13
مان هُن لاءِ چانهه کڻي آئي هُئس. هُو وڃڻ لاءِ بلڪل تيار هو. نيرن ڪري ڇڏي هُئائين، وارن کي ڦڻي ڏئي آخري جائزو وٺي هُن واسڪٽ پاتي هُئي ۽ آخر ۾ اُن ۾ پئسن وارو لفافو رکيو هُئائين. چانهه وٺي وري کٽ تي ويهي رهيو هو.
مون سندس ڳالهه اڌو گابري سمجهي هُئي، جيڪو هُو به سمجهي ويو. ”وچان... وچٽ... خابرُو“
”ڪنهن جا چاچا؟“
”ٻنهي طرفن جا... مطلب ظاهر پاڻ کي ٻنهي طرفن جا ڪندا آهن ته ڄڻ خبرون ٻئي هُجنِنَ... اسان جو حال به ڄاڻندا هُجن... هُنن جي خبر به رکندا هُجن.“
”اعتبار لائق هوندا آهن اُهي چاچا؟“
”نه به هُجن، ته به ڪرڻو پوندو آهي امان...“ هُن چانهه جو وڏو ڍُڪ ڀريو. ”اُن کان سواءِ ٻي واٽ ڪهڙي هوندي آهي... انڌو اعتبار ڪرڻو ئي پوندو آهي.“
”دوکو ڏئي سگهن ٿا؟“
”ها... ڇو نه... مجبوري ته اسان جي آهي، ڪِنَ هُنن جي آهي ڇا؟ هِنن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڇا هي! ڪيترا ته صرف مال کائُو هوندا آهن.“
مان چُپ ٿي وئي هُئس. چاچا چانهه پوري ڪندي ڳالهائيندو رهيو. ”اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيڻيون آهن امان... جِتي ڪنهن شئي جو ڌپو ٿو پوي، اُتي ٿا وڃي نڪرون... ادي جي پنهنجي سوچ آهي، صلاح وٺي ٿو پر ڪري پنهنجي سوچ مطابق ٿو... ۽ چڱو ٿو ڪري... مُنهنجو پنهنجو ايڏو ڪو دماغ ناهي... ڪڏهن ڪڏهن هُن جي سوچ ڏسندو آهيان ته پريشان ٿي ويندو آهيان... پريشان ٿي کيس پريشان ڪرڻ مُنهنجو مقصد ناهي هوندو... مان ته هُن سان ڪا به ڳالهه نه ڪندو آهيان... بس حيران ٿيندو رهندو آهيان.“
”ڪا ڪاميابي ٿي آهي چاچا؟“
”ٿي ناهي هيل تائين امان... ٿيڻ جي اُميد آهي... جنهن وٽ ويا آهيون، اُن خاطري ته چڱي ڪرائي آهي.“
”پئسا اُن ڏي ٿا کڻي وڃو؟“
مُنهنجي سوال تي هُو مُرڪيو، ”ايترڙا پئسا!؟... هُو ڇا ڪندو امان؟ اُهي ته سندس گاڏيءَ جي هڪ ڏينهن جو پيٽرول به نه ڪندا... هي ته مڙئي ڪنهن ٻئي لاءِ هوندو... هر در تي واجهائڻو ٿو پوي ڌيءَ.“
هُن ڪوپ رکيو ۽ اُٿي کڙو ٿيو.
”مولا جي حوالي... سڀ سڻائي“
مون کي ڀاڪر پائي، مٿي تي هٿ رکندي، هَٿَ تي سئو رپيا رکيائين.
”هي تُنهنجا آهن...هُنن ٻنهي کي مان ڏئي آيو آن.“
ٿيلهو کڻي هُو تڪڙو نڪتو... مُنهنجيءَ مُٺ ۾ سئو جو نوٽ هو. حيران ٿي وئي هُئس، هُن ڪڏهن به اڳي وڏن ڏينهن کان سواءِ خرچي نه ڏني هُئي، هِن واري وري هي ڇا ٿي ويو هو؟!... پر هاڻي ڪُجهه به عجيب نه هو... دل الاءِ ڇو ڄڻ هري وئي هُئي.
***
نصيبان کي به حيرت ٿي هُئي.
”اسين اجايو پيا خوش ٿيون ته سڀ سنڀاليو ويٺا آهيون... ۽ چاچي اڪبر کي ڪا تڪليف ٿيڻ نٿا ڏيون... هان زيبُل؟“
”هائو... ائين ئي آهي“
مون ساڻس ابي واري ڳالهه ڪئي هُئي ته کيس سڀ خبرون پهتيون پئي.
”اهو به چڱو ٿيو مائي ته چاچا قاصد ته تو وٽ ڪليئر ٿيو، نه ته تون ته اهڙي آهين جو هڪ ڀيرو رڳو، ڪنهن تي شڪ رکين... پَڪَ ته تو وٽ هوندي ئي هوندي آ.“
”هاڻي مان اهڙي به ڪونه آهيان“
”ڇو نه آهين...آهين ته سهي“
هُن چانهه ۾ بسڪوٽ ٻوڙيو، ٻن پهرن جو به چانهه بسڪوٽ کائي رهي هُئي، جيتوڻيڪ اڌ ڪلاڪ پهرين ماني کاڌي هُئائين.
”مان اجايا شڪ ٿي ڪيان!؟“
”اجايو مون ڪونه چيو... بهرحال شڪ ضرور ڪندي آهين.“
”شڪي ناهيان مان نصيبان...گهٽ ۾ گهٽ اها ته مون کي پڪ آهي.“
”مون اهو ڪونه چيو ته تون ڪا گهڻي شڪي آهين“ هُن وڏي سُرڪي ڀري. ”مُنهنجو مطلب اهو هو ته دل جلدي ڏُکائي ويهندين آهين... هاڻي پنهنجي پاران چاچا قاصد لاءِ سوچين ها... وري هُن لاءِ ڏُک ڪرين ها ته هُو اهڙو ڇو نڪتو...! شُڪر ٿيو، ڳالهه ڪليئر ٿي وئي.“
”ڪير ٿي سگهي ٿو نصيبان؟“
هُوءَ حيران ٿي وئي، ”ڪير، ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
”ابي کي ٻُڌائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“
”ٿيڻ لاءِ ته مان به ٿي سگهان ٿي“ هُن معنيٰ خيز انداز ۾ مُرڪيو.
”مشڪري ڇڏ... سيريئسلي ٻُڌاءِ“
”مون کي ڪهڙي خبر چري!“ هُن مگ پاسي کان رکيو. ”مون کي ڪو چاچي ٻُڌايو آهي يا مان هُن سان گڏ گڏ آهيان!؟“
”معنيٰ ابي کي اسان تي اعتبار ڪونهي!؟“
”اڙي“ هُن جو وات وري پٽجي ويو، ”اهو وري خيال ڪٿان آيئي“
”نه ته لڳي ته ائين ئي ٿو نه“
”سوچي سوچي تُنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي زيبي“ هُن هاڻي ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ شروع ڪئي. ”ٿورو فضيلت ڪر... گهڻو نيگيٽِو نه ٿي... ٿورو غور به ڪر... اسين ٽي ڄڻيون آهي... امان تون ۽ مان، مرد ماڻهو آهي ته رضا... نَون ڏهن سالن جو مرد... هاڻي اندازو نٿو ٿينئي ته اهي ٽئي ڇوڪريون يا عورتون، هڪ ٻار سان گذاريندي ڪيتريون محفوظ هونديون!؟... اڃا چاچا اڪبر، چا قاصد کي پويان ڇڏي وڃي ها ته ڪا ٻي ڳالهه هُجي ها... اِهو به ساڻس گڏ آ... لازمن هُن ڪو انتظام ڪيو هوندو. تڏهن ته نڪتو هوندو... ائين بنا ڪنهن پوئيواريءَ جي پنهنجا ننگ ڇڏبا آهن ڇا؟“
مون کي مٿس بيحد پيار اچي رهيو هو. پنهنجي دل جي حضور سان، هُن ڪيئن نه حالتن کي ۽ مُنهنجي سوچن کي سنڀالڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
”ڏس زيبُل“ هُن ناسون ڦوٽاريون. ”ڪا نموني گيري نه ڪر... ڪُجهه غلط نه سوچ... سِڌو سُٺو سوچ... نه ته همت جواب ڏئي ڇڏيندي ۽ جي اُها جواب ڏئي وئي نه ته پاڻ نه گهر جا رهنداسين نه گهاٽ جا...“
***
هن جي ڳالهه ۾ وزن هو. مان الاءِ ڇو گهڻو غلط سوچڻ لڳي هُئس. حياتيءَ ۾ اڪيلائيءَ اڳ ۾ ڪڏهن ائين ڀاڪر ۾ نه ڀريو هو. هِن ڀيري سندس ٻانهن جو گهيرو ڪُجهه گهڻو ئي تنگ ٿي ويو هو. لڳو پئي ڄڻ ساهه ٿَي مُنڌو.
هن، شاهينه جي پٽي کولي زخم کي غور سان ڏٺو.
”ڪافي ڀرجي ويو آهي. چرپر واري جاءِ تي آهي نه... نه ته اڃان به وڌيڪ ٺيڪ ٿي وڃي ها...“
هن پنهنجا هٿ، ڊيٽول سان ڌوتا، تازي پٽي کنيائين.
”چرپر ايڏي گهڻي ته ڪانه ٿي ڪري...“
مون شاهينه ڏانهن ڏٺو، جيڪا پٽي ڪرائڻ مهلَ به ماٺ ميٺ ۾ هُئي. ٻارن کي وٺي مان اڪيلي آئي هُئس. اُن ڏينهن ڪلاس ٽيسٽ هو، نصيبان کي اسڪول ضرور وڃڻو هو. ويندي ويندي به هُوءَ پارتَ ڪري وئي هُئي ته ٻارن کي ضرور ڏيکارڻ وڃجانءِ.
مون کي اڳ ۾ ئي ياد هو ته اڄ چيڪ اپ جو ڏينهن هو. هن جي ياد ڏيارڻ جي ڪا خاص ضرورت نه هُئم. پر وري به هُو پنهنجي عادت کان مجبور هُئي.
”ٺيڪ نموني سان ڳالهائجانءِ.... متان وري وڃي وات جا رانڀوٽا هڻين.!“
هن اسڪارف سنڀاليو هو. مون کي کل اچي وئي.
”ماڻهوءَ جي وات ۾ ننهن هوندا آهن ڇا جو انهن سان رانڀوٽا هڻندو؟“
”ٻيو نه ته... جيڪي نُنهن ماڻهوءَ جي وات ۾ هوندا ٿئي نه زيبُل... اُهي ته آنڱرين جي نُنهن کي به شرمائيندا آهن... اهڙا اهڙا لفظ نڪرندا آهن واتان... جو سڄو روح ڇلجي ويندو آهي.“
”واهه.... واهه... ڪمال ڳالهائڻ لڳي آهين...“ مان کلي هُئس.
”اي اهو ڪم مان سدائين سٺو ڪندي آهيان“
”مطلب“
”هاڻي وڃ تون ان ڊاڪٽر مطلب ڏانهن ۽ مُنهنجي جان ڇڏ.“ هن مون کي ڌِڪيو هو.
”هن مهل ڪٿان هوندو ٻَڙي..“ مان به پنهنجي مَتِ پاڻ هُئس. ”صبح ساڻ، اٺَ به ڪونه ٿيا هن... هُو اسپتال ۾ ڇا ڪندو هوندو..؟“
”اي رهندو ئي اتي آ... سمهندو به وارڊ ۾ آ.... صبح ساڻ پيو، اسپتال جي سامهون ٻنين ۾ پسار ڪندو آهي...“
”توکي وڏيون خبرون آهن“
”ڇا ڪيان... تولاءِ رکڻيون ٿيون پَون...“
”مون ڪڏهن چيو ٿمانءَ ته مون لاءِ خبرون رک..“
”چئين نٿي ته خير آهي... ڪُجهه ڳالهيون صرف سمجهڻ جون هونديون آهن.“
”توکي ڏاڍي سمجهه اچي وئي آهي نصيبان“
”توسان گڏ ٿي رهان زيبُل... ڪُند هم جنس باهم جنسِ پرواز...ڪبوتر با ڪبوتر، باز با باز.“
مون هٿ اُلاريو مانس، ”بند ڪر اها فارسي...است“
”ٻارن جي نفسيات ڪا فارسي ناهي هوندي“
هُن ڀُڻڪيو، مُنهنجا سڄا خيال هوا ٿي ويا هُئا، وات مان جملو نڪري ويو، ”مان اوهان کي فارسي ڳالهائڻ کان ته نه پئي روڪيان“
هُو حيران ٿي ويو، ”مون ڳالهائي ڇا؟!“
مون کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي وئي هُئي. هي مان ڪيان ڇا پئي؟ مون کي پنهنجي سوچ تي ضبط ڇو نه آهي؟ بيٺي هُن سان گڏ آهيان... مغز ۾ ڪُجهه ٻيو پيو ٿو هليم... هُن شاهينه جي پٽي پوري ڪئي هُئي.
”مون ته رڳو اُن لاءِ فارسيءَ جو ذڪر ڪيو هو. جو اوهان چيو هو نه ته هُوءَ چُرپر نٿي ڪري... جيتوڻيڪ ٻار آهي ۽ ٻيو ته گوڏو جڳهه اهڙي هوندو آهي، جيڪا کُل بند ته ٿيندي ئي رهندي آهي.“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”مطلب... حرڪت نه چاهڻ جي باوجود به ٿي ويندي آهي.“ هُو هلڪو مُرڪيو. ”مطلب... جوڙ آهي نه...آءِ مين...اِتي حرڪت وڏن کان ئي ڪونه رڪجندي آهي... هيءَ ته ٻارڙي آهي... آءِ ايم سوري... مان وري مطلب مطلب تي اچي ويس.“
هُن وري مُرڪيو، مون کي محسوس ٿيو سندس مُرڪ آسودي، گهري ۽ گهاٽي آهي ۽ الاءِ ڇو هُن ۾ ڪو رنگ سادگيءَ جو به ڀريل آهي.
”اٽس او ڪي“ هاڻي مون وراڻيو... رڳو هُن کي ئي انگريزي ٿي اچي ڇا!
”واٽ او ڪي؟“ هُن مون ڏانهن نگاهه کنئي.
”آءِ مين يُو ئر ڪنسَرن“
”ابائوٽ واٽ؟“
”ابائوٽ دَ وَي يُو اسپيڪ“
هو کِليو... هاڻي سندس ڏند نظر آيا هُئا.
”مان ائين ئي آهيان... غلطي ڪندو آهيان ته هڪدم ساري ڪندو آهيان... انسان کي سڀ بار ڪُلهن تي کڻڻ گهرجن... غلطين جو بار نه کڻڻ گهرجي، جي چڙهي پوي ته هڪدم لاهي ڦِٽي ڪرڻ گهرجي.“
هُن رضا کي ڏٺو پئي. سندس پٽي پئي کوليائين. رضا جي مُنهن تي سور جا آثار هُئا. ڊاڪٽر هلڪو مُرڪيو.
”تون ته همٿ وارو نوجوان آهين يار... دلير آهين... ڪيئن نه همٿ ميڙي تو ڀيڻ کي ڪُتي کان بچايو آهي... هي سور ته هلڪا سلڪا آهن.“ رضا جي مُنهن تي مُرڪ تري آئي. ننڍڙي ڄمار ۾ فخر جو احساس به عجيب هوندو آهي. شاهينه پريان پٽي ڪرائي ويٺي هُئي. اُتان ئي ڳالهيائين، ”انڪل... ڪُتو ڇتو ڏاڍو هو.“
ڊاڪٽر ڏانهنس نهاريو، ”سڀئي ڪُتا ڇتا ناهن هوندا ٻچا...“
”نه پر هُو ته هو“ شاهينه جملي تي زور ڏنو.
”هوندو“ ڊاڪٽر رضا جي زخم کي صاف ڪندي وراڻيو، ”هوندو...تڏهن ته اوهان تي حملو ڪيو هُئائين.“
”الاءِ... چون ٿا، مان ڊوڙي هُئس سو حملو ڪيو هُئائين“
سندس ڳالهه تي ڊاڪٽر جي مُرڪ گهري ٿي وئي هُئي.
”چون ٿا!.. ڪير ٿا چون؟“
بيحد سادگيءَ سان شاهينه وراڻيو... ”ماڻهو... ماڻهو ٿا چون.“
هُن پٽي ڪندي نگاهه مون تي وڌي ”هي ايترو ۽ ائين ڳالهائيندا آهن؟“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”پنهنجي عُمر کان ڪُجهه وڌيڪ ڳالهيون نه پيا ڪن ٻئي؟“
رضا وچ ۾ ٽپ ڏنو ”ڪندا هُون“.
ڊاڪٽر وري کيس ڏٺو، ”لُڏ نه... ٿورو سڌو رکو... نه ته پٽي سرڪي ويندي“ هُن رضا تان نگاهه هٽائي مون کي وري ڏٺو، ”ماشاءَ الله... ڏاڍا ذهين آهن ٻئي“.
”مان جي سچي به نه ڊوڙان ها ته هُو مون ڏي نه اچي ها.“ شاهينه الاءِ ڪهڙي رمز ۾ هُئي، کيس شايد پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻي هُئي.
”جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو چُٽڪَلِي...“ ڊاڪٽر رضا جي پٽي فائنل ڪئي، ”هاڻي الله ڪندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... بس باقي هڪ ٻه پٽي ۽ توهان سڌو پنهنجي اسڪول.“
رضا هيٺ لٿو، ”ٿينڪ يو“
”يو آر ويلڪم“ ڊاڪٽر وري مُرڪيو، الاءِ ڇو سندس چهرو بيحد آسودو ٿيندو پئي ويو. هُن گِلَوز لاٿا، هٿ ڌوتائين ۽ پرچي لکڻ شروع ڪيائين. رضا ۽ شاهينه گڏ بيٺا هُئا. مان پريان بيٺي کين ڏسي رهي هُئس. اُتان ڄڻ نگاهه گهمندي ڊاڪٽر تي اچي اٽڪي. عجيب ڪردار هو! ڳوٺ جي اسپتال ۾ ايپران پايو ڪم ڪري رهيو. گرمي مناسب هُئي ۽ سندس حُليو عجيب هو. پيشانيءَ تي پگهر جا قطرا هُئس پر هُو لاپرواهه نموني سان پنهنجو ڪم ڪري رهيو هو. ڊسپينسر اچي بيٺو هو، هُن جي هوندي به پٽي ڊاڪٽر پاڻ ڪئي هُئي. پرچو ڪٽي هُن ڊسپينسر کي ڏنو.
”هي کڻي اچو“
پرچو کڻي ڊسپينسر مُڙي ويو. ڊاڪٽر مون ڏي نهاريو، ”ٻه منٽ ويهو... دوائون کڻي اچي“
مان چُپ ڪري ويهي رهيس پر ويهندي ويهندي الاءِ ڪنهن مون کي چَوِرايو ”هِتي هاڻي دوائون ملن ٿيون ڇا؟“
هُن نگاهه مون تان هاڻي کڻي ڇڏي هُئي. پنهنجي ميز ۽ ڪاغذن ڏي نهاريندي چيائين، ”مِلن به ٿيون...ماڻهو وٺي به ڏين ٿا.“
”ماڻهن کي دوائن جي خبر پئي ٿي ته ڪهڙيون ڪهڙيون گهرجن؟“
”ڪن کي خبر پوي ٿي... ڪي پئسا ڏئي ويندا آهن ته گهرائي وٺو...“
مون کي لڳو، هُن تي اعتبار جي حد وسيع هُئي سندس چهري مان، چوريءَ يا دوکي جو ڪوبه عڪس نظر نه پئي آيو، تڏهن ته ماڻهن مٿس اعتماد پئي ڪيو.
”معنيٰ هتان جا ماڻهو مدد ڪن ٿا؟“ الاءِ ڇا پئي ڳالهائڻ گهريم. الاءِ ڇا پئي ڳالهايم.
”اسان وٽ مدد جام آهي مئڊم...“ هن ميز جو خانو کوليو، پنان اندر رکيائين، ”ماڻهو هٻڪن ڪون ٿا... بس رڳو هڪ ڀيرو اعتبار ڏيارجين...“
”توهان تي اعتبار اچي ويو ٿن؟...“
”آيو ٿن، تڏهن ته ڏين ٿا...“ مُرڪيو، ”هونئن مون کي پاڻ کي لڳندو آهي ته مان اعتبار جي لائق آهيان... اهو به عجيب ڪم ٿوَ... ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ گهڻو ڪُجهه لڳندو ٿوَ.“
”مطلب؟...“ مون پُڇيو.
”مطلب ته... چور کي پنهنجو پاڻ چور لڳندو آهي، پهرين چوري ته هُو پنهنجي ڪندو آهي جو پنهنجي ايمان کي چورائي وٺندو آهي... ساڌ کي سڀ ڪُجهه ساڌ لڳندو آهي؟...
ڪنن ۾ الاءِ ڪنهن چيو، ”پڇينس... توکي پنهنجو پاڻ چور لڳي ٿو...“ جملي تي پريشان ٿي وئي هُئس... هن جي نه... پنهنجي اندر جي... هن اک کڻي مون کي ڏٺو.
”مشڪل ڳالهيون ٿو ڪيان نه...“
”نه ته...“ مون پاڻ سنڀاليو.
”الاءِ اوهان لُڪ ته اهڙو پئي ڏنو...“
ڳالهه هلي پئي ته ڊسپينسر دوائون کڻي اچي ويو.. هن پُڙيون اسان ڏي وڌايون.
”دوائون ٿوريون مَٽايون ٿم... هاڻي هي ٻئي ڪافي بهتر آهن... توهان ٻن ڏينهن کان پوءِ کين وري ڏيکاري وڃجو...“
”اسان اسڪول ڪڏهن وينداسين“ رضا پُڇيو.
ڊاڪٽر هن سان هٿ ملايو.
”جلدي... انشاءَ الله...“ هُو شاهينه ڏانهن مُڙيو“ او ڪي باس... الله ڪندو ته توهان جلدي ڊوڙون ڊُڪون پائيندئو.“
شاهينه هٿ ملائيندي ڄڻ شرمايو پئي. ڊاڪٽر سندس پوني ڇِڪي، ”باءِ“
هُو مُرڪي پئي. ڊاڪٽر مون ڏي نهاريو ۽ نگاهن نگاهن ۾ خُدا حافظ چيائين.
”ٿينڪ يو“ مون ڪنڌ ورايو ۽ ٻارن کي وٺي اُتان نڪري آيس. پريان سندس آواز ٻُڌم ”اٽس او ڪي.“
***
ڪُجهه چوڻ نه چوڻ جي عجيب حالت هُئي.
شام جو نصيبان آئي ته پُڇيو هُئائين ”ڊاڪٽر مليو؟“
سندس جذباتي پڻو مون کي باهه ڪري رهيو هو، لڳم پئي ڪُجهه گهڻي ئي فلمي ٿي رهي آهي.
”مان ٻارن جي پٽي ڪرائڻ وئي هُئس.“
لهجو سرد هُئم، پر هُن لفٽ ئي نه ڪرائي.
”پٽي ته هُن ڪئي هوندي نه...“
”نه...ڊسپينسر هو...“ مون ڳالهه کي اتي ئي ختم پئي ڪرڻ گهريو، هُن مُنهنجي مُنهن کي جانچيو...
”ڊسپينسر نه هو... هُو هو...“
”مان ڪوڙ ٿي ڳالهايان ڇا؟“
”مون ائين ته ڪونه چيو...“
”ته پوءِ باقي..“ وهاڻن تي ڇئون پئي چاڙهيوسين. ماسي حنيفان، اڄ ڌُوئي وئي هُئي. مان اسپتال وئي هُئم ته هُن ڌوٻڪو ڪم ڪري ورتو. هاڻي وقت مليو ته ڪپڙن کي ويڙهي رکيوسين پئي. وارو آخر ۾ وهاڻن تي ڇئُن چاڙهڻ جو ۽ ٻين سامانن جو آيو هو.
”باقي ڇا؟“
”مطلب... تون ته ائين ٿي چوين نه... ته مان جهڙوڪر ڪوڙ پئي ڳالهايان!؟“
”مون کي خبر، پٽي ڊاڪٽر ڪئي آهي... تُنهنجو مُنهن پيو ٻُڌائي“
”مُنهنجي مُنهن تي هُن جو نالو لکيل آهي ڇا؟“
”اِهو مون چيو ڇا؟“
”يا ڀلا جيڪو پٽي ڪري، اُن جي پٽي مُنهنجي پيشانيءَ تي هلندي آهي ڇا؟“
”توبنهن مائي... کائڻ ٿي اچيم“ هُن هڪ وهاڻي کي مُڪمل ڪري اُڇلايو.
”تون ڳالهه ئي اهڙي ٿي ڪرين نه نصيبان...“
مون لهجو نرم ڪيو، هُن ٻيو وهاڻو کنيو.
”جي هُن جو پُڇان ٿي ته ڪو ڏوهه ٿي ڪيان ڇا؟“
”مُنهنجو هُن سان ڇا وڃي؟“ مون سندس اکين ۾ اکيون وڌيون، ”مُنهنجو ڪو هُو مائٽ آهي ڇا؟“
”مائٽ جي ٿي ويو ته ڪهڙو نقصان ٿيندئي مائي؟“ هُن وهاڻي جي پاسي کان ڏوريون ٻڌيون ۽ ڏيڍ ڳنڍ ڏئي وهاڻو اڳتي وڌائي ڇڏيائين.
”ڳالهه نقصان يا فائدي جي آ ڇا؟“
”ته ڇا جي آ؟...توکي پنهنجو نقصان لڳي ٿو، تڏهن ته مون سان ائين رکو ٿي ڳالهائين.“ سندس نيڻ ڪٽورا ڀرجڻ لڳا هُئا.
”مُنهنجو ڇا جو نقصان آ؟“ مون حيرانيءَ سان نهاريومانس.
”دل جو...ٻيو ڇا جو؟“ هُن مُنهن ورائي ورتو، سمجهيم ڳوڙها پئي لڪائي. مون سندس مُنهن هٿن ۾ جهلي ورتو.
”هيڏي ڏس“
هُن پاڻ ڇڏايو، ”ڇڏ مون کي...“
”هيڏي ڏس نه...ڏسين ڇو نٿي؟“ مون زوريءَ مُنهن موڙيومانس. هُن جا ڳوڙها ڪري پيا.
”تو ڪڏهن مون سان ائين سخت ناهي ڳالهايو زيبُل“
مُنهنجو روح ٽمڻ لڳو هو. هُوءَ مُنهنجي ڪري روئي، اهو مون کان ڪيئن گوارا ٿيندو! مون ڇڪي کيس سيني سان لائي ڇڏيو.
”چري آهين ڇا؟... ۽ ڪهڙو سخت ڳالهايو مون توسان!؟ هان...“
هُن اکيون اُگهيون، آهستڙي مون کان پنهنجو پاڻ ڇڏارايائين.
”توکي تُنهنجو آواز ڪُجهه نٿو ٻُڌائي ڇا؟“
”ڪير ڪُجهه نٿو ٻُڌائي...ٺيڪ آ... ۽ هاڻي بس، پاڻ اچ ته ڪُجهه ٻيو ڳالهايون... هيئن ڪر تون ويهه، مان چانهه ٺاهي ٿي اچان تولاءِ“
”پهريون ڀيرو آئي آهيان ڇا مان؟“ هُن ڪَٽيلي نگاهن سان ڏٺو ”جو مُون لاءِ چانهه ٿي ٺاهين؟“
”يا الله...يار مان توکي ڪيئن پرچايان ڀلا!؟“ هاڻي مان روئڻ هارڪي ٿي وئي هُئس، ”اهو مُنهنجو اونگو، بونگو ڳالهائڻ، مڙئي اُن لاءِ آهي جو تون پرچي پئين... نه ته هاڻي تولاءِ خاص هِن گهر ۾ ڀلا چانهه ٺهندي ڇا؟“
”تون هُن کي ڇا سمجهندي آهين زيبُل؟“
هُن ڇُوٽ سوال ڪيو... معنيٰ سُئي اڃان اُن هڪ اسٽيشن تي ئي اٽڪيل هُئي.
”ڇا سمجهڻ گهرجيم؟“
”سوال جو جواب، سوال هوندو آ ڇا؟“ هُن نڪ صاف ڪيو.
”جڏهن سوال ڪرڻ وارو پاڻ جواب هُجي ته سوال جي موٽ ۾ سوال ئي ايندو نه؟“
”جيڪڏهن مان جواب آهيان... ته اهو جواب ته توکي قبول ئي ناهي... تڏهن ته سوال ڪيان پئي“
”ضروري آهي ڇا ته تُنهنجو جواب درست هُجي!“
”ناهي ضروري“ هُن تڪڙو وراڻيو، ”پر بهرحال جي مان، تون آهيان... ته مُنهنجو جواب به ته تُنهنجو ئي هُجڻ گهرجي نه.“
”ڇاهي تُنهنجو جواب؟“
”توکي نٿو سُجهي؟“
”نه... اڄ تون پاڻ چئي ڏي“ مون سندس هٿ جهليو.
”هُو توکي پسند آهي“ هُن مُنهنجا هٿ جهليا، ”هُو توکي ڏاڍو پسند آهي زيبي“.
مون سندس هٿ دٻائيندي چيو، ”هُو هرگز مون کي ڏاڍو پسند ناهي.“
سندس اکين ۾ عجيب وحشت ڀرجي آئي. لڳو پئي ته کيس اڃا تائين اُهو احساس هو ته مان ساڻس سچ نه پئي ڳالهايان.
”توکي لڳي ٿو ته مان توکي پڙهي نٿي سگهان؟“
حالت عجيب ٿي رهي هُئي. بحث هو جيڪو الاءِ ڪنهن طرف وڃي رهيو هو. زندگي ۾ ڪڏهن به پهرين اسان ائين هڪ ٻئي جي سامهون ڪونه ٿيا هُئاسين. جيڪڏهن ماڻهوءَ جو محبتن ۾ ڪو پاڇو هوندو آهي ته نصيبان مُنهنجو پاڇو ئي هُئي. اڄ هُن کي ڇو اهو ضد چڙهيو هو ته مون کان مڃرائي ته مان ڊاڪٽر کي پسند ڪيان ٿي. سندس رنج ڏسي مون کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهي هُئي. ڇا هُو اهڙو ظاهر ٿي پيو هو. مُنهنجي مُنهن تي رنگن ۾ ڪهڙو رنگ چوکو هو جنهن کي هُن جهٽي ورتو هو ۽ جهٽيو به اهڙو هُئائين جو پچر ڇڏڻ لاءِ تيار ئي نه هُئي.
”تون سمجهين ٿي ته مان توکي اهو چونديس ته تون مون کي پڙهي نٿي سگهين. ڪي ڪي تحريرون انسان پاڻ ته لکندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو لکيو پاڻ پڙهڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آهي. تون مان هڪ ٻئي جو پاڇو آهيون ڇا توکي اهو نٿو لڳي ته هي تحرير مشڪل ٿيندي پئي وڃي؟“
هن جو چهرو سخت ٿي ويو هو. لڳو پئي کيس مُنهنجي گفتگو حيران ڪري رهي هُئي. هن پنهنجا هٿَ ڍرا ڇڏي ڏنا هُئا. مون به الاءِ ڇو اهي وري نه جهليا هُئا، ”مون کي جيڪو تون سمجهين سگهين ٿي، سو ڪير ٻيو سمجهي سگهي ٿو نصيبان؟..“
مون کائنس سوال ڪيو. هن وٽ جواب هو پر هُوءَ ماٺ هُئي. سمجهم سڀ ڪُجهه مون کان ٻڌڻ ٿي گهري.
”جڏهن تون مون کي سمجهين ٿي ته پوءِ اها سوچ هر هر مَن ۾ ڇو ٿي اچي؟“
”ڇا ڪاڻ ته مون کي لڳي ٿو ائين آهي!“
هن وڏو ساهه کنيو.
”ڇا آهي؟“
”اهو تون هر هر مون کان ڇو ورجارائيندي آهين؟“ هُوءَ چڙي پئي، ”معنيٰ ته توکي به ٻڌڻ جو شوق آهي ته مان هر هر توسان اها ڳالهه ڪيان...“
”ڪهڙي؟“
”مُنهنجي ڦاهي کائڻ جي ٻي ڪهڙي.“
هوءَ صفا باهه ٿي وئي هُئي. مون کي به پنهنجي گفتگو سمجهه ۾ نه پئي آئي. چپَ ڀڪوڙي ڇڏيم. حياتيءَ ۾ تمام گهٽ ائين ٿيو آهي جو اسين پاڻ ۾ اٽڪيا هُجون. هوءَ مُنهنجو ۽ مان هُن جو مان هُئس. هنن ساعتن ۾ هي الاءِ ڇا ٿي رهيو هو.
کيس اندازو ٿي ويو هو ته مان ڏُکاري پئي ٿيان. هن پنهنجو پاڻ سنڀاليو.
”هڪ ڳالهه پاڻ اجائي کنيو ويٺا آهيون زيبُل... بس ڇڏ اُن کي“
”اجايو سجايو، ڪابه ڳالهه ڪيون نه نصيبان... ته پاڻ پورو ضرور ڪنديون آهيون، اها طلعت ئي ڪهڙي جيڪا ڳالهه مڪمل نه ڪري... هن ڀيري ائين ڇو پئي ڪرين!؟...“
”مان اڪيلي ٿي ڪيان ڇا؟.. ٻئي پيا ڪيون نه.“
”ته ٻئي ڇو پيا ڪيون؟...“
”هڪٻئي کان لنوايون پيا... ٻيو ڇا!..“
سندس لهجي ۾ ڪَٽار هُئي. ڌار تيز هُئي... هينئو ڪپجي رهيو هو... لڳم، اسان جي اندر ڪُجهه ٿي نه پوي.
”مان توکان لنوايان ٿي؟“
”ٻيو نه ته ڇا!..“
”ڪيئن؟“
”دل ۾ سرگوشيون محسوس ڪرين ٿي. مان پڇان ٿي. تون نهڪار ٿي ڪرين..“
”هڪ ته پاڻ ٻئي، جيڪي هِن عُمر ۾ سقراط بقراط آهيون نه، ان عذاب ڪيو آهي...“ مون کي کل اچي وئي. ”ڪو ٻُڌَي ته ڪهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪنديون آهيون ته وڃي مٿو پٽي...“
”هاڻي کل ۾ ڳالهه نه ٽار“ هن جو مُنهن سُڄيل هو ”مان سيريس آهيان... کلڻ جو موڊ ناهيم...“
”تون مون سان گڏ موڊ تي کلندي آهين نصيبان..“ هاڻي مُنهنجو چهرو به سخت ٿي ويو... دل لوڏن ۾ اچي رهي هُئي.
”تو وٽ ڀلا... سوالن کان سواءِ ٻيو ڪُجهه ناهي ڇا؟“ هُن مُنهنجو چهرو پڙهي ورتو هو. مُنهنجو آواز کنڊر بڻجڻ لڳو هو.
”جنهن ماڻهوءَ جي حياتي رڳو هڪ مهيني ۾ ڏينهن مان رات ٿي وڃي، اُن وٽ سوال ئي سوال نه هوندا نصيبان نه ٻيو ڇا هوندو؟... هان... رڳو هڪ مهينو اڳ ان سڄي قصي جو ڪو وهم و گمان به نه هو مون وٽ... نه مون وٽ نه تو وٽ... اهو مئو لالڻ ڪڍ پيو، ڀاءُ کرَيو... دڙيوسينس گم ٿي ويو، ماءُ چري ٿي وئي... اَبو گهران نڪري ويو آ ڳولا ۾ ٻارَ ڌڪجي پيا آهن... اسڪول نه ٿي وڃي سگهان... اهو سڀ صرف هنن ٽيهن ٻٽين ڏينهن ۾ ٿي ويو آهي ۽ اڃان تون پڇين ٿي ته سوالَ ڇو ٿي ڪيان!؟...“
مُنهنجي نڙي ڀرجڻ لڳي... اکين ۾ ڳوڙهن جو انگ وڌڻ لڳو، هن هڪدم مُنهنجي ٻانهن جهلي، مون ڳالهه جاري رکي.
”زندگي، مهربان هوندي آهي ته اُن جهڙو ته ڪو مهربان ئي ناهي هوندو... جي رُسي ٿي ته پوءِ پرچي ڇو نٿي؟! اهو سوچيو هو اسان ته جائُو ڀري بازار ۾ گم ٿي ويندو؟... امان ائين چري ٿي ويندي.! ماڻهن جي گم ٿيڻ سان ماڻهو چريو ٿيندو آهي ڇا؟ اڪيلائپ ايڏو سگهارو ڀاڪر پائيندي آهي ڇا؟... سوال... سوال... ۽ سوال... سوال نه ڪيان ته ڇا ڪيان؟“
هُن ٻانهن کي جڪڙيو
”تو ڪڏهن ٻوڏَ جي پاڻيءَ جي لاٿ ڏٺي آ... نصيبان؟... پاڻيءَ جي چڙهڻ کان پهرين سڀ سائو هوندو آ... چِهچُ، حسين... پوءِ جڏهن پاڻي بي مهري ڪري سڀ ڪُجهه ٻوڙي ناس ڪندو آهي ۽ پوءِ اتي بيهي پنهنجي حاڪميت ڏيکاريندو آهي... ته انهيءَ ساوڪ جو اندر سڙڻ لڳندو آهي. اُها ان پاڻيءَ کي ڪُجهه ڪري ناهي سگهندي... سندس لهڻ کان پوءِ رنگ مٽائيندي آهي. اهو سائو پردو الاءِ ڪيڏانهن ويندو آهي ۽ ڀُورَو يا خاڪستري اُوڍ، مٿس اچي ويندو آهي... مون کي لڳي ٿو... هن مهلَ درد جو پاڻي مون کي ٻوڙي چُڪو آهي... مُنهنجي اندر جي ساوڪ مري وئي آهي نصيبان... هاڻي اتي، خاڪستري رنگ چڙهئي پيو... اهو پاڻي لٿو ته ڏسجانءِ... مُنهنجي ساوڪ هوندي ئي ڪانه...“
مون روئي ڏنو. هُن مون کي ڀاڪر پاتو... پاڻ به سڏڪڻ لڳي.
”آئم سوري زيبي...“
هُوءَ شدتن سان روئڻ لڳي... مُنهنجو هانءَ ته اڳ ۾ ئي ڦاٽڻ لڳو هو، اسين ٻئي ڍڪرون ڏئي روئڻ لڳيوسين. هُوءَ چرين وانگر مون سان ويڙهجي وئي ”آئم سوري... آئم سوري...“
مون کيس ڀاڪر ۾ ڀريو
”محبتون، موسمن تي به آڌار رکنديون آهن نصيبان... اندر جي موسم مهربان هجي ته محبت ئي محبت هوندي آهي... نامهربان موسمن ۾ محبت ڪٿان ٿي سامهون اچي..“
”مُنهنجو اهو مطلب نه هو زيبا...“ هُن سُڏڪيو ”توکي رنج ڪرڻ مُنهنجو مقصد هوندو ڇا؟“ ڳوڙها اگهيائين... مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو هُئس.
”مان ته پاڻ ان چڪر ۾ هُئس ته مڙئي ڪُجهه هلڪو ڦُلڪو هجي... ڪو گوشو، ڪا ڪُنڊ... جنهن تي ڪُجهه گل مِهُڪن... مون کي لڳو هو ته ڊاڪٽر توکي سٺو لڳڻ لڳو آهي... ۽ بس... مڙئي دل کي هڪڙو چرچو هو ۽.....۽.“
هُن جملو ٽوڙي ڇڏيو ۽ وري روئڻ لڳي.
”مون توکي چرچن کان روڪيو آهي ڇا“ هاڻي مون کيس سنڀاليو.
هن وري پنهنجو ڳاڙهو نڪ اگهيو
”نه... تو ته ڪونه روڪيو آ...“
”ته بس... ڀلي ڪر...“
”نه پر، اهو رڳو چرچو نه هو زيبا...“
رئي سان سڄو مُنهن اگهيائين ۽ وري مُنهنجو مُنهن اگهڻ لڳي. مون کيس روڪيو ڪونه. مُنهن اگهندي هُوءَ ڳالهائيندي رهي.
”ڊاڪٽر ڏاڍو سٺو آهي... توکي ڏسندو آهي ته سندس وجود ڪُجهه ڳالهائڻ لڳندو آهي. مون کي اها ٻولي سمجهه ۾ آئي ته توڏي نهاريم... لڳم ته تون به اها زبان سمجهين پئي، پر ان ۾ ڳالهائڻ نه ٿي گهرين... خواهش اها ٿيم ته تون نه ٿي ڳالهائي سگهين ته مان ٿي ڳالهايان... بس اهو قصو هو سڄو... پر هاڻي ٺهيو..“
مون سندس هٿن تي ڪريل اکين جي آب ڏانهن نهاريو. ڳوڙها ڪريا هُئس الاءِ هُن هٿن جي پُٺين سان اکيون اگهيون هيون.
”مون بابت، جيڪو تون سوچي سگهين ٿي، اهو مان پاڻ به نه ٿي سوچي سگهان نصيبان... مان توکي ان سوچ کان روڪيان نه ٿي... تون ڀلي سوچ... پر... هن پاڻيءَ جي لهڻ جو انتظار ڪر... ڪنهن چڱي موسم ۾ ڪُجهه پوکينداسين... ٿي سگهيو ته اهو سڀ به ڏسنداسين ڀيڻ... جيڪو نصيب ۾ آهي. چنڊ نڪرندو آهي ته سڀ کيس ڏسندا آهن. مهربانين جو چنڊ نڪتو ته گڏجي ڏسنداسين... پوءِ مان سوال نه رهنديس... مان تولاءِ جواب بڻجي پونديس. اهو مُنهنجو توسان واعدو آهي.“
نصيبان ۽ مون کي امان روئيندو ڏسي وئي هُئي.
جنهن مهلَ اسان جي اکين مان آب جاري هو ته هوءَ اوچتو ورانڊي ۾ نڪري آئي هُئي. ٻنهين کي هڪ نگاهه لاتعلقيءَ سان ڏسندي هوءَ وري واپس ڪمري ۾ گهڙي وئي هُئي، مُنهنجي اندر ۾ وڍَ پئجي ويا هُئا. اها امڙ، جيڪا مون تي رنجَ جو پاڇو ڏسڻ نه چاهيندي هُئي، هاڻي ڳوڙهن جي برسات ۾ به بس ڏسي موٽي وئي هُئي.
پر ان ۾ هُن جو به ڪهڙو ڏوهه هُو؟ رشتا ذهن مڃيندو آهي، هن وٽ ذهن هن مهلَ هُو ڪٿي؟ جي هئو به ته دوائن ۽ دردَ جي اثر هيٺ هو.
نصيان گهر هلي وئي هُئي، شام جا پاڇا گهرا پئي ٿيا. بتيون ٻاريون هئم. ٻارڙا ٽي وي ڏسي رهيا هُئا. مان رڌڻي ۾ هُئس. امان اتي اچي نڪتي.
”توکي ڌڪ لڳو آ؟“
هُوءَ هٿ ۾ پٽي کنيو بيٺي هُئي. ڊريسنگ جي سامان جو دٻو ۽ ٻٽي هٿ ۾ هُئس. هن شايد اها پٽي ان مان ڪڍي ورتي هُئي. مان سڄي وسامي وئي هُئس... يا الله.... هن دٻي ۾ ڪئنچي هُئي، تيز ڌار وارو فارسئپ هو جيڪو اسين ڪڏهن ڪڏهن پريڪٽيڪل لاءِ کڻي وينديون هيونسين، هي ڊٻو کيس ڪٿان هٿ آيو؟ جي خدانخواسته، هيءَ ان مان ڪُجهه ڪڍي وٺي ۽! پاڻ کي يا ڪنهن ٻئي کي ڪو نقصان پهچائي وجهي ته...؟!!
مون هڪدم اڳيان وڌي کائنس دٻو وٺڻ چاهيو، هوءَ ڇرڪي پويان ٿي وئي.
”ڌڪ ڏيکار... پٽي ڪيانءِ؟...“
”امان، ڌڪ ناهي لڳو“ مون منٿ ڪئي ”اهو دٻو مون کي...“
هُوءَ اڃا پوئتي موٽي.
”نه... پهرين پٽي ڪراءِ...“
”ڌڪ ناهي لڳو امان... پٽي ڇا جي ڪرايان؟“ مون پيار وچان چيو. من لهجو کيس راضي ڪري ”اهو دٻو ڏي نه مون کي“
”پٽي ڪيان... پوءِ ڏيانءِ ٿي“
”ڪنهن جي پٽي؟“
”تُنهنجي ٻيو ڪنهن جي“
”مون کي ڌڪ ناهي لڳو امان...“
”ته پوءِ روئين ڇو پئي؟ هُوءَ توکي پرچائي ڇو پئي ڇوڪري؟“
”هُوءَ نصيبان هُئي امان...“
”ها هُئي“
هن پاڻ ئي دٻو رکيو ۽ منجيءَ کي ڇڪي ويهي رهي ”هُنَ کي به ڌڪ لڳو هو ڇا؟ هٿ ۾... روئي پئي..؟“
مان به ماٺ ڪري سندس ڀر ۾ فرش تي ويهي رهيس، دوائن جو دٻو اک ۾ رکيو هُئم. ته جيئن وقت ملڻ سان اهو پار ڪري سگهان.
”نه ڪو، ڌڪ ته ڪنهن کي به ڪونه لڳو هو.“
”پوءِ روئو پيون؟“
”ائين ئي...“
”ائين ئي روئبو آ؟“
”ها... اسان روئينديون آهيون!“
”مان نه ٿي روئان.“
هن اکين کي وڏو ڪيو آنڱرين سان، مُنهن جي پاسن کي ڇڪڻ لڳي.
”ڏس... ڏس مان ته نه ٿي روئان.
مون وٽ ڪوبه جواب نه پئي آيو ڇا چوانس ها... ڪهڙي ڳالهه ڪيانس ها.
”مان ائين ئي ڇو نه ٿي روئان ادي؟“
هن عجيب لاتعلقيءَ سان مون ڏانهن نهاريو.
”مان ڪير آهيان امان؟“
مُنهنجي وات مان اوچتو نڪري وي، هُن ادي چيو هو، مُنهنجي ضبطَ جو ٿانءُ ڄڻ ڀرجي پيو هو.
”تون نصيبان جي ساهيڙي آهين مومل..“
”مومل نه زيبُل امان..“
”ها ها زيبل“ هُن کليو ”زيبُل زيبُل...“
لڳم وري دؤرو پئيس پيو. سامهون باهه ٻري رهي هُئي.
هيءَ هتي ويٺي هُئي. سمجهه ۾ نه پئي آيم ته ڇا ڪيانس... ڇا چوانس...
هتان ڪيئن پري کڻي وڃانس!؟
”خالي زيبُل نه امان“ پيار مان ٻانهن جهلي مانس ”زيب النساء... توهان جي ڌيءَ.“
کيس ياد اچي ويو اوچتو ”اڙي ها زيب النساء... زيبُل... پر توکي ڌڪ ڪيئن لڳو...“
اوچتو، ڊاڪٽر جا لفظ ڪنن ۾ ٻرڻ لڳا هُئا. ’جيڪو چوي، تنهن تي ها ڪجو. اجايو ڳالهه جو محور نه مٽائجو‘. مون پاڻ سنڀاليو.
”ڪري پئي هُئس امان...“
”ڪٿي“
”ڏاڪڻ تي...“
”ڏاڪڻ تي ڇو... پٽَ تي ڇو نه؟“
”اتي ڏاڪا هُئا نه“
”ڪٿي ڏاڪا هُئا؟“
”جتي مان ڪري هُئس“
”ڇو ڪرينءَ؟“
”پير ترڪي ويو هو.“
مون دٻي ڏانهن نهاريو
”هن ۾ دوا آهي پير جي؟“
”ها“
”ڏسان...“
هُن دٻي کي کولڻ لاءِ هٿ ۾ کنيو ته مون رڙ ڪئي.
”امان، مون کي لڳي ٿو ته اها کپي وئي.“
”ڏسان وري به...“
هُن دٻو کولي ورتو. اٿڻ ساڻ ئي ڪئنچي ۽ اسڪيلپر کنيائين.
”چيرو ته نه ايندو نه...“
”چيرو ته نه ايندو نه...“
مُنهنجي نڙي سڪي وئي هُئي. سڀ ڪُجهه ڪيڏو نه تڪڙو ٿي رهيو هو.
”نه... چيرو نه ايندو...“
هُن سامان واپس رکيو.
”مان تُنهنجو ڌڪ ڏسان“
دٻي کي سرڪائي پريان ڪيائين ۽ مُنهنجي پير کي ڏسڻ لڳي... مون ٽنگ سڌي ڪئي. هُن مُريي وٽان پانچو مٿي ڪيو.
”هتي لڳو ٿئي ادي؟“
”جي“ مون پاڻ سنڀاليو، سندس لهجو وڍَ وجهي رهيو هو.
”مُنهنجي ڌيءَ آ زيبُل... ڏاڍي هوشيار آ... مان هن کي تو ڏانهن موڪليان ٿي، اها پٽي ڪندئي... مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي..“
هُوءَ هڪدم بيزار ٿي وئي... مُنهنجو پير هٿ ۾ مٿي کنيو هُئائين، سٽ ڏئي زمين تي هنيائين... مُنهنجي کڙيءَ مان ڄڻ چڻنگون نڪري ويون.
هوءَ اٿي کڙي ٿي، مون کي ڏاڍو ڌڪ لڳو هو.
”پٽي ڪراءِ ۽ ها... ان دٻي ۾ دوا رکندي ڪر... اجايو کڻي ايڏو ڍانگُو کنيو ٿئي. جي نه ٿي رکڻين ته پوءِ اهو پاليو ڇو ٿي؟ چري ڪٿي جي...“
ڪنڌ ورائي هڪدم مڙي ۽ هلي وئي. مُنهنجي کڙيءَ کي ڌڪ لڳو هو. دٻو سيري پاڻ ڏانهن نه ڪري سگهي هُئس ۽ هُوءَ کڻي وئي هُئي. مان کُڙيءَ کي مهٽڻ لڳس... لڳم هُن جي حالت هاڻي واقعي وڌيڪ خراب ٿي وئي هُئي، ائين هن اڳ ۾ ته ڪونه ڪيو هو.
***