20
اڱڻ ۾ ويٺا هُئا، ابو، چاچو قاصد ۽ مامو امان الله. اندر آواز آيو پئي. هُنن جيڪي ڪُجهه ڳالهايو پئي سو سڀ پئي ڪنايم. ڪو جهيڙو جهٽو نه هو. ڳالهه تهذيب جي دائري ۾ هلي رهي هُئي.
”اها ڳالهه پاڻ اسپتال ۾ ڪري پئي سگهياسين پر مون کي امان کي ڏسڻ اچڻو هو، اُن ڪري هيڏانهن آيو آهيان ۽ هتي ڳالهايون پيا.“ سندس آواز پاٽدار هو. ايڏو سُٺو پئي لڳو ته هُن تي ڪنهن جو به رُعب نه هو.
”اهو ڪاغذ مَٽجي نٿو سگهي؟“ ابي پُڇيو.
چانهه پيتائون پئي، رڌڻي جي چير مان ڏٺم. هُن اطمينان سان ڍُڪ ڀريندي چيو، ”نه... قطعي نه...“
اندر نصيبان مُنهنجو ڪُلهو دٻايو، ”اِتي رکينس...“
”ڊاڪٽر توکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهو انڪار ڇا ڪندو؟“ مامي امان الله ڄڻ ڀڀڪي ڏني. هُو مُرڪيو.
”مون کي ڊيڄاريو ٿا؟... هان... سمجهو ٿا ته خوفزده ٿي ويندس... ڀُليا آهيو سائين... اوهان جيڪي ڪُجهه به آهيو... هوندؤ... رئيس هوندؤ، ڪامورا هوندؤ... هِن تر جا ڀوتار هوندؤ پر توهان ڊاڪٽر ته ناهيو نه... ڊاڪٽر جيڪي سمجهي ٿو اُن کي ڪير به وڌيڪ سمجهائي نٿو سگهي.“
”ته تُنهنجو مطلب آهي ته هُو بيمار آ؟“ چاچي صادق پُڇيو.
”نه ته ڪو ڪوڙو ڪاغذ هو ڇا؟ مان توهان کي اهڙو ٿو لڳان، جيڪو ڪوڙو ڪاغذ لکندو؟... جي لکڻو هُجي ها ته هتي هِن رڻ پٽ ۾ اچان ها ڇا؟“ سندس زبان باهه ٿي وئي هُئي. ”مُنهنجي شهر جي ڪلينڪ ڪير ڏسي نه ته وات پٽجي وڃي سرڪار... پر آهيان چريو... ڪندو اهڙا ئي ڪم آهيان... چريو آهيان پر سنئين کي سنئون ۽ چريئي کي چريو چوندو ضرور آهيان.“
ٿوري دير ماٺ ٿي هُئي پوءِ ابي جو آواز آيو هو ”توهان جو اهو هڪڙو ڪاغذ هُو کڻي گهمائيندا ٿا وتن، اهو جي هڪڙو پنو ڦري وڃي ته لالڻ لڀجي ئي نه...“
”نه پر ڇو ڦري سائين؟...“ هُن ابي جي ڳالهه ڪٽي. ”آءِ ايم سوري... مون کي توهان کي ڏسي لڳو هو ته توهان هِنن سڀني ۾ سينسيبل ماڻهو آهيو، سمجهو آهيو پر اوهان به اُبتي ڳالهه پيا ڪيو.“
”آواز اونچو نه ڪر ڊاڪٽر“ مامي گهوريس.
”آواز تون اونچو نه ڪر بُزرگ“ هُن ساڳي سختيءَ سان وراڻيو.”هِتي امان جو علاج هلي پيو... دوا لکندس ته مرض به ته لکندس نه.... مرض لکندس ته علاج لاءِ طريقو به لکندس نه... هِتي توهان جي گهر ۾... جڏهن هُن پاڻ وٽ ڇُريون چاقون لڪايا هُئا پوءِ سڏ تي آيو هُئس ته کيس بچايو هُئم نه... نه رڳو کيس بچايو هُئم پر گهر وارن کي به بچايو هُئم... هِن لال خان کي چريو لکي، مون ڳوٺ کي بچايو آهي. کين ٻُڌايو آهي ته بابا هِن کان پري رهو... هاڻي جي هِن ڪو ڪرائيم ڪيو آهي ته مان ڇا ڪيان...؟ مُنهنجي علاج جي ڪري ڪيو ٿس ڇا؟“ هُو اُٿي کڙو ٿيو. ”۽ ٻي ڳالهه... مُون کي اوهان جي پُٽ جي اغوا جي خبر نه هُئي ته ڪو لالڻ ڪئي ڪئي آهي... پر جي خبر هُجيم به ها ۽ مان پنهنجي مريض کي سُڃاڻان ها ته به مان اهو ئي لکان ها جيڪو مون لکيو آهي“
سڀ اُٿي کڙا ٿيا.
”توکي لڳي ٿو هِن ڳوٺ ۾ تون رهي سگهندين؟“ مامي امان الله تارا ڪڍيا.
”ڪڍي ته ڪير مون کي سگهي ڪونه ٿو هِتان سرڪار“ هُو مرڪيو. ”پر مان پاڻ ئي هليو ويندس... هِي جاءِ ڪا رهڻ جي لائق آهي ڇا؟ هلان ٿو... الله واهي.“
هُن سڀني کي هٿ ٻڌا هڪ نگاهه رڌڻي جي دريءَ ڏانهن وڌائين، ۽ اهڙي نموني هُنن کي هٿ ٻڌائين، ڄڻ کين خبر ئي نه پوي ته هُو ڪنهن کي اشارو ٿو ڪري ۽ ٻاهر نڪري ويو.
سڀ ماٺ ٿي ويا هُئا، جهڙوڪر نانگ سنگهي ويو هُئن. نصيبان مون کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ ڪُلهي تي مٿو رکي سُڏڪڻ لڳي. مان سمجهي وئي هُئس، کيس مُنهنجي هارائڻ برباد ڪري ڇڏيو هو.
***
اسڪول ويندي، بس اسٽاپ تي بيٺل نظر آيو.
نصيبان ٻارن کي وٺي تڪڙي اڳتي وڌي وئي. ويندي ويندي بيگ ڏانهن اشارو ڪيائين. ٿيلهو کوليم، ڏٺم رنگ اچي پئي، کنيم.
”پهريون ۽ آخري ڀيرو توهان کي، فون تي ٻُڌڻ ٿو گهران. وڃان پيو... بس هڪ نظر ڏسڻ لاءِ بيٺل هُئس.“
مُنهنجو آواز نه پئي نڪتو. مان سندس بلڪل سامهون هُئس. پر ڀرو هُئس پر نظر ته اچي رهي هُئس ته فون مُنهنجي ڪن تي لڳل آهي.
”محبت ۽ خوشيءَ جا پل مختصر هوندا آهن زيب النساء“ هُن مُنهنجو نالو کنيو. ”پر رهجي هميشه لاءِ ويندا آهن. ڏُک ظالم هوندو به شديد آ... پر شايد اسان جهڙن وٽ رهي ناهي سگهندو يا شايد سدائين رهيل هوندو آ... ايني وي... ٿينڪس فار ايوري ٿنگ“
هُن مون ڏي نهاريو، مون پريان کيس بيٺي ڏٺو.
”هيلو... هيلو آواز اچي پيو؟“ هُن اتساهه مان پُڇيو.
”جي“
”مُنهنجي زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ مهرباني... ڪٿي پڙهيو هُئم ڪنهن جو جملو... هڪ ڀيرو ڏٺو اٿم، هڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا آهي... سڄي عُمر، توکي ڏسڻ جي تمنا رهندي ئي رهندي... تُنهنجو نياپو رکڻ چاهيان ٿو پر اهو ڊائريءَ تي لکي ورتو اٿم، ڇاڪاڻ ته هاڻ هي نمبر ۽ اُن جا نياپا سڀ ڊليٽ ٿي ويندا.“
مُنهنجو سڏڪو ساهه ۾ مُونجهارو ڪرڻ لڳو.
”پنهنجو خيال رکجانءِ... ڌڻيءَ جهڙو توکي نالو ڏنو آهي، اوترو ئي تون عورت جي حسناڪي آهين... سُٺي زندگي گذارجانءِ ۽ پنهنجن ٻارڙن کي اهو ضرور ٻُڌائيجانءِ ته هتي هڪڙو ڊاڪٽر آيو هو، جيڪو ڏاڍو ضديرو هو... اصولن جي ڪري ڌِڪا ٿاٻا کائيندو هو.... ۽ ها پنهنجي اندر جي ٻار کي سدائين ياد ڏيارجانءِ ته هِن حياتيءَ جو سڀ کان ڏُکيو فيصلو، رڌڻي جي دريءَ جي اوٽ ۾ ڏسندڙ اکين جي طاقت سان ڪيو هو... ۽ سڄي عُمر اُن تي فخرمند به رهيو.... مان توکي پنهنجو چوان الاءِ نه، مان بهرحال سڄي عُمر تُنهنجو هُوندس زيب النساء...“
سامهون بس نڪتي پئي، گهٽيءَ مان مُڙي پئي. آواز آيو ”بس رڳو هڪڙو جملو ڳالهاءِ“
همٿون ميڙي چيم... ”پنهنجو خيال رکجانءِ“
”تون پنهنجو خيال رکندينءَ نه ته مُنهنجو خيال سدائين پيو رکبو... الله واهي.“
هُن فون بند ڪئي ۽ اُتان هٿ لوڏيائين. بس سندس ويجهو اچي رهي هُئي. الاءِ ڇا ٿيو... مون ڪنهن جي به ڪا به پرواهه نه ڪئي ته ڪير بيٺو آهي... بس ۾ ڪير آهي... هڪدم ڀرپور نموني سان ٻانهن لوڏي کيس الوداع ڪيم.
”الله واهي“ ڀُڻڪيم ۽ ويندڙ بس ۾ کيس چڙهندي ڏٺم. آخري موڙ مُڙڻ تائين بس مُنهنجي نگاهه ۾ هُئي.
***
دريءَ جي وٿيءَ، ڪڏهن ڪڏهن اوتري رکندي آهيان جيتري سندس آخري ڀيرو اچڻ تي رکي هُئم. سامهون ڪُرسي ساڳي جاءِ تي رکندي آهيان. ڪوپ اڃا تائين ڌوتو ڪونهيم. هُو چانهه پيئندو آهي. اُبتا سُبتا جواب ڏيندو آهي ۽ پنهنجا وڏا وار بي ترتيب ڇڏيندو آهي. کيس تڪڙ ڪرڻي هوندي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي هِن گهر ۾ هڪ نه، ٻه چريون رهنديون آهن، جن کي وڇوڙي پاڳل ڪيو هو.