2
***
ماني کائيندي، اسين ٻئي ماٺ هُئاسين. عُمريون ننڍيون هيون، هئاسين ڄڻ عورتون، ڪُراڙيون... وڏي ڄمار واريون. هُن کي به وقت گهڻو ڪُجهه سيکاريو هو، مون وٽ به الاءِ ڪيترو خيالن جو هجوم ڪٺو رهندو هو. تڏهن ته هڪ ٻئي سان اسان جي گهڻي لڳندي هئي. الاءِ ڪيتريون ڳالهيون هڪ ٻئي سان نه به ڪندا هئاسون ته به جهڙيون ڪيَل لڳنديون هيون. دل کي دل سان راهه هُئي. اڄ اُن راهه تي ڪو ٽيڪم هليو هو... الاءِ درد جي فون جي تار پئي وڇايائون الاءِ خوف جو سَيورَيج لڳڻو هو.
گراهه کي هٿ ۾ جهلي هُن چيو ”ڇوڪريءَ جو رشتو اچي نه زيبُل ته سندس مُک تي هڪ تهه چڙهي ويندو ٿئي. لڳندو ٿس ته ڪير هٿ ڇڪڻ جي ڪري پيو... ساروپا مٽجي ويندا ٿس، جڏهن تعلق جُڙي ته رنگ گهرو ٿي ويندو آهي جيئن پاڻ گاري جو ليپ ڪندا آهيون... پر جي نه جُڙي ته رنگ ته ناهي جُڙندو، ۽ ماڻهو ڦٽل به ناهي هوندو... پر الائي ڇا ٿي ويندو آهي... بس... ڇڏينس“
هُن بيزاريءَ سان گراهه کنيو ۽ جلدي جلدي چٻاڙڻ لڳي.
”هن عمر ۾ تون اهڙيون ڳالهيون ڪٿان سکي آهين نصيبان؟!
مون کان رهيو نه ٿيو، پُڇيو مانس ته سندس اکيون ڀرجي آيون. ”پنهنجي ڀيڻن کان ٻيو ڪنهن کان؟ ادي شميءَ جو حال ڪونه ڏٺو هُيئي! جڏهن ٻه رشتا انڪار ڪري ويا هئا ۽ پوءِ خُدا خُدا ڪري سندس شاديءَ ٿي هئي... مٿان وري ادي جُلي... زليخان... اُها به ته سامهون پرڻي آ... هونئن ڀلا تون ئي کڻي ٻُڌاءِ... مان ڪو ڪوڙ ٿي هڻان ڇا؟!“
سندس ڳالهه ۾ وزن هو! ڇا انڪار ڪيان ها... تجربو، ڄمار جو محتاج نه هوندو آهي.
ماٺ هلندي رهي، هُن وري گهوريو ”تو سان به اهو ئي ٿيو آهي نه زيبو...“
الاءِ ڪيئن مُنهنجو ڪنڌ اقرار ۾ لڏي ويو ”هونهن...“
”ڪنهن جو رشتو آيو ٿئي؟... نالي جي خبر ٿئي؟...“
مون اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيو ”رشتو آيو هو... نهڪار ٿي وئي آهي....“
”نهڪار ٿي وئي آهي يا ٿيندي...؟“
”ٿيلَ سمجهه... انهيءَ تان ئي ته جهيڙو ٿيو هو...“
”نه ٿيل ٻيل نه چئو... جڏهن ٿي وَڃي تڏهن چئجانءِ...“
”ڇا مطلب...؟“ مون کي پريشاني ٿيڻ لڳي.
”مطلب ته ڪالهه ڳالهه ٿي؟... تو ته انڪار ڪيو چاچا سان... هُن ته اڃان اڳيان انڪار ناهي ڪيو نه...“
”ته ڪري ڇڏيو هوندئين نه اڄ....“ مون ڳالهه ڪٽيمانس“ جڏهن اسان انڪار ڪيُس ته هُو به ڪري ڇڏيندو نه...“
”جيستائين ڪري نه ٿو، اهڙي قسم جي ڪا به بيان بازي تون جاري نه ڪر زيبُل...“ هُن منهنجو هٿ جهليو ”چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ سدائين فرق رهيو آ... الله خير ڪندو... همٿ نه هارجانءِ الله ڪندو ته چاچا انڪار ڪري ئي آيو هوندو... هونئن آهي ڪير..؟“
”لال محمد...“ مون ڳيت ڏني. هوءَ حيران ٿي وئي.
”لال محمد... مطلب اهو لالڻ... پاڻ وارو!... اها آهي چاچي جي چُوائس....“ حيرانيءَ تي حيراني ظاهر ڪندي هُن تريءَ تي ٻئي هٿ جي مُڪَ هنئين ”ڳوٺ وارا سچ چوَن ٿا... اهو تعويذ ڦيڻي وارو ماڻهو آ... پڪ چاچي تي ڪو جادو ڪيو ٿائين...“
*****
اها رات، ستارن ڀريل آسمان هيٺ بس سرگو شيون ئي سرگوشيون هيون. لڳم پئي، هر ڪو پيو ڳالهائي، هر ڪو پيو راءِ ڏئي. گهڙا منجي... دِلا... مٿان رکيل گلاسَ... اڱڻ ۾ وڇايل کٽون... املتاس جو وڻ... ۽ پريان رکيل ننڍيون مَنجيون... ماڻهو سڀ ستل هئا، تنهن ڪري انهن جا آوازَ بند هئا. چنڊ اڀريو ته هُن به سُڙٻاٽ ڪيو.
”وڏي ٿي وئي آهين هاڻي زيب النساء... اَبي کي فڪرات پلئه پئي آ... تون سڀني ۾ وڏي آهين... لازمَن تنهنجو خيال پهرين ايندس. جي ائين سوچي ٿو ته تون ڇو ٿي پريشان ٿئين!... هُو تنهنجو پيءَ آ... تنهنجو ڀلو ئي سوچيندو... تو لاءِ خراب ڪيئن سوچيندو...!...“
الاءِ ڪيترا آواز گڏ وِچڙ ٿي رهيا هئا... بس ائين ٿي ته انهن سان ننڊُ به گڏجي وئي.
***
ڪجهه ڏينهن کان جاويدَ جا اِنڊا مَٽيل هئا. مون کي لڳو پئي ته اسڪول ۾به سندس ڌيان گهڻو نه پيو نظر اچي... وچ ۾ رسيس ۾ ملڻ ايندو هو.... هاڻي، وچ وچ ۾ غائب رهڻ لڳو هو. مان ۽ نصيبان، ماني گڏ کائيندا هئاسين ته وچان وچان هن جي جهلڪ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي هئي. رضا ۽ شاهينه وري گڏ هوندا هئا... جن جي عمر جو فرق به اسان کان چگيرڙو هو. مان سورنهن سالن جي هئس ۽ جاويد چوڏنهن جو... رضا نَون سالن جو هو ۽ شاهينه ستنَ جي.... هُو پنهنجي سيڪشن ۾ کيڏڻ ۾ ئي پورا هوندا هئا.
ماني کائيندا هئاسين ته ٽانڪيءَ تان پاڻي گهڻو ڪري جاويد ڀري ايندو هو.... سندس ئي ڊيوٽيءَ وري گلاسَ واپس کڻي وڃڻ جي به هوندي هئي، جيڪي هُو ڏاڍي مشڪل سان آڻيندو هو. اسان جي ٿيلهن ۾ گلاسن رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي ۽ هونئن به اسان کي سندس خدمت وڻندي هئي.
هُو روز ايندو هو... پاڻيءَ جا ٻه گلاسُ ڀري ڏئي ويندو هو ۽ پري، راند کيڏڻ هليو ويندو هو، اسڪول ۾ گهڻا ٻار ڪرڪيٽ جا شوقين هئا. بس، بيل وڳي ناهي... ۽ اسٽمپون لڳيون ناهن. ڀيچي گڏ ڪيا ويندا هئا. ٽيمون ٺهي وينديون هيون. هُو ڊوڙندو ايندو هو، پاڻي پُڄائي موٽي ويندو هو... ۽ وچ وچ ۾، جي اسان جي ويجهو ڪٿي فيلڊنگ ملندي هئس ته مانيءَ جا هڪ ٻه گرهه به هڻي وٺندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڪندو هو جو مانيءَ جو رول ٺاهي... ان ۾ اندر پڪوڙا يا پٽاٽا وجهي، راند دؤران پيو کائيندو هو.
هاڻي ڪجهه ڏينهن کان هنن گرائونڊ مَٽايو هو... اسڪول جي پُٺِ وٽَ وڏي ميدان ۾ راند جي جاءِ ٺهي هئي... سڀ اتي کيڏڻ لڳا هئا... مان ۽ نصيبان، ساڳي پپر جي وڻ هيٺ ويهي ماني کائينديون هيوسين، جنهن الاءِ ڪيترن سالن کان اسان ۽ اسان کان اڳين شاگردن جو ساٿ پئي ڏنو. راند جي پيهه ختم ٿي هئي، ته ڄڻ وڻ جون ٻانهون به وڌيڪ ويڪريون ٿي ويون... سڀ ڇوڪريون هتي اچي ويهڻ لڳيون هيون... کوکو، دٻلي ٿي ڇڻڪي، ٽاپُو... سڀ هتي ٿيڻ لڳو هو... انهن سڀني شين جي هوندي، هُو هڪ ٻه چڪر ضرور هڻندو هو. پر، هاڻي... الاءِ ڇو غائب ٿيڻ شروع ڪيو هئائين.
***
”اڄ ڪونه آئين تون...؟“
اسڪول مان موٽندي گهر جي گهٽيءَ ڏانهن مڙندي، مون سوال ڪيو هو.
”مئچ هئي ادي... فائنل هو...“
”روز ئي ته مئچ هوندي ٿوَ؟...“
”نه نه... چيم نه... فائنل هو...“ هن پنهنجي لهجي کي وزندار بڻايو.
”۽ ڪالهه... ڪالهه به فائنل هو ڇا؟...“ مون ڄڻ جرح ڪئي.... هن جو چهرو بگڙجڻ لڳو.
”ڪالهه به مئچ هئي... ڪو ڪيڏانهن ڀڳو ڪونه هئس..“
”حياءَ ڪر... وڏي ڀيڻ سان ائين ڳالهائبو آهي ڇا!...“ دَٻَ ڪڍيمانس. ”پڇان ٿي... ڪو ڏوهه ٿي ڪيان ڇا؟...“
”پڇين ائين ٿي ڄڻ ڪو ڏوهي هجان مان...!“ هن به ٺهه پَهه وراڻيو..“ مون ڀلا ڪو سدائينءَ لاءِ پاڻي پيارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟...“
”مون پاڻي پيارڻ جي ڳالهه ڪئي!“ مان بيهجي ويس... ”مان چوان ڇا پئي ۽ تون ورندي ڪهڙي پيو ڏئين؟...“
”گهر هل... گهر هل.... اجايو گهٽيءَ ۾ گوڙ نه ڪر...“
هُو ڄڻ هڪدم رف ٿي ويو هو. سندس لهجو اگُرو هو. مون کي جَڪَ اچڻ لڳا... گهر سامهون ايندي، شاهينه ۽ رضا ڊوڙندا گهر ويا هئا. مون جاويد کي هڪ لحظي لاءِ بيهاريو.
”مون سان جڏهن به ڳالهائيندو ڪرين نه.... ته ڌيان سان ڳالهائيندو ڪر... مان اهڙي بد زباني سهندي ناهيان... بابا کي ٻڌائينديس ته کلُ لاهي ڇڏيندئي...!“
لاپرواهي سندس مُنهن تي ظاهر هئي. هُو بنان ڪُجهه چئي گهر گهڙي ويو هو.
مون کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي. ڇا ٿيو پئي مون کي...!... ڇو پئي مان ايترو ڪاوڙيس.. هُن ڳالهه ۾ مون کي ڏکُ وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳو هو. رَويا ڄڻ ڇيتن جيان چُڀڻ لڳا هئا.
ويهي سوچيم ته اندازو ٿيو ته اهو سڀ ته پهرين به هوندو هو. جاويد ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي به ويندو هو... امان ۽ بابا جو موڊ به ڪڏهن ڪڏهن خراب ملندو هو، پر اڳ ۾ ته مون اهو سڀ ائين نه پئي سوچيو... هاڻي ڇا ٿي ويو هو...! شايد هاڻي... مُنهنجي اندر ڪا ٻي زيب النساء اچي وئي هئي.
امان ان ڏينهن کان پوءِ ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي. هڪ ماٺ جي چادر هئي، جنهن کيس ويڙهي رکيو هو... گهڻو ڳالهائڻ ته هن جي عادت نه هئي، پر هاڻي ته لڳو پئي، بلڪل چُپُ ٿي وئي آهي.
”اسڪول ۾ ڌيان هٽي ويو ٿئي ڇا زيبُل؟...“
رات جو مُنهنجي وارن ۾ تيل وجهندي هُن، آڱرين سان هلڪا زور پئي ڏنا... ٻئي ڏينهن موڪلَ هئي ۽ امان، ڇنڇر تي مونهنجي وارن ۾ تيل ضرور وجهندي هئي... تيل وجهڻ کان پوءِ، هُو جُوئن ڪڍڻ واري ڦڻي منهنجي سڄي مٿي ۾ ڦيرائيندي هئي. کيس اهو ڊپُ هوندو هو ته منهنجي گهاٽن واري ۾ اسڪول ۾ جوئون، ڪڏنهن نه ڪڏهن ضرور پونديون. ڪڏهن ڪا ليکَ به نظر ايندي هئي ته هوءَ ڇرڪيو کڻي رڙ واڪو مچائيندي هئي ”هاڻي... ڌيان نه ٿئي ڇا!.. يا مٿو گهڻو اگهاڙو رکيو ٿئي؟...“
اڄ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي پر ڇرڪ مُنهنجو نڪتو هو. مون مڙي ڏٺو.
”ڌيان ڇو هٽندو امان...! الله نه ڪري جو ائين ٿئي؟...“
”سڌي ٿي ويهه...“ هن منهنجو ڪنڌ سڌو ڪيو“ ڦڻي ڏيَڻ ڏي..“
مان سڌي ٿيم ته هن وري ڦڻيءَ جو سنهون پاسو، منهنجي وارن ۾ ڦيرائڻ شروع ڪيو ”جاويد تي اک رکين پئي؟...“
”ها... ڇو ڪُجهه ڪيو ٿئين ڇا...؟“
”تنهنجي اک ڪيتري آ؟...“
”چيم، نه... ڌيان رکيو اٿم... مٽائينديس ڇا؟...“
”ته پوءِ جائُو، لالڻ جي اوطاق تي ڪهڙي خوشيءَ ۾ وڃڻ لڳو آهي؟“
’جائُو‘ جاويد کي سڏيندي هئي امان، جڏهن به کيس ڪنهن جذبي ۾ واڌ محسوس ٿيندي هئي يا ڪاوڙ ايندي هئس، ته هُوءَ مختصر نالن سڏڻ ۾ اهو ظاهر ڪندي هئي. منهنجا ته ڄڻ واڄٽ وڄي ويا هئا. امان هي ڇا چيو پئي!؟
”لالڻ جي اوطاق تي؟... جاويد!... ڪنهن چيو امان؟“
هُن تيلَ جي وٽِي پاسيري ڪئي ۽ جُوئُن ڪڍڻ واري ڦڻيءَ جي ڏندن ۾ سُئي ڦيرائڻ لڳي، ته جيئن جيڪو ٿورڙو گند ان ۾ بچيل سچيل هجي سو به ٻاهر نڪري وڃي.
”ڪنهن چيو ڪونه مائي... ڏٺو اٿئين.“
”ڪنهن ڏٺو آهي امان؟“
”ماسي جادُل... اُها ڪا لنگهي هئي اُتان ٻه ٽي ڏينهن پهرين... اُنهيءَ ڏٺو.“
هُن ڦڻِيءَ کي ڦُوڪ ڏني، ”سِڌِي ٿي ويهه ته ڦڻِي ڏيانءِ.“
بي خياليءَ ۾ مان سڄي ورِي ويٺي هئس. سڄو ڌيان امڙ ڏانهن هئم. انسان ڌيان ڌري ته ڪَنن جون ائنٽينائون کُلِي وينديون آهن ۽ اکين جا ڪئميرا سامهون ٿي ويندا آهن.
سندس ڳالهه تي مون ڌيان نه ڏنو، بس پنهنجي سوچ کي لفظَ ڏنم، ”ماسي جادُل ڇا چيو امان؟“
”ڪا زوريءَ زبردستيءَ جي ڳالهه ته نه پئي ڪيائين... مطلب ڪا دانهن ڏيڻ نه آئي هئي. آئي هئي ڪم سان... رَلِيءَ جو تهُه ٺهرائڻو هئس... ڳالهيون ڪندي ڪندي ذڪر ڪندي وئي ته جائُو، لالڻ جي اوطاق مان نڪتو پئي... ٻه ٽي ڇوڪرا ٻيا به گڏ هئس.“
”جاويد جو ڪهڙو ڪم اُتي آئي...! هُو ڇو ويو هوندو؟ ماسي جادُل ڀُلي ته ناهي؟!“
”پنهنجي جاويد تي ڀُلجندي هُوءَ؟... امڙ تون به ڪمال ٿي ڪرين... وڌيڪ ڪجهه ڪونه چيائين، پر مون لاءِ ته اها خبر به وڏي مصيبت آ نه... مٿان وري ٻُڌو ٿم، ته هاڻي، هُنن اُتي جُوئا به شروع ڪئي آهي.“
***
عجيب خوف ورائي ويو هو. هڪ هفتي اندر لالڻ جو تذڪرو، ڪيڏي نه تيزيءَ سان اسان جي گهرُو ۽ نجي معاملن ۾ داخل ٿي ويو. ٺيڪ آهي... سؤٽيءَ سئوٽ هو پر سندس بابت سالن ۾ ڪو تذڪرو ٿيندو هو. هي ته ماڳهين ابي ۽ مُنهنجي ڀاءُ تائين اچي پهتو هو. پهرين ابي هُن سان مُنهنجي رشتي جو ذڪر ڪيو ۽ سو به اُن حد تائين جو امڙ کي پهريون ڀيرو ڪاوڙائي وڌائين... مٿان وري هي جاويد جو سندس اوطاق تي وڃڻ... ان بابت ته مُنهنجو وهم و گمان به ڪونه هو.
”ماسي جادل ٻيو ڇا چيو امان؟“ مُنهنجا وار ويڙهجي ويا هُئا، تيل جون لارون ڪنڌ تي ڪري رهيون هُيون، جنهن کي امان ڪپڙي سان صاف پئي ڪيو.
”چيڪڙُ ٿي ويو ٿئي ڪنڌ...“ هُن بڙ بڙ ڪئي ”رڳو ٿي مائي ڪنڌ لوڏين... ڪنهن هڪ جاءِ تي اهو رکين ته ائين ٿئي؟!...“
”مُنهنجي سوال جو جواب نه مليو امان... ماسي جادل ڇا چيو؟“
”ٻُڌايو ته مانءِ نه، ته وڌيڪ ڪُجهه ڪونه چيائين ... بس اهو ئي ٻُڌايائين ته اُتان پنهنجي ڪُجهه دوستن سان گڏ نڪتو پئي...“
”پر ڪنهن مهل؟“
”ائي مُٺيس... اهيو ته پُڇيو مانس ئي ڪونه...“ هو ڍري ٿي ويٺي، ڄڻ ته وڏي غلطي ڪري ويٺي هُجي.
”هڪڙي دفعي سان ڪوبه فرق نٿو پئي امان...“ مون کيس دلداري ڏني ”ٿي سگهي ٿو، ڪنهن ڪم سان اُتي ويو هُجي... آخر مائٽي به ته آهي... ٿي سگهي ٿو واسطيداريءَ ۾ ڪُجهه نڪري آيو هُجي.؟“
”جادل کيس ٻيو ڀيرو ڏٺو هو زيبو... اُن کان اڳ ۾ به هُن جائُوءَ کي ڏٺو هو، پر ويندي... اوطاق ۾ اندر ويندي؟“
مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو وقت ڇا پيو ظاهر ڪري، ننڍڙي ڳالهه کي وڏو پيا سمجهون يا واقعي به اها وڏي ڳالهه آهي.
”تنهن ڏينهن... مون جائُوءَ جو ٻٽون ڏٺو هو زيبُل... اهي ئي خرچيءَ جا ٽيهه رپيا کن پيل هئس.“
”شڪر ٿيو“ مُنهنجي ساهه ۾ ساهه پيو، الاءِ ڇو سندس ڳالهه ٻُڌي ڊڄي وئي هُئس.
”پر هڪڙي ٻي ڳالهه آهي امان...“ امڙ مون ڏي گهري نگاهه سان ڏٺو. ”سندس هڪ ڪاپيءَ ۾ پئسا پيل هُئا... پنڌرنهن سئو... پنجين پنجين سوين جا ٽي نوٽ.“
مُنهنجي ته ڪنن ۾ ڌماڪا ٿي رهيا هئا، مُنهنجو ڀاءُ، مُنهنجي اک هيٺ مون کي ائين بيوقوف بڻائي رهيو هو! ڪڏهن ڪڏهن نظر نه ايندو هو ته مان سمجهندي هيس ته هوندو دوستن سان ڪٿي... مون کي ڪهڙي خبر ته اتي هوندو.
”پهرين مون سوچيو وٺُ ڪيانس... هڻانس مُنهن تي اهي پئسا ۽ پُڇيانس ته آندئي ڪٿان... پوءِ سوچيم پڻهين وانگر آهي وڄن جو کاڌل... هُن سامهون ته پئسا ڪڍيا ڪونه اٿم... جي ڦري بيهي ته مُنهنجا ناهن ۽ جي جهيڙو ڪري وجهي ته...!؟“
”نه پر تو وٽ ايترا پئسا هوندا ڪونهن امان...“ مون سندس ڳالهه ڪٽي، ”جي تون سامهون ٿي بيهينس ها... يا پُڇا ڪرينس ها ته توکي جواب نه ڏئي سگهي ها امان... بابا کي ٻُڌائين ها.“
”اهو به خيال آيو هئم زيبُو... وري سوچيم پڻهين کي جادل واري ڳالهه به نه ٻُڌائي اٿم... اهو قصو کڻندس ته هڪدم سوچ ڪندو ته رشتي واري ڳالهه جي ڪري بدلا ٿي وٺي... سو بس چپ ٿي ويس.“
”پوءِ پئسا...؟ اُنهن جو ڇا ڪيئي؟“
”اُهي اُتي ئي رکي ڇڏيم... جُوءِ ته ڏسي ورتي اٿم نه... هي جائُو ڏاڍو تيز پيو نڪري زيبُل...“
امان جي ڳالهه مون کي لرزائي وڌو هو. مُنهنجو ڀاءُ ائين پئسا آڻي، لڪائي ۽ ٻين کي بيوقوف سمجهي... اهو سڀ هو ڪٿان سکيو هو. کيس ايترو ته عقل هو نه جو هُن پنهنجي پرس ۾ صرف ايترا پئسا رکيا هُئا جيترا روز اسان کي خرچيءَ طور ملندا آهن يا جيترا اسين خرچيءَ مان بچائي سگهندا آهيون. ڪيڏي نه ذهانت سان هُن پئسن کي ڪاپيءَ ۾ لڪايو هو ته جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پئجي سگهي.
هوشيار ته امان به ڏاڍي هُئي. هن سڄي قصي مان ته اهو ئي محسوس ٿيو پئي، هُن ڪيڏي نه عقل سان ان سڄي معاملي کي سمجهيو هو. اُتي جي اهي پئسا مون کي ملن ها ته مان ته شايد ڪو وڏو طوفان کڙو ڪريان ها. جيتري برداشت امان ۾ هُئي اوتري مون ۾ ڪٿي هُجي ها.
ڳالهه ڪري هو وري ماٺ ٿي وئي هُئي. تيل جي وٽي هٿن ۾ جهليو سندس وجود ڪنهن ڀَت جو ڏيک ڏئي رهيو هو. هنن ڪُجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻئي مٿان ڪيترا نه حادثا مٿس ٿي گذريا هُئا. پهرين گهر واري جو سلوڪ ۽ مٿان وري پُٽ جو اهڙو زندگي گذارڻ جو طريقو... کيس مون سان به شديد محبت هُئي ۽ يقينن مون بابت رشتي جي فڪر ۽ مٿان وري لالڻ جي ذڪر کيس ڪيڏو نه مُنجهائي ڇڏيو هو.
مُنهنجو سڄو وجود ڄڻ سوچ بڻجي ويو هو. مُنهنجو ڀاءُ، ائين غلط هٿن ۾ کيڏي، اهو ڪيئن برداشت ڪري سگهبو؟! کيس هر حال ۾ روڪبو... چاهي ڪُجهه به ٿي پوي... جي ان ڳالهه ۾ لالڻ سان هٿ اٽڪائڻو پيو ته اُهو به ڪبو... ڪنهن کي ڇڏبو ڪونه...
”مان هاڻي هُن تي ڪرڙي اک تي رکان امان... اسڪول مان هيڏي هوڏي ٿيڻ نه ڏينديمانس... باقي هاڻي گهر موٽي ٿو ته تون ڏسج...“
”مون به اهو ئي سوچيو آهي... ٿوري سختي ڪيون ٿا ۽ ڪو مناسب موقعو ڏسي گڏجي پڻهين سان ڳالهه به ٿا ڪريون...“
اوچتو الاءِ مُنهنجي اندر ۾ ڪهڙو خيال آيو، امان کان پُڇيم ”بابا لالڻ سان انڪار ته ڪري ڇڏيو نه امان؟“
”الاءِ امڙ... هُن جي به خبر نٿي پوي... تو سان مُون سان ته هاءُ ڪري ويو، وري ڪٿي اهيو به نه جائُوءَ وانگر اسان جي اکين ۾ ڌوڙ اڇلي...“
***
امڙ جي ڳالهه وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو هو... ابي الاءِ انڪار ڪيو هو الاءِ نه! جي نه ڪيو هُئائين هيستائين ته اُن جو ڇا سبب ٿي سگهي پيو! ڇا سندس دل ۾ اڃا به اهو خيال هو ته متان هو امان ۽ مون کي مڃائي وجهي! ڪا اهڙي گهڙي اچي جو اسان ڪمزور ٿي وڃون ۽ هو هاڪار ڪرائي وٺي... ڇا سندس دل ۾ لالڻ لاءِ ڪا خاص جاءِ نه هُئي!؟ ۽ جي هُئي به ته اُها اڳ ۾ ڇو نه ظاهر ٿي هُئي... مٿان وري جاويد سان لالڻ ڇو گهرو ٿيو هو. لالڻ گهرو ٿيو هو يا جاويد کي حرام جي پئسن جي چُوسَ پئجي وئي هُئي. اهڙو حرام، جنهن جو اسان جي گهر ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو.
***
اسڪول ويندي هو ماٺ هو. پنهنجي ٿيلهو ڪُلهي تي کنيو، هو مون کان ٻه وکون اڳتي هلي رهيو هو. هلندي هلندي شاهينه جي بوٽ جي ڪهي کُلي پئي هُئي... هُو اٽڪي ۽ ڪري پئي، کيس کنيم ته محسوس ڪيم، جاويد جو ڌيان نه هو... هُو ماٺ ڪريو بس بيٺو هو.
شاهينه جو فراڪ خراب ٿي ويو هو... مون ڇنڊيو مانس ۽ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم ڇاڪاڻ ته هُوءَ ڀون ڀون ڪري روئي رهي هُئي.
”پڪيون ٻڌرائيندي ڪر نه ليسس شانو... ائين تڪڙ ڪري پير ڇو کڻي وٺندي آهين!؟“
”ادا ائين ٻڌيون هيون...“ هو اجايو روئي پئي. ڏٺم ڪو ڌڪ ڪونه لڳو هُئس. ٺونٺيون، ٻانهون صاف هُئس ها هٿ تريون ميريون ٿيون هيون، جن کي مون اُگهي صاف ڪيو.
”ڀاءُ غلط ته ڪونه ٻڌندئي چري...“ مون سندس مُنهن پنهنجي رئي سان اُگهيو. رستي تي ڊاڳ هُئي، مُنهن تي هلڪي مٽي اچي ئي ويندي هُئي. ”تون پاڻ به خيال ڪندي ڪر... هاڻي وڏي پئي ٿئين... هل ته هلون“ جاويد ڏانهن نهاريم جيڪو قطئي لاتعلق هو. اڄ هُن شاهينه جي بوٽ جون ڪهيُون ٻڌيون هيون هاڻي ڄڻ احساس ٿئي پئي، اوچتو ڀڙڪي پيو.
”مون چيو مانءِ ته مون کان ٻڌرائي شاني“ سندس مُنهن ڳاڙهو هو ”امان کان ٻڌرائين ها نه... پوءِ مون کان ڇو ٻڌرايئي جو مان لُوز ٿو ٻڌان...!“
”هُن شڪايت ته ڪونه ئي جائُو...“ مون شاهينه جو ٿيلهو ٺيڪ ڪيو، جيڪو سندس پُٺيءَ تي ڍرڪي آيو هو. ”هُن ته صرف ڳالهه ڪئي آهي...“
”نه پر نالو ته مُنهنجو ٿي کڻيَن نه...“
”جي تو ٻَڌيون هونديون ته نالو ته تنهنجو کڻندي نه... ڪو مُنهنجو کڻندي ڇا؟“
”نه پر ڇو ٿي کڻيَن؟ ضرورت ڪهڙي آهي؟“
هاڻي شاهينه اڳيان وڌي وئي هُئي. هوءَ ۽ رضا ڊوڙندا اڳيان وڃي رهيا هئا. مون پنهنجي ڀاءُ ڏانهن نهاريو جنهن جو ڪردار هاڻي الاءِ ڇو مون کي عجيب لڳڻ لڳو هو.
”تون ٺيڪ ته آهين نه جائُو!؟“
هُن ڪنڌ ورايو ”ها... ڇا ٿيو آهي مون کي، ٺيڪ ته آهيان... هل ته هلون، بيل لڳڻ واري هوندي... دير ٿي وئي آ“
اسڪول بس هڪ گهٽيءَ مُڙڻ ساڻ ئي سامهون اچڻو هو. ايڏو پري نه هو پر مُنهنجي ڀاءُ کي تڪڙ هُئي شايد اُن مون سان وڌيڪ ڳالهائڻ نه پئي گهريو.
اها گهٽي ئي مُنهنجي لاءِ مصيبت بڻجي رهي هُئي. ڪُنڊ وٽ لالڻ جو گهر هو. لالڻ جو گهر ڇا، چاچا عبدالقيوم جي حويلي هُئي جنهن جي پُٺئين پاسي سندن اوطاق هُئي. اسڪول جي ٻنهي طرفن کان گهٽيون هيون، جن مان هڪڙيءَ تان لنگهبو هو ته سندن حويلي ايندي هُئي ۽ ٻي گهٽيءَ مان گذربو هو ته سندن اوطاق سامهين ٿيندي هُئي. الاءِ ڇو اوطاق واري گهٽيءَ مان لنگهڻ تي دل ئي نه چوندي هُئي، ڇاڪاڻ ته لالڻ ۽ سندس دوست، ٻاهر ڪُرسيون وجهيو ويٺا هوندا هُئا. ڪُجهه کٽون به پريان مَنهه جي هيٺان رکيل نظر اينديون هيون، جن تي به ڪو نه ڪو ويٺو ئي هوندو هو ۽ پنهنجي نظر ۾ الاءِ ڇا کنيل هوندو هُئس.
اکين ۾ کنيل سامان به عجيب هوندو آهي. هُن سامان تي اک پوڻ ساڻ ئي، ماڻهو پنهنجو پرائو ٿيندو آهي... عورت ذات کي به رب عجيب خلقيو آهي، هڪ نظر سان اکين جي مُوڙي سُڃاڻي وٺندي آهي. ڪنهن جي نظر ۾ ڪيتري خوشبو آهي ۽ ڪيتري بدبو... اهو عورت کان وڌيڪ ڪير سُڃاڻي سگهي ٿو. ڪير ڪٿي پيو ڏسي، ڇو پيو ڏسي، ڪهڙي ارادي سان پيو ڏسي، اهو هوش قدرت واري، عورت کي مرد کان وڌيڪ ڏنو آهي. هوءَ ڄاڻي وٺندي آهي ته ڪٿي نظر ملائڻي آهي ۽ ڪٿي نگاهه بچائي لنگهڻو آهي. لالڻ جي اوطاق وٽ نظر بچي وڃي، اُن کان وڌيڪ ڪُجهه به نه گهربو هو. ڏسندو اهڙي نموني هو ڄڻ ڪچو کائي ويندو. اکين ۾ نظر جي جاءِ تي الاءِ ڇا ڀريل هوندو هُئس. هوءَ ۽ سندس دوست، ماڻهو گهٽ بگڙ وڌيڪ لڳندا هئا. هڪڙي مان ئي نه هُيس، اسڪول جون ٻيون به الاءِ ڪيتريون ڇوڪريون اُتان لنگهندي پريشان ٿينديون هيون. ڪيتريون ته اڪيليون اُتان لنگهڻ ئي نه چاهينديون هيون. هر ڪنهن سان ڪو نه ڪو گهر وارو گڏ هوندو هو ۽ جي اڪيليون هونديون هيون ته ٽولو ڪري لنگهنديون هيون.
***
تڪڙا تڪڙا هليا هُئاسين، جاويد تکو ڏاڍو هو. مون به وک وڌائي ڇڏي هُئي گهٽيءَ جو موڙ مُڙڻ واري ئي هُئس جو ڏٺم، اڄ صبح ساڻ لالڻ حويليءَ جي در تي ويٺل هو... ڪُرسيءَ تي ويٺي هُن ٽنگ تي ٽنگ ورائي هُئي ۽ چانهه جي ڪوپ کي وڏي اسٽائل سان هٿ ۾ جهليو هو. جائُوءَ کي ڪُجهه دير لاءِ ڄڻ بريڪ لڳي وئي هُئي. هُنن ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ مون محسوس ڪيو ته ٻنهي جا هٿ کڄي ويا... پري کان هڪ ٻئي کي خوش خير عافيت ڪيائون، واتان لفظ ڪوبه ڪونه نڪتو هُئن، پر سندن هٿَ زبانون بڻيل هُئا.
هُن مون تي گهري نظر وڌي هُئي، مون کيس هڪ نگاهه ڏسي اسڪول جي رُخ ۾ پير وڌايا هُئا... الاءِ ڇو دل ۾ ڪنهن چيو ’چوَئي پيو ٿو... ويجهو پيو ٿو اچانءِ... تنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ تائين ته پُهتل آهيان.‘
***