ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

3

نصيبان سان ڳالهه ڪيم ته هو به حيران ٿي وئي هُئي.
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي زيبُل!؟ لالڻ سان جاويد جي دوستي ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟!“
مون کيس امان واري ڳالهه ٻُڌائي هُئي ۽ اهو خدشو به ٻُڌايو هُو مانس ته امان سمجهي ٿي ته اُتي جُوئا به هلي ٿي، باقي پنڌرنهن سوَن واري ڳالهه مان لڪائي وئي هئس... ڪيئن ٻُڌايانس هان ته مُنهنجو ڀاءُ ’ڪمائي‘ ڪري آيو آهي.
”ماسي جادل ڳالهه ڪئي آ امان سان... ۽ تو کي ته خبر آهي ماسي جادُل ڪوڙي ناهي هوندي.“
”اهو ته ٺيڪ آهي زيب... پر اُهو ته سوچ نه ته اُهو ٿي ڪيئن ٿو سگهي.!؟“
”اڄ صبح جو، ٻنهي جي هڪ ٻئي سان هٿ لوڏڻ تي، مون کي ته ائين لڳو نصيبان... ٻئي ڄڻ روز ملندا هُجن، ڄڻ گهرا دوست هُجن.“
”مان پُڇانس... جاويد کان؟“
”ڇا پُڇندينئس؟!“
”اهو ئي ته لالڻ وٽ وڃي ٿو يا نه...؟“
”سنئون سڌو ڪيئن پُڇندينئس؟... ڪهڙي نموني ڳالهه ڪندينئس؟“
”اهو تون مون تي ڇڏي ڏي.“
”اهو مناسب رهندو؟!“ مُنهنجي دل ۾ آيو ته مان ساڻس هاڻي پنڌرنهن سئو رپين واري ڳالهه ڪري ڇڏيان... ٿي سگهي ٿو ته اُها ڳالهه ٻُڌي پوءِ هُو فيصلو ڪري ته جاويد سان ڳالهائي يا نه... پر اُهو ذڪر الاءِ ڇو مون کان ٿي نه سگهيو.
”ڏس... ڳالهائڻ ته گهرجي نه...“ هُن انبڙيءَ کي چڪ هنيو وات ۾ مرچَ لڳس ته سِي سِي ڪرڻ لڳي، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس، مون کي کل اچي وئي.
”هاڻي هن حال ۾ ته نه ڳالهائڻ گهرجي“ هُن کي به کل اچي وئي. لڳم، الاءِ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اوچتو کِلي هُئس.
انبڙين جا ڏينهن ايندا هُئا ته اسان جي ٿيلهن ۾ اخبار جي پُڙيءَ ۾ مصالحو يا ڳاڙها مرچ ضرور پيل هوندا هُئا. ڪرڪيٽ واري هاڻوڪي گرائونڊ جي پاسي ۾، انبن جا وڏا گهاٽا وڻ هوندا هُئا، جيڪي انبڙين سان ٽمٽار هوندا هُئا، چاچو مالهي واهه جي چوڪسي رکندو هو. ڪنهن ٻار کي مجال نه هوندي هئي جو ڪو ڀتر هڻين. هو سڄو ڏينهن وڻن جي سامهون، ٻٻر جي وڻ جي هيٺان کٽ وجهيو ويٺو هوندو هو. ٻُوٽن، گلن جو ڪم ڪار ڪندو هو ته به اک، ٻوريل وڻن تي هوندي هُئس. چاچو مالهي سخت ڏاڍو هوندو هو، پر بهرحال ڇوڪرين سان اُها رعايت ڪندو هو، جو جهولن لڳڻ ساڻ، هيٺ ڪريل انبڙيون کين ڏيندو هو. روز اسڪول بند ٿيڻ کان پوءِ، هُو هڪ پراڻي پاچڪي ۾ ڪريل انبڙيون ميڙي رکندو هو ۽ ٻئي ڏينهن تي ڇوڪرين ۾ ورهائيندو هو. اسان ڪُجهه نياڻين کي ڏاڍو ڀائيندو هو، جن کي ڪڏهن ڪڏهن تازي انبڙي به ملي ويندي هُئي. جنهن ڏينهن ائين ٿيندو هو، اُن ڏينهن اسين چٽڻي ٺاهيندا هُئاسين. جيتوڻيڪ رکيل ۽ تازيءَ جو ڪو فرق نه هوندو پر اسان جا خيال به ته ڪي خيال هُئا.
نصيبان کي روز انبڙيون کائڻ جي عادت هُئي. مرچ جي ننڍڙي پُڙي ته هُو ضرور ناس ڪندي هُئي. حالت اُها هوندي هُئي جو آخر ۾ آلي پني تان به، انبڙي گسائي گسائي اُهو آخري مرچن جو ذرو به لاهي وٺندي هُئي.
سندس وات تي مرچن جو دٻاءُ گهٽيو ۽ اکيون پاڻيءَ کان ڪُجهه خالي ٿيس ته هُن ڪاغذ اڇلائيندي چيو ”سڏيونس...“
”شُڪر ٿيو تو ڪاغذ ته اُڇليو...“
”اڄوڪي ڪوٽا پوري...“ هُن مُرڪيو ۽ پريان ويندڙ جانوءَ کي سڏ ڪيائين جيڪو تڪڙو تڪڙو گرائونڊ جي رُخ ۾ وڃي رهيو هو.
”جانو... ڪيڏانهن پيو وڃين ادا!؟“
هو بيهي رهيو ”گرائونڊ ڏي ادي... ڇو؟“
”بس... جاويد کي ته هيڏانهن موڪل... ڪم ٿس...“
هُن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ هليو ويو.
”ڏاڏيون ڪي پاڻ به ناهيون زيبُل“ نصيبان مٿو کنهيو ”پر پاڻ سوچ...هن حال ۾ پاڻ کي ائين ڪرڻ گهرجي... پُڇڻ گهرجي هُن کان... ڏس، چاچا شهر ويندو آهي نوڪريءَ تي، شام ڌاري گهر اچي ٿو... سندس اک جاويد تي ايتري ته نه هُوندي نه... مٿان وري مون کي لڳي ٿو ته کيس اسان تي اعتبار به ڏاڍو آهي... پنهنجي اولاد تي پڪ اٿس ته هو ائين نٿو ڪري سگهي... کيس جي اوچتو خبر پئجي وڃي ته پويان ڇا پيو ٿئي ته هو صدمي ۾ اچي ويندو...“
سندس ڳالهه وزنائتي هُئي، مُنهنجي دل جو آواز به اُهو ئي هو.
”۽ ٻي ڳالهه ته چاچا تنهنجي مٿان ڊپينڊ ٿو ڪري...“ هُن ڳالهه جاري رکي ”هو سمجهي ٿو ته تون وڏڙي آهين.... ڀاءُ ڀيڻ سنڀالين ٿي.... اُنهن کي ڀٽڪڻ ڪونه ڏيندينءَ... ان طريقي سان مون تي به ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي گهڻو ويجهو آهيان... اها ڳالهه چاچا سمجهي ٿو. هي پاڻ وارو جاويد جي بگڙيو ته چاچو پهرين توکان، پوءِ مون کان آڏي پُڇا ڪندو... پوءِ ڇا ڪنداسين؟ چڱو ناهي ته هن مهل ئي اتي روڪي وٺونس.“
***
پريان ڊوڙندو آيو جاويد... پگهريل هو، اسان وٽ پهچي سهڪندي سهڪندي چيائين ”ڪهڙو ڪم هو... ڇا ٿو گهرجي؟“ هُن مون ڏي نهاريو، پريان نصيبان ڳالهايو.
”مون گهرايو ٿمانءِ... مُنهنجو ڪم آهي“
”ها چئو... جلدي چئو... مُنهنجي ميچ ٿي وڃي...“ هُن تڪڙ ڪئي، نصيبان کيس ڏسندي رهي.
”توکي تڪڙ آ ته تون وڃ... وري پوءِ ڳالهائينداسين.“
”ڇا گهرائڻو آهي ادي...؟“ هُن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو.
”چيم نه گهرائڻو ناهي ڳالهائڻو آهي...“ نصيبان چيو ”توکي تڪڙ آهي ته اسين پوءِ ڳالهائينديوسين.“
”ٻئي ڳالهائيندئو ڇا؟“ سندس واتان نڪري ويو ”مطلب... ڪم ڪهڙو آهي... اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ساهه سامت ۾ آيو هُئس... الاءِ نصيبان جي من ۾ ڇا آيو، سنئون سڌو چئي ڏنائين ”لالڻ جي اوطاق تي تُنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟“
جاويد جو مُنهن ڄڻ ٽامڻي هڻي ويو... هُن مون ڏي نهاريو، ڄڻ اکين ئي اکين ۾ چوندو هُجي ته ’هُن سان اها ڳالهه تو ڪئي آ؟‘
”ڇو ڇا ٿيو آهي؟“ هُن مون ڏانهن نهاري پُڇيو.
”مون پُڇيو آهي... مون کي ٻُڌاءِ نه...“ نصيبان سندس ڌيان ڇڪايو.
”ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي؟“ هُن هاڻي نصيبان کان سنئون سڌو سوال ڪيو.
”ڳالهه ڪابه ناهي ٿي... بس تو کان ائين ئي پُڇيون ٿا... لالڻ جي اوطاق تي ڇو ويو هُئين...؟“
”مائٽ آهي اسان جو... جي ويس ته ڇا ٿي پيو...؟“ هُن هاڻي پاڻ سنڀالي ورتو هو.
”پر ڇو؟... اهو ئي ته پُڇان پئي...“
”هيءَ ڇو نٿي پُڇي؟“ هُن مون ڏانهن نهاريو.
”مون پُڇيو... هن پُڇيو جاويد، اُهو سمجهي ڇڏ.. ۽ ها، ڳالهاءِ ڌيان سان، تُنهنجون وڏيون ڀيڻيون آهيون اسين...“
”نه پر پُڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي... اسان جو مائٽ آهي، ملندا آهيون... جي اُتي ويس ته ڪهڙو ڏوهه ٿي پيو... ٻيا به ته ايندا آهن.“
”اُتي شريف ماڻهو ايندا آهن؟“ مون ڳالهايو.
”نه ڪميڻان ايندا آهن... بس... پر مطلب؟“ هُن تارا ڦُوٽاريا.
”تون به اهڙو آهين ڇا؟“ نصيبان به باهه ٿي وئي. ”جڏهن چوين ٿو ته اهڙا ماڻهو ايندا آهن ته پوءِ تون ڇو ٿو اُتي وڃي؟“
ڳالهه ۾ مُنڌو ته اُلر ڪيائين.
”تنهنجو مطلب آ اسان سان؟ تون ڇا لاءِ ٿي پُڇين... تون ڪا مُنهنجي وڏڙي آهين ڇا“.
صفا باهه ٿي ويو هو... هڪدم ڄڻ ڄر ورَائي وئي هُئس. نصيبان جي مُنهن تي رنگ اچي رهيا هُئا.
”اهو مُنهنجي سوال جو جواب ناهي... ۽ ها ڳالهاءِ تميز سان... ائين هٿان نه وڃ...“
”تون مون کي گاريون پئي ڏين ۽ تميز سان وري مان ڳالهايان؟!“ هُن نصيبان کي گهوريو.
”شرم ڪر جائُو... هن ڪهڙي گار ڏني؟!“ مون کيس دڙيو.
”باقي ڇا چيائين... ڪميڻو ته سڏي وئي!؟“
”مون ڪونه چيو ائين“ نصيبان چيو. ”تو پاڻ چيو ته اُتي ڪهڙا ماڻهو ايندا آهن... پوءِ مون چيو ته تون ته اهڙو ناهين، پوءِ تون ڇو ٿو اُتي وڃي؟!“
”نه پر وري اُها ڳالهه آهي... تون ڪهڙي حق سان ٿي پُڇين!؟ مائٽ اسان آهيون... وڃان نه وڃان مُنهنجي مرضي.“
الاءِ ڇا ٿيو، نصيبان اُٿي بيٺي، وڃي سندس سامهون ٿي.
”جوئا ٿو کيڏين نه اُتي؟“
سندس جملو نه هو... ڄڻ بارود کي باهه هُئي. جاويد جو مُنهن عجيب ٿي ويو، الاءِ ذلت جو احساس هُئس الاءِ پڪڙجڻ جو.
”ڪنهن چيو مان جوئا ٿو کيڏان هان...؟“ هُن پڪائي ڪئي.
”مان ٿي چوان“ نصيبان سندس اک ۾ اک ملائي... جاويد نگاهه نه ملائي سگهيو.
”تو ڏٺو آ مون کي؟“
”ها ڏٺو آ...“ نصيبان جو آواز مضبوط هو.
”ڪٿي ڏٺو آ؟“
”اُتي ئي... جتي سڀ ڌوڙ پائيندا آهن.“
”تو اُتي ڇا پئي ڪيو؟“
زهر جاويد جي آواز ۾ ڀرجي ويو هو. وٽس ڳالهائڻ لاءِ ڪُجهه هو يا نه پر نصيبان وٽ الاءِ ڇا هو... هُن ڀر ڪشي جاويد کي چماٽ وهائي ڪڍي.
”هي پئي ڪيم واهياتَ...“ هُو ڳاڙهي ٿي وئي. ”وڏي ڀيڻ سان ائين ڳالهائبو آهي؟“
مون کي ڪُجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. هي ڪُجهه لمحن ۾ ئي الاءِ ڇا ٿي ويو هو. جاويد کي زبردست چماٽ لڳي هُئي جنهن جو کيس پاڻ اندازو نه هو ته ائين لڳي سگهي ٿي. هُن هڪدم پنهنجي ڳل جهليو ۽ روئڻ لڳو.
”پُڇانءِ ٿي ته نخرا ٿو ڪرين... نٿو ڄاڻين ته ڪير آهيان! هان... زيبُل کان به ٿوري وڏي آهيان مان... اها به مُنهنجو لحاظ ڪندي آهي ۽ تون ائين ٿو ڳالهائين... شرم نٿو اچئي... هڪڙو ته ڏوهه ڪرين مٿان وري پنهنجو پاڻ کي الاءِ ڇا ٿو سمجهين.... اسين انڌا آهيون؟ اسان کي خبر نٿي پئي... ڇا ٿو سمجهين ته اسين رڳو ڇوڪريون ئي آهيون ۽ تنهنجي مٿان ڪنهن جي به اک ڪانهي... ياد رک... جي آئيندي اهڙي جُرئت ڪئي ٿئي ته تارا ڪڍي ڇڏيندي سائين... هاڻ هل اتان“.
***
جاويد زهر آلود نگاهن سان روئندي مون ڏانهن نهاريو. وٽس ڪُڇڻ لاءِ ڪُجهه ڪونه هو.
نصيبان رڙ ڪئي ”آئيندي اتي نه ويهجانءِ... ۽ اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ... جي وئين ته قسم کڻي ٿي چوانءِ.... مان اتي اچي ويندي مانءِ... زيبل ۾ دم ناهي... مون ۾ آهي. اتي ئي ڪُٽڪو ڪڍندي مانءِ ۽ گِهلي گهر وٺي اينديسانءِ.... پوءِ ڏسان ٿي ته تون ۽ تنهنجو مائٽ لالڻ، مُنهنجو ڪهڙو آنڱوٺو ٿا پٽين!... هاڻي هل هتان... ٽَرُ...“
هو، جيئن تيزيءَ سان آيو هو، ائين ئي تيز هلي ويو.
نصيبان هيٺ ويهي رهي.... سندس مُنهن ڳاڙهو هو... ڪاوڙ اکين ۾ الاءِ ڇا ڀري ڇڏيو هئس. مُنهنجي حالت به عجيب هئي. نه ڪجهه ڪڇڻ جهڙي هئس نه ماٺ ڪرڻ جهڙي.... ائين منٽ ٿي ويا هئا ۽ اهم واقعو ٿي ويو هو، هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هُئي. ڏاڍي ڏُکاري هئي... الاءِ ڪيتري دير ماٺ کان پوءِ هن ڳالهايو.
”هٿن مان وڃنئي پيو ٿو زيبُل....“ هن وڏو ساهه کنيو ”پَڪَ سان جوئا کيڏي ٿو...“
نصيبان جو اعتماد عجيب هوندو هو. هوءَ ننڍڙي هوندي کان ئي اهڙي هُئي، جتي اسان سڀ ماٺ هوندا هئاسين، اتي هُوءَ کُلي ڳالهائيندي هئي... ڪوبه موقعو هجي... ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه چوڻي هجي... هُوءَ مِنٽَ ڪندي هئي. بنان ڪنهن هٻڪَ جي هوءَ وڃي، ڳالهه ڪري به ايندي هئي ۽ جواب به وٺي ايندي هئي. پوئتي پير ڌرڻ ته هن سکيو ئي نه هو.
”تو ڪيئن ڄاتو....!“ مُنهنجو آواز ڄڻ ڪنهن کوهه مان اچي رهيو هو.
”سندس اندازَ مان لڳم.... هڪدم چڙي پيو... چڙڻ نه گهرجيس ها...“
”ٿي سگهي ٿو نه ڪندو هجي ائين...“
”ڪندو ٿئي... پڪَ سان چوان ٿي... جي نه ڪري ها ته ائين چماٽ کائي هليو نه وڃي ها هُو....“
هن مٿي تي هٿ ڦيري وار ٺيڪ ڪيا ”هن تي اک رک ۽ چاچيءَ سان اها ڳالهه ڪر ته توکي شڪ آ ته هي جوئا کيڏي ٿو.... گهر مان نڪرڻ تي اک رکينس...“
”۽ اسڪول“ مُنهنجي وات مان اوچتو نڪري ويو ”مُنهنجو مطلب آ ته اسڪول مان به ته وڃي سگهي ٿو. هن نڀاڳي وٽ ته چوويهه ڪلاڪَ، چنڊا ويٺا آهن... رڳو پيو پتو هَلي...“
هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ”چوين ته تون به سچ ٿي... پر مون کي لڳي ٿو ته پاڻ ڪوشش ڪيون ته ڪنٽرول ڪري سگهونس ٿا.... ڏس.... پهرين هن سمجهيو ته ڪنهن کي خبر ئي ناهي... ته هوُ ڇرڪيو نه پئي... ڇرڪي تڏهن هان، جڏهن کيس شڪ پوي ها ته اسان کي شڪ پيو آ... هاڻي ڊڄي ويو هوندئي، ڇاڪاڻ ته اسان سنئون سڌو چيو آهي ته اسان کي پَڪَ آهي. هاڻ ان ڊپَ کي وٺي، اسين کيس روڪي سگهون ٿا.... ۽ ائين ئي ڪرڻو پوندو...“
نصيبان جي عقل تي مون کي حيراني هئي. هُوءَ ايترو پري، ايترو سنهون ڪيئن سوچي سگهندي هئي... عجيب ڪردار هئي. کيس ڀاءُ ڪونه هو. پاڻ ۾ ٻه ڀينر هيون. وڏيءَ جي شادي ٿيل هُئي ۽ هوءَ اڪيلي هئي، ڀاءُ ڪونه هئن پوءِ به ڀائرن جي خبر هئس.
”تون مُنهنجي ڀيڻ آهين زيبُل... ۽ هي مُنهنجا ننڍا ڀائر...“ هن مُنهنجو هٿ جهيلو ”تون ڳڻتي نه ڪر... مان هنن کي اهڙو سڌو ڪنديس جو ياد رکندا.“
*
واپسيءَ جي سفر ۾ هُو ڄڻ اسان ساڻ نه هو... اڳيان اڳيان هليو پئي، پريان پريان هليو پئي... شاهينه کي هاڻي پير ۾ سور ٿيڻ شروع ٿيو هو. شايد صبح واري ڪَهيءَ جي بوٽ هيٺان اچڻ ڪري جيڪو ڌڪ لڳو هئس، تنهن پير کي هلڪو موڙُ ڏنو هئس. هُوءَ منڊڪائي پئي هلي... اسڪول ۾ ڊوڙون پاتيون هئائين ۽ شايد ان ڪري به تڪليف وڌي وئي هئس. رضا، کيس چيڙائي پيو ۽ هُن جي ڀُون ڀُون کي مُنهن ڏيندي سندس ٿيلهو، پنهنجي ٿيلهي سان کڻندي مان هنن سان گڏ هلي رهي هئس.
رضا، جاويد کي رڙ ڪئي ”ادا آهستي هل نه....“ هن مُڙي نه ڏٺو، بلڪه اڃان به وکون تيز ڪري ڇڏيائين مون کي خبر هُئي هو ائين ئي ڪندو. اڄوڪو حادثو عجيب هو. لڳم، گهر ويندو ته اڃا وڏو خُلم مچائيندو.
***
امان کيس ڏسڻ ساڻ ئي سمجهي وئي هئي. هن جو مُنهن سڏيل هو. اکيون ڳاڙهيون هئس. ماني به نه کاڌائين ۽ بس ڪپڙا مَٽي، مولوي صاحب وٽ پڙهڻ نڪري ويو. ٻئي ننڍا گڏ ويا هئس پر مون کي پَڪَ هئي ته هُو انهن ساڻ نه هوندو. در جي ٽيڏَ مان، کين مسجد جي درَ تائين پهتل ڏسي مان پَڪَ ڪري آئي هئس ته هُو خير سان پُهتا هئا. اندر ۾ اهو به اطمينان هو ته واپس پاڻهي اچي ويندا. جي امان کي اهو ٿي چوان ته وڃان ٿي وٺڻ ته ٿي سگهي ٿو هُوءَ پڇي ته، ’ڇو؟... ڀاڻهين ڪونه ٿن ڇا؟‘... ته ڪهڙي ورندي ڏيندي مانس... دل چيو ڳالهه ڪرڻ گهرجي هُن سان... وري سوچيم... الاءِ ڇا سوچي... ڇڏينس... ٿورو وقت وَٺُ.
اندر آهلي پئي هئس جو هُوءَ اندر آئي... رئي سان هٿَ اُگهندي، هوءَ وڏا شوڪارا ڀري کٽ تي ويٺي. ”وڏي گرمي آ امڙ...“ سڄو پگهر سان شل هُئي. مان اٿيس. ”امان شربت ٺاهي ڏيانءِ...!“
”نه نه... تون ليٽ.... ٿورو آرام ڪر... مان به چيلهه ٿوري ڊگهي ڪري وٺان...“ هوءَ پاسي واري کٽ تي ليٽي پئي. مون جلديءَ ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون... متان وري نه ڪو سوال ڪري.
”اڄ ڇنڀَ ڪڍي ٿئيس نه... “ هن ليٽئي ليٽئي ڳالهايو... مُنهن تي ٻانهن رکي ليٽي پئي. مون ڏي ڏٺائين ڪونه پئي. اک کڻي ڏٺم ته محسوس ڪيم.
”ها... مڙئي ٿورو دڙڪو دهمان ته ڪيو اٿمانس...“
”ڌڪ به هنيوٿئيس نه...!“ هن ٻانهن نه هٽائي، بس ڳالهائيندي رهي.. مائرن کي هي الائي ڪهڙو هنر ايندوآهي... سڄي جسم ۾ رڳو اکيون لڳل هونديون اٿن الاءِ ڇا... سڀ ڪُجهه جهڙو ڏِسيو وٺن.
مون کان جواب نه جُڙيو... ماٺ ئي هئس..
”تو ماريو آ... يا نصيبان...!“ هن ٻيو داءُ لڳايو... ڍارو بلڪل صحيح ڪِري رهيو هو.
***
”ڪير ماري سگهي ٿو..!“ مون پڇيو..
”ماري ته ڪير ڀي سگهي ٿو امان...“ هن مُنهن تان ٻانهن پري ڪئي. ”هٿَ توکي ڀي آهن ته هن کي ڀي.... پر ڳالهه اها هئي ته جِي تون مارين هان ته اچڻ سان شڪايت ضرور ڪري ها... هُن ماريو آ... مطلب پرايو هٿ لڳو ٿس ته ماٺ آ... دانهن نه ڏني اٿائين.“
وڏي شوڪارو ڀريائين ”دانهن سدائين پنهنجي جي نڪرندي آهي زيبُل...“
مُنهنجي ماءُ ڏاڍي سياڻي هئي، مون کي اهو احساس اڳ ۾ به هو، پر هاڻي ڪُجهه ڏينهن کان سندس ذهن جي ڊوڙ ۽ سندس شين کي سنڀالڻ جي قوت، مون کي حيرت انگيز لڳي رهي هئي.
”نصيبان ماريو هُئس امان...“ مُنهنجو آواز مون کي به عجيب پئي لڳو.. بدتميزي ڪيائين هُن سان ته هُنَ به ڪَشي ڏنس...“
”مون کي انهيءَ جو ئي ڊپ هو بابا... ان ڪري ئي ڪالهه توکي اڌو گابرو جواب ڏنو هئم... ته پڇونس يا نه پڇونس... مون کي خبر هئي، زهر ڪڍندو ۽ مهڻي آب ڪندو...“
”پوءِ هاڻي امان... هاڻي ڇا ڪيون...!“ مون ڏانهنس نهاريو.
”هاڻي صبر ڪرڻو پوندو... ڏسون.... مون سان ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪري... ڳالهه ڪندو ضرور... پر ڏسُ.... ڪڏهن ٿو ڪري!.“
***
بابا رات جو موٽيو ته الاءِ ڇو موڊ خراب هُئس. آيو وقت سِر هو. هر روز شام جو آفيس مان موٽڻ کان پوءِ ڪپڙا مٽائي دوستن سان ملڻ ويندو هو. واپسي ۾ بس اَٺ سوا اَٺَ ٿي ويندا هئس. گهڻو ڪري مغرب پڙهي، ڪلاڪ کن دوستن ۾ گهاري گهر ايندو هو. ماني کائي اسان سان گڏ ويهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پُور پوندو هئس ته ٻارن جي هوم ورڪ تي نگاهه ضرور وجهندو هو.
ابي جي ڊپ کان سڀ ٻار، پنهنجيون ڪاپيون ۽ ڪتاب مُڪمل رکندا هُئا، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن اوچتو ڇاپو هڻندو هو ته سندس سوال ڏاڍا ڏکيا هوندا هُئا. ”هي ڇو نه ٿيو؟... هُو ڇو نه ٿيو...“ هٿ هُو کڻندو ڪونه هو پر ڄڻ سندس سڄو وجود هٿَ بڻجي ويندو هو. ڊپ پيو ٿيندو هو ته ڄاڻ ڪنهن غلط ورنديءَ تي ڌڪ هنيائين.... پڙهائيءَ جي معاملي ۾ سندس سختي مثالي هُئي.
ابي کي ڪتابن جي حالت جو به سدائين اونو هوندو هو. مٿان پوش چڙهيل هجي... ان مٿان پلاسٽڪ به هجي... ڪتابَ جي حالت خراب نه هجي. ورق ڦاٽل نه هجن ۽ وڏي ڳالهه ته انهن تي ڪجهه لکيل نه هجي، ڇاڪاڻ ته ابو هر سال، نئين درجي ۾ ڪنهن شاگرد کي اهي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيندو هو. مُنهنجي ۽ جاويد جي وچ ۾ چئن سالن جو فرق هو، تنهن ڪري، مُنهنجا ڪتابَ، سنوان سڌا، ڪنهن ضرورتمند ڏانهن ويندا هُئا. اها حالت، جاويد جي ڪتابن سان به هوندي هُئي. ڇاڪاڻ ته رضا وري هن کان ٽي سال پوئتي هو ان ڪري، سندس ڪتاب ڪتب نه آڻي سگهيو پئي. ها رضا جا ڪتابَ، شاهينه جي ڪم ايندا هُئا.
ساڳي حالت ڪاپين سان به هوندي هُئي. جيتوڻيڪ انهن تي نالا لکيل هوندا هئا پر جڏهن ٻين شاگردن کي اُهي فيئر ڪاپيون پهچنديون هيون ته ابو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. کيس لڳندو هو ته سندس اولاد جي ذهانت، اڳيان منتقل ٿي رهي آهي.
امان جي ڳالهه ٻڌي، مون کي هڪڙو ڊپُ اهو به ٿيو هو ته جي جائُو، ائين ڪاپين ۾ پئسا ٿو لڪائي ته جي اوچتو اَبي ڪا ڪاپي کولي ورتي، ڪجهه نڪري پيو ته پوءِ هُو ڇا ڪندو...! ڪهڙو جواب ڏيندو، سبب ڪهڙو ٻڌائيندو؟... ڇا کيس هاڻي ڊپُ ڊاءُ ناهي... يا هُو مُنهن ڏيڻ سکي ويو آهي.
هٿ مُنهن ڌوئي، کٽ تي ويهندي، هُن مون ڏانهن نهاريو هو، ”ڊاڪٽر... ماڻهين کي چانهه ته چئه!...“ اندر ايندي امڙ ٻڌي ورتو... اتي ئي بيهجي وئي ”ڇو... ماني نه ٿا کائو ڇا؟...“
”مٿي ۾ سُور آهي ڏاڍو... سوچان ٿو چانهه سان گوري ڦڪيان...؟“ هو، وهاڻو سڌو ڪري ليٽي پيو... مان سندس مٿن کان هلي آيس... سيرانديءَ کان ويٺيسانس.
”مان ٿورا زور ڏيان ٿي بابا...“ سندس نراڙ تي هٿَ رکيم، الائي ڇو لڳم، لوندڙيون ڌَنوي رهيون هئس.
”بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو ٿو...؟ ان جي ڪري ته ناهي ٿيو!...“ امان ڪڇيو، پريشان ٿي وئي هئي ”ڇڏ اُنهيءَ بلڊ پريشر، ٻليڊ پريشر کي... ٺيڪ هوندو.... شايد ڪمَ جي گهڻائيءَ جي ڪري ٿيو اٿم الاءِ ڇا؟... اڄ سڄو ڏينهن رڳو فائيل اٿلايا ٿم...“
”نه پر شام ته ڪونه هُيو... جنهن مهل آفيس مان آيا هئو... جي ائين هجي ها ته ان مهل نه ٿئي ها...“
امان ڳالهايو ته هُو ڄڻ چڙي پيو، ”تون ڀلا چانهه ٺاهي ڏيندينءَ يا رڳو پئي جَرح ڪندينءَ... الله جي بندي...“ ”الله جي بندي“ ڪجهه نرم انداز ۾ چيو هئائين، پهريون اڌ جملو ڏاڍو ڳرو هُئس.... مون امان کي اک جو اشارو ڪيو، هُوءَ موٽي هلي وئي.
”چانهن پيئندو ته پوءِ ماني ڪونه وٺندوَ نه بابا... امان جو شايد اهو خيال هَو.“ مون کيس زور ڏنا پئي، هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون... کيس به ڄڻ احساس ٿي ويو هو.
”الاءِ ڇا ٿي ويو آ يار ڊاڪٽر....“ هن ڀڻ ڀڻ ڪئي ”ڏاڍي چڙَ ٿي اچي... دل ٿي چوي ڪنهن سان ڳالهايان ئي نه... ماڻهن کي اُبتا سُبتا جواب پيو ٿو ڏيان... اجايو دڙيو ڇڏيان...“ هن پاسو ورايو. مون سندس کاٻي لوندڙيءَ تي مالش شروع ڪئي... وهاڻي تي سندس، اڇن ڪارن وارن جي عجيب سونهن وکريل هُئي.
”موڊ به ان ڪري هنيئر خراب ٿوَ بابا... ڪنهن سان شايد بحث ڪري آيا آهيو..“ مون آهستڙي ڳالهايو متان وري نه شروع ٿي وڃي.
هن اکيون پُٽيون... مون ڏي نهاريائين ۽ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائين ”ٻارن جو اسڪول ڪيئن پيو هلي زيبُل...“
سمجهيم، ڳالهه مَٽائي پيو... ان موضوع تي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ٿو گهري.
”زبردست بابا... سڀ ٺيڪ آهي. ڪلاسز ريگيولر آهن... ڪم الاهي آهي...“
”هي ٽئي ڪٿي آهن.!... ۽ ها جائُو ڪٿي آهي..؟“
جاويد جو نالو ٻُڌي، مُنهنجو ته ساهه سُڪي ويو هو. ڇا ٿيو هو!... اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي هُئي جو ائين پُڇي پيو.
”هوڏانهن آهن.... دالي ۾... هوم ورڪ پيا ٿا ڪن...“
”سڀئي؟“
”جي بابا... سڀئي“
”اڄڪلهه ايڏي دير ٿي ٿي وڃي ڇا؟...“
”مسجد ۾ ٿئين ٿي، مولوي صاحبَ وٽ ٻار وڌي ويا آهن... هي به دير سان پڙهي اچن ٿا...“
”جاويد گڏ ويندو ٿن؟“
هُن وري جاويد جو پُڇيو هو، مُنهنجي پريشاني وڌڻ لڳي. امان چانهن ٺاهي آئي... ساڻ مٿي جي سُورَ جي گوري به هئس. هُو اٿي ويٺو.
”بسيءَ ۾ ڪڍي ڏي شمان....“ هُن امڙ ڏي نهاريو. هوءَ پاسي واري کٽَ تي ويٺي ۽ ڪوپَ مان چانهن، ساسر ۾ لاهڻ شروع ڪيائين.
”تون ڀلي پنهنجو ڪم ڪر راڻي...“ اَبي مون ڏانهن نهاريو، ”مان هاڻي ڪافي بهتر آهيان... تنهنجي هٿن ۾ جادو آ امان. اڌَ سور ته لهي ويو، باقي به گوريءَ سان لهي ويندو...“
مان سمجهي ويس. کيس امان سان اڪيلائپ ۾ ڪجهه ڳالهائڻو هو... اٿيس ته الائي ڪهڙو خيال آيس.... ”ماڻهين سان ڪُجهه اڪيلي ۾ ڳالهائڻ پئي گهريم... پر نه... تون به ويهه... ٻنهين سان ٿو ڳالهائي وٺان... مون ادا قيوم سان، سَنون سڌن لفظن ۾ نهڪار ڪئي آهي شمان...“ اَبي چانهه جو آخري ڍڪ ڀريو ۽ ساسر امان کي واپس ڪئي... ”پر لڳيم ٿو ته هو وري ڪونه ڪو جهان ٺاهيندو.“
امان جي مُنهن تي پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. مون کي به سمجهه ۾ نه پئي آيو.
”ائين سٿرو مُڙندو ڪونه ادا قيوم... مون کي لڳي ٿو ته وري ڪنهن کان نه ڪنهن کان چَورائيندو ضرور... الاءِ ڇو، ان ڳالهه تي ضد اٿس ته لالڻ لاءِ زيبُل ئي گهرجي ٿي...“
”نه ته ڪو اسين ڀلا، سندس کائون ٿا ڇا سائين“ امڙ هاڻي همت پڪڙي ”پنهنجي پُٽ جي افعالن کي به ڏسي ۽ پوءِ اڳيان ڳالهائي.“
”پئسو افعالَ ڍڪي ڇڏيندو آهي الله جي بندي... جي ائين نه هجي ته الاءِ ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن سان ملڻ ته ڇا، ماڻهو انهن جي پاڇي کان به بچندو وتي... اهو پئسو ئي هوندو ٿئي جيڪو، انهن جا ساٿاري، جوڙي رکندو آهي... سئو سلامي رکندو آهي... اهي هٿ ٺوڪيا وڏا ماڻهو جي پئسي جو اوڇڻ نه اوڙهين، ته کين ڪير سلام به ڪري.!“
”نه پر اٿن ته پنهنجي لاءِ... ڀلا اسانجو ڇا ٿو وڃي... الله جهجهو ڏئين... پاڻ وٽ آهيَن... وڃي ڪنهن ٻئي کي ورهائين... اسان جو رتُ ڇو ٿا پيئن... اسان کي نه ٿو کپي اهو سائين...“
”وڏو ماڻهو جڏهن ٿورو ڪرڻ تي ايندو آهي ته زيبُل... ته هُو اجايو پيو مهربان ٿيندو آ... ڪوشش لت رکڻ جي هوندي ٿس...“ ابي مون ڏي نهاريو ”اوهان ٿورو کڻڻ گهرو يا نه گهرو... هُو ڪري ڇڏيندو آهي. بس کيس اوهان کي ٿورائتو رکڻو هوندو آهي. اوهان جو ڪنڌ کيس جهڪيل ئي سٺو لڳندو آهي.“
الاءِ ڇا ٿيو هئس اڄ... الاءِ ڪٿان اها ڄَرَ نڪتس پئي.
”اهڙو ڪجهه چيائين پئي...“ امان پڇيس.
”ڪهڙو؟...“ هن اسان ٻنهين ڏي نهاريو
”جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته جند ڪونه ڇڏيندو....؟“
”هائو... ائين ئي سمجهه... چيو مانس، ننڍڙي آ زيبُل... اڃان مئٽرڪ ۾ آهي... في الحال اسان هُن لاءِ ائين سوچيو ناهي... چيائين، مان ميٽرڪ ۾ هئس ته ٻن پٽن جو پيءُ هُئس.“
”ته مئو ڏاگهو ته ٿيو هو اچي... ڏههَ ڀيرا ته فيل ٿيو هو... ڪهڙو وقت سِر ميٽرڪ ڪئي هُئائين. ذري گهٽ اڇا وار ٿيڻ شروع ٿيا هئس.“
امان اندر سڙئي کان پئي ڳالهايو. اسان ٻنهين جي مُنهن تي مُرڪ اچي وئي.
”شينهن کي ڪير چئي تُنهنجي وات ۾ ڌَپ آهي“ ابي مُرڪيو
”هاڻي ان کي شينهن ته نه چئو.... توهان به کڻي پهاڪو مَٽايو سائين“ امان به خفيف مرڪيو.
”هل ڀلا، گدڙ کي ڪير چئي ته تنهنجي وات ۾ ڌَپ آهي... بس... هونئن مثالَ به هاڻي مَٽائڻ گهرجن... شينهن ته الاءِ ڪيڏانهن ويا آهن... اڄڪلهه جتي ڪٿي گدڙَ ڏسڻ ۾ ٿا اچن... انهن جي وات ۾ ڌپَ جو ذڪر ٺهي ٿو.“ هاڻي ابو کليو هو. مُنهن تان سختي ختم ٿي هُئس، ماحول ڪجهه ٺيڪ ٿيڻ شروع ٿيو هو.
”اسان جو جيڪو جواب آهي، اهو ساڳيو ئي رهندو سائين، ڀلي اڄ اچي، يا سڀاڻي...“ امان سندس مُنهن ۾ چتايو، ڄڻ سندس اکين ۾ ڳالهه جو وزن جانچيندي هُجي. ڄڻ کيس ڊپ هجي ته الاءِ اَبو ان ڳالهه تي هاڪار ڪندو الاءِ چپ رهندو. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو، ڪنهن ٻئي وٽ ڪيڏو نه بي وس هوندو آهي.... پنهنجي وزندار ڳالهه جو وزن، ٻئي جي ساهميءَ تي ڪندو آهي... لڳندو آهي ته پُڙن تي ڀروسو ناهي هوندو. الاءِ متان، هيٺان ڪجهه چقمق سان چنبڙايل نه هجي... وٽَ ته ساڳيا هوندا آهن. پُڙن ۾ فرق هوندو آهي.
”هائو... اهو ائين ئي آهي... اڄ به اهو ئي جواب آهي، سڀاڻي به اهو ئي رهندو...“
هن هاڪار ڪئي ۽ اسان ٻنهي جي ڪُلهن تان الاءِ ڪيترا بارَ لهي ويا. امڙ جو چهرو هڪدم گلاب ٿي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ڄڻ مُنهنجي اندرَ هڪ وڏو ساهه کنيو هو.
اسين جن سان محبت ڪندا آهيون، اُهي اسان جي وجودَ تي الائي ڪيترا بار وجهندا آهن... محبتَ، ڊپَ کي ڀاڪر ۾ ڀري هلندي آهي، هر پل وڇوڙي جو ڊپ، ڪاوڙ جو خدشو، انهيءَ ڀاڪر مان منڍي ڪڍي ٻاهر ڏسندا رهندا آهن. وري انهيءَ ڀاڪر ۾ گڏ ٿي ويندا آهن. مُنڍي ڪڍن ته ساههُ ڳرو ٿي ويندو آهي ۽ جي اهي خدشا اندر ۾ لڪي وڃن ۽ محبت جو ڀاڪر، سخت ٿي وڃي ته ماڻهو هڪدم هلڪو ٿي ويندو آهي. ڦوڪڻي جيان اڏامڻ لڳندو آهي... اندر ۾ اطمينان جي گئس ڀرجي ويندي اٿس.
”ته بس پوءِ جي ائين ئي پڪَ سان فيصلي تي ڳالهائي آيا آهيوس ته پوءِ پريشان ڇو هئو؟“. امان ڳالهه اڳتي وڌائي... اَبي... مون کي اشارو ڪيو ”ٿورا ٻيا به زور ڏي امان... باقي سور به لاهي ڇڏ“... مان وري اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويٺس... هو ليٽي پيو.
”چيو مانس ته في الحال ارادو ناهي. چيائين ڳالهه ڪرڻ ۾ ڇاهي!... پوتي پارائي ٿا ڇڏيون. مطلب، پڪَ ڪري ٿا ڇڏيون... ٻيا سڀ ڪم پيا ٿيندا...“ ابي ڳالهه شروع ڪئي. ”مون سوچيو هي شروعات ۾ مِٺو مٺو آهي، عرض واري انداز ۾ ڳالهائي پيو، سڀاڻي تارن ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندو...“ هن اسان ٻنهي ڏانهن نهاريو، اسان جون ته اکيون ئي هن ۾ اٽڪيل هيون.
”چيومانس... ادا... تڪڙ ڪهڙي آهي... توهان کي چئي ته ڇڏيو ٿم... چئي... نياڻين جي اٿارڻ ۾ دير نه ڪبي آهي... تڪڙ چڱي هوندي آهي... تون اڄ آهين... سڀاڻ جي ناهين ته انهن جو ڪو ته هُجي...“
”ائي مئو چَنڊو...“ امان باهه ٿي وئي ”مُئي کي ڪا باهه لڳي... ائين چيو نڀاڳي... شل سڙي مري...!“
”هائو... ائين ئي چيائين... مان ڀلا ڪو ڪوڙ ٿو هڻان ڇا؟...“ ابي ڳالهه جاري رکي ”مون به چيومانس ته ادا حياتي ۽ موت الله جي حوالي آهي. جيڪا گهڙي اچڻي آهي، سا ٽرندي ته ڪونه... پويان به الله مالڪ آهي، هُن ڪڏهن ڪنهن کي ڇڏيو آهي ڇا؟... جي مان نه هوندس ته به رب ته هوندو نه...“
مُنهنجو ڳالهائڻ مناسب نه هو... الاءِ ڪيئن پئي اها گفتگو هلي... مُنهنجي دل روئڻ لاءِ پئي چيو، هي ماڻهو اسان کي ايترو ڪمزور ڇو سمجهندا آهن.!
”اهڙن ماڻهن کي رب سمجهندو سائين...“ امان، ڪوپ ساسر کنيا ”اسين ڪٿان پهچي ٿا سگهون؟“.
”الله ته آهي شمان... پر ربَ اسان کي به عقل ڏنو آهي... مون به ٺيڪ ٺاڪ کريون ٻڌايون مانس. چيومانس... تو سوچيو آهي ته جي تون نه هوندين، ته تنهنجو اهو فرزند ارجمند ڇا ڪندو!... جيڪا ملڪيت تو سڄي ڄمارَ ڏئي گڏ ڪئي آهي... اها، جي سالُ هليَئي ته مان سلام ڪندس...“
”توهان ائين چئي ڇڏيس....“ امان جو وات پٽجي ويو... بيهجي وئي.
”ٻيو نه ته... ائين ئي چيومانس...“
”پوءِ...؟“
”پوءِ ڇا، مُنهن لهي ويس... پر آهي نڪَ جو پَڪو... چوڻ لڳو... موت مهڻو آهي ڇا ادا... جي تون چوين ٿو ته تنهنجي پويان ڪنهن ڏٺو آهي ته مان به ير اها ئي ڳالهه چوان ٿو... پويان وارن جي مرضي... پر جيسين آهيون پاڻ ۾ ڳنڍجي ته وڃون...“
”مطلب وري به ساڳي اِٽَ...“ امان گُهوريو
”هائو... انهيءَ اِٽ ته مٿي ۾ سور ڪيو هو..“ ابي اکيون پوريون. امان ٻاهر ويندي بُڙ بُڙ ڪئي ”الله پَليندن... هي دڳ ئي وسري ويندو مُئن کان...“
اندر ۾ خوشي ڀرجي آئي هُئي، ابي انڪار ڪري ڇڏيو هو، ۽ ..... زمين تي ان وقت ته اهڙي ڪا ٻي خوشخبري مُنهنجي لاءِ هُئي ئي ڪانه. ان رات، جڏهن سڀ سمهي رهيا هئا ته مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو هو، ”ڊيئر ڊائري.... مان اجايو وهمن جو شڪار هئس ته مُنهنجو پيءُ مون کي نه ٿو ڀانئين، يا هُو ظالم آهي. مون کي ته لڳي ٿو، مُنهنجي پيءَ جهڙو سٺو پيءُ ته دنيا ۾ ڪٿي ڪونهي. اُها ڳالهه نصيبان مڃي الاءِ نه... آهي وهمي... پر مان تو سان پرامس ڪيان ٿي، مان کيس ضرور سمجهائينديس.... سمجهائينديس ڇا... مڃائينديس...“
***