16
ٻارَ ٻاهر اڱڻ ۾ ئي ويٺل هُئا. هُوءَ انهن وٽ بيهي رهيو.
”سڀاڻي کان اسڪول ويندؤ نه...“
”جي سر...“ رضا وراڻيو، شاهينه سدائين وانگر مُرڪندي رهي.
”فس ڪلاس... هاڻي ٺيڪ آهيو... ڪم شروع... بسم الله..“
ماسيءَ کيس اشارو ڪيو.
”ٻه منٽ ويهو...چانهن جو ڪوپ پي وٺو..“
”نه نه... مون اڃان ماني به ناهي کاڌي... چانهه پي نه سگهندس... مهرباني...“
”مانيءَ جا ٻه گرهه کائي وٺو..“ ماسيءَ پاڻ سنڀاليو... ”تيار آهي...“
”ان جي ضرورت ناهي..“ هُو مُرڪيو.. ”مريض پوئتي ڇڏي آيو آهيان... ان وٽ پهچڻ ضروري آ.... هونئن به، ماني اتي رکي آيو آهيان... مطلب.. تيار آ..“
ٻاهر نڪرندي نڪرندي بيهي رهيو.
”مون هنن کي هن مهل ڪُجهه نه چيو.. بس ڪم ٿي ويو ته نڪري آيس... هونئن هي مَزي ۾ ناهن... ننڊ واري دوا ڏئي ڇڏيونِ... سڀاڻي ڏسي ويندس... نه ته پوءِ شهر وڃڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.“
هُن ڳالهه جاري رکي.
”هن مهلَ هنن سان ڪُجهه به ڳالهائڻ، مصيبت کي دعوت ڏيڻي آهي... هنن سان ضد نه ڪيو... ڳالهه کي ڳالهوڙو ٺاهينداسين ته مصيبت ٿي ويندي... ذهني دٻاءُ شديد ٿن... ۽ ڪُجهه به ڪري سگهن ٿيون... لڳي پيو دوائون اثر نه پيون ڪن... مَٽائڻيون پونديون...“
”توهان مٽائيندؤ يا شهر وارو؟“ ماسيءَ پُڇيو.
”شهر وارو مَٽائي ته چڱو ٿيندو...“ هُو مُرڪيو ”ڪيس هُن جو آهي نه... جي مون مٽايو ته وري سڄو علاج مُنهنجو هلندو.“
”پوءِ توهان علاج ڪيو“ نصيبان چيو.
”نه نه... تڪڙ چڱي ناهي...“ هُن نصيبان ڏانهن نهاريو ”هر هر ڊاڪٽر نه مَٽائبو آهي... اوهان کان ٿي سگهي ته وري به هڪڙو ڀيرو شهر وڃي، ڏيکاري اچو... پوءِ ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي؟“
”توهان سڀاڻي ته ايندا نه...“ مون کي فڪر هو.
”بلڪل ايندس... اچي آرام سان ڏسي ويندس... هڪ ته هن مهل رات آهي... ٻيو وري الاهي هائپر آهن ۽ ٽيون ته ٻار گهر ۾ آهن. اهو سڀ مناسب ناهي... سڀاڻي ڏينهن جو اچي ويندس... پوءِ ڏسون ٿا.. الله خير ڪندو.“
هُوءَ ماسيءَ ڏانهن مُڙيو
”اجازت گهران ٿو.. الله واهي..“
ماسي ٿوري هٻڪي
”اوهان جي فيس... ڊاڪٽر صاحب؟...
سندس مُرڪ وڌيڪ ڪشادي ٿي وئي
”توهان نه ٿا ڄاڻو مون کي...! مان نه وٺندو آهيان... ۽ هونئن به مون ڪيو ئي ڇا هي؟ ڏٺو ته اٿمانس ڪونه.... پوءِ فيس ڪهڙي...“
”نه پر وري به اوهان تڪليف ڪئي آهي“
”سوچڻ لاءِ مهرباني“ هُن سڀني کي هڪ هڪ نگاهه ڏٺو ”الله حافظ“.
بنان ڪُجهه ٻُڌڻ جي هُو، جيئن تيزيءَ سان آيو هو، تيئن هليو ويو.
در جي تاڪن ٻُڌايو پئي ته هُو هليو ويو آهي... اسان جي چپن رڳو ڀُڻ ڀُڻ ڪندي کيس خدا حافظ چيو.
***
اسان ٽئي اچي مُنڌيون هيوسين
امان کي ننڊ اچي وئي هُئي، هُوءَ به شايد اک ٻوٽ کيڏي کيڏي ٿڪجي پئي هُئي الاءِ ڇا... ٻارن کي الڳ آرام هو.
اسان ٽنهي پَٽَ تي تَوري وڇائي، ماني پئي کاڌي.
”چريو آ هي...“ ماسي اسان ڏي نهاريو ”صفا چريو“
”مطلب...“ مون پُڇيو.
”هاڻي ٽڪو به نه ٿو وٺي ته ڪمائيندو آنڱوٺو..“
”ته ان ۾ چريو ٿي پيو؟“ نصيبان پُڇيو.
”ٻيو نه ته اهڙا ڪمَ سَنوان ڪندا آهن ڇا؟“ ماسيءَ پاڻيءَ ڍڪ ڀريو ”هوئين به چرين جا ڊاڪٽر پاڻ به اڌ چريائي هوندا آهن.“
”ائي امان خير گهر“ نصيبان ماءُ ڏي ڪرڙي نگاهن سان ڏٺو ”امان کان فيس نه ورتائين ته چريو ٿي پيو... جي چريو آ ته گهرايو ڇو هئيس؟“
”نه اچي ها ته ائين اهي سامان ملن ها ڇا؟“ ماسيءَ بي ساخته چيو.
”ته پوءِ باقي... هڪ ته هن مدد ڪئي، ٻيو اسان پيا کيس لقب ڏيون“ نصيبان جو مُنهن سڄي ويو.
”لقبَ ڪونه ٿا ڏيون امان“ ماسي به چڙي پئي ”مائي سندس عقل تي پئي ڳالهايم... وٺي ٽڪو به نه ٿو ته جيئندو ڪيئن!“
”ته مري ويو آ ڇا؟“
سندن بحث تي مون کي کِل اچي وئي.
”ماسي، اجايون پيون وڙهو... نه ٿو وٺي، ته هلي ڪُجهه ٻيو ڏئي اينداسين...“
”ڇا؟“ هُن حيرت سان ڏٺو.
”ڪو تحفو...“ مون ٻنهين ڏي نهاريو ”ڪا سوکڙي... اسين به سوڀارا ٿينداسين... احسان به لهي پوندو.“
”هُو وٺندو؟“ نصيبان نهاريو.
”ڇو نه وٺندو..“ ماسيءَ ڏٺس.
”نه ڪو... مون کي نه ٿو لڳي... ماڳهين چڙي نه وڃي... جيڪو فيس نه ٿو وٺي... سو تحفو ڇا وٺندو هوندو؟“
الاءِ ڇو ماٺ ٿي ويا هُئاسين.
”باقي ڪيائين سو منٽ... جهڙو جادو ڪيائين شمع تي.. ڪيئن ڪڍرائي ويس...“
”هاڻي اهو ڪم آهي هن جو ماسي“ مون ڳالهايو ”نفسياتي ماهر آهي ته اهو سڀ ته ايندو هوندس نه ڪرڻ.“
”ائي مائي چوين ته ٺيڪ ٿي... پر ائين منٽن ۾ ڪرڻ.. واهه واهه... ڀانئيان ٿي ڏهه منٽَ به ته ڪونه ترسيو پاڻ وٽ...“
”ها... ڏهه منٽن ئي لڳس...“ هاڻي نصيبان ماءُ جو وارو وٺايو ”مٿان وري ماسيءَ کي ڪُجهه چيائين به ڪونه... هوءَ پئي هاڻي اندر کونگهرا هڻي“
”اهو ته خير ننڊ جي دوا جي ڪري آ..“ مون چيو.
”ائين... هڪدم...“ نصيبان حيران ٿي ”زيبُل.... ڪنهن جو ڪِيو ڪِيتو نه وڃانءِ... اها ئي ماسي جهڙو ننڊ ۾ پئي جاڳندي آهي... هاڻي ڪيئن الوٽ لڳي پئي آهي... ٿورو فرق ته ڏسو نه...“
”اهڙو ڇا ڪري ويو آ ڊاڪٽر؟“
”اهو ئي ته مان چوان ٿي نه...“ ماسيءَ چيو، ”جادوگر آ جادوگر...“
”اسين ڀلا ڇو پيا هن جي ساراهه جا ڍُڪَ ڀريون...“ مون کي الاءِ ڇا ٿي ويو هو، ”هلو ڀلا جي مريض بهتر ٿيو ته اهو ته سندس ڪم آهي...“
”مفت ۾... هان.... مفت ۾..“ نصيبان پُڇيو.
”نه ته اسان چيوٿس ڇا ته پئسا نه وٺي؟ ماسيءَ ته ڏنس پئي...“
”مُنهنجي ڳالهه ٻُڌو“ ماسيءَ اسان ٻنهي کي ٽوڪيو. ”مُنهنجي خيال ۾ ته هن کان ئي علاج ڪرايون...“ هُن اسان ٻنهين ڏي نهاريو ”هن کي سمجهه ۾ اچي ٿو معاملو“.
”هاڻي، ڪُجهه منٽن ۾ ائين معاملو سمجهه ۾ اچڻ ڪُجهه عجيب آ ماسي“ مون کي ضد هو، الاءِ ڇو هو... ”ڀلي سڀاڻي ڏسونس... امان کي آرام سان ڏسي.. ڇا ٿو چوي... پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.“
”تڪڙ ته مان به نه پئي ڪيان امڙ“ ماسيءَ وراڻيو، ”ادو اڪبر به اچي... يا گهٽ ۾ گهٽ هن سان فون تي ڳالهه ڪجي... ڏسون هُو ڇا ٿو چوي... پوءِ ٿا ڪو فيصلو ڪيون... باقي هاڻي تون به اک پٽيل رکجانءِ.... هُن وري ڪُجهه اهڙو خطرناڪ ڪري ورتو نه.... ته جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندي.“
”مُنهنجي اک توکي پٽيل نٿي لڳي ڇا ماسي؟“ مون هڪدم چئي ڏنو. ماسي مون ڏانهن نهاريندي رهي.
”مُنهنجو مطلب اهو هو ڇا امان؟“
”نه پر مون کي ته ائين لڳو“ مون چيو.
”تون ڪُجهه رُکي ناهين ٿي وئي زيبُل؟“ ماسيءَ پُڇيو سندس لهجي ۾ ڏُک هو. مون کي ڏاڍي تڪليف ٿي. ڇا ٿيو هو مون کي جو مان ائين پئي ڳالهايان! ڊاڪٽر جي اچڻ سان مون تي اهو ڪهڙو اثر ٿيو هو جو مون کي پنهنجي ڪيفيت پاڻ سمجهه ۾ نه پئي آئي.
اهو ائين هو ڇا جو هُن مُنهنجو آواز نه سُڃاتو هو ۽ مون کي بيعزتيءَ جو احساس ٿيو هو يا مٿان وري هُن هڪدم اچڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پوءِ ماسيءَ جي اگري لهجي تي ها ڪئي هُئائين. ڇا مون کي اهو سڀ ڪُجهه خراب لڳو هو؟ ڇا مُنهنجو لهجو واقعي خراب ٿي ويو هو. مون پاڻ سنڀاليو، شرمساريءَ وچان ماسي حنيفان جا هٿ جهليم.
”ماسي... ڇا چوان مان؟ شايد امان جي حال مون کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي. مان ڀلا توهان سان اُگرو ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهان؟“
ماسي ڄڻ هڪدم ٺري وئي هُن مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
”نه ڙي امڙ... مُنهنجو اهو مطلب نه هو... الاءِ ڇو تون رُکي لڳينءَ ته مون چئي ڇڏيو.“
سندس ڀاڪر ۾ مُنهنجي آلين اکين سان مُنهنجو لهجو به آلو هو.
”ماسي مون کي لڳي ٿو، مان به چري ٿي ويندس.“
***
ابي جي فون نه آئي هُئي. انتظار هو جيڪو، ڄڻ ڇڪي ۾ ٽنگيل هو.
اهو ئي رات جو وڳڙو هو... ماسي ۽ نصيبان وڃي چڪيون هيون. اهو ئي اڱڻ، رات، اڌيڪو چنڊ، هوا ۽ مان هُئس. ڏاڍو روئڻ پئي آيو. حياتي ايڏي بيوس ٿي ويندي، اها ڪڏهن سوچ ئي نه آئي هُئي. ويٺي ويٺي ڇا ٿي ويو هو. ويٺي ويٺي ڇا ٿي ويندو آهي؟ سامهون واري شئي نظر نه ايندي آهي ۽ جيڪو سامهون نه هوندو آهي اهو ڄڻ هانءَ تي مڱ پيو ڏريندو آهي.
ڪيڏي نه سولائيءَ سان، امان جي ڪيل ڊرامي جو ڊراپ سين ٿي ويو هو. هن ڊرامو نه ڪيو هو پر صورتحال بهرحال ڊرامي جهڙي هُئي. ڪُجهه به ٿي سگهيو پئي، سڄو گهر ڳوليوهيوسين ۽ جبل کوٽڻ کان پوءِ ڪُوئو نڪتو هو. ڊاڪٽر هيتري دير جو مسئلو ٻن کان ٽن منٽن جي ڳالهين ۾ حل ڪري ويو هو.
هي ڳالهيون به ڪيڏيون نه عجيب هونديون آهن. ڳالهائڻ به ڪيڏو نه ڪمال هوندو آهي. ڪي ڪي ماڻهو سڄي ڄمار پيا ڳالهائيندا آهن ۽ هنن جي هڪڙي به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. ڪن جي صرف نڪ مان نڪتل ’هُون‘ ياد رهجي ويندي آهي. اهو به ياد رهندو آهي ته اهو اقرار هو يا انڪار هو.
دل ڦاٽي پئي... سڀ ڪُجهه ياد پئي آيو. ڀاءُ، اسڪول، نڀاڳو لالڻ، سندس حرڪتون، ميلو، جائُوءَ جي آخري اڇاتري نگاهه... مٿان امڙ جو چريو ٿيڻ... سامان لڪائڻ... لاتعلقي... ٻارن جو درد... بس... ڇا هُئو جيڪو ياد نه پئي آيو..! اڪيلائپ وڌي وئي هُئي. دل چوي پئي...رڙيون ڪيان.. سَڏَ ڪيان... سڀني کي ٻُڌايان... مان چري پئي ٿي ٿيانوَ... مُنهنجو ڪُجهه ڪيو... ڪو درمان ڪيو خدارا... هي درد هاڻي برداشت نه ٿو ٿئي.
دل چوي، گهٽيءَ ۾ نڪري وڃان... نصيبان کي فون ڪيان!... ڊوڙي سندس گهر وڃي کيس وٺي اچان يا اتي ئي ماسي حنيفان جي ڀاڪر ۾ غش ٿي ڪري پوان...
مون ڳوڙها روڪڻ نه پئي گهريا... اهي هلندا رهيا، سُڏڪا وڌي رهيا هُئا... مان ڄڻ پنهنجي آپي ۾ نه هُئس... الاءِ ڇا هلي رهيو هو اندر ۾ جو مون آواز ٻُڌو.
”آپي... پاڻي...“
شعور ڏي موٽيس ته ڏٺم... رضا هئو... هٿن ۾ پاڻي گلاس هُئس... هن الاءِ ڪيتري دير کان مون کي ڏٺو پئي روئندي... چپ چپ ڪري پاڻي ڀري آيو هو. مُنهنجو درد شديد ٿي ويو. ٻڏندڙ کي ڄڻ ڪک جو ڪو سهارو ملي ويو هُجي.. مون ڇڪي کيس سيني سان لاتو... هُو به مون کي چنبڙي پيو.
”ادا ياد ٿو اچي نه آپي؟“
هُو به روئي پيو... اسان ٻنهين هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ جڪڙي ڇڏيو... مون وٽ ڪوبه جواب نه هو... مُنهنجو ڪنڌ هاڪار ۽ نهڪار ٻنهين ۾ بس لڏي رهيو هو.
”اچي ويندو..“ هُن مون کي وڌيڪ چنبڙندي چيو، ”الله ڪندو ضرور اچي ويندو... تون ايڏو ڏُک نه ڪر...“
هي ننڍڙي ٻارَ جا جملا هُئا.. دلداري هُئي. اسين سڀ ڪيڏو تيزيءَ سان وڏا ٿي رهيا هُئاسين. مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”انشاءَ الله“.
”پاڻي پيءُ نه“ هن گلاس وري کنيو، جيڪي مون کي ڀاڪر پائڻ مهلَ هن کٽَ تي رکيو هو.
مون کائنس گلاس ورتو ۽ اهو سڄو هڪ ئي ڳيت ۾ خالي ٿي ويو، الاءِ ڪيتري اڃ کڻي مان هلندي رهي آهيان! ڪنهن پنهنجي پاران، الاءِ ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪُجهه مليو هو.
اڪيلائپ وري مون کي ڇتو ڪري وڌو هو... سڏڪا بيٺا ئي نه پئي... هُو مون کي پرچائيندو رهيو... ”بس آپي... بس... روئڻ بس ڪر نه...“
الاءِ ڪيتري دير کان پوءِ اهو طوفان بيٺو هو. ننڍڙي ٻار جو سهارو الاءِ ڪيڏو وڏو هو. دل کي قرار اچڻ لڳو هو. پنهنجائپ به رب جي ڪيڏي نه وڏي نعمت آهي. اڪيلي ته بس سندس ئي ذات ٺهي ٿي.
”ادا کي کڻي ويا آهن دشمن آپي...“ هن ڄڻ مون کي سمجهايو پئي.
”ڪهڙا دشمنَ؟“ مون ڏانهس نهاريو.
”اسان جا دشمن... اسان جي گهرَ جا دشمن..“
”اهي ڪير آهن؟...تون سڃاڻين؟“ مون کي الاءِ ڇو ڳالهائڻ جو جنون پئي ٿيو.
”سڃاڻان ته ماريانِ نه...“ هن جو لهجو گرم ٿي ويو... مو نکي اهو اُگرو لڳو.
”ائين ناهي چئبو رضا... ايڏي وڏي ڳالهه ناهي ڪبي..“
”۽ هنن جو ايڏي وڏي ڳالهه ڪئي؟... اسان جو ادا کڻي ويا آهن!..“
”ائين نه سوچبو آ... ٿي سگهي ٿو هُو پاڻ ويو هُجي...!“
”پاڻ ائين ئي هليو ويو!... سامان به ڪونه کنيائين..“
هي ننڍڙي ٻار جو دماغ هو... هن کي ڪنهن اهو سيکاريو هو، اسڪول ۾ هُو هِن حادثي کان پوءِ ڪو گهڻو عرصو ڪونه ويو هو... امان ٺيڪ نه هُئي ته هنن سان ڳالهائيندي به ڪونه هُئي... نصيبان، مان ۽ ماسي حنيفان اهڙو ڪو ذڪر ڪونه ڪندا هُئاسين... پوءِ هِن اُهو سڀ ڪٿان پئي آندو!
”توکي ڪنهن ٻُڌايو آ اهو؟“ پُڇي ورتم.
هُن وڏن جيان، کٽ جي واڻ کي کوٽيندي چيو، ”مان سوچي نٿو سگهان ڇا؟“
حيرت انگيز رات هُئي. حيرتن جا دسترخوان ته اسان جي گهر ۾ الاءِ ڪڏهن کان وڇائجي ويا هُئا، جن تي ڀانت ڀانت جو کاڌو رکيل هو. رڳو ڍڪڻ لاهڻ جي دير هُئي. اڄ هُن جو ڍاڪُون کُليو هو.
”ابي سان ڪاوڙ آهي چاچي قيوم وارن جي... سڀ چون ٿا... اُن ادا کي غائب ڪيو آهي... الاءِ ڪيڏانهن کڻي ويو آهي.“
هُن کي چاچا قيوم جي خبر هُئي... معنيٰ کيس لالڻ ۽ مُنهنجي رشتي جي ڳالهه جي به خبر هوندي! هي ڇا ڇا ڄاڻي ٿو!... ٻار آهي يا هچا آهي!
”ابي سان چاچي قيوم جي ڇا تي ڪاوڙ آهي؟“
هُو چُپ ٿي ويو... مون کيس چتاءِ پئي ڏٺو.
”ڪاوڙيا ڇا تي آهن توکي خبر آهي؟“ مون وري پُڇيو مانس. ڪُجهه گهڙيون خاموش رهڻ کان پوءِ، ڪنڌ جهڪائيندي هون چئي ڏنو ”تو لالڻ سان شادي نه ڪئي نه... اُن تي ڪاوڙيا هِن.“
هُن ڄڻ ڌماڪو ڪري ڇڏيو هو. مان سڄي سراپجي وئي هُئس. هِنن ٻارن کي به سڀ خبر هُئي ۽ مون سمجهيو پئي ته اُهي ڪُجهه به نٿا ڄاڻن! اها مُنهنجي لاعلمي هُئي يا هُنن جي ذهانت؟! مان سادي هُئس الاءِ هُو هوشيار هُئا. ڀاءُ ننڍو هو مون کان... پِشٽُو هو... ڳالهيون ايڏيون وڏيون پيو ڪري.
”اهو سٺو ڪيوَ جو هُن سان شادي نه ڪيوَ... ڪِنو آ صفا.“
”ڪير؟“ مان ڇرڪي پيس.
”اهو لالڻ“
”ڪنو ناهي چئبو رضا...“
”نه ته ڪِنين کي سُٺو چئبو ڇا؟“ هُن اکيون مچڪايون... ”سڄو اسڪول کيس غنڊو سڏيندو آ...فلمي اسٽائل ۾ پيو سُوٽا هڻندو آ... دبنگ سڏيندو آ پاڻ کي... هان... دبنگ“ هُن نفرت وچان اُچاريو... ”مان هڪ ڏينهن هُن کي ماريندس آپي...“ مون کيس ڀاڪر ۾ ڀريو. ”چريو آهين ڇا؟... ائين نه سوچبو آ“
”ته ڇا سوچبو آ! هُن جي ڪري اسان جي گهر تي هي مصيبتون ٽُٽيون آهن“
هُو پڪو پختو هو. ڳالهه اڃا الاءِ ڪٿي وڃي ها جو فون ڀُڻڪڻ شروع ڪيو هو. ابي جي ڪال اچي وئي هُئي.
فون وهاڻي جي ڀرسان رکيل هُئي، سائلينٽ هُئي ۽ وائبريشن تي هُئي. رضا کنئي ۽ مون ڏي وڌايائين. مون کان فون آن ڪندي واتان نڪري ويو، ”ابو آ رضا...“
پريان بابا جو آواز آيو، ”اسلام عليڪم امان“
”و عليڪم سلام بابا“
”ڪير پيو جاڳي توسان؟“
”رضا آهي بابا“
”ڇو؟... هِن مهل تائين جاڳي پيو؟“
”ننڊ ڦٽي وئي اٿس شايد“
”فون ڏينس“
مون فون رضا ڏي وڌائي، ”ابو تو سان ڳالهائيندو“
هُن فون ورتي، ”اسلام عليڪم ابا“
پريان ابو ڪُجهه ڳالهائيندو رهيو مون ته رڳو رضا جا جواب پئي ٻُڌا.
”بس اڄ ننڊ ڦِٽي وئي ائين ئي“
”جي... سڀاڻي کان اسڪول وينداسين“
”نه نه...سور ناهي... بلڪل ناهي.“
”وڃون ته خبر پئي“
”ها... وڃي سمهان ٿو“ آخري جملو چئي، هُن فون به مون ڏي وڌائي. مان سمجهي ويس، ابو کيس سمهڻ لاءِ چوندو هوندو. هُو چپ چاپ اُٿي ويو هو. فون مان ابي جو آواز آيو پئي.
”هِنن جو خيال رک زيبُل... ٻارن جو ايتري دير جاڳڻ چڱو ناهي هوندو.“
”جاڳندا ناهن بابا... اڄ الاءِ ڇو اُٿي آيو هو.“
”تون ڪٿي آهين؟“
”اڱڻ ۾“
”هُو سڀ اندر آهن؟“
”جي“
”ماڻهين ڪيئن آهي؟“
”ٺيڪ ناهي ابا... مزو نه ٿس طبيعت ۾...“
”مان جلدي موٽڻو آن... جي دير ڪيم ته ٻُڌائيندو مانءِ... پوءِ شهر ڏيکاري اچجانئنس... ادي حنيفان وارن سان.“
”جي ابا“
”اتي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ٿئيس؟“
”جي ها... اهو به چئي پيو ته شهر ڏيکاري اچوس“
”ٺيڪ آهي... اهو ڊاڪٽر ڪيترو چڱو آ؟“
”مُناسب آهي“
”ته بس في الحال ان کي ڏيکار... دوائون شهر واري جون هلاءِ... مان سڀان تائين توکي واپسيءَ جو ٻُڌائيندم... پوءِ فيصلو ڪنداسين ته شهر وڃڻو آ يا نه.“
”جي بابا“
”شيون ڪيئن آهن؟“
”ٺيڪ آهن... ٻيو سڀ ٺيڪ آهي“
”ٻارن جا زخم بلڪل ٺيڪ ٿي ويا هِن؟“
”جي“
”تون ڪيئن آهين؟“
الاءِ ڇا هو هِن جملي ۾... سڀ ڪُجهه پِگِهِرجي ويو. ميڻ جيان رجي پيس، آواز تي قابو نه رهيو، جهڙي اوڇنگار نڪري وئي
”ٺيڪ آهيان بابا... مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
اوٻر چڱي طرح نه نڪتو هو... رضا جي ڀاڪر ڪُجهه ڪڍيو هو، ابي جي آواز ٻيو ڇِڪي ورتو هو. ابو پريشان ٿي ويو هو.
”امان... زيبُل... ڇا ٿيو آهي؟“
”ڪُجهه نه ٿيو آهي بابا... الا... سچي... بس ائين ئي دل ڀرجي آئي.“ مون پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو.
”سچي ڳالهه ڪر ڇا ٿيو آهي؟“ هو بيحد فڪرمند هو.
”ڪُجهه ناهي ٿيو... سچي“
”پوءِ ائين ڪيئن ڀُري پئينءَ؟“
”الاءِ ڪيئن بابا“ ڳوڙها ڳلن تان ڪري رهيا هُئا. آواز تي ضابطو ٿي چُڪو هو.
”ادي حنيفان وارا تُنهنجو خيال نٿا رکن ڇا؟“
الاءِ ڪيئن مُنهنجي واتان نڪري ويو ”اُهي توهان آهيو ڇا بابا؟“
پريان ماٺ ٿي وئي هُئي. مون کي جملي جي سنگينيءَ جو احساس ٿي ويو هو.
”آءِ ايم سوري بابا...آءِ ايم ريئلي ويري سوري“
”نه نه... اِٽس اوڪي... تون ٺيڪ ٿي چوين... مون کي توکي ايترو اڪيلو نه ڪرڻ گهرجي ها.“
”نه نه...سڀ ٺيڪ آهي بابا... بس مون ائين ئي چيو.“
”مان سڀاڻي ٿو اچان...هِن ڪم کي اتي ئي روڪي ٿو اچان“
”نه نه... پليز... ائين نه ڪجو بابا... مُنهنجو اهو مقصد نه هو... توهان جائُوءَ کي هٿ ڪري اچو... پليز ائين گهر نه اچو.“
”ائين اچڻ ئي ته نٿو گهران امڙ... بنا هُن جي... پر توکي ايتري تڪليف ڏيڻ به مون کي ٺهي ٿي ڇا؟“
”ڪا تڪليف ناهي مون کي هتي... سڀ ٺيڪ آهي... الا“
”پوءِ تُنهنجو هي حال...“ مون سندس ڳالهه ڪٽي.
”بس اڄ الاءِ ائين ڇو ٿي آهيان بابا... پر يقين ڪريو هاڻي ائين ڪڏهن نه ٿينديس. “
ڪُجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ هُن ڳالهايو هو. ”پُٽ پُٽ هوندا آهن زيبُل ۽ ڌيئر ڌيئر... پر ائين ٿيندو ٿئي ته الاءِ ڪيترن ماڻهن جا پُٽ ڌيئرن جهڙا ۽ ڌيئرون پُٽن جهڙيون هونديون آهن... مون کي تون ڪڏهن به ڌيءَ ناهين لڳي... شايد ان ڪري مون توتي بار گهڻو وجهي ڇڏيو آهي.“
”ڪو بار ناهي بابا... مان وڏي آهيان، اهو سڀ مون کي ئي ڪرڻو آهي“
”ڏس... مون کي سهي ٻُڌاءِ... جي ضرورت آهي ته مان هليو اچان...“
”بلڪل نه... ضرورت جائُوءَ کي گهر آڻڻ جي آ بابا... ۽ اهو ڪم مون کي خبر آهي ته توهان ڪري سگهو ٿا... پويان جي ڳڻتي نه ڪجو... مان سنڀالي ويٺي آهيان.“
”ها پر... ائين نه ٿيڻ گهرجي... تُنهنجي همٿ ٽُٽڻ نه گهرجي...“
”نه ٽُٽندي... انشاءَ الله“
”تون مون سان ۽ مان توسان گڏ آهيون زيب النساء“ ابي جو ڪمپوزڊ آواز اُڀريو. ”ڏُک جي هِنن گهڙين ۾، ماڻهين ذهن وڃائي ويٺي آهي... قاصد مون ساڻ مٿو هڻي پيو ٿو... ۽ پويان تون آهين جنهن تي مان سڄو جهان ڇڏي آيو آهيان... ادي حنيفان ۽ نصيبان جا لک ٿورا، پر بهرحال تُنهنجي ماءُ تُنهنجي ذميواري آ... اهو تون ڪڏهن نه وسارجان... مان توکي ڄاڻان ٿو... مُنهنجو روح آهين تون امان... تو ۾ دم آ... تون مُنهنجو اولاد آهين... مُڙس ماڻهو ٿجانءِ... هي وقت به ڪاٽي اينداسين“
”انشاءَ الله ابا...“ مون ڳِل اُگهيا. ”جاويد جي ڪا خبر پئي آهي؟“
”ڪٿي ويجهو وڃي پڳا آهيون... بس تون دُعا ڪر نياڻي آهيان... نياڻين جون دُعائون ڌڻيءَ در ويجهو هونديون آهن... تون دُعا ڪندي رههَ... مون کي پَڪَ آهي ته هُو ملي ويندو...“
”مان دُعا ڇو نه ڪنديس بابا... مُنهنجو ڀاءُ ناهي ڇا؟“ الاءِ ڇا چوڻو هُئم، الاءِ ڇا پئي چيم. سندس آواز جو درد به ڪمال جو هو.
”هِن مهل رضا جو جاڳڻ، ڪا چڱي ڳالهه ناهي زيبُل.“
”اڄ جاڳيو آ بابا... هونئن سُتل هوندو آ.“
”اهو توکي لڳندو هوندو زيبا...“ ابي ٿڌو ساهه کنيو.
”ٿي سگهي ٿو هُو جاڳندو هُجي ۽ تو سامهون اهو سڀ ظاهر نه ڪندو هُجي.“
”ٻار آهي بابا...“ مُنهنجو آواز الاءِ ڪٿان پئي آيو، مون کي پاڻ کي ڏاڍو پرانهون لڳي رهيو هو ”ايڏي سوچ هوندس؟“
ابو ڄڻ هلڪو کِليو هُجي، ”تو ڪڏهن طوفان کان پوءِ سٽيل شين کي غور سان ڏٺو آهي زيبا!؟ اُن ۾ سڀ شيون شامل هونديون آهن. جِتي وڏا وڏا وڻ متاثر ٿيندا آهن، اُتي ئي ننڍا ننڍا سلا، گند گاهه، ڪاغذ، ٿيلهيون ڇا ڇا نه متاثر ٿيندو آ!؟... اسان جي گهر تي طوفان آيو هو... توکي ڇا ٿو لڳي؟ رڳو وڻن جا ڏار ڀڳا آهن؟... هان.... رڳو ماڻهين چري ٿي آ، يا مان ڳولا جي جهان ۾ غرق ٿيو آهيان؟ يا وري رڳو توکي ڌڏڪو آيو آ!... سڀ لُڏي ويا آهيون امان... سڀ... ٻار... جي ٻار آهن ته ڇا ٿيو؟... آهن ته ساسي نه... دماغ ٿن، سوچ ٿن... سمجهن سڀ ڪُجهه ٿا“
مُنهنجي پاسي ماٺ هُئي. طبقَ روشن ٿي رهيا هُئا.
”تون ٻُڌي پئي زيبُل؟“ بابا پُڇيو... مان ڇِرڪي ويس.
”جي بابا... جي بابا... ٻُڌان پئي“
سندس آواز ۾ هلڪي مُرڪ اچي وئي، ”اجايو تُنهنجو مٿو کاڌم... ايڏي سمجهُو آهين... توکي هي ڇا ويٺو سمجهايان؟“
”ايڏي سمجهُو ناهيان مان بابا...“ مان اُڀامي پيس. ”ايڏي ناهيان جيتري لڳان ٿي... مون کي ٻُڌائيندا ڪيو... الا... جيڪا ڳالهه توهان ڪيو پيا، اُن جي ته مُنهنجي فرشتن کي به خبر ناهي.“
”تُنهنجو ڌيان نه ويو هوندو... ٻي ڪا ڳالهه ناهي امان...“ سندس آواز ۾ شفقت موٽي آئي... ”پر مون کي پڪ آهي ته هاڻي ڌيان ويندو... پنهنجو خيال رکجانءِ... ۽ ماڻهين جو احوال سڀاڻي ڏجانءِ.“
”جي بابا“
”الله واهي“
”الله واهي بابا“
فون بند ٿيو ته مُنهنجي اندر جي زيبُل مون تي کِلڻ لڳي ’هل مائي... عقُل جي اڪابر ته ڏسو... پاڻ کي سمجهي ڇا پئي! سمجهه ۾ ننڍو ڀاءُ نٿو اچيس، ماءُ جي چريائپ نٿي اچيس... حالتن جو ڄار نٿو اچيس ۽ هلي آهي عاقل بڻجڻ!؟... واهه مائي واهه‘
اهي ٽهڪَ وڌڻ لڳا هُئا. مون ڪنن ۾ آڱريون وڌيون... اُٿيس ۽ ڊوڙندي اندر آيس... اُتي سڀ سُتل هُئا. رضا جي ويجهو آيس... هُو اکيون بند ڪيل هُو. هلڪو سڏ ڪيو مانس، ”رضا“
هُن ڪابه ورندي نه ڏني... گهري ننڊ سُتل هو.
مُنهنجي دل چيو، هُو ستل ناهي... مُنهنجي شعور کي سُتل سمجهي رهيو هو. مان ماٺ ڪري ٻاهر اچي وئي هُئس.
***
پنهنجو پاڻ تي بي اعتباري وڌي وئي هُئي.
گهر کي تالو لڳائڻو پيو هو. نصيبان ۽ ٻار اسڪول هُئا. ماسي حنيفان کي گهر تي عيد جا ڪپڙا، مالڪن کي ڏيڻا هُئا. امان جو ڏيکارڻ ضروري هو... مان کيس اسپتال، ڊاڪٽر وٽ وٺي آئي هُئس. اسپتال ۾ اها ئي رش هُئي...هن مريضن کي ڌيان ڏنو پئي. پرچي ڪٽرائي ويٺاسين.. هن پريان، در کُلڻَ تي ڏٺو ته اسين ويٺا آهيون.. شناسائيءَ جي لهر سندس چهري تي اُڀري، مان امان کي ائين ئي وٺي، ويٺي رهيس.
وارو آيو ته اسين اندر گهڙياسين.
”اسلام عليڪم امان...“ هن زور سان امان کي سلام ڪيو.
امان کيس ڪا لفٽ ئي نه ڪرائي، مون ڏانهن بيزاريءَ مان ڏسندي پڇيائين. ”ڪٿي ويهان؟“
”اسلام عليڪم“ مون کيس سلام ڪيو.
”وعليڪم سلام“ هن جواب مون کي ڏنو پر سندس سڄو ڌيان امان تي هو. ”اچو هتي ويهو“
هن اسٽول ڏانهن اشارو ڪيو... امان ڪرسيءَ طرف هلي وئي ”مان ته هتي ٿي ويهان..“
هلڪي مُرڪ، ڊاڪٽر جي چپن تي آئي.
”ٺيڪ آهي... اوهان اتي ئي ويهو...“ هن مون ڏانهن نهاريو ”رات ڪيئن گذري؟“
”آرام ۾ هُئي.. توهان ويو ته پوءِ سمهي رهي هُئي..“
”مون کان ٿو پڇين يا هُن کان؟“ امان وچ ۾ ڳالهايو.
”ٻنهين کان؟“
”ٻنهين کان ڇو؟“
”ڇاڪاڻ ته ٻنهين جي رات گذري هوندي نه...“ هُو وري مُرڪيو.
”مُنهنجو هن سان ڇا؟“
”ڇو؟...“ هُن مون ڏانهن ڏسي وري امان ڏي ڏٺو ”هي توهان جي ڪُجهه نه ٿئي؟“
”ڇا ٿئي مُنهنجي؟“ امان مون کي ڏٺو.
”ڏسوس.. غور سان ڏسوس...“
”ڇو ڏسانس؟“ امان کُنڊي ٿي وئي ”تون مون کي حڪم ڇو پيو ڏئين... تون آهين ڪير حڪم ڏيڻ وارو؟“
ڊاڪٽر سندس ويجهو وڃي ويٺو... امان پرڀري ٿي پر اٿي ڪونه.
”مان اوهان جو ڊاڪٽر آهيان جو“
”ڇا ٿيو آ مون کي... ڏَٽي مُٽي آهيان“
”ڪالهه توهان کي مٿي ۾ سور ڪونه ٿيو هو... اڌ مٿي ۾... ته مان ڏسڻ آيو هُئس نه...“
”ڪٿي!“
”توهانجي گهر...“
”مُنهنجي گهر؟... اتي ڇو؟“
هن جا سوال وڌيا پئي... ڊاڪٽر مون ڏي نهاريو
”رات ڇرڪَ ته ڪونه هُئن؟“
امان بُل ڏنو.
”ڇرڪ... ڇرڪَ ته ايڏا جو بس ڪانهي... ائي مُنهنجي ڳالهه ته ٻُڌ... ڇرڪن ۾ ته مُنهنجو ڪو جواب نه ٿئي“ هن ڊاڪٽر جي ٻانهن جهلي... ”سڄي رات پئي ڇرڪيس... ڇرڪ ڇرڪان... ڇرڪ ڇرڪان..“
ڊاڪٽر، کيس محبت سان ڏٺو ۽ چيائين ”توهان ويهو...مان اچان ٿو...“
ٻاهر نڪري، هن مون کي اشارو ڪيو... مان ٻاهر نڪري آيس... امان ائين ئي اُتي ويٺي رهي.
سندس سوال يا ته شروع ٿين پيا... يا ختم ٿي پيا وڃن.. الاءِ ڇا هُئو کيس، جو ڊاڪٽر جو مُنهن سنجيده ٿي ويو هو.
”هُنن کي دؤرن جي حالت آهي... ان ۾ مون کي لڳي ٿو ته سئي هُڻڻي پوندي.“
”ڪهڙي؟“
”آهي.... آرام ۽ علاج جي... اوهان کي لکي ڏيندس جيڪا هڻندس“
”بيهوش ته ڪونه ٿي وينديون؟“
”گهر تائين نه... گهر وڃي متان ننڊ اچيِن...“
”اتي هلي هڻندؤنِ؟“
”ڪٿي؟“
”گهر؟...“
”ڪنفرم نه ٿو چئي سگهان... ڏسان...“
امان جي حالت مزي جي نه هُئي. اها ته هُن کي به خبر هُئي ۽ مون کي به پر الاءِ ڇو گفتگوءَ جو اهو ڇيڙو هٿ اچي ئي نه رهيو هو.
هُن مون ڏانهن نهاريو ”شهر جي ڊاڪٽر ۾ ڪيترو ويساهه اٿوَ؟“
ويساهه ڪيترو هوندو آهي، اها ئي ته خبر ناهي پوندي. ويساهه جو وزن، نه توري سگهبو آ نه کڻي، اهو چئي ڪونه ٿو سگهجي ته ڪنهن تي ويساهه اڌ پاءُ آهي ڪنهن تي ڏيڍ ڪلو... جي هوندو آهي ته هوندو آهي نه ته نه هُجي ته سڀ سوال بيڪار ٿي ويندا آهن.
”امان کي ابو ڏيکاري آيو هو...مون کي ڊاڪٽر جي گهڻي خبر ڪانهي.“
”ڊاڪٽر به ويساهه جو هڪ نشان هوندو آهي ميڊم... مريض اعتبار ڪري ته مرض خود به خود هيٺ لهڻ شروع ٿي ويندو آهي. چوندا ناهن ته ڊاڪٽر جي رڳو مُرڪ، مريض جي اڌ بيماريءَ جو علاج هوندي آهي. توهان کان ان ڪري پُڇيم جو سوچيم متان مسيحا ڪو اهڙو هُجي جو اندر جو اعتبار وري ويو هُجي.“
”اعتبار هُجي يا نه هُجي... ڪجي ڇا؟“
”هِنن جو علاج نه ڪي سولو آهي نه ڏُکيو... ڪيڏي ڪيڏي مهل دل چوندي آهي ته چئجي ته جنهن مهل توهان جو ڀاءُ سامهون آيو ته سڀئي مرض روانا ٿي ويندا. پر اهو به خدشو رهي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته ائين نه ٿئي... ٿي سگهي ته هُوءَ کيس به سُڃاڻڻ کان انڪار ڪري... جي سُڃاڻي وڃي ٿي ته علاج بيحد سولو آهي پر جي کيس سُڃاڻڻ کان انڪاري هُجي ته پَڪَ سمجهجهي ته هاڻي معاملو دوائن کان به شايد مشڪل نبري.“
سندس چهري تي بيحد سنجيدگي هُئي. ڳالهائڻ مڌم هُئس پر ڳالهه جو لهجو قداور هو. مون کي لڳو کيس سمجهائڻ جو هُنر ايندو آهي.
اڃان ڳالهه هلي رهي هُئي.. سامهون بينچ تي ڏند ڪڍندي لالڻ اسان ٻنهين کي پاڻ ۾ ڳالهائيندو ڏسي رهيو هو.
***