19
هوائن آڌار، وري هوٽل تان وڄندڙ رڪارڊن جو آواز اچي رهيو هو. شمن علي جو آواز، هوائن جي لهرن تي ايندي، درد جي لهر تيز ڪري رهيو هو.
چڙهه ڪوٺي اُتي ول ول ڏيکان، تيڏي را پرديسي
تون جلدي آ پرديسي...
تون وڏيان ديريان لائيان ني،
ميڏيان اکيان رج ڪي روئائيان ني
ايڏا نال غريبان، نا بڻ بي پروا پرديسي
تون جلدي آ پرديسي...
اکيون وري ڀرجي رهيون هيون، گيت هوائن جي گهيرن کي سوڙهو ڪري رهيو هو.
ميڪون سُڃڻان ويڙها کاندا اَي
هِڪ پل وي چين نا آندا اَي
ميڏي دل معصوم ڪون ايڏي ڏي نه سزا پرديسي
تون جلدي آ پرديسي...
الاءِ ڇا هو... الاءِ ڇو هو... گيت ۾، سِٽن ۾، ڌُن ۾. لڳم منجهند جو روئڻ ڄڻ بس ئي نه ٿيو هُجي. هِڪ اوريڪ هُئي جيڪا جاري هُئي. ٻڪرار ڀرجي آيو هو.
تيڪون سهڻي رب دا واسطا چن
هڪ عرض بشير غريب دا مڃ
ڪِٿي مر نه وڃان هڪ واري آ ڳل لا پرديسي
تون جلدي آ پرديسي...
مون پاڻ جهونگارڻ شروع ڪيو هو. ”تون جلدي آ پرديسي... چڙهه ڪوٺي اُتي، ول ول ڏيکان تيڏي را پرديسي... تون جلدي آ پرديسي“
هانءُ ڇڄي پيو هو. درد بُلند هو مون کي احساس ٿي چُڪو هو. مُنهنجو هينئون کيس پُڪاري رهيو هو. هُو اندر ۾ لهي آيو هو. الاءِ ڪيتري دير هوائون، آوازَ، ڳوڙها، سُڏڪا ۽ جسم جا جهٽڪا هم قدم رهيا. پوءِ الاءِ ڄڻ ڇو سُڪون اچي ويو. ٿانءُ ڄڻ ڀرجي ويو هُجي. مُنهنجي دل چيو، مان نصيبان کي ڪال ڪيان... نياپو ڪيان... ڪُجهه چوان... کيس ڪُجهه لکان... چوانس ”ٻيو پاسو وراڻي ٿو... ٻئي طرف جو جواب جلدي ٻُڌي وٺ.... دير نه ڪر... بس ڪناءِ“
فون کنيم... سندس ميسيج جي دري کُلي وئي. وراڻيءَ ۾ لکيم ’سرورق اندر يقينن هِن واري ساڳيو ڪتاب ئي آهي. اهو مُنهنجي دل چوي ٿي. هِن ڪتاب ٻاهران اندران، هڪ جهڙو پڙهي سگهجي ٿو. ٻئي طرفَ، پاڻ ملهائي سگهن ٿا.‘
هر هر پڙهيم پئي. لفظ لفظ کي ڏٺم پئي... موڪليانس يا نه... ’مُنهنجي پاران موڪليل جواب، هُن وٽ ثابتي بڻجي ويندو... الاءِ ڪيئن هُجي!؟ الاءِ ڪهڙو ماڻهو هُجي!؟ جي کوٽو نڪتو ته!؟... ٿي سگهي ٿو ته اُن ميسيج کي هُو هٿيار طور ڪتب آڻي...بدنام ڪري... ناموس خراب ڪري.‘
مون کي پنهنجو پاڻ تي جَڪَ اچڻ لڳا هُئا. ’هاڻي هاڻي سينو خالي ڪيو ٿئي... هاڻي هاڻي وري اهو هُن جي محبتن سان ڀريو ٿئي... مٿان وري خدشن کي ڇِڪي آئي آهين!؟ محبت ڪرين ٿي ته ڪر نه... وهم نه ڪر، وهم محبت جو موت هوندو آهي... هونئن به هِن ميسيج ۾ آهي ئي ڇا! لفظن جي چونڊ ڦاسائيندي ڪونه... يا الله... هِن وٽ ڦاسان به پئي ۽ ڦاسڻ به نٿي گهران!‘
پنهنجو پاڻ کي دڙيندي، مون سينڊ جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو.
بيل وڳي، در تان چاچي قاصد جو آواز آيو، ”امان زيبُل... جاڳين ٿي؟“
ميسيج وڃي چُڪو هو.
هڪدم فون وهاڻي وٽ رکي، رئو ٺيڪ ڪندي، در ڏانهن ڀڳس ”آئي چاچا آئي“
در کوليم، چاچو اندر داخل ٿيو.
”اسلام عليڪم امان“ هُن ڀاڪر پاتو، مٿي تي هٿ رکيائين. مون گهٽيءَ ڏانهن نهاريو.
”ادو پوءِ ايندو... جلدي“
سندس هٿ ۾ پيتي هُئي، الاءِ ڪڏهن کڻي ويو هُو. بهرحال لڳو پئي ته هُو سامان سوڌو موٽيو آهي. اندر اچي هُو سڌو مُنهنجي کَٽ تي ويٺو.
”امڙ پهرين پاڻي ڏي... پوءِ ڪُجهه کاراءِ“
”جي چاچا“ مون پيتي کنئي.
”رک رک مان اندر ڪيان ٿو ڌيءَ... “
”نه نه... ايڏي ڳري ناهي چاچا... مان ڪري ٿي وٺان“
مون پيتي اندر رکي، پاڻي ڀري ڏنو مانس، پي هُو غسل خاني ڏانهن هليو ويو. پٽاٽن جي ڀاڄي گرم ڪندي ۽ ڦُلڪيون پچائيندي مُنهنجو اندر سوالن جي ور هو. ’ڇا ٿيو آهي؟ ائين ڪيئن اچي ويو آهي...؟ ابي ڪال به ناهي ڪئي؟‘
اڱڻ ۾ ٻي کٽ ڇِڪي آيس، ماني رکي مانس.
”ابو ڪڏهن ٿو اچي چاچا؟“
”جلدي امڙ“
”جاويد جي خبر پئجي وئي آهي؟“
”جي امان“
”پڪي يا...“ مون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي.
”بلڪل پڪي... الله ڪندو ته گهر اچي ويندو.“
”ڪٿي آ؟“
”اتي ئي آ“
”اتي!“ حيران ٿيس مان. ”اتي ڪٿي؟“
سندس مُک تي زهر ٻُري ويو، ”ڏيئي جي هيٺان اوندهه هوندي آ امڙ... ڪُجهه نظر نه ايندو آ اُتي.“
”مطلب چاچا!“
”اسان الاءِ ڪٿي ڪٿي وڃي نڪتا هُئاسين... ڏاڍا پرانهان ٿيا هُئاسين زيبُل... گهمي ڦري ڏَسُ ته هِتي جو ئي نڪتو“
”معنيٰ...!؟“
”معنيٰ جائُو هِتي ئي هُو... زمين آسمان کيس ڳڌو ڪونه هو... هِتي ئي پاڙي ۾ هو“ هُن مون ڏانهن نهاريو ”وات مان نه ڪڍجانءِ... لالڻ وٽ آ...“
حيرت وچان مُنهنجو وات پٽجي ويو ”هِتي...! هِن وٽ؟!“
”هائو...“
ماٺ ٿي وئي هُئس... چاچي کي ٽِڪ ٻڌي ويٺي ڏٺم.
”شڪ ته اسان کي پهرين ئي ٿيو هو... پر اسان کي ڏاڍي حرفت سان وچولن پري ڪيو هو... جيئن جيئن جُوءِ ڇڏيسين، تيئن تيئن هُنن کي پڪ ٿي ته ڌيان هٽجندن ۽ هُو کيس ڪڍي ويندا، پر ادي جي ذهن کي ڪمال آهي. اهڙي ئي اک رکي هُئائين جو هُو پريشان ٿي ويا هُئا. ڪڍي نه سگهيا.“
”محسوس ڪري ويا هُئا ڇا؟“
”ٻيو نه ته وري... نه ته ڪڍي نه وڃن ها!؟“
”پوءِ“
”پوءِ بس... باقي ٿورو انتظار ڪر“
”ابو موٽي آيو آهي؟“
”هائو“
”ڳوٺ؟“
”ها امان... موٽيو آ ته ڳوٺ موٽندو نه“
هُن ماني کائي پوري ڪئي. مون ٿانوَ کنيا. چاچا هَٿَ ڌوئي آيو، اچي سِڌو کٽ تي ليٽيو. مان پنهنجي کٽ تي ويٺس.
”جائو ملي ويندو نه چاچا؟“
وهم اڃا به ويٺل هُئا. هُو مُرڪيو، الاءِ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ سندس چهرو پُرسڪون ٿيو هو. ”بلڪل ملندو... بلڪه ڄاڻ آيو“
سڀ ڪُجهه عجيب ٿي ويو هو. ڪلاڪ اڌ پهرين اندر تي جيڪو بار هو سو ته الاءِ ڪيڏانهن ويو. اڱڻ ۾ روشني وڌي وئي هُئي. مُنهنجو ڀاءُ اچي پيو، جنهن جي لاءِ مُنهنجي روح ۾ وڍ هُئا. هِن نامراد، کيس پاڻ وٽ رکي، الاءِ ڪهڙو سلوڪ ڪيو هوندو! الاءِ ڪهڙا ڏجها ڏنا هُوندائينس!؟ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي. ڪنهن کي کڻي، لِڪائي، پاڻ ڪيڏي ديده دليريءَ سان ڏند ڪڍي هلندو ٿو رهي... ڪنهن جي هانءَ ۾ هٿ وجهندي کيس ڪو شرم نٿو اچي.!؟ جي هِن اهو ڪانڍ ڪيو آهي ۽ اسان سان گڏ گڏ رهيو آهي ته معنيٰ اسان هُن اسان جي تڙپ جو هڪ هڪ منظر ڏٺو هوندو... معنيٰ هُن اڃا وڌيڪ مزا ورتا هوندا. يعني مُنهنجي رشتي سان انڪار جو هُن پورو پورو بدلو ورتو پئي ۽ مٿان وري چاچا قيوم جون نموني گيريون... ڪيئن وڙهي ويو هو... ڇا کيس پنهنجي پُٽ جي افعالن جي خبر نه هُئي.!
هي لالڻ ڇا هو!؟... چريو هو ڇا... يا ظالم هو!؟
اوچتو ڊاڪٽر جو آواز ڪَنين پيو هُئم، ’ذهني مريض آهي اهو به... ڪنهن مهل شديد ڪاوڙ ايندي اٿم... ڪنهن مهل قياس‘
ته مطلب هِي چريو هو. ذهني مريض هو... جي ذهني مريض هو ته کيس هڪ پاسي رکن ها نه... ائين کُليل ڪيئن ڇڏيائون پئي!
مون کي هِمٿ نه پئي ٿي، مان چاچا قاصد کي ڇا چوان... ڇا پُڇانس... بس دل چيو پئي وڃان ۽ اِن لالڻ کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيان.
”هِنن باسيو آهي چاچا؟“ هِمٿ ڪري پُڇيم.
”عبدالقيوم نخرا ته وڏا پئي ڪيا... خير آخر ۾ اچي ڦاٿو آ“
”چاچا قيوم ته نه کڻايو هو“
”ها پر، لال بخش پُٽ ته اٿس نه... پُٽ جو ڀر ته ڪندو نه“
”چاچا اهڙا ڪم ڪندو آ ڇا؟“
چاچا قاصد ڪابه ورندي ڪانه ڏني، سندس ويڪري مُرڪ سڀ ورنديون ڏئي وئي.
”ائين پنهنجن ۾ شايد پهريون ڀيرو هٿ وڌو ٿن امان...“ هُن پاسو ورايو. ”هاڻي معافيون گهرندا... هِتان هُتان جند ڇڏائيندا... ڏوهه ڏنڊ ڏيندا... بچت رڳو اُن ڪري پئي ٿئين جو هِتان جي ڊاڪٽر چيو آهي ته لالڻ ذهني مريض آهي ۽ هُو سندس علاج هيٺ آهي.“
سڀ ڪُجهه برباد ٿي ويو هو.
مُنهنجي ڀاءُ کي جنهن کنيو هو، اُن جي بچاءَ لاءِ ڊاڪٽر جا پنا ڪافي هُئا. معنيٰ اُهو الزام ڪنهن ٻئي جي مٿي تي پئي ويو. جائُوءَ کي کنيو لالڻ هو پر هاڻي نالو ڪنهن ٻئي جو کڻي، هُنن جهڙوڪر راڄوڻي ٿي ڪئي ۽ لالڻ کي وڏي ۾ وڏي مدد ڊاڪٽر جي ڪاغذن پئي ڪئي ته هُو چريو آهي... الا... هي سڀ ڇا ٿي ويو هو!
چاچو ليٽيل هُو، مان ائين ئي کَٽ تي ويٺي هُئم.
”تون به چيلهه سَڌي ڪر امان...متان هُو اچڻ ۾ ٿوري دير ڪن“
”جي چاچا“
رئو مٿان ڍڪي ليٽي پيس. آسمان تي ستارن جو عڪس عجيب هو. چنڊ لهي ويو هو. شروعاتي راتيون هيون. مون کي لڳو هو، مُنهنجي وجود تي، محبتن جو چنڊ به شايد ايترو ئي تڪڙو چڙهي لهي ويو هو.
چُپ چُپ ڪري، رئي کي مُنهن تي رکي، چاچي کي پُٺي ڏيندي، مون موبائل کنيو. اسڪرين تي ڏٺم. دل چيم هڪ نياپو ٻيو لکانس. ’رستو ون وي ئي ٺيڪ هو‘ وري ڪُجهه نه ڪري سگهيس. عجيب ماحول هو جنهن ۾ ساهه کڻي رهي هُئس.
مون کي پنهنجو پاڻ سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڇا هُو مون ۾؟ اُهو ڪهڙو جذبو هو جنهن هيٺ مان جيئس پئي! ڀاءُ جي وڃائڻ تي مون هاءِ گهوڙا نه ڪئي هُئي. امان جي ذهني توازن وڃائڻ تي مُنهنجو ري ايڪشن ڪو گهڻو نه هو. ڊاڪٽر جي اظهار محبت تي، مان متوازن هُئس... مان ڇا هُئس؟
ماڻهو ٿورين ٿورين خوشين تي رڙيون ڪندا آهن. جهمريون هڻندا آهن... رنج جي ذرڙيءَ تي ڦسي پوندا آهن... مان ڇا هُئس! ڪهڙو ڪردار هو مُنهنجو... ڇا مان ظالم هُئس؟ يا مان دل جي ڪچي هُئس... ڪمزور هُئس؟ جي رنم پئي ته نار وهائي پئي ڇڏيم... جي چُپ هُئس ته چُپ... جي کِلان ته بس نه ڪيان... ڇا مان چري هُئس!
جي ڀلا مان چري آهيان ته ڇا ڊاڪٽر مون کي چريائپ سوڌو قبوليو آهي؟ هُو جي نفسياتي ماهر آهي ته هُن ڇو نه سوچيو ته مُنهنجو اندر ڇا ٿو آکي؟ ۽ ڀلا هُن کي لالڻ ڇو نه سمجهه ۾ آيو آهي... ايڏو وڏو ڪرمنل کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو هوندو؟... ۽ جي هُن لالڻ کي سُڃاتو آهي ته ڇا کيس اهو اندازو نه ٿيو هوندو ته جائُو هُن وٽ آهي.!
هُن جي لالڻ جو علاج ڪيو پئي ته لازمن ڪٿي ته ڪا سوچ ايندي هوندس ته اُهو اُتي به ٿي سگهي ٿو... پوءِ اتي ڇو نه هُن خيال ڪيو! ڇا ڊاڪٽر به اهڙو ئي ڪو غلط ماڻهو هو! ڇا اُن ڪري ئي مان محبت کان ڊنس پئي!
مان ڇا آهيان... ڊڄڻي... بهادر... ذهين... سادي... بيوقوف... لاعلم يا هيڻي... مون کي پنهنجو پاڻ کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟ لڳم پئي ذهن هاڻي وڃي پيو... واقعي چري ٿيان پئي. هُن کي مون سان ائين نه ڪرڻ گهرجي ها... هُن مون کي ڄاتو پئي، لازمن مُنهنجي چهري تي محبت پڙهي ئي هُن مُنهنجو هٿ طلبيو هو... پوءِ هُن ائين ڇو ڪيو؟
مُنهنجي اندر ۾ ڪير ڳائڻ لڳو هو.
’ميڏي دل معصوم ڪون، ايڏي ڏي نه سزا پرديسي...‘
ڪا سزا آئي پئي... الاءِ نه پئي آئي... ڪُجهه وڳو پئي اندر ۾... تون جلدي آ پرديسي... الاءِ هاڻي ايندو به الاءِ نه... الاءِ اچڻ لاءِ چوڻ به گهرجي الاءِ نه.
اندر جو ڪوٺو، هاڻي ويران هو... اُتي چڙهي ڏسڻ جو خيال ڪيڏو نه عجيب لڳي رهيو هُو. هر سِٽ سان، پنهنجي اندر جو آواز، ڄڻ سُڏڪي رهيو هو.
’چڙهه ڪوٺي اُتي، ول ول ڏيکان، تيڏي را پرديسي...‘
مان ڇا سرد هُئس؟ ٿڌي هُئس... يا جذبن جي تپش، مُنهنجي اندر ۾ ڪو دود دُکائي نه سگهي هُئي!... مان ڇا هُئس... جي سرد هُئس ته ايڏي رُنس ڇو پئي ۽ جي مُنهنجي اندر ۾ ڪا تپش هُئي ته ايترن واقعن تي مُنهنجو سلوڪ ايترو سرد ڇو هو.! ڇا مان واقعي ذهني توازن وڃائي ويٺي هُئس!
وقت مٽجندو آهي، برابر بيهي نٿو، هڪ جهڙو به نٿو رهي پر ايڏي تيز تبديلي؟... سڀ ڪُجهه ڪيئن فٽا فٽ ٿي ويو هو. لالڻ جو اوچتو رشتو گهرڻ، ابي جو اقراري انداز، مٿان امان جو انڪار ڪرڻ ۽ اُن تي کيس ڌاريءَ جي طعني ڏيڻ ساڻ هڪ جدول جي شروعات... هُن هڪ طعني... صرف اُن هڪ مهڻي، سڀ ڪُجهه بدلائي ڇڏيو هو. امان جي دل جو شيشو ڀُريو هُيو، هُن کي ڏار پيا ته بس پوندا رهيا... جي اهي ڏار نه پون ها ته شايد هُوءَ ايڏو جلدي، ايڏي تڪڙي چري نه ٿئي ها!
انڪار جي صورت ۾ لالڻ جو بدلو... جاويد کي اغوا ڪرڻ وارو... ڪميڻائپ جي حد هُئي... ائين ٿيندو آ ڇا؟ اهڙو ڪهڙو ڏوهه ٿيو هو! رشتو آ... ٿيو ٿيو، نه ٿيو نه ٿيو...ڪو حج فرض هو ڇا هُن جو مُنهنجو نڪاح! ڪيڏي نه ڪريل سطح تي لٿو هو. مٿان ابي جي جاکوڙ سندس سوچ، سندس اعتماد.
امان جي چري ٿي هُئي ته سڀ ڄڻ لُڙهي ويو هو. سڄي گهر جو نظام بگڙجي ويو هو. اهو ته ابي جو اعتبار ۽ اعتماد هو جو هُن سڀ ڪُجهه مُنهنجي حوالي ڪيو هو ۽ پاڻ جائُو جي ڪڍ ڳولڻ نڪري پيو هو. هُنن به ته ڏٺو پئي نه... اڳيان پويان ڪوبه نه هو. جيڪي مِٽَ مائٽ پهرين ڏينهن آيا... بس آيا... پوءِ ڪوبه نه لڙيو... حيرت ته اِن ڳالهه جي هُئي ته ڪنهن ڪا ڇڙهي ڪال به نه پئي ڪئي.
سڄي فلم سامهون هلي پئي. گهڻا ڏينهن ٿيا هُئا، پنجويهه، ٽيهه، چاليهه... لڳو پئي ڏينهن نه هُئا ڪي سال هُئا... حياتيءَ هڪدم جوان ڪري ڇڏيو هو.
مون کي پاڻ کان ڊپ ٿيڻ لڳو هو. مُنهنجي ڪَلَ ٿڙيل آهي. مان چري آهيان. سنئين ناهيان... ڪُجهه نه ڪُجهه اٿم ضرور... پوءِ ڇا ڪيان! ڊاڪٽر کي ڏيکاريان؟ چوانس... مون سان ڇا ويڌن آهي. مون کي لڳي ٿو، مُنهنجي اندر ۾ ڪير رهي ٿو جنهن جي گفتگو هاڻي مون کي نٿي وڻي، مُنهنجي جند اُن آواز مان ڇڏاءِ، مان هاڻي پنهنجو پاڻ کي ٻُڌڻ نٿي گهران.
ته پوءِ مون ڪنهن کي پئي ٻُڌڻ گهريو... من جي اندر شايد اهو آواز هو جنهن کان پردو ٿيل هو. هاڻي اُن جا پردا کُلڻ تي هُئا ته وري هي معاملو ڪَرَ کڻي رهيو هو... چاچا جي هڪڙي جملي ۾ ئي ڪيڏو ڏنگ هو. معنيٰ هُنن ڊاڪٽر کي به ڏوهي پئي سمجهيو. ڇا هي ڪُجهه لمحن جو خواب هو. ڇا ڪنڊن جون نوڪون، گُلن جي مُرڪن کان تِکيون ٿي ويون هيون.
رات جو پويون پهر هو جو بيل وڳي. ٽِپ ڏئي ٻئي اُٿياسين چاچي ڊوڙي در کوليو. ابو جاويد کي وٺي آيو هو.
بهار اچي وئي هُئي.
چاچا قاصد کي پيرين پئي، ڀاڪر ڀرڻ کان پوءِ، هُو سڌو مون ڏي ڀڳو. ڀاڪرين پئجي ڀڄي پيا هُئاسين.... ”آپي... آپي...“
هُو سُڏڪي پيو هو. مان به زارو قطار رُنس پئي. اکين تان نمي گهٽ ٿي ته ڏٺم ابو به روئي رهيو هو. مون کي خيال آيو هو مان ته ابي سان به ڪانه ملي هُئس. جائو سان گڏ ئي ٿورو اڳتي وڌيس ته ابي پاڻ اسان کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. روئندي چيائين ”رب جو شڪر ڊاڪٽر... مان سُرخرو ٿيم... هُن کي گهر وٺي ئي موٽيم.“
مُنهنجن ڳوڙهن مُنهنجي زبان بند ڪئي هُئي. ڳالهائڻ لاءِ ڪُجهه به نه پئي مليو. سُڏڪا هُئا، ڳوڙها هُئا جن جي زبان پنهنجو پاڻ کي مڃائي رهي هُئي.
***
اندران امان نڪري آئي هُئي.
هُن خالي خالي نگاهن سان، اسان سڀني کي بيٺي ڏٺو. جاويد هڪدم ڏانهنس ڀڳو، وڃي ڀاڪر ۾ ڀريائينس، رڙيون ڪندي چوڻ لڳو ”امان... امان... اچي ويو آن مان...“
هُوءَ پٿر جو بُت هُئي. جاويد جي ڀاڪر به ڪُجهه نه پئي ڪيو. امان جون ٻانهون وريون ئي نه پئي. جاويد پريشان ٿي ويو هو. ”امان... امان...“
بابا اڳتي وڌيو هو. ”شمع... ڏس جاويد آيو آهي... جائُو... پنهنجو جائُو.“
ابي جي مُنهن تي ڳوڙهن جي نمي هُئي. هُو ڄڻ بي اختيار ڳالهائي رهيو هو. ”ڏسينس نه... ڏسينس... پَڪ ڪرينس... پڪ ڪر پنهنجي ٻچڙي جي... جاويد اچي ويو آهي ڀاڳ ڀري... سڃاڻينس نه...“
امان جاويد جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏايو ۽ ٿورو پري ٿي بيٺي. ”مون وٽ ته ڪونهي آيو“
”ته ڪنهن وٽ آيو آهيان امان؟“ جاويد جذباتي ٿي ويو. مون ڏي نهاريندي چيائين ”امان ڇو نٿي سڃاڻي آپي... هي ڇا ٿي ويو آهي امان کي؟“
مون کيس اشارو ڪيو، ’ڇڏينس نه... اڃان چنبڙينس‘ اشارو ڪري مون وڏي غلطي ڪئي هُئي. جائُو جيئن ئي سندس ويجهو ويو، هُن رڙ ڪئي، ”هٽ پري... ڇڏ مون کي ڇورا... الاءِ ڪير آهين... مان سڃاڻان ڪونه تون پيو ڳچيءَ پئين... آهين جاويد جي جُتيءَ جهڙو به ڪونه.... جاويد آ...نپٽو...“
ايڏو زور سان جاويد کي ڌِڪو ڏنائين جو هو ذري گهٽ کٽ جي پائي ۾ وڃي لڳي ها. ابو هڪدم اڳيان وڌيو، جاويد کي سنڀاليائين ”ٻاهر اچ ٻچا... کيس ٿورو وقت ڏي“
امان هڪدم ابي ڏي مُڙي ”زيبُل الاءِ ڪيڏانهن وئي آهي؟ چئي نڪتي آهي ته جاويد کي وٺي ٿي اچان... وٺي اچي ته توسان به ملايانس ٿي.“
”ٺيڪ آهي...“ ابي مُرڪيو. حالت هُن جي به عجيب ٿي وئي هُئي.
جاويد ته اکين تي هٿ رکي روئي رهيو هو. مون کيس ڀاڪر ۾ ڀريو.
”هي ڇو ٿو روئي؟“ امان حيرت وچان پُڇيو.
”هِن جو ڀاءُ گم ٿي ويو آ ادي“ چاچا قاصد چيو.
”ملي ويندس... ملي ويندس...“ امان دلداري ڏني ”زيبُل کي چئو اُها ڳولي ڏيندس“.
سڀني وٽ ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ڇا بچو هو. کيس اتي ئي ڇڏي سڀ ٻاهر نڪري آيا هُئا.
***
ابي جي حالت عجيب هُئي. جائُو به ڄڻ هڪدم جوان مُڙس ٿي ويو هو. ڪُجهه ڏينهن جي سفر ۾ هُن ڄڻ صديون طئه ڪري ورتيون هيون. چانهه ماني کائيندي، هُن ڀريل آواز سان پُڇيو هو، ”امان جي اهڙي حالت ڪڏهن کان ٿي آ آپي؟“
”پهرئين ڏينهن کان“ مون پاڻ سنڀاليو. ”پهرئين ڏينهن کان... هُن تُنهنجي جُدائيءَ کي پاڻ تي سوار ڪري ورتو ڀا... بس پوءِ ڏينهون ڏينهن حالت خراب ٿيندي ويس.“
”ڊاڪٽر ڇا ٿا چون؟“
”چون ٿا ٺيڪ ٿي ويندي انشاءَ الله“
”شروع کان ئي نه سُڃاتئين پئي؟“
”نه نه... پهرئين ڏينهن ۾ سڃاڻندي هُئي... پوءِ آهستي آهستي بس ڄڻ سليٽ ڌوپجندي وئي.“
هُو ماٺ ٿي ويو هو. ابو پريان کٽ تي ليٽيل هو. اسان ڏي نهاريندي چيائين. ”هر ڪنهن وٽ حوصلي جو الڳ جهان هوندو آهي بابا... مٿان وري محبت جو سودو به هر ڪو پنهنجي حساب سان ڪندو هو. ڪي محبت ۾ هوش سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڪي نه... تُنهنجي ماءُ محبت ۾ پنهنجا هوش وڃائي ويٺي... ماءُ جي دل آهي ٻچا... اهڙي ئي هوندي آهي.“
جائُو لهي ويو هو. جيڪا شئي مون کي هُن ۾ هڪدم محسوس ٿي هُئي سا سندس رنگ جو لهسائجي وڃڻ هو. هُو سڄو لهسجي ويو هو. ڄڻ ڪاڙهن ۾ ڪرڪيٽ کيڏندو هُجي يا زمين تي تتل اُس ۾ پورهيو ڪندو هُجي ۽ ٻيو ته سندس جسم هلڪو ٿي ويو هو. لڳو پئي، هُن ٺيڪ طرح سان ماني نه کاڌي هُئي. هڪ ڊگهو ذهني ۽ جسماني عذاب ڀوڳي آيو هو. آيو هو ته پاڻ سان گڏ ماٺ به کڻي آيو هو. هُنن تمام گهٽ پئي ڳالهايو ۽ کيس پُڇ پُڇان جي مصيبت ۾ مون به ڦاسائڻ نٿي گهريو.
ننڊ آيس ته ابو مون کي وٺي اڱڻ ۾ هليو آيو.
صبح ٿيڻ ۾ ڪُجهه وقت هو. رات آهستي آهستي موڪلائي رهي هُئي. پرهه ڦُٽيءَ جا رنگ پنهنجي جادوگري ڏيکاري رهيا هُئا. ڪُڪڙن جا دس شروع ٿيا هُئا.
پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريندي هُن چيو، ”جاويد هِتي ئي هُو زيبُل... پنهنجي ڳوٺ ۾... هُنن کن پل ۾ جيڪو کيس غائب ڪيو هو، سو اُتي ئي کڻي ويا هُئس، مون کي اندازو ٿي ويو هو ته ايترو تڪڙو هُو کيس منتقل نٿا ڪري سگهن. سو مون پنهنجو حساب ڪتاب پئي ڪيو. هُنن جي مُنهن ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ ئي مان سڀني جي سامهون توکي ڇڏي، گهر ڏئي پري نڪري ويو هُئس. هُنن کي بس همٿ نه ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪُجهه اهڙا ماڻهو وچ ۾ آندم جو هي ست ساري نه سگهيا.“
مان حيرت سان کيس ٻُڌي رهي هُئس.
”لالڻ پاڻ کڻايو هو... جاويد جي دوستن معرفت... اڳ اڳرو زاهد هو، رحيمان جو پُٽ... هُن الاءِ ڪهڙي ڳالهه جاويد کي ڪئي جو بس جيئن گڏجي نڪتو ته ٻن منٽن ۾ در کولي، الله ڏتي جي گهر ۾ گهڙي ويا... ميلو جتي لڳل هو، اُتي موڙ تي ئي ته الله ڏتي جو گهر هو ۽ قدرت خُدا جي ته اُن ڏينهن ڏتو گهر ۾ هو به ڪونه. مٿان وري گهٽيءَ ۾ به ڪير ڪونه هو. جائُو کي پهرين سڏ ڪري پاسي کان وٺي ويا ۽ عَقل ته ڏسين.... پاڙي ۾ رکيو ويٺا هُئا. ڪيڏا نه دلير هُئا.“
”الله ڪارو مُنهن ڪندن“
”سو ته ڪندن ئي ڪندن امان... پر اسان ڪو ڇڏينداسين ڇا؟“ هُن ڀرون ڳُتيا. ”اسان هيٺانهين پئي ورتي ته جيئن ڇوڪري جي ٻانهن وري ملي... هاڻي ڏس ته ڪيئن نٿو ٽنگو ٽالي ڪيانِ... وڏي هوشياري ڏيکاري اٿن نه... لالڻ وڃي ڪي اُبتيون سُبتيون ڳالهيون، ڊاڪٽر جي سامهون ڪيون...ڊاڪٽر وري اهڙو ڀوڪ بصر جو هڪدم مڃي ويٺو آ... هُن کي ڪاغذ لکي ڏنائين ته هي دماغي مريض آ... چريو آ... سو هاڻي اُن بهاني سان لالڻ جي جند ڇُٽي سگهي ٿي ۽ ٻيو ته گهڻو هٿ پير زاهد وارن نفرت وچان هنيا هُئا سو اُهي سنوان سڌا ڦاٿا آهن. لالڻ ته وچان ئي وچان نڪتو ٿو وڃي... دُعا ڪر اُن نڀاڳي ڊاڪٽر کي، جنهن چڱائي ڪري وڌي ٿس... هونئن ڏسجي ته چڱائي پاڻ سان به ٿي وئي آ جو اسان کي صحيح سلامت ٻچڙو مليو آ نه ته هُنن جا ته پورا ارادا کيس ماري لوڙهڻ جا هُئا... رب ڪريم جا جيترا به شڪر ادا ڪجن اُهي گهٽ آهن امان...“
***
سڄو گهر ڀرجي ويو هو.
سڀ آيا هُئا مبارڪون ڏيڻ. اهي مِٽ مائٽ جيڪي اهو سڄو عرصو الاءِ ڪٿي گم هُئا هاڻي وري آيا هُئا ۽ ڪمال بي نڪائيءَ سان آيا هُئا. هر ڪو وڏيون ٻرهانگُون پيو ڀري. هر ڪنهن پنهنجي پاران ڪا نه ڪا ڪوشش ڪئي هُئي. هر ڪنهن کي اهو اطمينان هو ته زيب النساء، علي رضا ۽ شاهينه بلڪل خير و عافيت سان آهن ۽ شمع پنهنجي گهر کي سنڀالڻ ۾ ڪامياب آهي. مائٽ، مائٽ ۽ مائٽ...آهه.
مون ۽ نصيبان لاڳيتو خدمتون پئي ڪيون. چانهيون، مٺايون، ناشتا، منجهند جي ماني. ماسي حنيفان امان جي ڀر نه ڇڏي هُئي. هُوءَ وري ڄڻ اُتي محاذ سنڀاليو بيٺي هُئي.
اُن سڄي هڻ وٺ ۾ ڌيان نه رهيو هُئم. شام ٿي ته جڏهن ڪُجهه پلن لاءِ مهلت ملي ته موبائل ڏٺم. صبح ساڻ هُن جو نياپو لڳل هو. ’خوشيون مبارڪ هُجنوَ ميڊم...‘
اکين ۾ الاءِ ڇا لهي آيو هو. هُن کي الاءِ خبر هُئي الاءِ نه. هي ته سڀ ائين ٿي ويو هو ڄڻ آڱرين، آڱرين کي ڇُهيو هُجي، هٿ ته ملي نه سگهيا هُئا. کيس ڪهڙي خبر هُئي ته هُن جو ڪردار اسان وٽ اسان جي گهر وارن وٽ ڇا جُڙيو هو. مون موبائل نصيبان ڏانهن وڌايو هو. هُن ميسيج پڙهيو. ”مبارڪ ٿو ڏيَنئي...“
”اِن کان اڳ مُنهنجو ميسيج به ڏس“
هُن اسڪرول ڪڍي پڙهيو ۽ خوشيءَ وچان ٽپ ڏنائين. ”نه نه... تون مڃي وئينءَ!“
ڀِڪوڙيل چپن سان، اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم، ”هِن اقرار جو ڪوبه فائدو ناهي نصيبان...“
سندس مُنهن تي هيڊ هارجي وئي. ”ڇا مطلب؟“
”هُن ڪُجهه اهڙو ڪري ورتو آهي جو هاڻي هِن در ڏانهن نگاهه کڻي ڏسي به نٿو سگهي.“
”ڇا ڪيو ٿائين؟“
سڄي ڳالهه ٻُڌائي مانس... هُوءَ چُپ ٿي وئي.
”اُن ۾ هُن جو ڪهڙو قصور زيبُل؟“
”اهو ڪير چوندو؟“
”پاڻ چونداسين“
”ڪنهن کي؟“
”چاچا وارن کي...سڀني کي“
”ڪنهن جي حق ۾؟“
”ڊاڪٽر جي حق ۾“
”ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“
”مطلب!“
”مطلب صاف ته ڪهڙي خوشيءَ ۾؟“
هُوءَ مُنجهي پئي هُئي ڄڻ چوڻ لاءِ ڪُجهه به نه هُجيس. ”ڏس نصيبان... جي پاڻ هُن جي فيور ڪنداسين ته معنيٰ ڪا گڙٻڙ آهي نه... سڄو گهر هُن جو مخالف آهي... بابا ۽ چاچا کي مٿس ايترا ڪٽ هُئا جو تون سوچي نٿي سگهين... هاڻي اُتي جي اسان پاسو کڻنداسين ته هل ڀلا، هي ٺهي به وڃن... ابي وارا کيس معاف به ڪري ڇڏين پوءِ جي رشتو آيو ته ڳالهه ته وري به اُتي وڃي بيهندي ته اسان جو ڪو نه ڪو تعلق هِنن ڏينهن ۾ جُڙيو ضرور هو... پوءِ؟“
”ائي گهوڙا... خوب است... اهو ته مون سوچيو ئي ڪونه هو.“
”گهر ۾ مون کي اڪيلو ڏسي، ڊوڙي وڃي هُن سان گهٽيءَ ۾ بيهي ڳالهائين ٿي ته جيئن الزام نه لڳي، اُتي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچنئي؟“
هُوءَ چُپ ٿي وئي هُئي. مون ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيو هو. اکين ۾ نمي لهي رهي هُئي.
”معنيٰ سڀ ختم زيبُل؟“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”ڪو نمونو... ڪا ڳالهه... ڪُجهه مڙئي؟“
”نڪو“
”اهو ته ظلم ٿيندو“
”ته ظلم ڪونه ٿيندا آهن ڇا؟“
هُوءَ وري ماٺ ٿي وئي هُئي. مون هُن جو هٿ جهليو ”ظلم وري وري ٿيندا آهن، اهڙيون اقرار واريون راتيون، صرف هڪ ڀيرو اينديون آهن. اهڙيون راتيون، جيڪي سڄي عُمر لاءِ ساٿ ڏيڻ ۾ سدا بهار رهنديون آهن.“
***