12
شاهينه رُنو پئي، رضا ماٺ ڪري پٽي ڪرائيندو رهيو هو. امان به چُپ ڪيو پريان کَٽ تان کين ڏسي رهي هُئي.
ڊريسر جي وڃڻ کان پوءِ، هُوءَ ٻي کَٽ تي اچي ويٺي هُئي.
”هِنن کي ڇا ٿيو؟“ هُن مون کان پُڇيو.
”ڪِري پيا هِن“
”ڇو؟“
”ڪِري پيا آهن...ڌَڪ لڳا ٿَن.“
”ڇو؟“ هُن وري مون کان پُڇيو.
”ڪير ڇو ڪرندو آهي امان؟“ الاءِ ڇو مُنهنجي لهجي ۾ ڪڙاڻ هُئي.
”الاءِ... خبر ناهي ڇو ڪرندو آهي“ هُن لاتعلقي سان چيو ۽ وري وڃي ٻي کَٽ تي ويٺي.
مون ڊريسنگ جو سامان، کَٽ تان ميڙيو پئي. شاهينه منڊڪائيندي منڊڪائيندي، امان جي پاسي ۾ وڃي ويٺي ۽ سندس ڪَڇ ۾ مٿو رکي ڇڏيائين. مون ڏٺو... امان آهستي آهستي پنهنجو هٿ، سندس مٿي ڏانهن وڌايو هو ۽ پوءِ اُتي ڦيرڻ لڳي هُئي. رضا پريان ڏٺو پئي، هُوءَ به اُٿيو ۽ امان جي ٻئي پاسي کان وڃي کَٽ تي ويٺو. اُن پاسي جاءِ گهٽ هُئي. هُو ليٽڻ جهڙو نه هو... امان جي ٻانهن کي چنبڙي پيو. هُوءَ بس بيجان هٿ ڦيري رهي هُئي، شاهينه جي مٿي ۾.
سامان ڊسٽ بِن ۾ اُڇليم، موٽي آيس، ڏٺم بس ائين ئي ماحول هو. شاهينه جون اکيون ٻوٽجي ويون هيون، کيس هڪدم قرار اچي ويو هو... رضا به ماٺ هو. امان ائين ئي هُئي...لاتعلق... مشيني...مون کي ڏٺائين ته وري پُڇيائين، ”ڇو ڪريا؟“
دل ۾ آيم چوانس شوق وچان ڪريا آهن...ڪرڻ جو شوق ٿَن... ڪرندا رهندا آهن. پر مون کي هڪدم احساس ٿيو ته مان ڪريان ڇا پئي! ڇا مان پاڻ چري ٿي وئي آهيان! سينسز وڃايان پئي ڇا...! ڇا مان به ٽُٽان پئي!؟
”راند ۾ ڪري پيا هُئا امان“ الاءِ ڪيئن چئي ڏنم. هُن ٻنهي کي واري سان ڏٺو.
”هڪ ٻئي کي ڪيرايائون؟“
”هائو“ مون ڄڻ جند ڇڏائي.
”ڇو؟“
”الاءِ...خبر ناهي امان.“
مون وٽ ڪوبه جواب نه هو، واپس رڌڻي ڏانهن هلي ويس هُوءَ مُنهنجي پويان هلي آئي.
”جائُو کي سمجهائيندي ڪر... اکَ رکين... ائين وڙهڻ نه ڏيئينَ“
”جي امان“
”هيڏو سارو ڏانگهو آ...اهو ٽڪي جو ڪم به نٿو ڪري سگهي ڇا!؟“
”ڪندو امان“
”ٻُڌائينس ته پڻس کَل لاهي ڇڏيندس... اهڙا افعال ڏسي.“
”جي امان.“
”مون سان ته اڄڪلهه ڳالهائي نٿو... ڪاوڙيل آهي نه“ هُوءَ مُرڪي. ”ڪاوڙجي ٿو ته ڳالهائڻ ڇڏي ٿو ڏئي...ٻُڌ“ هُوءَ مُنهنجي ويجهو سرڪي آئي. ”هُن ئي هِنن ٻنهي کي ڌِڪو ڏنو هُوندئي“.
”ڪنهن کي... ڪنهن کي امان؟“ مان سندس ڳالهه تي وائڙي ٿي وئي هُئس.
”هِنن ٻنهي کي جيڪي اندر ويٺل آهن.“
”ڪير اندر ويٺل آهن؟“
مون کي به الاءِ ڇا سُجهيو هو. شايد مون به سندس ذهني حالت ڏسڻ پئي گهري. هُوءَ هڪدم بيزار ٿي وئي. لاتعلقيءَ مان چيائين، ”الاءِ ڪير آهن...ڌَڪ لڳل ٿَن... مان ته سمجهان ٿي ته جائُوءَ ئي هنيا ٿن... هُنن چيو هوندو، تُنهنجي گهر ٻُڌايون ٿا ته تون حرڪت ٿو ڪرين... هُن هڻي هِنن ٻنهي کي ڊڙي رکيو هوندو.“
”هي ٻئي ڪير آهن امان؟“
هُوءَ سوال تي ماٺ ٿي وئي هُئي، ڄڻ جواب وٽس هو ئي ڪونه... مُنهنجي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا هُئا. کيس هاڻي ته ڏيکارڻ لازم ٿي ويو هو. هُوءَ جنهن کي نٿي سُڃاڻي ته پوءِ ڪُجهه به ڪري سگهي ٿي. اُن جو مطلب بلڪل سادو هو ته ٻارن کي به خطرو هو. الاءِ ڪيئن مون کانس سوال ڪري ڇڏيو، ”مان ڪير آهيان امان؟“
سندس مُنهن تي کِل اچي وئي هُئي، ”تون...“
”ها...مان.“
”تون ڪير آهين؟“ هُن پُڇيو.
”اهو ته مان اوهان کان ٿي پُڇان“
”مون کان ڇو ٿي پُڇين...پاڻ کان پُڇ نه...“
”پاڻ کي ته خبر ٿم“
”ته بس...پوءِ پاڻ کي پاڻ ئي ٻُڌاءِ ته تون ڪير آهين“
”مان توهان کان ٿي پُڇان نه“
”ته ڇو ٿي پُڇين...“ هوءَ بخيل ٿي وئي. ”مون ڪو جوابن جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟“
مون کي سندس بخيليءَ جي لهر بُلند ٿيندي محسوس ٿي. لڳم سندس جنون وڌي پيو. هاڻي هُوءَ سُڃاڻڻ کان به وئي پئي. دوائون الاءِ اثر ڪن پيون الاءِ نه.
هُوءَ موٽي وئي. در جي چوکٽ خالي ٿي. مون چاچا قاصد جو آواز ٻُڌو هو. ”سلام ڀاڄائي“
هُوءَ ورانڊي ۾ اچي ويو هو. اڱڻ ۾ ٺهيل باٿروم مان نڪري آيو هو. امان هيل تائين ساڻس نه ملي هُئي... چاچي جي آواز تي ٻاهر نڪري ڏٺم... هُن چاچا کي ڪابه ورندي ڪونه ڏني هُئي...سڌو سنئون اندر هلي وئي هُئي...
***
چاچو ڏاڍو فڪرمند ٿي ويو هو.
”هي ته ڏاڍو خراب پيو ٿو ٿئي زيبُل... ڀاڄائي ته صفا نٿي سُڃاڻي“
”اهو اڄ پيو لڳيم چاچا... پهرين ائين نه هو.“
”پهرين ٺيڪ هُئي.؟“
”نه...بلڪل ته ٺيڪ نه هُئي پر اهڙي حالت نه هُئس.“
”ڊاڪٽر ڇا ٿو چوي؟“
”چوي ٿو وقت لڳندو ٺيڪ ٿيڻ ۾“
”شهر وارو ڪين هتان جو؟“
”هِتان وارو“
”اُن کي خبر پئي ٿي؟“
”هائو چاچا... فائدو ته ٿيو هو امان کي“
”دوا ڪنهن جي پئي هلي؟ هِن جي يا شهر واري جي؟“
”شهر واري جي...هِن ڊاڪٽر اُها ئي جاري رکي آهي.“
”وري ڪڏهن ڏيکارڻو آهي هُن کي... مطلب شهر واري ڊاڪٽر کي؟“
”مهيني جي دوا ڏني آهي هُن چاچا“
”مان هِن ڊاڪٽر سان ملي ٿو اچان... ڏسان هي ڇا ٿو چوي.“
”ڀلي...“
”مون کي تُنهنجي ڳڻتي ٿي پئي آهي ڌيءَ...انهن حالتن جو مون کي اندازو نه هو...توکي شابس آهي...ائين جالين ٿي.“
”الله ڪرم ڪندو چاچا...بس توهان رڳو بابا سان ڳالهه نه ڪجو... هُو ڏاڍو پريشان ٿي ويندو... رب سائين همٿ ڏيندو، مقابلو ڪري وينداسين.“
هُن مُنهنجي مٿي تي هٿ رکيو، ”ڏُکيا وقت ايندا آهن زيبُل امان... مون ڪٿي پڙهيو هو ته حياتي ته رڳو بوڙئي ۽ گجيءَ وانگر هوندي آهي... رڳو ٻه شيون پٿر جيان سخت هونديون آهن ۽ مقابلو ڪري سگهنديون آهن... هڪڙي جڏهن توهان ٻين جي ڏُکين وقتن ۾ مٿن مهربان ٿيو ۽ ٻي ته اوهان پنهنجن ڏُکين وقتن ۾ همٿ پڪڙي رکو... رب توکي ٻئي وصفون ڏنيون آهن ڌيءَ... انشاء الله تون هي سڀ ڏاکڙا همٿ سان طئه ڪري ويندينءَ.“
”انشاءَ الله چاچا... بس دُعا پيا ڪجو...توهان آهيو نه... اسان لاءِ اهو ئي وڏو ڏڍ آهي..“
”مان آهيان امان... مان بلڪل آهيان...مُنهنجو به ته اوهان کان سواءِ ڪير آهي؟“
هُن مُنهنجي مٿي تي زور ڏنو... مُڙيو ۽ اڱڻ ڏانهن هليو ويو. مُنهنجو ته ڏڄڻ روح ڀرجي آيو هو.
***
عجيب هال هُئو دل جو.
مان ننڍڙي هُئس الاءِ وڏي، وڏي ٿيس پئي يا مُنهنجو قد سُسندو پئي ويو. مُنهنجي حالت مُنهنجي پنهنجي سمجهه کان ٻاهر هُئي، تجربا وڏا ٿي رهيا هُئا. ڏينهن جي روشني جهيڻي ۽ رات جي اونداهي گهاٽي لڳڻ لڳي هُئي. رات، ڏينهن کان وڌيڪ ويجهي ٿي وئي هُئي.
چاچا قاصد جي اچڻ جو معاملو مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو. آيو هو ته بس اِتي ئي هو. ٿوري دير ڪنهن ڪمَ سان ٻاهر ويو هو وري گهر ئي هو. مون کي اُڻ تُڻ ٿيڻ لڳي هُئي. جي سامان ڪو کڻڻ آيو آهي ته کڻي وڃي نه... رهي ڇو پيو آهي! ابي جا ٻه وڳا ٻيا ۽ ٻيو ضروري سامان مون هڪ ٿيلهيءَ ۾ رکي ڇڏيو هو. جي هُو اهو کڻڻ آيو هو ته کڻي وڃي ها نه... ترسي ڇو پيو هو.
شام جو، ماسي حنيفان ۽ نصيبان آيون هيون. ماسي ته کيس سلام ڪري، رئي تي هٿ رکائي، اندر هلي وئي هُئي. نصيبان اتي ئي اسان سان ويهي رهي هُئي.
چاچي قاصد، اسان ٻنهي کي ڏسي نگاهه هٽائي ورتي هُئي.
هُو ماٺَ ڪري ٻيڙي پي رهيو هو. نصيبان جي ساڻس ڏاڍي هوندي هُئي. هُو به کيس مون وانگر ئي ڀائيندو هو. ننڍڙي هوندي مون کي ياد آهي ته شروع شروع ۾ هُو ئي اسانکي اسڪول ڇڏي ايندو هو. چاچو قاصد به ڪمال هو. اڪيلي حياتي گذاريندي، سندس چهري تي عجيب اداسي لياڪا پائيندي هُئي، اسان کي صرف ايتري خبر هُئي ته چاچا کي ڪنهن سان محبت هُئي. اها ڪٿي پرڻجي وئي هُئي ته چاچا به پاڻ تي، ڄڻ ته ساٿ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هُئا. هُو پنهنجي ڪرياني جي دڪان کي هلائيندو هو ۽ ڄڻ پنهنجي خواهشن جو وکر وڪڻندو هو. صبح ساڻ، فجر مهلَ سندس دڪان کلندو هو. هُو رات جو دير تائين دڪان تي هوندو هو. پنهنجي گهر ۾ اڪيلو رهندو هو... ابي سان کيس ڄڻ عشق هو. هُو فارغ وقت ملندو هُئس ته اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن گهر ضرور ايندو هو. اها به ڄڻ رواجي ڳالهه هُئي ته چاچي قاصد جي دڪان تان شام جو واپسيءَ مهل چانهه جي پيالي پيئڻ وري ابي جو دستور هوندو هو. ٻئي ڀائر روز هڪ ٻئي جو ديدار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هُئا.
اسان کي اهو سڀ ڏاڍو عجيب لڳندو هو. جي سڳا ڀائر هُئا ته گڏ ڇوڪونه ٿا رهن!... چاچو قاصد ائين اڪيلي حياتي ڇو گذاريندو هو!. ڪڏهن ڪڏهن ته اسين کلندا هُئاسين ته هُو ڀائر ناهن، ڪي دوست آهن، جيڪي ڀائرن وانگر رهن ٿا. پر سچائي ته بهرحال سچائي هُئي. هُو ابي جو ڀاءُ هو. پنهنجيءَ مَتِ وارو هو... پنهنجي سڀاءَ وارو هو.
نصيبان، ساڻس چڱي فري هوندي هُئي. جيڪا ڳالهه مان نه ڪري سگهندي هُئس، اها هُوءَ بنان هٻڪَ جي ڪري ويندي هُئي. هُن اسان کي ڪڇَ تي کڻي گهمايو هو. اسان جا لاڏَ کنيا هُئائين. مان ڪُجهه ڪڇي ڪونه سگهندي هُئس، اهو مُنهنجو مسئلو هو.
چاچو قاصد، پنهنجي خلوص ۾ به حيرت انگيز هو. ڏهن ٻارنهن ڏينهن کان دڪان بند آهي. پر هُو بس ان کي تالو ڏيندو ابي سان گڏ هو... آيو هو ته به لاڳيتو هتي ئي هتي هو.
”چاچا ڪڏهن ايندو، چا صادق؟..“
نصيبان، کيس ”چا“ سڏيندي هُئي. اهو لهجو هُن ننڍپڻ کان ئي ڌاريو هو. سامهون ”چا“ سڏيندي هُئس هُونئن پورو چاچا چوندي هُئس.
”اچي ويندو امان...“ هن ٻيڙي وِسائي... پٽَ تي اڇلي، چپلَ سان مَهٽي سندس گرمي ۽ ٽانڊو ختم ڪيائين.
”هي سڀ ڪُجهه پراسرار ناهي چا؟...“ نصيبان ڄڻ تتي ويٺي هُئي. سوالن جون ڪنڊون کيس چڀي رهيون هيو.
”جائُوءَ جو هڪدم ائين گم ٿيڻ پراسرار ناهي ڇا امان؟...“
هُو به ڄڻ ڦاٽي پيو ”هڪدم هيڏو ڀرئي شهر مان، هڪ ٻار ائين گم ٿي وڃي ڄڻ ڄائو ئي ڪونه هو. ڪا مشڪري آهي ڇا؟ اڃان ميلي جي رش نه هجي ها ته دل کڻي مڃي به ها ته اڪيلو ويندي يا بيگاهه ٽيمَ تي ڪُجهه ٿي ويو، هي سڀني جي سامهون ڇا سليماني ٽوپي ڪم ڪري وئي؟ ائين بس سڀ ڪُجهه ٿي ويو ؟ اهو پراسرار ناهي نصيبان..!“
سندس ڳالهه ۾ وزن هو. اسان ٻنهين هڪ ٻئي ڏي نهاريو هو.
”اهو ته آهي چا...“ نصيبان هاڪار ڪئي، ”پر ان کان پوءِ...؟ مڃجي کڻي ته اهو سڀ ائين پراسرار نموني ٿي ويو. پر انهيءَ کان پوءِ اوهانجو سلوڪ ايڏو پراسرار ڇو آهي؟... چاچا کان پڇڻ جي همٿ اسان ۾ ناهي... ظاهر آهي ته توهان کان ئي پڇي سگهون ٿا. اهو سڀ ايڏو مِسٽيريَس ڇو آهي!“
”تو ڪڏهن اهو ٻُڌو آهي ته زهر کي زهر ماريندو آهي؟“
”هائو...“
”ته بس... هي معاملو به ائين ئي آهي...“
”نه پر... ان ۾ اسان کي عجيب ٿو لڳي..“
”ڇا ٿو عجيب لڳي امان؟“
”اهو ته....ڄڻ اسان تي اعتبار نه هُجي اوهان کي؟“
”اهو ڪيئن سمجهيو ٿوَ؟“
”ڪُجهه ٻڌايو ئي ڪون ٿا؟“
”ڇا ٻڌايون بابا؟“
”ته ڪٿي آهيو؟ ڇا پيا ڪيو... ٿئي ڇا پيو؟“ نصيبان اتاولي هُئي.
”ٻُڌائڻ سان اعتبار اچي ويندو آهي زيبُل؟“
چاچو خفيف مُرڪيو. مون سان سوال ڪيائين ته جواب مون وٽ ڪهڙو هو، الاءِ ڇا هي... سڀني کي مون سان سوالَ ئي ڪرڻا هوندا آهن. الاءِ مُنهنجي شڪل جواب نامي جهڙي آهي الاءِ ڇا؟...“
”ٻُڌائڻ سان خبر پوندي آهي چاچا!“
”۽ ان سان ڇا ٿيندو آهي؟“
”ان سان، پاڻ تي اعتبار اچي ويندو آهي چا...“ نصيبان وراڻيو، ”ڏسو نه... اوهان ڪُجهه نه ٿا ٻُڌايو، چاچا اڪبر، بنهه گهٽ رابطو ڪري ٿو... رڳو هڪڙي موبائل فون رابطي ۾ آهي.. توهان آيا آهيو ته خبر ناهي ڇو موٽيا آهيو!“
هن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي.... چاچا ڏي نهاريو. جنهن وري ڊٻيءَ مان ٻي ٻيڙي ڪڍي.
”مان ادي جو سامان کڻڻ آيو آهيان.. اهو ته ٻُڌايو ٿم نه...“
”چا.... اهو سڀ ٻُڌايو ٿا، جيڪو بس اَيوين ئي اهي.. اصل ڳالهه ته نه ٿا ڪيو نه..“
”اصل ڳالهه جي خبرَ نه ٿوَ... ڇو نڪتا آهيون گهران؟...“
سندس جملو تيز هو... ٻيڙي دکائي هُن سُوٽو هنيو.
”پڪنڪ تي ته ڪونه ويا آهيون نه امان... ڪو هٿ پير هڻڻ ويا آهيون ڌيءَ...“ هن هڪ ٻه سوٽا گَڏي هنيا. ”ماڻهو مِلي ته هڪدم ملي ويندو آهي نصيبان.... جي گم ٿئي ته پاسي واري گهر مان به سندس موجودگيءَ جي هوا نه ايندي آهي.. ايڏو حادثو ٿيو آهي... الله بچائي.. ڪو مڙهه به نه مليو آهي... اهڙي ڪا نشاني به ناهي... رب کيس محفوظ رکندو... هاڻي اتي کيس ڳولڻ جو ته اسان تي به فرض ٺهي ٿو.!“
”ڳولا ته ڪرڻي آهي چاچا...“ مون چپَ چوريا ”پر اسان کي ڪُجهه نه ٿا ٻُڌايو ته مُنجهي ٿا پئون... بس الاءِ ڇو... اهو ڏُک رهي ٿو ته ڄڻ اوهان ۽ بابا، اسان تي اعتبار ئي نه ٿا ڪيو...“
”اعتبار نه هُجي ته ائين اڪيلو ڇڏي وڃون بابا... پوءِ تون اڪيلو هي جهان هلائين ها! اڪيلي مان مُنهنجو مطلب.. ٽي عورتون آهيو نه.... تون، نصيبان ۽ ادي حنيفان..“ هن سُوٽو هنيو ”هاڻي ٽن عورتن حوالي گهر ڪري وڃون، جنهن ۾ ههڙا حادثا پيا ٿا ٿين ڪا مشڪري آ ڇا؟“
اسين ٻئي چُپ ٿي ويو هيونسين... هُن ڄڻ اسان کي سمجهائڻ پئي گهريو.
”ڏس.... اِهو ائين ناهي جيڪو اوهان ٻئي سمجهو پيون... ڪي ڪي معاملا اهڙا هوندا آهن، جيڪي آخر ۾ اظهاربا آهن... ائين ڪو مطلب ناهي ته ڪو اوهان ڳالهه ڪڍي ڇڏيندؤ... پر ڪٿي ڪٿي لِڪت چڱي هوندي آهي... انهن کي به ته خبر نه پئي، جن جي ڪڍَ آهيون.“
”اهي ڪو اسان سان گڏ هِن ڇا چا؟“ نصيبان سَٽڪو ڏنو... ”اسان سان گڏ ته ناهن نه، اسانجي ويجهو هِن ڇا؟“ چاچا قاصد، اِن اوچتو ڳالهه تي چپ ٿي ويو هو... لڳو ڄڻ کيس ڪو جهٽڪو لڳو هو... پر هن پاڻ سنڀالي ورتو هو.
”اوهان ٻئي ٻاراڻي نه ڪجو... توهان سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي ته ان جو مطلب بي اعتباري ناهي... اعتبار ئي ته اسانجي همٿ آهي جو اوهان کي اڪيلو ڇڏيو ٿئون... مِٽن مائٽن مان ڪنهن ٻئي کي ڪا منٿ نه ٿئون ڪئي... ته ڪو اوهانجو خيال رکي... چڪر هڻي يا حال حوال وٺي... احوال به پاڻ ٿا وٺون... اوهان پاڻ سنڀاليو ويٺيون آهيون... اهو به گنج آ... باقي ڪم پورو ٿيندو ته حوال سڀ ڏبو... ڪُجهه ڪونه لڪائبو... بس...“
وري ٻيڙي اڇلائي، پيرن هيٺان مهٽي، هُو اُٿي کڙو ٿيو.... اسان جي ويجهو آيو، مٿن تي هٿ رکندي چيائين، ”ادا کي ۽ مون کي خبر آهي ته اسانجون ڌيئر، رڳو ڌيئر ناهن، مڙس ماڻهو به آهن... ۽ هن هڻ وٺ ۾ اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون آهن... هاڻي جڏهن ايڏو اعتبار آهي ته مُنهنجي خيال ۾ ته اوهانجي بي اعتباريءَ واري شڪايت اجائي آهي...“
***
رات جو بيگاهه ابي جو فون آيو هو.
جاڳيس پئي... اڌ رات گذري چُڪي هُئي... چاچي جي کٽ ورانڊي ۾ هُئي ۽ کيس گهري ننڊ هُئي... مان اڱڻ ۾ ليٽيل هُئس... ٻارَ ۽ امان اندر هُئا. هاڻي ته ڄڻ اهو رُوٽين ٿي ويو هو ته رات جو هڪ بجي کان پوءِ، اکين ۾ ننڊ لهڻ جي تياري ڪندي هُئي. ان کان اڳ، ڄڻ اهو سڀ ٿي نه پئي سگهيو، کٽ تي ڪيترا ئي پاسا ورائجن، ننڊ جي اچڻ جو ڄڻ ڪو وقت مقرر ٿي چُڪو هو.
مون ڊائري پئي پڙهي، اهي پلَ جيڪي جگنو هوندا هُئا. جڏهن خوشين جي جؤت جُرڪيل هوندي هُئي ۽ جڏهن ڊائريءَ ۾لکڻ لاءِ ڪو الميو نه هو...
هڪ هنڌ لکيو هُئم. ”ابي کان شهر مان چئي چوڙيون گهرايون ٿم... ٽن رنگن جون مڪس... ابو چئي پيو ته اهي رنگ ڳولڻ مشڪل ٿي ويا هُئا. جائُو کلي پيو... سڀ گڏائي چيائين.... هنئين پائجانءِ... ابي ته چوڙين تي نالي لکائڻ جو واعدو به ڪيو آهي. جاويد چئي ٿو اهي چوڙيون نه هونديون ڪو چُوڙو هوندو، جنهن تي لکيل هوندو زيب النساء...“
ٻئي ڪنهن صفحي تي لکيل هو. ”نصيبان کي ڏُک ٿيو آهي... ابو هن ڀيرو کيس وساري ويٺو هو... سدائين جيڪو مون لاءِ آڻيندو آهي سو به هُن لاءِ ضرور وٺي ايندو آهي. نالي لکيل چوڙيون آندئين... ته هن لاءِ نه ٺهرايائين. نصيبان روئڻ جهڙي ٿي وئي... ابو هڪدم شهر موٽي ويو، چوي پيو، ڀلي ڪيتري به دير لڳي... هاڻي هُو نصيبان جي نالي جون چوڙيون ٺهرائي ئي موٽندو...“
مون کي ابي جي طبيعت جو خيال اچي رهيو هو. هُو جنهن ڪمَ جي پويان پوندو هو، سو پورو ڪري ئي ايندو هو... هُو هاڻي نڪتو هو ته مون کي پڪَ هُئي ته هُو خالي هٿين ته گهر موٽڻ ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندو.
اکين ۾ منظرَ لهي آيا هُئا، جنهن ۾ جاويد ۽ بابا نمايان هُئا. هُنن جون تصويرون ڄڻ بار بار سامهون گهمي رهيون هيون ۽ اوچتو محسوس ٿيو ته وهاڻي جي پاسي کان رکيل موبائل فون، وائبريشن جو شڪار هو.
اڳي، مُنهنجي فون رات جو نائين کان پوءِ بند ٿي ويندي هُئي، بس انتظار هوندو هو ابي جو... ته متان دير ڪري ۽ ڪا ڪال نه ڪري وجهي.... ابو نائين تائين گهر اچي ويندو هو ۽ فون جي ضرورت ختم ٿي ويندي هُئي، هاڻي اهو نِيَم به مَٽيل هو. جڏهن کان ابو ويو هو ته فون تقريبن چوويهه ڪلاڪ ئي کُليل رهندي هُئي. چارجنگ جا وقت به مَٽجي ويا هُئا. هن ساٿ نه پئي ڇڏيو. جيتوڻيڪ سندس چارجنگ ڪنهن ڪنهن مهل ساٿ ڇڏي ويندي هُئي.
اندر کي کُٽڪو رهندو هو. الاءِ ڪنهن مهل ابو ڪال ڪري.. اها به سمجهه هوندي هُئي ته ابو لازمن ڪنهن مناسب وقت تي ئي ڪال ڪندو، پر دل هوندي هُئي، جنهن اهو سمجهائي ڇڏيو هو ته هاڻي وقت بس هڪجهڙو هو... ڪهڙو مناسب... ڪهڙو نامناسب... هاڻي فون بند ڪرڻ جو ڪو به وقت نه هو.
فون لُڏيو هو ته ڇرڪ اچي ويو هُئم. هلڪو لرزو ۽ ڀڻ ڀڻ هُئي.... کنيم...
”اسلام عليڪم امان...“ ابي جو آواز آيو، پهرين سٽَ ئي ٿڪل لڳم.
”سلام عليڪم بابا... ڪيئن آهيو؟“
”جاڳين پئي نه... مون ننڊ ته ڪونه ڦِٽائي مانءِ؟“
”نه ته.... جاڳيس ئي پئي... بس هاڻي سمهان هان...“
”اڄڪلهه ديريون ٿي وڃن ٿيون... ها نه...“
”جي بابا...“
”مون کي پڪ هُئي... فون ڪندس ته تون کڻندينءَ... حالانڪهِ بيگاهه وقت آهي...“
”فون مان آنَ رکندي آن بابا...“
”ماڻهين ڪيئن آهي؟...“
”ڪُجهه بهتر آهي بابا..“
”حالت سڌري ٿس يا خراب ٿي ٿس وڌيڪ؟...“
”بس... وچٿري آهي بابا...“
”انشا الله مان جلدي اچي ويندس... جي دير ڪيان ته تون شهر ڏيکاري اچجائنس... ادي حنيفان وارن سان“
”جي بابا...“
”هي ٻئي ڪيئن آهن.. رضو ۽ بانه...“
لاڏُ لاڏ هوندو هو... ڄاڻندي هُئس، سندس محبت جي شدت ننڍن نالن مان ظاهر ٿيندي هُئي. هُو شديد سڪَ ۾ مون کي زيب چوندو هو.
”ٺيڪ آهن بابا“
”ڌَڪَ ڪيترا لڳا ٿَن امان!؟“
هُن جي لهجي ۾ ڌڪ هُو، ڄڻ پاڻ ضربجي پيو. مون کي حيرت ٿي هُئي، چاچا قاصد کان ايترو به صبر نه ٿيو جو ٻه ٽي ڏينهن کڻي ابي سان اها ڳالهه نه ڪري ها.
”گهڻا ناهن بابا، رهڙون آيون ٿَن... هَڏي وغيره بچي وئي ٿَن.“
”مون سان ڳالهه ڪندي ڪر امان... لڪائيندي نه ڪر.“
”لڪايم ڪٿي بابا... توهان جي فون ئي اڄ آئي آ، ان ڳالهه کان پوءِ“
”ته تون ته ڪال ڪري سگهين ٿي نه.“
مان ماٺ ئي هُئس، ڇا چوان ها.
”تڪليفون گڏجي سهجن ته بار گهٽجي ويندو آ بابا... ۽ هونئن به پاڻ ٻئي ته هڪ ٻئي جو ڏڍ آهيون... ٻيا سهارا به ٺيڪ آهن... اُنهن جي به مهرباني پر پاڻ هڪ ٻئي جو ڇڙو سهارو ناهيون، ساٿ به آهيون.“
”جي بابا“
”ڊاڪٽر کي روز ڏيکارجان پئي... ۽ مون کي ميسيج ڪري ڇڏجانءِ.“
”جي بابا“
”قاصد سُڀاڻي گهڻو ڪري نڪري ايندو... اُن کي اندرينءَ پيتيءَ مان ويهه هزار ڏجانءِ... مون هي ڪال به اِن ڪري ڪئي جو اوچتي ضرورت پئجي وئي آهي.“
”جي بابا“
”دُعا ڪجانءِ نياڻي... سڀ ٺيڪ ٿي وڃي“
”اوهان ڪڏهن ٿا اچو!؟“
”جلدي ايندس امان... انشاءَ الله جلدي ايندس.“
”چاچي قاصد کي ٻيو ته ڪُجهه ناهي ڏيڻو؟“
”نه... في الحال نه... ۽ ها، خرچ پکي ۾ ڳڻتي نه ڪجانءِ... جيڪا ضرورت پوئي اُها اُتان کڻي وٺجانءِ... پر ڪوشش ڪجانءِ ته اجايو خرچ نه ٿين.“
”جي بابا“
”قاصد پريشان ته ناهي اهو سڀ ڏسي؟“
”ڇا ڏسي؟“
”ٻارن جي حالت... ماڻهين جي بيماري“
”الاءِ...خبر نٿي پوي بابا“
”ڳالهه ته مون سان به ناهي ڪندو... دل جو الاهي ڪمزور آهي... خير مُڙس ماڻهو آهي... مُڙسن جون دليون ننڍيون هُجن يا وڏيون، سَهڻو ته کين پوندو ئي آهي بابا... چڱو الله واهي.“
”الله واهي بابا“
فون بند ٿي ته مون اندر ورانڊي ڏانهن نهاريو، جتي چاچو قاصد سُتل هو. هُو گهور ننڊ ۾ هو ۽ هلڪا هلڪا کونگهرا هڻي رهيو هو.
ماڻهو به عجيب هوندو آهي، جنهن رنگ جي عينڪ پائيندو اُهو رنگ پاڻ تي طاري سمجهندو آهي، حالانڪه اُن چشمي کي لاهڻ ۾ ته گهڻي دير ته نٿي لڳي. هاڻي هاڻي مون هُن بابت سوچيو هو ته هُن ابي سان ايڏي تڪڙي ڳالهه ڇو ڪئي هُئي ۽ هاڻي هاڻي ابي جي ٻن جملن سڄي ڪايا پلٽي ڇڏي هُئي. هُن ابي سان ڳالهه نه ڪئي هُئي، ته مطلب ڇا هو؟! هِتي ڪو ٻيو به اهڙو هو نه جيڪو ابي کي خبرون ڏئي رهيو هو! معنيٰ بابا، ڪو ٻيو سلسلو به رکيو آهي نه. هُن ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنهن ته اهڙي ماڻهو کي ڇڏيو آهي نه، جيڪو اسان بابت هر خبر هُن تائين پهچائي ٿو.
ابي جي اِن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ڇا هو! ڇا هُن چاچا قاصد پاران، مُنهنجي دل صاف ڪرڻ پئي گهري يا هُن مون کي اهو اشارو پئي ڏنو ته کيس مُنهنجي سڄي چُر پُر جي خبر آهي، گهر جي حالتن جي خبر آهي، ذري پُرزيءَ تائين ڄاڻ رکي ٿو.
ڳوٺ وارن کي ته سڀني کي خبر هُئي ته ٻار ڌَڪجي پيا آهن... اُنهن مان ئي ڪنهن ته ابي سان ڳالهه ڪئي آ... ڪير ٿي سگهي ٿو... مُنهنجو ذهن ڊوڙڻ لڳو. ڪُجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. الاءِ ڪيتري مهل سوچي سوچي ننڊ اچي وئي.
***