنهنجي سوچ آهي“ هُن مون ڏي نهاريو ”ڀلا هڪڙي ڳالهه ته ٻُڌاءِ... تُنهنجو پاڻ بابت ڇا خيال آ؟“
”مُنهنجي به اندر ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي.“
”توکي پَڪ آ؟“
”ها... پڪ آ“
”وري به هڪ ڀيرو پَڪَ ڪري وٺجانءِ... الاءِ ڇو مون کي تُنهنجي لهجي ۾ اُها پڪ نٿي لڳي زيبُل، جيڪا سدائين هوندي آ... مون سڄي ڄمار تو ساڻ گُذاري آ... ايترو ته سمجهي سگهان ٿي... بلڪه اعتبار ڪر... اُن کان وڌيڪ سمجهي سگهان ٿي.“
***
اڪيلي ٿيس ته وري سڀني خيالن وراڪو ڪيو.
ڇا ٿيو هو اهو سڀ!... اسپتال ۾ اهو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ چخ چخ ٿي هُئي... چخ چخ ته ٿيڻي هُئي پر اهو سڀ ڇا هو... نصيبان صحيح هُئي يا مان پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ هُئس! ڪنهن جو به، ڪوبه رويو سمجهه ۾ نه پئي آيو... نه پنهنجو، نه لالڻ جو، نه ڊاڪٽر جو.
رات روشن هُئي، چنڊ جا دائرا وسيع هُئا. اوچتو موبائل جو اسڪرين چمڪيو هو. ڏٺم، ميسيج هو. ’ماڻهن کي ٻاهران گهٽ، اندران وڌيڪ پڙهندا ڪيو. سرورق اندر گهڻو ڪري ٻيو ڪتاب هوندو آهي‘.
ڊاڪٽر جو نياپو هو... مُنهنجي اندر کي ڇرڪ ورائي ويا... هُن مون کي ٽيڪسٽ ڪيو هو... رات جي هِن مهل!
فون کنيم، ڏسندي رهيس، اسڪرين ڊم ٿئي پيو، وري ٻري پيو وڃي... مُنهنجو هٿ اُن کي اجهامڻ نه پيو ڏئي، هُن نياپو ڪيو هو، هِن مهل... ڇا سوچي... ۽ سو به هي سٽون... ڇا کيس لڳو پئي ته مان جاڳيس پئي! يا هُن گهڻو اڳ اهو نياپو موڪليو هوندو ۽ هاڻي آيو هوندو! هِنن ڪمپنين جو به اڇو مُنهن آهي، الاءِ ڪيتري دير ۾ نياپو پهچائين ٿيون ۽ ٻيو وري ڳوٺ جي سروِس جو به عجيب سلسلو آهي. ٽاور ته لڳل آهن، سروس عجيب آهي.
مون يڪو موبائل کي ويٺي ڏٺو... سندس نمبر هيٺ لکيل هو، هر هر پئي ڏٺم... اکرن کي ورجائي ورجائي ٿي پڙهيم... ’ماڻهن کي ٻاهران گهٽ، اندران وڌيڪ پڙهندا ڪريو... سرورق اندر گهڻو ڪري ٻيو ڪتاب هوندو آهي‘
ڇا مطلب هو هُن جو! ڪنهن ڪتاب لاءِ پئي هُن لکيو! پاڻ لاءِ يا لالڻ لاءِ... يا ڪنهن ٻي صورتحال لاءِ... هُن نياپو ڇو ڪيو هو! ڇا هُن ڪُجهه محسوس ڪيو هو! جي ڪيو هُئائين ڇا مون اهو کيس محسوس ڪرايو هو يا هُن پاڻ ئي اهو سڀ سمجهي ورتو هو! مُنهنجي دل ۾ هورا کورا وڌي رهي هُئي... مون کي کيس جواب ڏيڻ گهرجي... ڇا موٽ ۾ خالي ها يا نه به ته ڪو ڪري سگهي ٿو! لائيڪ جو اشارو به ته وڃي سگهي ٿو... نه پر ڇو؟... ڇا مون هُن کي لائيڪ پئي ڪيو؟... نه نه... اهڙو ڪوبه تاثر مُنهنجي اندر ۾ الاءِ ڇو اُڀريو نه پئي... دل کي ڪُجهه تارن ڇيڙيو ته پئي پر بهرحال اُنهن سان ڪو گهڻو ساز نه پئي وڳو... ڪنهن ڪنهن مهل مون کي هُن جي ياد اچي ويندي هُئي، پر الاءِ ڇو لڳو ائين پئي ته اها محبت ناهي، محبت ته ڪا شي ئي ٻي آهي.
دل ۾ عجيب وهم پئي آيا، ڊليٽ ڪيانس نياپو!... رهڻ ئي نه ڏيانس... متان ڪير ڏسي وٺي ته! پنهنجيءَ ڳالهه تي پاڻ ئي کِلڻ لڳي هُئس... ڪير ڏسندو!... ڪير پڙهندو... ماسي حنيفان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪونه پڙهندي، باقي رهي نصيبان، اُن کي ته مان پاڻ ئي اهو سڀ ڪُجهه ٻُڌايان ها... آهه... حياتي ڪيڏي نه اڪيلي ٿي وئي هُئي.
هٿن تي ضابطو ڄڻ نه رهيو هو. دل چيو لکجي ’ڪتاب کڻي ٻيو ڇو نه هُجي، هوندو ته پڙهڻ لاءِ ئي آهي نه‘ لکيم به سهي، پر ڊاهي ڇڏيم... الاءِ ڇو هُن جي نياپي کي اسٽار لڳائي محفوظ ڪري ڇڏيم. اسٽار لڳو، معنيٰ هاڻي غلطي سان به نه ڊهندو... اندر ۾ ڪنهن پُڇيو، ’توکي ته ناهي وڻندو... پوءِ نياپو ڊاهينس ڇو نٿي؟‘ مُنهنجي عڪس وراڻيو. ’نياپو سُٺو آ، سانڍڻ جهڙو آ... اُن ڪري رکان ٿي.‘ الاءِ ڪٿان ڪا سرگوشي آئي، ’بهانو به دُنيا ۾ ڪيڏي نه ڀلي شئي آهي‘.
***
عجيب هورا کورا هُئي اندر ۾....
موبائل جي نياپي جي حالت عجيب هُئي. صبح جو اُٿڻ ساڻ، اهو ئي خيال آيو هُو ۽ موبائل کي اُٿي ڏٺو هُئم ته ڪٿي اُهو نياپو ڊهي ته ڪونه ويو آهي ۽ پنهنجي خيال تي پاڻ ئي کِل آئي هُئم. انسان جو اندر ڪيترو پَورَو ٿئي ٿو اهي سڀ احساس هاڻي سامهون اچي رهيا هُئا.
گهر ۾ جيئن مهمانن جا ڪَٽڪ اچن ۽ روانا ٿي وڃن ته پوءِ گهر خالي خالي محسوس ٿيندو آهي، پنهنجو ئي گهر ڪُجهه ويلن لاءِ پرائو ٿي ويندو آهي ۽ وري کيس پنهنجو ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو آهي. اهو ئي حال هن مهل دل جو به هو. لڳو پئي الاءِ ڇو خالي ٿي وئي هُئي. ڀريل ته پهرين به ڪانه هُئي، پر خالي پڻ جو احساس هاڻي شديد ٿي ويو هو. هُن کي ميسيج ڪرڻ گهرجي ها الاءِ نه... ڪيائين ته ڇو ڪيائين ۽ جي نه ٿي ڪيائين ته ڇو نه ڪري ها....
سڀ عجيب پئي لڳو. دل چيو پئي، نصيبان اچي ۽ اُن سان ڳالهه ڪيان پر هُن کي به الاءِ ڇو دير پئي ٿي. ٻار اسڪول لاءِ تيار ٿي ويا هُئا. هُوءَ نيٺ آئي ۽ در تان ئي کيس سڏڻ لڳي.
”تڪڙ ٿئي؟“ پُڇيو مانس.
”نه ته... پر پهچڻو ته آهي... اڄ ته سليبس به وٺڻو آهي... مڊ ٽرمز شروع ٿيندئي...“
”ڪڏهن کان؟“
”شايد اٺاويهينءَ کان...“
”هِن مهيني جي؟“
”ٻيو نه ته ڪڏهن جي؟“
”پر تو ٻُڌايو ڪونه...؟“
”هوشن ۾ ته آهين؟... ٻُڌايو ڇو ڪونه هُو مانءِ... چيو ته هو مانءِ ته مائي ڄاڻ اهي ننڍا امتحان شروع ٿيندا.“
”الاءِ... مون کي ياد ناهي.“
هُن گهوري ڏٺو هو ”باقي ياد ڇا ٿئي؟“
مون هُن سان ڊاڪٽر جي نصيحت جي ڳالهه ڪرڻ پئي گهري پر مون کي لڳو ته هوءَ ڳالهه کي گهمائي ڦرائي سدائين اُن طرف کڻي ويندي آهي. هاڻي به اشارو ڊاڪٽر ڏانهن ئي هُئس.سوچيم جي ميسيج واري ڳالهه ڪيم ڪندس ته ماڳهين ڇڙي پوندي... گهڻو ڪُجهه هٿ اچي ويندس... مون ڳالهه اندر ۾ دٻائي ڇڏي.
”هل ٺيڪ آهي طلعت... ڏسي ٿا وٺون اِن ڳالهه کي به“
”ڏسي ٻسي ڪُجهه ناهي... اڄ کان پڙهائي شروع ڪر... گهڻو ٿي ويو“
هُن ٻارن جو هٿ جهليو، مون کين تيار ڪيو. روانا ٿيا ته دل جو خالي پڻ اڃا وڌي ويو.
***
پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ به ڪا معمولي ڳالهه ناهي.
الاءِ ڪيترا سوال پاڻ ئي ٺهندا آهن ۽ پاڻ ئي اُن جا جواب ملندا آهن. سوال تي سوال ٺڪاءُ ڪندو آهي... جواب جي همٿ جواب ڏئي ويندي آهي. سوال جو ماري تي مارو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کان کٽڻ ڏُکيو ٿي پوندو آهي. ڪڏهن هارائڻ لاءِ دل نه چوندي آهي.
مون لاڳيتو ڊاڪٽر لاءِ پئي سوچيو. ڇا هُيو هي سڀ! ڇا هُو مون کي سُٺو لڳندو هو! جواب ها يا نه ۾ نه هو. جواب ته ڪو هو ئي ڪونه. الاءِ ڇو اُن سليٽ تي ڪُجهه لکيل ئي ڪونه هو. پنهنجو پاڻ کي الاءِ ڪيترا ڀيرا پڪو ڪري پُڇيو هُئم ته ڇا هُن سان محبت آ مون کي! ته ورندي اها ئي آئي پئي ته سُٺو لڳي سگهي ٿو. محبت ناهي. هاڻي جي محبت ناهي ته هي سڀ ڇا آهي!؟ اندر کي اهيو سڀ ڇا پئي ٿيو.!؟ الاءِ ڪهڙي ڪيفيت اچي وئي هُئي... نه ڏُک هو نه خوشي... لڳم ڄڻ انتظار هُئم ته هِن وٽان ڪُجهه اچي ۽ آيو هو ته وري ڏُکاري ٿي وئي هُئس.
خالي خالي ذهن سان ڪم شروع ڪيم. ڪم هو ئي ڪهڙو! ٻارن جي لاءِ تيار ڪيل نيرن جا ٿانوَ ۽ گهر جي صفائي.
اوچتو گهنٽي وڳي... در جي ٻيڪڙ مان پُڇيم ”ڪير؟“
آواز آيو، ”مان... ڊاڪٽر اشفاق“
سڀني شين تي ڄڻ پردا پئجي ويا هُئا، چادرون ڍڪجي ويون هيون. هُو ڪيئن اچي ويو هو! هِن مهل... ۽ مٿان وري در تي... گهر ۾ ڪوبه ڪونه هو.
”جي ڊاڪٽر صاحب“ همٿ ميڙيم.
”اشفاق آهيان“ هُن وري زور سان ڳالهايو ڄڻ چوندو هُجي ته اندر اچڻ ٿو گهران.
مون پاڻ سنڀاليو ”هِڪ منٽ... هِڪ منٽ پليز“
ذهن کي گڏ ڪيو هُئم، ’همٿ ڪر زيبو... هي ڇا پئي ڪرين! تون ايڏي ڪمزور ته ناهين... جي ائين ٿيو ته سڀ ختم ٿي ويندو... تُنهنجي همٿ ئي ته تُنهنجو اثاثو آهي.‘
در کوليانس نه کوليانس... ماڻهو ڇا چوندا؟... ڇا چوندا... مون ٻُڏتر ۾ تڪڙو فيصلو ڪري ورتو.
ماسي حنيفان کي فون ملايم... سندس فون بند هُئي.
هن وري در کڙڪايو ”ميڊم... امان کي ڏسڻو آهي... جي مناسب هُجي ته بيهان نه ته هليو وڃان؟...“ کيس مُنهنجي ٻڏتر جي خبر هُئي. مون کي الاءِ ڇا سُجهيو پئي، مون اڳيان وڌي در کولي ڇڏيو.
ڪمپائونڊر سان گڏ هُو بيٺل هو.
”اسلام عليڪم“ پريان چيائين.
”و عليڪم سلام... اچو... اچو...“ مون کيس اشارو ڪيو، هو ٻئي ڄڻا اڱڻ ۾ هليا آيا... مون ڪرسي ريڙهي.
”اٽس اوڪي... اسان ڪري وٺنداسين... توهان امان کي رڳو وٺي اچو... هڪ انجيڪشن ضرور هُئي. ان جو ٽائيم ٿئي پيو..“
هُو کٽ تي ويهي رهيو. ڪمپائونڊر بيٺل هو، هُن ان کي به اشارو ڪيو، ڪرسيءَ ڏانهن.
”ويهه علي بخش....“
پاسيرو ٿي هُو به ويٺو... مُنهنجي اندر ۾ هڪدم خيال آيو.
”ڊاڪٽر صاحب... ٻه منٽ ٻيا... مان منٽن ۾ ٿي اچان...“
هُن ڪا ورندي نه ڏني... مون کي ضرورت به هُئي. ان ئي حال ۾ در مان نڪتس، ڊوڙندي نصيبان جي گهر وڃي پهتس، ماسي حنيفان حيران ٿي وئي هُئي.
”خير!“
”ڊاڪٽر آيو آهي!“
”ڇو؟“
”امان کي سُئي هڻڻي ٿس...“
”چيو هُئائين ڇا....!“
”ياد نه ٿو اچيم“
”هڪ ته مائي تون به بلا آهين... فون نه ڪيئي؟“
”ڪيم ته سهي... بند هُئي.“
هُن تڙ تڪڙ ۾ چادر پاتي، چارجر تي لڳل فون کنيائين.
”هائو... مُئي بند ٿي وئي آ نڀاڳي...“
فون آن ڪندي، در بند ڪيائين. ڪُجهه لمحن ۾ گهر هُئاسين.
هُو ٻئي ائين ئي ويٺا هُئا.
ماسيءَ کي ڏٺائين ته اٿي بيٺو ”اسلام عليڪم“
”وعليڪم سلام... وعليڪم سلام... خوش آهين ابا...“
”جي امان...“
”سُکيو هُجين... جڙيو هُجين... ويهه..“
هُوءَ اندر هلي وئي. مان رڌڻي ڏانهن هلي ويس. هي ڇو آيو آهي! ڇا هُن ڪنهن سُئيءَ جي ڳالهه ڪئي هُئي! مون کي ياد نه ٿو اچي... يا ٻي ڪا ڳالهه آهي!
چانهه ٺاهيم، ٻاهر ٽري ۾ کڻي آيس ته ڏٺم، هُو اندر، ماسي حنيفان سان گڏ هلي ويا هُئا.
امان کي سئي لڳي چُڪي هُئي. هُوءَ به جاڳي پئي.
”گهڻا وزن آهن ابا“ ماسيءَ پُڇيو.
”ٿورا آهن امان...“ هُن امان جي نبض پئي ڏٺي. امان کيس ٽڪ ٻڌي ويٺي ڏٺو.
مون ٽري کٽ تي رکي.
”ٿورو پاڻي ڏيو..“ هُن وري مون سان ڳالهايو، شرمساري ورائي ويم، ٽري ۾ پاڻي کڻي نه آئي هئس.
پاڻي کڻڻ ويس ته وري دل ۾ ڌڙ ڌڙ ٿيڻ لڳي.
”ڇو ٿو ڳالهائي وجهه وٺي... ڇا ٿس؟ ڪنهن سؤچ سان آيو آهي يا واقعي به، امان کي ڏسڻ آيو آهي...! هڪڙي نياپي سان هُن اهڙو ڪُجهه سمجهي ورتو آهي ڇا؟ ۽ سو به ڇا کيس پڪ آهي ته مون تائين پهتو آهي الاءِ نه.. هن ۾ اعتماد ته ڪيڏو آ... ماڻهو آهي الاءِ ڇا آهي!“ پاڻي آندم. هُن هڪ ئي ڳيت ۾ سڄو گلاس ختم ڪري واپس ٽري ۾ ڪري رکيو.
”امان کي هڪ ڊرپ به لڳندي...“ هن اسان ڏانهن نهاريو ۽ وري ڪمپائونڊر کي ڏٺائين ”علي بخش سامان ڪڍو، سُئي لڳائڻي ناهي ڇا؟....“
سست قسم جو ڪمپائونڊر ٿورو لڄي ٿيو ۽ پوءِ سامان ڪڍڻ شروع ڪيائين.
ماسي ۽ مان ٻئي ماٺ هُئاسين.
”ڊرپ لڳائي وڃون ٿا... پويان خيال پيا رکجو... آخر تي پهچي ته ڪال ڪري وٺجو... علي بخش اچي لاهي ويندو...“
”ٺيڪ آهي ابا...“
ماسيءَ وراڻيو...مون کي لڳو مُنهنجو وجود اتي ڪنهن پاڇي جيان هو، اجايو بيٺل هُئس اتي، مان اتان ٻاهر نڪري آئي هُئس.
ڪُجهه گهڙيون اڱڻ ۾ بيهڻ کان پوءِ رڌڻي ۾ اجايو ٿانوَ ڏسڻ لڳي هُئس. سڀئي ڄڻ مون کي فڪرمند نگاهن سان ڏسي رهيا هُئا، ڄڻ هر شئي جي اک ۾ حيرت هئي. ”توسان ٿئي ڇا پيو هي زيبُل! هي هڪ اڌ مهيني ۾ ڇا ڪايا پلٽ ٿي آهي؟...“
اتي ئي بيٺي رهيس.... ذهن صفا خالي ٿي ويو هو. ماٺ جو به عجيب لقاءُ هو. الاءِ ڪيترو وقت گذري ويو اوچتو آواز آيو... هو شايد ويا پئي.
”ٺيڪ آهي خالا...“ هن ماسيءَ کي چيو ”پوءِ اچي لاهي ويندو، وري ٻي ڊرپ ٻه ڏينهن پوءِ لڳندي“ هن شايد مون کي ٻُڌائڻ لاءِ زور سان پئي ڳالهايو، مُنهنجي دل الاءِ ڇو ٻاهر نڪرڻ تي نه پئي ٿي. اتي ئي بيٺي رهيس.
”ٺيڪ آ ابا“ ماسيءَ وراڻيو.
”الهه واهي“
سندس وڌيڪ چٽو آواز ٻُڌم... ماسيءَ ڪا به ورندي ڪانه ڏني هُئي. جي ڏني به هوندائينس ته مون آواز نه ٻُڌو هو. در بند ٿيڻ جو آواز آيو... ڪُجهه ئي لمحن ۾ ماسي رڌڻي ۾ هلي آئي.
”زيبُل... ڪالهه هُن بوتل هڻڻ جو چيو هو؟...“
مون سندس مُنهن ڏانهن نهاريو.
”اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هُئائين؟“ هن وري پڪَ ڪرڻ گهري.
”الاءِ ماسي...“
”توکي ياد اچي ٿو!“
”چيم نه... مون کي ياد نه ٿو اچي...“
”الاءِ ڇو لڳم ته اوچتو هليو آيو.. يا ٿي سگهي ٿو، چيو هجائين، سئيءَ جي ڳالهه به ڪئي هُئائين...“
”اهو به ٿي سگهي ٿو ماسي“
”خير... هاڻي تون خيال رکج... ڪمپائونڊر لاهي وڃي ته ٻڌائيجانءِ... مان ٿورو ڪم کي ڏسي وٺان... مايون مٿي تي صفا چڙهيون بيٺيون آهن.“
”ٺيڪ ماسي...“
”ٻه ٽي ڪلاڪ هلندي بوتل... تيسين نصيبان وارا به اچي ويندا... پاڻ کي اڪيلو ڀانئين ته ڪال ڪري وٺجانءِ..“
”جي ماسي...“
”ٿورو ڏسي وٺانس....“ هوءَ وري اندر امان ڏي وئي مان به پويان پويان آئي مانس.
کيس وري ننڊ اچي وئي هُئي.... ماسيءَ مون ڏي نهاريو.
”حون جو علاج لڳيس ٿو... هن سان چوُر ڄران به نه ٿي ڪري...“
مون صرف هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو... ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ ڇا هو..
***