ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

8

عجيب رات هُئي... رات عجيب نه هُئي، حالتون عجيب هُيون.
ڏينهن رات، پنهنجي چرخي ۾ ڦرندا رهندا هُئا. اها ئي ڪاراڻ، اها ئي اڇاڻ...بس نه جي ڦرندو آهي ته اسان جو اندر... کيس بس هڪ ئي موسم ياد رهندي آهي... گڏجڻ جي، وصل جي... ۽ شايد اُن جي ڪري ئي هو ٻئي طويل موسم، هجر کي برداشت ڪري ويندو آهي. اسين هجر جي موسمن جا قائل ناهيون هوندا. وڇوڙو اسان جي اعصابن کي جهنجهوڙي ڇڏيندو آهي. اهو ئي ته هوندو آهي جنهن جي ڪري، اُهي ڏينهن راتيون ڦري ويندا آهن. ڏينهن تپش ۾ جهجهو ٿي ويندو آهي، راتيون ڪاراڻ ۽ دورانيئي ۾. ساهه تي ڀري رکيل هُجي ته ڇا جو لُطف ۽ ڪهڙو لُطف!
اڱڻ ۾ کٽ تي ويٺي، اها رات طويل ترين رات هُئي. شين جا پاڇا عجيب هُئا. ساڳيون کٽون هيون، ساڳيا وڻ... ورانڊي ۾ لڳل بلب ائين ئي ٻريو پئي پر اونداهه الاءِ ڇو گَهري هُئي ۽ اُن کان وڌيڪ گَهرا هُئا هوائن جا گهوگٽ... هڪدم هوا ڄڻ هيٺ لهي آئي هُئي. پنن جي ڇڻ ڇڻ، ڪمري جي درن سان ٽڪرائڻ جو آواز...اجايو جسم کي ڇُهاءُ ۽ سياندڙو... اکين ۾ پاڻي لهي پيو، وري الاءِ ڇو واپس هليو پيو وڃي.
ڪنهن جو لاش هوندو؟ چئن ڏينهن کان پوءِ، هي وري ڪهڙو مامرو ٿيڻ وارو هو! هي زندگي ايڏي تڪڙي ۽ عجيب ڪيئن ٿي وئي هُئي!
رات، عجيب آوازن سان ڳالهائي رهي هُئي. مون کي لڳو پئي، مُنهنجو سڄو وجود پنڊپهڻ ٿي ويو هو. پٿرائجي ويو هو. هُنن مون سان ڪابه ڳالهه نه ڪئي هُئي، چاچي قاصد کي شايد پاڻ تي ضبط نه رهيو هو، تڏهن زبان مان ڳالهه نڪري وئي هُئس. ابي ته هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. وٽس برداشت ۽ ضبط جي قوت وڌيڪ هُئي. هُن ٻاهر وڃي لازمن ڳالهايو هوندو پر مُنهنجي سامهون هُو ڪيئن نه ماٺ ڪري هليو ويو هو.
وقت عجيب پئي لڳو... اُٿي ٻه ٽي چڪر ڏنم... سڀ سُتا پيا هُئا. امان، پنهنجي کٽ تي غافل هُئي. شاهينه ۽ رضا پنهنجين کٽن تي هُئا. انسان الاءِ ڪيئن آهي! ڄاڻي ٿو ته الاءِ ڇا ڇا ٿو ڄاڻي! ۽ جي غافل آهي ته اُن جهڙو ته ڪو غافل آهي ئي ڪونه. هنن کي ڪهڙي خبر هُئي ته ڪهڙي قيامت گذري پئي! ڇا پيو ٿو ٿئي.! مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو... دل چيو ته هنن مان ڪنهن کي اُٿاريان! رڙيون ڪيان... پر وري خيال آيم ته هُنن کي جاڳائڻ سان ڇا ٿيندو! اجايو هي به تڪليف ۾ اچي ويندا. امان کي اُٿاري نٿي سگهان، ٻارَ جي اُٿيا به ته ڇا سمجهندا!... بس ائين ئي هوائون هيون، وڻن جا لوڏا هُئا، گُهوگَهٽَ، بلب جي جهيڻي روشني ۽ مان هُئس... رات جو ڀاڪر، ڍرو ئي نه پيو ٿئي.

مُنهنجي اندر ۾ جائُو لهي آيو هو. هُو ايڏو خراب نه هو، جيترو هاڻي لڳو پئي... ڪيڏو نه سُٺڙو هوندو هو. مُنهنجي ۽ نصيبان جي اول گهول پيو ويندو هو. سڄي رسيس ۾ ڏهه چڪر ته هڻندو هو. پنهنجي راند ڇڏي به ايندو هو. پاڻيءَ جي ٽانڪي پرتي ٺهيل هُئي، هو چڪر چڪر ۾ پاڻي کڻي ايندو هو ته متان اسان کي ماني کائڻ ۾ ضرورت نه پوي.
سندس مُرڪڻ، مستيون، کِل، ڏسڻ جو انداز... سڀ رهجي ويا هُئا. بس هُو الاءِ ڇو اهو سڀ ڇڏي ويو هو... مُنهنجي دل ڀرجي آئي، اکين جون ڪُنڊون ڀڄي پيون...مون دل کولي رنو... ساهه کي هورا کورا الاءِ ڇو گهٽجڻ لڳي. لڳم، ڌڻي خير ڪندو... ائين سڀ ڪونه ٿيندو جنهن جو اسان کي خدشو آهي. آسمان جو رنگ مَٽجڻ لڳو هو. رات جي ڪاراڻ، آسماني رنگ کي جنم ڏئي رهي هُئي، جو ٻاهريون در کڙڪيو. ٺڙڪو هلڪو هو. بُل ڏئي اُٿيس، پُڇيم ”ڪير آهي؟“
”مان آهيان زيبُل...بابا“ ابي جو جهيڻو آواز آيو. در کوليم، هو اندر گهڙي آيو. ڪُلهي تي رکيل رومال سان، مُنهن اگهندي، هُو سڌو کٽ تي وڃي ويٺو ”پاڻي پيار امان.“
مون در ڏانهن نهاريو، ”ڪونهي چاچهين... گهر ويو پنهنجي.“
هو کٽ تي ٺيڪ ٿي ويٺو. مون در بند ڪيو. اندر فرج ڏانهن ويس، پاڻي کڻي آيس، هُن هڪ ئي ڳيت ۾ سڄو گلاس پي ڇڏيو.
الاءِ ڪيترا لمحا اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي سمجهاڻي پاڻ هوندا آهن. جنهن سراپ ۾ وٺجي هو ويو هو... اهو سراپ هِن مهل سندس مُک تي ڪونه هو. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا پُڇانس... گلاس واپس ڪري هو ليٽي پيو. مان گلاس واپس رکي آيس.
”تون به هاڻي وڃي ليٽي پئو ڊاڪٽر...سڄي رات اکين ۾ ڪاٽي اٿئي.“
”ڇا ٿيو هو بابا؟“
”لاش مليو هو نهر مان امان...اهو سڃاڻڻو هو.“
”مطلب؟“
”مطلب ته... مُهاڻن کي مليو هو، سج لٿي ڌاري... سڀني کي اطلاع ڪيو هئائون...قاصد به ان ڪري ڀڳو هو.“
”ڪير هو؟“
”ڀر واري ڳوٺ جي جيئندي جو پُٽ هو.“
جملو ڳالهائيندي، سندس آواز لرزي ويو، اوچتو روئي ڏنائين. ”دوستن سان گڏ ويو هو شهر...موٽ تي، واهه تي ڪو وهنتا پئي...تڏهن کان ٻُڏي ويو هو... اسان کي خبر نه هُئي... مائٽن ڪا ڳولا پئي ڪئي... لاش لُڙهندي هيڏانهن اچي نڪتو هو.“
هُن رومال کنيو، جيڪو وهاڻي جي پاسي کان رکيو هُئائين، مُنهن اُگهيائين.
”ننڍو ڇوڪرو هو؟“ مُنهنجي وات مان الاءِ ڪهڙا جملا پئي نڪتا.
”پنهنجي جائُوءَ جيترو هو“ هُن هڪدم چئي ڏنو، ”تڏهن ته قاصد کي به شڪ پيو... هُو به وٺي ڀڳو... اڄڪلهه زمانو ڏسين ٿي... ڪنهن جي ڪا خبر ئي نٿي پوي... الاءِ ڇا ٿي وڃي!“ هُن پاڻ سنڀالي ورتو... مان پاسي کان ويهي رهيس.
”دير ڪيوَ اچڻ ۾؟“ من ۾ الاءِ ڪهڙي هورا کورا هُئم.
”سڃاڻي ته ورتو هئوسين پر ائين هُنن کي اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه هو امان... پيءُ جي چيلهه جهڙو ڀڄي ٿي پوي... قاصد کي چيم، گڏ هُجون ٿا... گهر ڇڏي پوءِ پنهنجي گهر ٿا هلون.“
ماٺ ٿي ويا هُئاسين هُن مون ڏي نهاريو.
”انسان به ڪيڏو نه عجيب آ ڊاڪٽر...پاڻ تان لهيس ٿي ته ڪيڏو خوش خوش محسوس ٿو ڪري ته چڱو ٿيو... ڪنهن ٻئي سان ٿيو، مون سان نه ٿيو... پر جي اتي غور ڪجي ته ڌڻي معاف ڪري... اهو ته ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو... پوءِ ٻين سان ڇو اسين ائين ڪندا آهيون!... پنهنجو سور پنهنجو لڳندو آهي... پرايو ڇو نه پنهنجو لڳندو آهي امان!“
”ائين ئي آهي بابا...“ مون وڏو ساهه کنيو.
”ڪناري تي بيٺا هُئاسين پريشان... شناخت لاءِ... اُن جي وارثن کي دير ٿي هُئي... جيستائين مان ڏسان... پڪ ڪيان... تيستائين قيامت جي ڪهڙي گهڙي هُئي جيڪا نه گُذري زيبُل!... اُتي شدت سان هُنن کي ڏسي احساس ٿيو ته مٿان گذري ته ڪيڏي نه ڪَلَ پوي ٿي.“
”الله سائين صبر ڏيندن بابا“
”مان به اها ئي دُعا گهران پيو... موٽيس پئي ته قاصد چيو... ادا خير ٿي ويو... دل ۾ آيم چوانس... اسان سان ٿيو نه خير... هُنن جو به ته سوچ... اهي ته اسين به ٿي سگهون ٿا.“
ابي جون ڳالهيون هڪدم مَٽجي ويون هيون، مان هُن جي سدائين ويجهو رهي هُئس... پر هيءُ ته ابو ئي ڪو ٻيو هو.
”توهان آرام ڪيو... ڪُجهه ڪلاڪ آهن“
”تون نٿي سمهين؟“
”ها...مان به وڃان ٿي بابا...“
”صبح جو جاڳين ته مُنهنجو ننڍڙو ٿيلهو ٺاهي ڇڏجانءِ ٻه وڳا ۽ ٻيو ضروري سامان... برش... پيسٽ...سُرمو...تيل“
”ويندئو ڪيڏانهن؟...“
”ڪا هڪڙي جاءِ هُجي ته ٻڌايانءِ نه امان..!“ هن وڏو ساهه کنيو... ”الاءِ ڪٿان ڪٿان جا پيرا ملن ٿا... سنگت مختلف جاين جون ڳالهيون پئي ڪري...“
”اڪيلا ويندؤ.!“
”نه... قاصد گڏ هوندو... ضرورت پئي ته امان الله کي به گهرائي وٺنداسين.“
مُنهنجي ساهه ۾ ساهه پيو... چڱو ٿيو، اڪيلو ته نه ٿو وڃي.
”ماڻهين کي ڊاڪٽر کي ضرور ڏيکارجانءِ... ۽ ڪنهن به ڳالهه ۾ پريشان نه ٿجانءِ.... مان لاڳيتو، رابطي ۾ رهندس... پئسن جي ڳڻتي نه ڪجانءِ... اهي مان رکي ٿو وڃانءِ...“
”ڪا ڳڻتي ناهي بابا... بس توهان خير سان وڃو ۽ خير سان اچو... ۽ الله ڪندو ته جاويد ملي پوندو...“
”تون نياڻي آهين، دُعا ڪر، ڇو نه ملندو...“
***
صبح جو دير سان اک کُلي هئم.
اهو ته شڪر جو نصيبان اچي وئي هُئي ۽ ٻارڙن کي تيار ڪري اسڪول موڪلي ڇڏيو هُئائين.
ابو به آفيس نڪري ويو هو.
”ماسي ڪونهي آئي“ چانهين پيئندي، نصيبان کان پڇيم.
”ٿورو دير سان ايندي...گهر ڪم هُئس....“
”رات دير سان سُتي هُئس.. بلڪه جهڙوڪر سُتي ئي صبح جو هُئس...“
”مون کي اندازو آهي... رات سڄو ڳوٺ جاڳي پيو هو، جهڙو.“ هُن به وڏو ڍُڪ ڀريو. ”الله سڀني کي ڍڪي... مون کي خبر ڪونه هُئي، امان صبح جو ڳالهه ڪيم...“
”ماسيءَ کي خبر ڪيئن پئي...“
”چاچي زينب ٻڌائيس... پاڙي واريءَ... هُوءَ ته ان مهل ئي نڪتي پئي اوهان ڏي. مون کي اٿاريندي اٿاريندي رهجي وئي... پوءِ سوچيائين.. ان مهل ايندي ته ماسيءَ سان الاءِ ڇا حال ٿئي... الاءِ ڇا سمجهي...“
”پوءِ...!“
”پوءِ هُوءَ به سڄي رات ويٺي هُئي، صبح جو خبر پئيس... ته ڇا ٿيو هو؟“
”تنهن ڪري به ڪونه آئي ڇا هاڻي...!“
”نه نه... توکي خبر آهي.. هُوءَ جاڳڻ جي پڪي آهي. صبح جو ڪلاڪ ٻه اک لڳيس وري به هنيئر گهر جي صفائي پئي ڪيائين.“
”ابي ٿيلهو ٺاهڻ لاءِ چيو آهي نصيبان...“ مگ رکيم... ”چيو ٿائين ته شايد ڪيڏانهن نڪرندو اڄ...“
”مون کي ته آفيس جو چئي ويو هو... چاچو...“
”ها... هنيئر آفيس هوندو... رات شايد ويندو...“
”ڪيڏانهن ٿو وڃي؟“
”اهو ئي ته چيو مانءِ... ٻڌائي نه ٿو...“
”جاويد جي ڳولا ۾ نڪرندو هوندو... پڪ سان...“ هُن پنهنجو مگ پورو ڪري، مون وارو خالي مگ به کنيو.
”مان کڻان ٿي...“ مون روڪيومانس.
”خير آهي...“ هوءَ اندر ڏانهن مُڙي..“ مان ٿانوَ ڌوئي ٿي وٺان... تون نيرن تيار ڪر... پر تو ورندي نه ڏئي...“
”ڪهڙي؟“
”جاويد جي ڳولا ۾ ٿو نڪري نه...!“
”هائو...“
”ٺيڪ آهي... الله ڪندو ڪامياب موٽندو...“ هوءَ اندر هلي وئي... هيءَ... نصيبان به عجيب هُئي. ڪڏهن ڪڏهن سلوڪ مرداڻو گهڻو هوندو هوس. هاڻي وڌيڪ ڪُجهه پڇيائين ڪونه... بس هلي وئي اندر... مُنهنجي اندر ۾ الاءِ ڪيترا سوال گردش ۾ هُئا. هوءَ کڻي سوالَ نه ڪري ها... مُنهنجا سوالَ ئي کڻي ٻُڌي وڃي ها!...
***
مُنهنجو اسڪول جهڙو ڪر، بند ٿي ويو هو.
ابي کي وئي چار ڏينهن ٿي ويا هُئا. جائُوءَ کي نَوَ... نصيبان اسڪول وڃڻ شروع ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ميٽرڪ جو ڪم هو. هوءَ مون لاءِ به سڀ لکي کڻي ايندي هُئي. عجب جهڙو معمول ٿي ويو هو سندس... صبح ساڻ ايندي هُئي... تيستائين رضا ۽ شاهينه کي مان تيار ڪري ڇڏيندي هُئس... هُوءَ سڌي ايندي، در کڙڪائيندي، ٻارن کي وٺندي ۽ اسڪول رواني ٿي ويندي هُئي.اچڻ ساڻ، هٿ ۾ ٽفن هوندو هُئس جنهن ۾ مون لاءِ نيرن هوندي هُئس. سندس خيال هو ته مان ڪُجهه سُٺو رڌڻ ڄاڻان نٿي. ماني پچائڻ مون کي ڍنگ جي اچي ڪونه... تنهن ڪري نيرن بيڪار ئي ٺاهينديس... سو ماسي حنيفان کان پنهنجي لاءِ ماني کڻنديَ، هُو مون لاءِ نيرن کڻي ايندي هُئي.
مان وري نيرن کان پوءِ گهر جي صفائي ڪندي هُئس. ۽ باقي امان جي ٽهل ٽڪور کان پوءِ منجهند جي ماني تيار ڪندي هُئس. هُو اسڪول مان ٻارن کي ساڻ ڪري موٽندي هُئي، منجهند جي ماني کائيندي هُئي ۽ ٿورو آرام ڪري گهر ويندي هُئي. شام ڌاري وري مون وٽ موٽي ايندي هُئي. ٻار مدرسي ويندا هُئا. هُو سومهڻيءَ تائين مون وٽ ويهي، پوءِ رات جو گهر ويندي هُئي.
کيس مان ۽ شاهينه گهٽيءَ وٽ ڇڏي ايندا هُئاسين. پويان رضا، امان وٽ هوندو هو.
امان جو حال عجيب ٿي ويو هو. ڊاڪٽر ڏٺو هُئس ته جيتوڻيڪ دوائون مَٽايون هُئائينس پر تڏهن به مٿس ڳهير جو غلبو اهو ئي هُيو. هُو ننڊ جاڳ جي ڪيفيت ۾ هوندي هُئي. جي سُمهندي هُئي ته به پَئِي ڳالهائيندي هُئي. اهو ڏاڍو عجيب ٿي ويو هو. جاڳندي هُئي ته چُپ ۽ هوڏانهن ٿورڙي به غنودگي ٿي ته ڀڻڪو شروع... سندس ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. لفظ چٻاڙيل هوندا هُئا پر بهرحال خبر پوندي هُئي ته هُوءَ ڳالهائي پئي ٿي.
ڪنهن ڪنهن مهل ننڊ ۾ سندس رڙيون بُلند ٿي وينديون هيون. سڄو جسم تاڻجي ويندو هُئس. هوش ۾ نه ايندي هُئي ۽ جي ايندي به هُئي ته ڪنهن کي به نه سُڃاڻندي هُئي. بس خالي خالي نگاهن سان پئي تڪيندي هُئي.
مان سڄو ڏينهن ساڻ هوندي هُئي مانس. جي سُتي پئي هوندي هُئي ته مان اُن جاءِ تي گهڻو ڪري ڪم ڪندي هُئس جتان مٿس نگاهه پئجي سگهي. متان ڪُجهه گَهري، متان وري ڪو دورو نه پئيس.
ابي سان، فون تي ٻه دفعا رابطو ٿيو هو. هُن وڌيڪ نه ڳالهايو هو، بس خير و عافيت پُڇي، فون بند ڪئي هُئائين. اهو عمل مون کي الاءِ ڇو وڌيڪ ڏُکائي رهيو هو. هُن مون سان آخرڪار کُلي ڳالهه ڇو ڪونه پئي ڪئي!؟
***
رڌڻي ۾ ڪم ڪيم پئي جو ڪمري مان وڏو آواز ٻُڌم.
ڊوڙندي ويس ته ڏٺم، امان زمين تي ڪري پئي هُئي ۽ سندس پاسي کان پُراڻو پيڊسٽل پکو ڪريل هُو. شايد تڪڙي اُٿي هُئي. پير، تار ۾ ڦاٿو هُئس ۽ پکي سان گڏ هلي آئي هُئي.
پير ڏاڍو خراب وچڙيو هُئس. ڄڻ ٽنگ ڦاٿل هُئس، ۽ مٿان وري سندس پيشانيءَ مان رت ٺيِنڍيُون ڪري وهي رهيو هو.
تڪڙو کنيومانس... تار مان پير ڇڏايم ته محسوس ڪيم، رت جو وهڪرو چڱو خاشو تيز هو. تڪڙ ۾ رئي سان رت واري جاءِ کي جهليم پر لڳم ته ائين ڪنٽرول ڪونه ٿيندو. چڱو ڌڪ لڳو هو، پيشانيءَ جو گهاءُ ويڪرو هو شايد کيس کٽ جو پائو لڳو هو. اوچتو ڪرندي پاڻ سنڀالي نه سگهي هُئي، کيس ٻانهن سان سهارو ڏئي کٽ تي ويهاريم، پر کيس ٽنگ ۾ به ڏاڍو ڍڪ لڳو هو. هُوءَ جهڙو هلي به نه پئي سگهي.

مان جهڙي بدحواس ٿي وئي هُئس. ڏينهن ڏٺو هو، يارنهن ساڍا يارنهن کن ٿيا هُئا. اوسي پاسي ڪير نه هو... اڪيلي ڇا ڪيان! جي هُن کي اڪيلو ڇڏيان ٿي ته متان ڪُجهه ڪري نه وجهي... ۽ جي وٺي ٿي وڃانس اسپتال ته مون اڪيليءَ کان سنڀالي ڪونه ٿيندي. اوچتو خيال اچي ويم، ماسي حنيفان کي ڪال ڪيم، هُوءَ ڊوڙندي آئي، پاڻ سان چنگچي به ڪري آئي هُئي.
**
اسپتال ۾ هڪ ڊاڪٽر کان سواءِ ڪوبه ڪونه هو. اُن جي حالت به عجيب هُئي. اسان کي لڳو ته عملي جو ڪو ماڻهو آهي. ماسي حنيفان ۽ مان امان کي وٺي آياسين ته هُو ڪُرسيءَ تي ويٺي اخبار پڙهي رهيو هو.
”ڊاڪٽر صاحب آهي؟“ مون اُٻهرائپ مان کانئس پُڇيو.
”السلام عليڪم“ هُن اخبار پري ڪئي ۽ سلام ڪيو... مون کي لڄ آئي ته مون کيس سلام نه ڪيو هو.
”السلام عليڪم“ مون پاڻ سنڀاليو ”ڊاڪٽر صاحب آهن؟“
تيستائين هُن امان کي ڏسي ورتو هو، جنهن کي گهڻو ڪري ماسي حنيفان سهارو ڏنو هو. هُو تڪڙو وڌيو ۽ امان کي ٻي ٻانهن کان جهلي ورتائين. اشاري سان مون کي پري ٿيڻ جو چئي، هُو امان کي اندر ڪمري ڏانهن وٺي هليو.
”هيڏانهن اچو... هِن طرف“
گڏ وياسينس ته اها ننڍڙي آپريشن جي جاءِ هُئي. هُن امان کي اسٽريچر تي ليٽايو جيڪو بتيُن هيٺان هو.
”مُنهنجي ٿوري مدد ڪيو... اسپتال ۾ هِن مهل مان اڪيلو آهيان.“ هُن سائيڊ ٽيبل تي رکيل لوهي دٻن مان، سامان ڪڍڻ شروع ڪيو.
”ڊاڪٽر صاحب ڪٿي آ ابا؟“ ماسي حنيفان پُڇيو.
”توهان کي اُن ۾ ڪو خاص ڪم آهي ڇا؟...جيڪي ڪُجهه آهي مان ڪيان پيو نه“ هُن امان جي نرڙ تان رئو پري ڪيو، جيڪو رت جي ڪري اُتي چنبڙي پيو.
”نه پر ڊاڪٽر آهي ڪٿي؟“ مون پُڇيو. امان جو اهو حال ڏسي مُنهنجو هانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو هو. هُو به ڄڻ بيزار ٿيڻ لڳو.
”توهان کي مان ڇا ٿو لڳان ميڊم؟... ڊاڪٽر آهيان تڏهن ته سڌو اوٽيءَ کڻي آيو آهيان... اوهان کي ڪو ٽيڪنيشن ٿو لڳان ڇا؟“ سندس لهجو سخت هو. ماسي ۽ مان چُپ ٿي وياسين. هُن مون کي اشارو ڪيو.
”اوهان ٻاهر وڃو... اوهان جي حالت مان سمجهان پيو... ائين نه ٿئي جو مون کي ٻه ٻه مريض سنڀالڻا پون... مان اسٽچ ڪري وٺان... پوءِ توهان اندر اچو.“
هُن ماسيءَ ڏانهن نهاريو ”خالا اوهان هتي هُجو...“
ماسيءَ مون ڏانهن نهاريو ۽ اشارو ڪيائين ته ٻاهر وڃ. مان ٻاهر نڪري هڪ بئنچ تي ويهي رهيس.
سڄي اسپتال ڀانءِ ڀانءِ ڪري رهي هُئي. ڪير به ڪونه هُو. ڳوٺ جي اسپتالن ۾ هوندو به ڪير آهي؟ پر هتي هي ڊاڪٽر موجود هو، سا حيرت جي ڳالهه هُئي. مون اڳ ۾ ته کيس ڪونه ڏٺو هو. پنهنجي خيال تي پاڻ ئي کِل اچڻ لڳم.... مون ڪهڙو اڳ ۾ اسپتالن جا چڪر هنيا هُئا، جو خبر رکان ها...ڏسڻ ۾ شهري پئي لڳو... جيتوڻيڪ پهرين ڏيک ۾ اسان سُڃاڻي نه سگهيا هُئاسينس... پر پوءِ جڏهن هِن دڙڪي واري انداز ۾ ڳالهايو ته اکين ۽ ڪنن کي اعتبار اچي ئي ويو هو.
ٻاهر، سندس رکيل اخبار هيٺ ڪري پئي هُئي. مون اها کنئين ۽ ٽيبُل تي رکيل، ڪُجهه پٿرن جي هيٺ رکيم، پٿرن کي پيپر ويٽ طور رکيو هُئائون. اسپتال جو حال مِڙئي پورو سورو هو.
ڪُجهه ئي دير ۾ هُو ٻاهر اچي ويا هُئا. ٽيبُل تي ويهڻ ۾ هُن اخبار ڏٺي، جنهن تي سڀئي پٿر رکيل هُئا. هُن اڻ لکو مُرڪيو، ٽيبُل مان رائيٽنگ پئڊ ڪڍيائين.
”مريضه جو نالو“
امان ۽ ماسي حنيفان هاڻي بئنچ تي ويٺون هيون. امان جي سڄي پيشاني پٽين ۾ جڪڙيل هُئي. ماسيءَ حنيفان ۽ مون کان گڏ جواب نڪري ويو. ”شمع“.
هُن ڪاغذ تي ئي نگاهه رکي ”عُمر؟“
ماسيءَ مون ڏانهن نهاريو، مون اُڪليو ”فورٽي سيون“
”ايڊريس؟“
”ڳوٺ جا ئي هون ابا...“ ماسي ڳالهايو، ”هتي جا ئي... قاضي محلي جا“
”ٻين ڳوٺن مان ماڻهو ايندا آهن خالا...“ هُن لکندي چيو، ”پُڇڻو پوندو آهي.“
ڪُجهه لمحا خاموشي هُئي. هُن لکي بس ڪئي ۽ پنو ڦاڙي اسان کي ڏنائين.
”هي دوائون استعمال ڪجو... پنج ڏينهن... هفتي کان پوءِ اچجو، انشا الله ٽانڪا کولي ڇڏيندس.“
هُن امان ڏانهن نهاريو، ”آرام ڪجو ۽ پاڻ کي گهڻو نه پتوڙجو پليز...“
پرچو وٺندي ماسي حنيفان پرس ۾ هٿ وڌو ”ابا پئسا گهڻا؟“
هُو مُرڪيو، ”سرڪاري اسپتال آهي خالا... حال نه پيا ڏسجن... سڀ سرڪاري آهي... اِن ڪري ڪوبه ڪونهي... هتي پئسا ناهن لڳندا... اها هڪڙي چڱائي آهي.“
هُن ڪاغذ ڏنو ۽ پنهنجي اخبار کڻي ورتائين.
”مهرباني ابا...مهرباني ڊاڪٽر صاحب“ ماسيءَ پاڻ سنڀاليو، هُو هلڪو مُرڪيو.
”ابا ۾ به ڪم هلي وڃي ها خالا...“ سندس مُرڪ ڏاڍي خوشگوار هُئي. اسين اُتان ٻاهر نڪري آيون هيونسين... ويندي ويندي سندس آواز آيو هو، ”مان هتي چوويهه ڪلاڪ هوندو آهيان. جنهن مهل به ضرورت هُجيوَ... هليا اچجو.“
ماسيءَ ڀُڻڪيو ”مهرباني ابا...مهرباني.“
***
نصيبان مون ڏي گهوريو هو.
”ڇو؟...توکي نه ٻُڌايو هُئم ته نئون ڊاڪٽر آيو آهي... ڇوڪراٽ...“
”ڪڏهن ٻُڌايو هُيئي؟“
مون بصر ويٺي ڪٽيو...اکين مان پاڻي جاري هو.
”مُنهنجي خيال ۾ ته مون توسان ڳالهه ڪئي هُئي... هُوءَ پاڙي ۾ ماسي ڏني ناهي... تنهن کي پيٽ ۾ گڙ ٻڙ ٿي هُئي ته مان ۽ امان کڻائي ويا هُئاسينس اسپتال...“
”ها ها... اها ڳالهه ته تو ڪئي هُئي.“
”ته پوءِ ٻڌايو ته هئو مانءِ... ته نئون ڇوڪراٽ ڊاڪٽر هو. پر ننڍي عمر ۾ ئي وڏو تجربيڪار هو. اصل منٽَ ڪري ورتا هئائين... ماسي ڏني ته ٻن ڪلاڪن ۾ ڊانس پئي ڪري... ڪاڏي ويس پيٽ ۾ سور... ڪيڏانهن ويس رڙيون واڪا...“
مون کي کل اچي وئي...
”تون مُڙي نه ٿي... ائين ڳالهائبو آهي ڇا!“
”ته ڪيئن ڳالهائبو آ!؟ سچ ته اهو آ... هلي هئي اڙي گهوڙا، اڙي گهوڙا ڪندي... موٽي ته مائيءَ جي کِل نه پئي بيهي...“
”ائي بس ڀلا...“ مون ٻانهن سان ڳوڙها اگهيا.
”تون روئڻ کان بس ڪرين ٿي جو مان، ڳالهه پوري ڪيان...“ هن ٿورو زور سان ڳالهايو. اندران امان جو کنگهه جو آواز آيو مون ڪنڌ ورائي، درَ مان اندر ڏٺو، هوءَ ننڊ جاڳَ ۾ کنگهي رهي هُئي. پاسو ورايو هئائين ۽ وري جهڙو سمهي رهي هئي.
”اصل ۾ حالت سرڪاري اسپتالن جي اها ئي ٿئي زيبُل ۽ سابه ڳوٺ جي اسپتال. هتي چاچي رمضان وارن جي ڊيوٽي آهي پر مجال آهي جو وڃن... ڪير پڇڻ آکڻ وارو ناهي... ٽي چار ماڻهو آهن... پر هڪڙو به ناهي ويندو. رڳو مفت جون پگهارون پيا کڻندا آهن... رڳو بس اهو ڊاڪٽر ويٺو هوندو آ. اشفاق“
”اشفاق نالو اٿس؟“ مون پڇيو..
”هائو... ڊاڪٽر اشفاق.. جڏهن کان آيو آ.... اڪيلو پيو اسپتال سنڀاليندو آ...“
”چريو آ ڇا؟..“
منهنجي وات مان نڪري ويو... هن پنهنجا ڳوڙها اگهيا.
”چريو ئي هوندو ٻيو نه ته وري... ماڻهن کي سڌاري سگهي ڪونه ٿو... هيٺيون عملو شايد نه ٿو مڃيس، ٿوري ٿوري دير لاءِ اچنس ٿا ۽ بس... پاڻ اتي ئي اسپتال ۾ ٽِڪيو پيو آ... جنهن مهلَ وڃ اتي حاضر.“
”توکي وڏيون خبرون آهن...“ مون بصرن جي کلن کي ميڙيو.
”رکڻيون پون ٿيون بي بي... تو جهڙين منڊمن کي ٻڌائڻ لاءِ...“
”اڙي هن... هن به مون کي مئڊم سڏيو... توهان کي مان ڇا ٿو لڳان مئڊم...“ مون سندس لهجي جو نقل ڪيو.
”هُن...“ نصيبان اکيون مچڪايون... ”هڪدم هُن ٿي ويو ڇا؟...“
”توبنهه ڪر مائي...“ مون کان کِل نڪري وئي. ”ايڏو غلط نه سوچ... اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي...“
رڌڻي ڏانهن ويندي، مون سندس جملو ٻڌو...“ هجي به ته ڪهڙي خرابي آهي. ننڍو نيٽو آهي... هاڻي هاڻي ڊاڪٽر ٿيو آهي.. عمرن جو به ڪو گهڻو فرق ناهي..“
مون واپس موٽي، مٿان، ٿالهه الاريومانس.
”اجايو بڪَ نه ڪر... اهڙو ٿالهه هڻندي مانءِ جو وري توکي ٽانڪا هڻائڻا پوندا.“
”مطلب... وري به مون کي هُن وٽ ئي وٺي هلندينءَ..“
مون وٽ ڇا هو ڳالهائڻ لاءِ... هُوءَ زور هُئي... مان چپ ڪري، واپس رڌڻي ڏانهن مُڙي وئي هُئس.
***
رات کان خوف اچڻ لڳو هو.
رات لهي ايندي هُئي ته سڄي گهر ۾ ماٺ ڇانئجي ويندي هُئي، ٻارَ سُمهي پوندا هُئا. امان پنهنجي حال ۾ هُئي. جي ننڊ جي ڳهيرَ نه به هوندي هُئس ته به ماٺ هوندي هُئي. ۽ الاءِ ڇا ويٺي خلائن ۾ ڳوليندي هُئي... رات جيئن جيئن گهري ٿيندي ويندي هُئي، تيئن تيئن اندر کي هول پيو ايندو هو.
ٽي وي ڏسڻ ۾ به مزو نه ايندو هو، مٿان وري لوڊشيڊنگ آزار ڪري ڇڏيو هو. ٽي وي ڏسڻ جو وري سلسلو اهو هو جي اها هلائي به ڇڏجي ته آواز ماڳهين بند رکجي يا وري بلڪل گهٽ هجي، ماڻهو اسڪرين سان جهڙو ڪن لائي ويٺو هجي. وڌيل آواز ۾ خدشو هوندو هو ته متان امان جاڳي نه پوي.... متان ڪو ڇرڪ ڀري... الاءِ ڪيتري دير ته بس مَيُوٽ ٿيل ٽي ويءَ جي گونگي لهجي کي ويٺي ڏسندي هُئس ۽ جي لائيٽ هلي ويندي هُئي ته بس اهو اڱڻ هوندو هو ۽ مان هوندي هُئس. يا وري اها رفيقِ جان ڊائري هوندي هُئي.
سج لهڻ کان پوءِ، ٻار موٽندا هُئا مدرسي مان ته نصيبان به هلي ويندي هُئي... پويان ماسي حنيفان گهر ۾ اڪيلي هوندي هُئي ۽ کيس ماءُ جو خيال به رکڻو هوندو هو.
نصيبان به مُنهنجي لاءِ عجيب ڍڪَ جيان هوندي هُئي. هُوءَ مُنهنجي مڙني اوڻاين، عيبن ۽ ڪمپليڪسز کي سڃاڻندي هُئي. اسان ٻئي ننڍي عمر ۾ ئي ايترا زمانه شناس ڪيئن ٿي ويا هُئاسين، اها ته الله کي خبرَ... باقي هوءَ ته ڄڻ ڄائي ڄم کان وَڏَ وڏڙي هُئي.
ننڍڙي هوندي هُئي سندس والد، چاچا جمن وفات ڪري ويو هو. ماسي حنيفان وڏي همٿ ڪئي هُئي، سڀني مٽن مائٽن کي دليريءَ سان مُنهن ڏئي، ٻي شاديءَ کان انڪار ڪيو هُئائين ۽ سڄي عمر لاءِ ڄڻ نصيبان جو هٿ جهلي ورتو هُئائين. ماسي حنيفان هٿ جي هُنر ۾ ڪمال رکندي هُئي، کيس رليءَ ۾ ٽُڪَ تي ڪمال هو، سلائيءَ ۾ ڌاڳا ڄڻ مشين ۾ نه پر سندس آڱرين ۾ رقص ڪندا هُئا. هُوءَ سلائي ڪڙهائيءَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هُئي ۽ ان ئي ڪرت، مٿس حياتيءَ کي ٿورو آسان ڪري ڇڏيو هو. هُوءَ پنهنجي هُنر وسيلي ايترو ڪمائي وٺندي هُئي جو سندس گذر سفر چڱو ٿي ويندو هو.
امان سان، سندس شروع کان ئي لڳندي هُئي. گهرن جي وچ ۾ ڪجهه گهٽين جو فرق هو. در مان نڪرندا هُئاسين ته سٽڪ سٽڪ ڪندا، ٻن منٽن ۾ گهر مٽائيندا هُئاسين، امان ۽ ماسي حنيفان سدائين گڏ رهيون هيون ۽ اهو ساٿ نصيبان ۽ مون کي به نصيب ٿيو هو. ڪلاسن ۾ گڏ، اسڪول ۾ گڏ... ۽ هاڻي هن دردَ ڪٿا ۾ گڏ... هُوءَ ته جهڙو روح ۾ اچي وئي هُئي.
عجيب هُئي، نصيبان پنهنجي عام حياتيءَ ۾... هُوءَ شين کي بظاهر سنجيده نه وٺندي هُئي. کِل کِل ۾ پئي ٽاريندي هُئي پر مون کي اندازو هوندو هو ته رڳو ڪا ننڍڙي ڳالهه به هُن لاءِ تمام گهڻي آهي. هُوءَ حياتيءَ ۾ ذري پُرزي گڏ ڪرڻ جي قائل هُئي، هُوءَ هڪ هڪ رويئي تي نظر رکندي هُئي ۽ ماڻهن سان هڪ حد تائين هلندي هُئي. ٿوري ٿُلهڙي هُئي ۽ کيس پنهنجي ٿلهي هجڻ ۽ بيڊولي جسم بابت احساس هو پر ڳڻتي نه هُئي. بقول سندس ”رَجڪيَ کائيندي هُئي ۽ رجڪي ئي جيئندي هُئي.“
الاءِ ڇو، ڪڏهن ڪڏهن سندس ٽهڪ، اندران آواز ڇڏي ويندا هُئا. هُوءَ کلندي هُئي ۽ آواز الاءِ ڇو مون کي ڪنهن کوهه مان ايندو محسوس ٿيندو هو. ايتري حد تائين جو سندس اکين مان کلندي کلندي لڙڪ نڪري ايندا هُئا. پر تڏهن لڳندو هو ته سندس اندر ڪيترو نه ڀُريل آهي. دردَ جي لهرَ اندر ۾ ڪيتري نه شديد اٿس.
شايد ان لهرَ کيس وڌيڪ زمانه شناس بڻائي ڇڏيو هو. هُو پنهنجي پيءَ کي مِس ڪندي هُئي. چپ چپ، ويڳاڻي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن سور جو لهرن ۾ لڙهي به ويندي هُئي، پر اهو به عجيب هو ته کيس ان مان نڪرڻ به ايندو هو.
عورت جي حياتي به ڪيتري نه عجيب هجي ٿي. سندس جسم ته مختلف هجي ئي ٿو، پر سندس ڏُکَ، خوشيون، احساس جي گهرائي، اندر جو لوڇ به ته الاءِ ڇا هجي ٿو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان جي خبر الاءِ ڪيترن ماڻهن کي ته پوندي ئي ڪونهي. مرد سوچيندو، ظاهر ٿي پوندو، عورت سوچيندي، لڪندي ويندي.
ڪيڏي نه محدود هوندي آهي اسان جي دنيا به... ٿوري تي خوش... اڻڄاتل تي لاغرضي... کُد کُد به عورت کي ئي هوندي آهي، پئي کوٽيندي، پئي پڇائون ڪندي، پر اهو به ان ڪري شايد جو وٽس آهي گهڻو ڪجهه ڪونه. گهڻو ڪجهه ته مردن وٽ هوندو آهي... خود مختيار هوندا آهن... ڄائي ڄم کان کين پنهنجي من مرضيءَ جي سُتي پيارل هوندي آهي. عورت کي وري مَنَ مارڻ جو هلاهل پياريو ويندو آهي.
گهاٽي، ڪاريءَ رات ۾ ڊائري لکندي، الاءِ ڪٿان هڪ نغمي جو آواز آيو پئي. هوائن آڌار، اهو آواز ويجهو اچي پيو ۽ پرتي هليو پيو وڃي. ڌُن ڄاتل سُڃاتل هُئي. گيت جا ٻول معلوم هُئا... لتا ڳايو پئي... جل ڪي پياس ميرَي من سَي نه نڪلِي... ايسي تڙپُون ڪي جيسَي جل بن مڇلي...
هِن مهل! ڪهڙي اسٽيشن هلندي هُوندي! ڪنهن ٽرڪ تي، لاريءَ تي يا ڪنهن ٽريڪٽر تي اهو گيت هلندو هوندو! رات جو هڪ وڳي کان پوءِ ڪهڙي لاري هلندي آهي! پنهنجو پاڻ کي جهٽڪي گيت جي ٻولن کي جهونگارڻ لڳس. دل ۾ آيو، ’مائي زيبُل، اڪيلائپ ۾ ڪو آواز ساٿ ڏئي ٿو ته ماٺ ڪري وٺينس نه... سوالن جو ڪو تو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟‘ وري کِل آيم، پاڻ کي سمجهائيندي به سوال ڪري ڇڏيو هئم.
ڊائري بند ڪري، اڱڻ ۾ ئي کَٽَ تي ليٽي پئي هُئس. گيت پاڻ ساڻ ننڊ کڻي آيو هو.
***