6
هئو زنانو حصو، پر هر هر لڳو پئي ته ڄڻ هُو اچي ويندو... ٻارڙن سان گڏ ماين جا هجوم هُئا. چاٽِ واهه جو هلي هُئي. منجهند جو هڪ وڳي تائين. اسان جو سڄو سامان ختم ٿي چُڪو هو، وري ڊوڙايو جائُو کي هيوسين ته وڃَي، ۽ گهر وڃي ڏسي اچي ته ڪُجهه رهيل سامان هجي ته کڻي اچي.
مون ٿانوَ هڪ پاسي پئي ڪيا ته نصيبان، پئسن کي سنڌو ڪري رهي هُئي. هن سِڪا هڪ طرف رکيا پئي ۽ ننڍا نوٽ ٻئي طرف... وڏا نوٽ هُن اڳ ۾ ئي پاسي تي ڪري ڇڏيا هُئا.
جائُو واپس سهڪندو آيو.
”ڪُجهه ناهي گهر... سڀ ختم آهي... امان چيو پئي ته ڀلي اسٽال بند ڪيو.. سڀاڻي وري صبح سوير شروع ڪجو...“
کيس تڪڙ هُئي، شايد هُو ڪنهن راند ۾ اٽڪيل هو. اڌو گابري ڳالهه ڪندو روانو ٿي ويو. نصيبان مُرڪيو.
”اسين به چريون آهيون...“ هن رٻڙَ ۾ پئسا ويڙهيا ”هاڻي چڻا ڳرندا ڪيئن...؟ هان... ۽ پاپڙي تربي ڇا ايتري جلدي...؟“
”نئين سامان لاءِ ڪنهن پئي چيو نصيبان....“ مون ٿانوَ سُڪائڻ لاءِ سيٽ پئي ڪيا... ”مون ته ان لاءِ موڪليو هيومانس ته وڃي ڏسي اچي، متان ڪو پيل سيل سامان رهجي ويو هُجي...“
”پاڻ اڄ ٺهرايو ئي گهٽ هوسين زيبُل....“ هن پئسا رومال ۾ ويڙهيا ”ٻه هزار ست سئو ٻٽيهه رپيا ٿيا هن... سڀاڻي وڌيڪ ٺاهرائينداسين...“
”اسان کي خبر هئي ڇا ته ائين اچي باهه ٻرندي!... اسان کي ته ڊپ هو ته متان، بچي نه وڃي... پوءِ ڪيڏانهن ڪنداسين...!“
”هل چڱو ٿيو... تجربو ته ٿيو... اسان ڪهڙي اڳ ۾ دڪانداري ڪئي آهي...“ هُن ٻڌل رومال مون ڏانهن وڌايو ”آ... رک پاڻ وٽ...“
”تون رک... مان رکي ڇا ڪندم...!“ مون هٿَ روڪيامانس... ”تو وٽ هجن. يا مون وٽ... ڪهڙو فرق ٿو پوي..“
هن زوريءَ مون کي رومال پڪڙايو ”رک تون... شام جو ماسي سامان گهرائيندي... اهو ان مان گهرائينداسين“ ان تي مون آواز ٻڌو ”رکوس کڻي... منٿ به اديءَ جي کڻي مڃيو..“
مُنهنجي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو هو... ته نيٺ اهو منحسوس اتي اچي ويو هو. اچي ڇا ويو هو، حُجتي به ٿئي پيو، ”اسلام عليڪم ادي نصيبان...“
نصيبان دٻيل لفظن ۾ ورندي ڏنس ”وعليڪم سلام ادا...“
هن مون لاءِ ڪُجهه نه ڪڇيو، آواز مان لڳم، ڪُجهه اڳتي وڌي آيو هو.. مُنهنجي هن ڏانهن مسلسل پُٺي هُئي. هٿن ۾ پئسن جو ٻڌل رومال هئم.
”جلدي سامان کپي ويو ڇا ادي...!“ هن وري نصيبان سان ڳالهايو... مون کي پنهنجو اتي بيهڻ عجيب لڳي رهيو هو.
”ها ادا...“ هن اڌوگابرو جواب ڏنو.
”چڱو ٿيو چڱو ٿيو...“ وري اها کِل کِل...”ادي ڪو ڪم ته ڪونهي؟...“
”نه ڀاءُ... مهرباني...“
”هُجي ته ويٺا هون... ڪو پري ناهيون...“
لڳم، مون ڏانهن مستقل ڏسندي ڳالهائي پيو ٿو.
مان ان ئي حال ۾ هُئس، نصيبان ٽيبُل ريڙهي، ويجهو ايندي ڪنن ۾ سڙٻاٽ ڪيائين ”وڃي پيو ٿو“.
”چڱو ٿيو ٽريو مئو...“ مون ڀڻڪيو....
”هاڻي ڇا ڪجي زيبُل...“ هوءَ ٽيبل تي چڙهي ويٺي. مان به ڪُجهه رليڪس ٿي هُئس، ”ماڻهن جي وچ ۾ اهو. تماشو ڪرڻ نه ٿا گهرون... ائين سنهون سُڪو جواب ته ڏيڻو ئي پوندو.“
مان به پويان ٻي ٽيبُل تي ويهي رهيس. سامهون نهاريم، گرمي سٺي هُئي پوءِ به ماين جو انگ گهڻو هو، ٻارن کي ڪڇن تي کنيو، هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيون هيون... مُنهنجو من ملول ٿي ويو هو، ڏسندي چيومانس ”سڀاڻي پاڻ هتي ڪونه اينداسين...“
هن کان جهڙو ڇرڪ نڪري ويو ”چري آهين ڇا زيبُو... دماغ خراب ٿيو ٿئي ڇا؟...“
”الاءِ، خراب ٿيو آهي الاءِ نه... بس... پاڻ سڀاڻي نه اينداسين....“
”مٿو ڦريو ٿئي مائي.... ڇو نه اينداسين...!“
”بس مون کي نه ٿو وڻي...“
”پر مون کي ته وڻي ٿو...“
”توکي وڻي ٿو ته تون اچجانءِ... مان ته نه اينديس...“
هُوءَ ڄڻ سڄي سهمجي وئي هُئي... هڪدم بُل ڏئي هيٺ لٿي ۽ مُنهنجي ڀرسان ٽيبُل تي ويهڻ جي ڪيائين ”ٿورو سِرڪُ...“ سرڪي جاءِ ڏني مانس... هُوءَ مون سان گڏ ويهي رهي.
”ڇا ٿي ويو آهي زيبُل... اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي آهي جو تون مون کي به اڪيلو ڇڏڻ لاءِ تيار آهين...؟“
”مون توکي اڪيلو ڇڏيو آهي ڇا؟“
”نه ته پوءِ اهو ڇا چيئي... تون اچي ته اچ مان ته نه ٿي اچان...“ هن مُنهنجا تالَ ڪڍيا.
”مون توکي روڪيو ته نه ٿا اچون... تون جي نه ٿي ٻڌين ته مان ڪهڙو زور ڪيان... ڇا ڪيان؟...“
”مان ڪڏهن نٿي ٻڌان... تون نٿي ٻڌين“ هُن زور سان ڳالهايو وري پنهنجو لهجو جهڪو ڪري ڇڏيائين.
” ته پوءِ مان ڪڏهن نه ٿي ٻڌان...“ مون ڪنڌ هيٺ ڪيو ”بس... اچڻ نه ٿي گهران..“
”هُن جي ڪري... هان...“ هن مُنهنجو هٿ جهليو... ”لالڻ جي ڪري؟“
”بس... ائين ئي... دل نه ٿي چوي...“
”نه پر هُنَ جي ڪري نه...؟“
”مُنهنجو هن سان ڇا ٿو وڃي...!“
”وڃي ته واقعي ڪُجهه ڪونه ٿو، پر تون اهي فيصلا، هن جي ڪري پئي ڪرين نه...“
مون وٽ ڪا ورندي ڪانه هُئي... اهو سڀ واقعي به ته هُن جي ڪري ئي هو.
هُوءَ مُنهنجي اڃان ويجهو اچي ويٺي.
ڪائونٽر جي پريان هڪ مائي، ٻارن جي لوڌ ساڻ اچي بيٺي.
”سامان کپي ويو ڇا ادي...؟“
هُن انڪوائري ڪئي... نصيبان ٽيبُل تان لهي سندس ويهجهو وڃي بيٺي ”جي ها.. جلدي ختم ٿي ويو...“
”پوءِ هاڻي...“ عجيب سوال هو... هاڻي ڇا؟
”پوءِ بس... انشاءَ الله سڀاڻي... وري سڀاڻي چڪر هڻجو...“
”ڇو سَتت ختم ٿي ويو؟...“ هُن وري سوال ڪيو.
”رش گهڻي هُئي ادي...“ نصيبان مُرڪيو... ”اتفاق سان، اسان وٽ به گراهڪ مايون گهڻيون اچي ويون...“
”پوءِ سڀاڻي وڌيڪ ٺاهجو...“ مائيءَ ويندي ويندي صلاح ڏني.
هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، نصيبان مون ڏي مڙي آئي.
”ڏٺئي... اها ٿئي اسانجي محنت ۽ ان جو ڦَل... اڃان تون چوين ٿي ته سڀاڻي نه اينداسين...“
”اسين گهمڻ اچون ها نه نصيبان... اسٽال ڇو هنيوسين؟“
”اَي جَي هنيوسين ته ڪهڙي غلطي ڪئيسين زيبُل....“ سندس لهجو به سخت ٿي ويو. ”پنهنجي محنت آ... پنهنجو ڪم آهي... سوچ، نَوَ سَوَ جو سامان آيو آهي... ٻه هزار ست سئو ٻٽيهه رپيا سيل ٿي آهي...
معنيٰ ته... معنيٰ ته... هزار مان نوَ سئو ويا. بچيو سئو... وري سترنهن سئو...“
سندس لهجو ويو ڀڻ ڀڻ ۾ مٽجندو.. حساب ۾ هُوءَ ڄائي ڄم کان جڏي هُئي. جڏهن به ڪو واڌوُ ڪاٽُو حساب ڪندي هُئي ته ڄڻ نڙيءَ تي ننهن اچي ويندو هُئس. مون کي کل اچي وئي.
”ارڙنهن سئو ٻٽيهه... سڌا سنوان ارڙنهن سئو ٻٽيهه ڪماياٿئون...“
”ها ته جي اهو سڀ سمجهين ٿي ته پوءِ ڇا تي ٿي ايترا نخرا ڪرين...“ هن ڀُرون ڇڪيا. ”چئن پنجن ڪلاڪن ۾ ارڙنهن سئو ڪماياسين... صبح جو اٺين کان ٻين وڳي تائين... گهڻا ڪلاڪ ٿيا...؟“ هُن وري آنڱرين تي ڳڻڻ شروع ڪيو، ”نَو، ڏههَ، يارنهن، ٻارنهن...“
”ڇهه ڪلاڪ... ڇههُ ٿيا...“ مون وري ڳالهه ڪٽيمانس.
”هائو... اهو ته مان به چوان پئي نه“ هن سيهڙ جهڙا ڏندَ ڪڍيا. ”ڇهن ڪلاڪن ۾... مطلب... گهڻا رپيا ڪلاڪ...“
”تون ڀلا مئٿس جي ٽنگَ ڀڃڻ آئي آهين ڇا؟... يا آمريڪا ۾ ويٺي آهين جو ڪلاڪن جي حساب سان پئي ڪمائيءَ جو سوچين..! سڌي ٿيءُ... بس ٺيڪ آ... جيڪو ڪمايوسين...“
”ڏس... ان بابت پاڻ سوچيو ڪونه هو زيبُل... پاڻ ته مشڪريءَ ۾ اسٽال هنيو هيوسين. هاڻي جي ٽن ڏينهن ۾ چار پنج هزار تون ۽ چار پنج مان ٿا ڪمائي وٺون ته ڪهڙي خرابي آهي...؟“
”پاڻ دڪاندار آهيون ڇا؟“ مون چڙ وچان چيو.
”هائو“ هن ڪنڌ لوڏيو ”.... اسٽال تي دڪاندار آهيون.. هي جيڪو تون ٻارن وانگر بي هِيوَ پئي ڪرين نه اهو ڇڏ... هل ته ميلو گهمون... نه پر هل ته گهر هلي، سڀاڻي لاءِ تياري وٺون... امان ۽ ماسيءَ جو به هٿ ونڊايون.“
”ميلو نه گهمون..؟“
”وري ڪٿي اهو ٻڪرَ نظر اچي ويندئي... ته وري دَتُ هڻندينءَ تون... ڇڏ...آخري ڌمال تي ڪمَ کي جلدي وائنڊاپ ڪري گهمڻ هلنداسين... ۽ ها هڪڙي ٻي ڳالهه به مون کان ٻڌ، اسان جي ائين وچ ۾ ڪم ڇڏي وياسين نه... ته اها ته اسانجي هار آهي ئي آهي... هن بد بختَ جي جيت آهي.. ڇاڪاڻ ته هُو چاهي ئي اهو ٿو. جي اسان ائين اڌ ۾ ڪم ڇڏي هليا وياسين ته هُو سمجهندو ته ڊڄي ڀڄي ويون... ۽ اها خوشي مون کي خبر آهي ته اسين، کيس ڪنهن به حال ۾ حاصل ٿيڻ نه ڏينداسين...“
مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هُئي. هوءَ واقعي به ڏاڍي پري جو سوچ رکندڙ هُئي... ۽ هڪ لحضي ۾ مُنهنجي سئوچ تي حاوي ٿي وئي هُئي.
***
امان ڏاڍي خوش ٿي هُئي. کيس الاءِ ڇو ننڍڙي هوندي کان ئي ڪاروبار جو شوق هو. هن مون کي الاءِ ڪيترا ڀيرا ٻڌايو هو ته پنهنجي ننڍڙي هوندي هُوءَ دڪاندارن کي ڏسندي هُئي ته سندس دل ٿيندي هُئي ته پاڻ به وڃي ڪائونٽر جي پويان بيهي شيون وڪڻي ۽ پئسا وٺي.
هُن جڏهن اسان جي وڪري واري رقم ڏٺي ته حيران ٿي وئي،
”ائي زيبُل، ايترا پئسا...! پليٽ جي قيمت وڌائي هُيئي ڇا؟..“
”ٿورڙي ماسي...“ نصيبان، اکيون مچڪايون...
”ڪيتري؟...“ امان کيس گُهوريو
”مڙئي ڏههَ رپيا کن... توهان ويهن جي پليٽ چئي هُئي. اسان ٽيهين ڪري ڇڏي هُئي.“
”ائي گهوڙا... امان... اها ته سنئين سڌي مهانگي ٿي وئي..“
”ماسي پوءِ هاڻي ٿي ته به هلي وئي نه... مايون اچي ٽُٽيون... اصلي صفا اگهي ٿالهي پيون واپس ڪن...“
”مٿان وري انهن کي وري ڌوئڻ عذاب هو امان... مِنٽ مِنٽَ ۾ بالٽي ڀرجي پئي وڃي.“
هاڻي مون وارو وٺايو.
”هلو ٺيڪ ٿيو... پوءِ هاڻي سڀاڻي جو ڇا خيال آ...“
”سڀاڻي ڊبل ڪَجو ماسي... اڄ نوَ سوَ جو سامان هو نه... سڀاڻي... ٻه هزار جو ٿا ڪيون...“
”۽ جي بچي پوي ته...؟“ مُنهنجي کٽڪو وري زبان تي اچي ويو...
”ڪو نه بچندو... تون رک رب تي... بابا چوندو هو آهي ته جيڪو ڊڄندو آهي، ان کي ڪاروبار جي دُنيا ۾ اچڻ ئي نه گهرجي.“
”واهه سائين، وڏي آئي آهي بزنس ليڊي...“ مون کي به چڙ اچي وئي ”وڏا گُرَ اچن ٿا ميڊم کي، سڀاڻي نه... جيڪڏهن ڪُجهه بچيو ته سڀ توکي کارائينديس مان...“
”ڀلي ڀلي...“ هُن کليو، ”مون کي ڪو اعتراض ناهي.“
امان هڪدم اسان جي وچ ۾ اچي وئي.
”اجايو نه وڙهو پاڻ ۾... هينئن ٿا ڪيون... پندرنهن سئو جو ٺاهيون ٿا... بس... نه نصيبان جي سوچ مطابق گهٽ ۽ نه تُنهنجي خيال مطابق وڌيڪ...“ امڙ مون ڏي نهاريو.
”۽ جي کُٽي پوي اڄ وانگر ته ماسي؟“ هاڻي نصيبان ڊُول سُڄايو.
”ته پوءِ ان لاءِ ڪچو سامان رکنداسين... بس...“
”اهو تيار ٿيڻ ۾ به ته ٽائيم وٺندو نه...!“
”ان جي ڳڻتي تون نه ڪر... ضروري ناهي ته چڻا سڄي رات پُسن ۽ پوءِ ڳرن... ٻيا به طريقا آهن ڳارڻ جا... بس رڳو ٽن ڪلاڪن جو وقت رکجانءِ... سامان توکي انشا الله تيار ملندو.“
***
عجيب خوشي هُئي، جنهن جو پيڪنگ پيپر به عجيب هو.
اسان پهريون ڀيرو پئسا ڪمايا هُئا، محنت جا... جن تي وري، هُن لالڻ جي لامارا ڏيندڙ نظرَ جو ڇنڊو پئجي رهيو هو. مُنهنجي رُوحَ کي الاءِ ڪهڙا خدشا وٺي ويا هُئا.
عورت جي دُنيا به عجيب هوندي آهي. سندس دل ۾ جتي محبت جو ديرو هوندو آهي، اتي ئي وهمن خدشن ۽ پريشانين جا آستانا به ٺهيل هوندا آهن. ٿوري گهڻي ڳالهه تي پريشان ٿيڻ، دل لاهي ويهڻ، اهو سڀ الاءِ ڇو اسان جي ڄڻ ته خمير ۾ هوندو آهي... مُنهنجي اندر مون کي دڙيو پئي، جڏهن ڪو تعلق ناهي، جڏهن سڀ ڪا ڳالهه صاف آهي ته پريشاني ڇا جي آهي!.... اچيَ ٿو ته اچي... ڪهڙو فرق پوندو! وڃي ڍنڍَ ۾ پوي... پر اتي الاءِ ڪير اندر ۾ اهو به چوي پيو ته ڇو ٿو اچي؟ ضرور ڪهڙو اٿس. ڇا اڃا به مون بابت اميد نه لاٿي اٿس؟...“
***
ميلي جي ٻئين ڏينهن به اسين ٻئي ڄڻيون، ٿڪجي چُور ٿي گهر موٽيوسين. نصيبان جي ڳالهه سچي هُئي. رش وڌي وئي هُئي. امان وارن ٻيو سامان به ٺاهي موڪليو هو، جيڪو به کپي ويو هو. تقريبن ساڍن چئن هزار رپين کان مٿي جو وڪرو ٿيو هو. ڏيڍ سئو کان مٿي پليٽون ٺاهي، مُنهنجن ته هٿن جون تريون سُورَ ڪري رهيون هيون. خوشيءَ خوشيءَ گهر موٽيون هيوسين... ۽ اڄ ته اها خوشي به هُئي جو هُو منحوس ڪونه آيو هو.
***
رات جو اَبي، مُنهنجي هٿن کي هلڪا هلڪا مَهٽا پئي ڏنا.
”ٿڪجي پئي هوندينءَ ڊاڪٽر... اجايو کڻي اهو ريچڪ پاليو ٿئي...“
زور ڏيڻ نه پيو ڏئي... بس مُنهنجا هٿَ جهليو ويٺو هو.
”مزو اچي ٿو بابا... ڪمَ ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو...“
”ها... نئون تجربو آ... پر ان ۾ پاڻ کي ايترو ته نه ٿڪايو...“
”بس باقي هڪڙو ڏينهن آ... سڀاڻي جو... آخري ڌمال آ سڀاڻي...“
”ماڻهين کي به شابس هجي“ هُن مُرڪيو ”توسان ٻانهن ٻيلي ٿي رهي آهي... ٻه ٻه ٽي ٽي دفعه باهه تي بيهي ٿي.
گرمي ته ڏس ڪيڏي قهر جي آهي...“
”توهان کي سڀ خبر آ بابا...“ مون حيرت سان هن ڏانهن نهاريو... بابا کي کِلَ وٺي وئي.
”چري آهين ڇا؟! مون کي خبر نه هوندي ته ڪنهن کي هوندي؟! گهٽ وقت رهان ٿو گهر... پر ياد رکجانءِ... پيءُ ته پيءُ هوندو آهي...“
سندس پاٻوهه ڪمال هُئي... مُنهنجي اندر ۾، ڄڻ چشما ڦٽي رهيا هُئا... الاءِ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هُئي.
”سڀاڻي هڪ ڪم ڪجانءِ امان...! ننڍڙن ٻارن کي وٺي وڃجانءِ... وقت ڪڍي چڪر ضرور ڏيارجانءِ...“
”جي بابا...“
”مان پاڻ وٺي اچان ها... پر سڀاڻي آفيس ۾ ضروري ڪم آهي. جاويد کي چوان ٿو. اهو وٺي ايندن.... بس تون رڳو نظرَ رکجانءِ.... هن واري رش الاءِ ڇو وڌي وئي آهي. اوسي پاسي جي ڳوٺن جي ماڻهن به کڻي مارو ڪيو آهي...“
”ٺيڪ آهي بابا... مان خيال رکنديس...“
”ننڍڙا هن اڃان... ڳڻتي ٿئي ٿي زيبُل... رش به گهڻي آ... پهرين مون سوچيو هو ته مان گڏيو ايندو مانِ ڇاڪاڻ ته تون پنهنجي ڪم ۾ بزي هوندينءَ... پر هي وري اوچتو جو ڪم ٿي پيو آهي ته سوچيم توکي چئي ڇڏيان....“
”جاويد اسان سان گڏ ئي هوندو آ بابا... وچان وچان چڪر پيو ڏيندو آ... مان به خيال رکنديس...الله ڪندو سڀ خير هوندو... توهان ڳڻتي نه ڪجو...“
***
هن واري الائي ڇا پئي ٿيو.
رش ٽُٽڻ جو نالو نه پئي وٺي. صبح ساڻ جو اسٽال تي مايون ڪٺيون ٿيون ته بس... ويهڻ جو وارو ئي نه پيو ملي. اڄ ته ماسي ۽ امان ٻئي به اسان سان گڏ هيون. هڪڙيءَ مصالحي واري حصي کي سنڀاليو هيو ۽ ٻيءَ ٿانوَن ڌونئڻ کي. ماسي هونئن به اوٻاريل پٽاٽن ۽ ٽماٽن جي ڪاتر ۾ ڏاڍي هوشيار هُئي. ٻارنهين ڌاري رضا ۽ شاهينه کي وٺي جاويد به اچي نڪتو. اڄ هن جا چڪرَ هُئا ئي ڪونه، ڇاڪاڻ ته امان هتي ئي هُئي. گهران ڪو سامان ته گهرائڻو ڪونه هو.
ٻارن کي امان خرچي ڏني ۽ هُو سڀ ميلو گهمڻ هليا ويا. رش ۾ ئي احساس ٿيو ته انهيءَ چَنڊي جا ٻالڪا ۽ هُو پاڻ به اچي نڪتا هُئا، پر امان وارن کي ڏسي پري کان ئي سلام ڪري کسڪي ويا هُئا.
مُنهنجي دل خوش ٿي وئي هُئي، جڏهن سندن اهڙي حالت ڏٺي هئم.
ٻين وڳي ڌاري، رضا، شاهينه جو هٿ جهلي، پشم جو گولو کائيندي موٽيو.
امان حيرت سان ڏٺس، ”جاويد ڪٿي آهي!؟“
”الاءِ....“ رضا ڪنڌ ڌوڻيو.
”ڇا الاءِ....؟... توهان سان گڏ نه هو ڇا؟...“ امان فڪرمند ٿي وئي هُئي.
”نه... اسان گهمياسين پئي... هُو الاءِ ڪيڏانهن هليو ويو...“ رضا وراڻيو.
”ڇو ٿي وهلور وڃي شمع...“ ماسيءَ ڳالهايو... ”هُو به ٻار آهي... ڪهڙو وڏو آهي!... ويو هوندو دوستن دَڙن سان... اچي ويندو...“
”نه پر لاغرضي ته ڏسُ... هيترڙن ٻارڙن کي اڪيلو ڇڏي ائين ڪيئن هليو ويو؟!
”ائي ته ڪهڙو ڪو ڪوهن ۾ ميلو آهي امڙ...“ ماسيءَ جاويد جي پَر کنئين... ”سڀ سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو... ڏسندو هوندو هنن کي... اچي ويندو..“
امان ڪُجهه نه ڪُڇيو هو... رش وڌي وئي هُئي. ٻارن کي اتي ئي اسٽال تي اندر ويهاري، اسان ماين کي مُنهن ڏيڻ ۾ لڳي ويوسين.
امان کي ڄڻ اُڻ تُڻ ورائي هُئي. کيس ڪنهن پَل قرار نه هو... ڪم ته ڪيائين پئي پر سندس نظرَ جي بيقراري ختم نه پئي ٿي.
رش گهٽ ٿي ته هن ماسيءَ ڏانهن نهاريو.
”هلي ڳولي اچونس...“
”هل...“
هن ساٿ ڏنس ته ٻئي نڪري پيون... مون روڪيومانس“ توهان ترسو، مان ٿي ڏسي اچانس...“
امان وري مون کي جهليو ”نه اڃان به رش آهي. تون هج هتي... مان ٿي ٿِي اچان... گهر به ڏسانس ٿي، متان اوڏانهن ويو هُجي... ٻار تو وٽ ويٺا هجن...“
”هنن کي گهر وٺي وڃ نه... جائُوءَ وٽ ڇڏي اچين...“
”الاءِ اتي هُجي الاءِ نه...“ هُن اوچتو چئي ڏنو ”اڳوپوءِ وٺي اچانس ته پوءِ گڏي موڪليان ٿي...“
هُوءَ تڪڙو نڪري وئي ”اچ ادي...“
نصيبان، مُرڪي مون ڏانهن نهاريو ”ڪراڙين اجايو پريشان ٿيڻ اڃان ڇڏيو ناهي...“
***
ڪو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ امان سهڪندي سهڪندي آئي هُئي. ماسي به پريشان هُئي.
”جائو ڪونهي زيبُل... ڪٿي به ڪونهي...“
مُنهنجا ته ڄڻ وڻَ وڄي ويا، ”ائين ڪيئن هوندو امان!؟“
”ٻيو نه ته ڪوڙ پئي هڻان ڇا؟“
هُو روئڻ هارڪي هُئي، چڙيل هُئي ماسي به وائڙي پئي لڳي، نصيبان ماءُ ڏانهن نهاريو.
”ڪٿي ڪٿي ڳوليو ٿوَ امان؟“
”ڪٿي ناهي ڳوليو امڙ... اوسي پاسي سڀ هنڌَ ته ڏسي آيا هون...“
”ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو امان...“ مون به الاءِ ڇا پئي ڳالهايو ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو.
امان مون ڏانهن نهاريو. سندس نگاهه ڄڻ مئل هُئي. وري گراهڪ مايون اچڻ لڳيون هيون.
”مان وري ٿي ڏسي اچانس“... امان وري ٻاهر جو رُخ رکيو، نصيبان روڪيس.
”اوهان هتي بيهو ماسي،... مان ٿي ڳولي اچانس...“
”مان هلانءِ...“ مون پڇيو مانس.
”نه... تون ماسيءَ ۽ امان سان هُج، مان ٿي اچان ٿي...“ هوءَ تڪڙو ٻاهر ڏانهن ڀڳي.
امان ماٺَ ڪري اتي اسٽول تي ويهي رهي. ماسيءَ اچي مُنهنجو پاسو ورتو، دل نه پئي چوي پر پليٽون ٺاهڻيون ئي پون پيون... امان رخ ڦيري ورتو هو. دڪان طرف اندر مُنهن ڪري هوءَ اتي اندر آهستي آهستي سڏڪي رهي هُئي. موقعو ملڻ تي، مون وڃي ڀاڪر پاتو مانس.
”امان... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... ڄاڻ نصيبان ڳولي ايندس...“
هن ڪابه ورندي نه ڏني... مون سامهون ڏٺو، نصيبان آئي پئي ۽ سندس به مُنهن لٿل هو.
***
اها رات وڌيڪ ڪاري هُئي.
ابَو اچڻ ساڻ ڊوڙ ڊُڪَ ۾ پئجي ويو هو. کيس ڳوٺ موٽندي ئي خبر پئي هُئي. رستي ۾ موبائل ڪم نه پئي ڪيس. رابطو جيئن ئي ٿيو ته هُو سڌو ميلي تي آيو هو. اسٽال بند ڪيو هئوسين ۽ گهر آيا هُئاسين... اَبو اسان کي گهر ڇڏي نڪري ويو هو. امڙ ۽ ماسي مُصلن تي اچي ويون هيون. نصيبان پنهنجي گهر نه پئي وڃڻ گهري...مون زوريءَ موڪليو هئو مانس جو اتي به ويهه ڪم هُئا. ٻن پهرن کان ڪنهن جي وات ۾ گرهه به ڪونه ويو هو. بس ٻارن کي ٿورو گهڻو کارايو هئوسين.
ٻارن کي جاويد جي ڪابه خبر نه هُئي. سڀ گڏ ميلو گهميا پئي. جو اوچتو هُو کانئن وڇڙي ويو هو. راند کيڏندي، گهمندي ڦرندي هُنن کي به ڪو احساس نه هو. واپس موٽيا ته هنن به ڪا سوچ نه ڪئي هوندي. ننڍو ٻار سئوچ به ڪهڙي ڪندو!... ائين وچان وچان هُو گم ٿي ويو هو... الاءِ ڪيڏانهن ويو هو.
گهر تي ماڻهن جي رش لڳي وئي هُئي. پاڙي وارا... مِٽَ مائٽ... سڀ اچي ڪٺي ٿيا هُئا. هر ڪنهن جي وات ۾ پنهنجو سوال هو...جنهن جو اسان مان ڪنهن وٽ به ڪو به جواب نه هو. ماڻهن کي دشمنيءَ جو فڪر هو... ڪنهن جهيڙي جهٽي جي اميد هُئي. نقصانڪاريءَ جو انديشو هو... هتي ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه هُئي. ها... ڪجهه ڏينهن پهرين زاهد سان جاويد جو جهيڙو ٿيو هو. بس اها ئي هڪڙي ڳالهه کٽڪي پئي.
ابي پوليس ۾ خبر ڪري ڇڏي هُئي، پر رپورٽ پڪي ڪونه لکائي هُئائين، پوليس به چيو پئي ته تڪڙ نه ڪري... پهرين ٿورو ڳولي وٺون.... اڃان ڪجهه ڪلاڪ ئي ته ٿيا آهن.
الاءِ ڪيترا ڪلاڪ ٿيا هُئا... الاءِ ڪيترا ڪلاڪ ٿيڻا هُئا.
***
ٻاهر رات جي چادر گهري هُئي.
اڱڻ ۾ اَبي سان گڏ، چاچو قيوم، چاچو قاصد ۽ مامو امان الله ويٺا هُئا. امان اندر کٽ تي هُئي، ماسي به جهڙي وسامي وئي هُئي. امان کٽ تي ڇا هئي، بس، چادر جي هيٺان ڳوڙهن جو مينهن جاري هو. ٻاهران اڱڻ مان آواز آيا پئي.
”پڇا ڳاڇا ڪيون ٿا علي اڪبر“ چاچي عبدالقيوم جو زبرو آواز اڀريو. آواز به ٿلهو هئس، ڳالهائيندو به زور سان هو ”خبر چار لهڻ لاءِ همراهه، چئن ئي پاسي ڊوڙايا هِن... بس رڳو ٿورو سئوچ ڪر... ڪاوڙجي ته ناهي ويو ني؟...“
”ڇا تي ڪاوڙبو ادا...“ ابي جو آواز اڀريو... ”ڇاتي ڪاوڙبو...؟ مُنهنجي گهر جي توکي خبر ناهي ڇا...؟“
”آهي... ڇو نه آهي...“ چاچي عبدالقيوم وراڻيو“ پر ڏس ني... انسان آ... اندر ۾ سئو طوفان کڻي ٿو گهمي... ٿي سگهي ٿو ڪا اهڙي ڳالهه ٿي هُجي...“
”ڪهڙي ڳالهه ٿيندي؟“ اَبي جو سوال اڀريو.
”زمانو آءُ جاني“ چاچي چيو ”زمانو آ... ٿيڻ لاءِ ڇا نٿو ٿئي... نوجوان رَتُ آ... ٽهڪي ٿو پوي...“
”اهڙو آهي ڪونه پنهنجو جائُو“ چاچي قاصد جو آواز اڀريو. ”ڪاوڙيل لڳندو ته ناهي، ۽ هونئن به پنهنجا ٻار اهڙا ناهن ادا قيوم... ائين جاويد ڇو رسي ويندو!؟“
”ڀلا ڪو جهيڙو جهٽو... ڪو ڦڏو فساد...؟“ مامي امان الله پُڇيو، ”ڪنهن سان وڙهيو هجي...؟“
”مون کي ته اهڙي ڪنهن ڳالهه جي خبر ناهي..“ ابي وراڻيو.
”گهر وارن کان پُڇيو ٿي؟...“ چاچي قيوم پُڇيو.
”پڇيو ته نه ٿم... پر جي اهڙي ڪا ڳالهه هجي ها ته ڪن ها نه...“
”پڇي ڏس بابا... وري به پڇي ڏس... الاءِ ڪيتريون ڳالهيون پيا لڪائيندا آهن... گهر وارن کي الاءِ ڪيترن معاملن جي خبر هوندي آ... ٻڌائيندا ناهن... پڇي ڏس... پڇي ته ڏس ني. ڀلا پڇڻ ۾ ڇا هي؟...“
”صحيح ٿو چئي ادا قيوم دادا...“ چاچي قاصد ڳالهايو، ”توهان ڀاڄائيءَ کان پڇي ڏسو... ڪٿي اسڪول ۾، مدرسي ۾، يا هونئن ڪنهن سان وڙهيو جِهڙيو ته ناهي، ڪجهه ڏينهن ۾؟“
”پڇي وٺ يار“ مامي امان الله جو آواز اڀريو... ”سڄو ڏينهن رهين ٿو گهر کان ٻاهر... ٿي سگهي ٿو ڪا ڳالهه ٿي هُجي..“
ڪجهه لمحن لاءِ ڄڻ ماٺ ٿي هُئي، پوءِ ابو اندر هليو آيو هو.
***
امان کيس سڀ سچ ٻڌايو هو. لالڻ جي اوطاق کان وٺي، زاهدَ جي جهيڙي تائين... مٿان وري جوئا جي ڳالهه به ڪري ڇڏيائين...اَبي جا ڪن ڳاڙها ٿيندا ويا. امان جا سڏڪا زور هُئا...پر هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي هُئي. ماسي بلڪل ماٺ هُئي ابي ڏُک وچان مون ڏي نهاريو هو.
”توکي به خبر هُئي زيبُل؟...“
اوچتو رُخ ڪيو هئائين مون ڏي... سمجهه ۾ ته ڄڻ ڪجهه نه آيو هئم، هاڪار ۾ بس ڪنڌ لڏي ويو هئم، هن وڏو ساهه کنيو.
”الله اڪبر... مطلب... مان اڪيلو ئي بي خبر هئم...“
”اها ڳالهه ناهي بابا...“ مان همٿ ڪئي ”اوهان سان ڳالهه ڪيون ها.. اسان..“
هن هڪدم مُنهنجي ڳالهه ڪٽي.
”مان توسان پوءِ تفصيل سان ڳالهايان ٿو.. في الحال مون کي هي سڀ ٻڌڻ ڏي.“
هن ڌيان امان طرف رکيو هو. امان جي حالت خراب هُئي. هن سڄي ڳالهه سربستي ڪئي. مُنهنجي دل چيو مان هن لاءِ پاڻي گلاس کڻي اچان... پر ٻاهر وڃڻو پوي ها... ۽ هُنن سڀني جي سامهون الاءِ ڇو مون اچڻ نه پئي گهريو.
اَبي سڄي ڳالهه ٻڌي... ماٺ ۾ الاءِ ڇا سوچيندو رهيو ۽ پوءِ واپس مـوٽي ويو. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هُو الاءِ ڇا ڪندو. امان وري کٽ تي پئجي رهي هُئي، مُنهنجو ذهن سڄو اڱڻ ڏانهن ٿيندڙ گفتگوءَ تي هو. مون دريءَ جي چير مان ٻاهر ڏٺو.
”زاهد ۽ جاويد ڪو وڙهيا هُئا... ٽي چار ڏينهن پهرين...!“ ابي جو لهجو ڪجهه چٽو هو.
”زاهد ڪهڙو؟“ چاچا قاصد چيو ”جمعي جو پُٽ؟..“
”هائو... جاويد جو دوست آهي... ڪلاسي آهن ٻئي...“
”اي سڃاڻانس...“ مامي امان الله چيو ”شام جو پيءُ سان دخل تي ويهندو آهي.“
”وڙهيا ڇا تي هُئا..“ چاچي عبدالقيوم جو آواز اڀريو.
”لالا جي اوطاق تي ڪو جهيڙو ٿيو هُئن...“ ابي جو آواز اڀريو. الاءِ ڇو مون کي بيحد سرد لڳو.
”لالڻ وٽ...“ چاچي عبدالقيوم حيرت سان ڏٺو، ”اتي ڇو؟...“
”اتي ماڻهو ڇو ويندا آهن ادا...؟ اهو پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آ...“
”ڇا مطلب!... اوطاق آ... اهو سمجهان ٿو... پر ايڏي ننڍڙي عمر وارا اتي ڇا ٿا ڪن؟“
”جاويد ته کڻي مِٽ آهي... ويو هوندو اتي...“ ماما امان ڳالهايون ”پر زاهد جو اتي ڪهڙو ڪم هوندو؟...“
”اسين سادا پيا ٿيون يا واقعي اسان کي خبر ناهي!“ ابي جو لهجو تلخ هو. ”پَتَي تي وڙهيا هيا ٻئي!...“
”ڏس ميان علي اڪبر...“ چاچو عبدالقيوم گرجيو ”جي تنهن جو مطلب، مقصد ڪو الزام هڻڻ آهي. ته سنئون سڌو ڳالهاءِ... ائين ڳجهارتون نه سلاءِ“
”مان الزام ڇو هڻندس؟“
”چوين ته پيو اتي پَتي تي وڙهيا..“
”ته صحيح ته چوان پيو... اتي ٻيو ڇا تي وڙهيا هوندا...؟“
”ضروري آهي ڇا ته پتي تي ئي وڙهن؟“ چاچا قاصد چيو ”ٻي ڪا ڳالهه به ته ٿي سگهي ٿي...“
”اتي ڪهڙي ٻي ڳالهه ٿيندي آهي قاصد!..“ ابي جو لهجو سخت هو. ”جيڪو سچ آهي سو سچ آهي..“
”مطلب تون... اسان تي الزام پيو هڻين ته اسين خراب هون... هان؟“ چاچا قيوم رڙ ڪئي.
”توهان کي ڪنهن چيو؟“ ابي گهوريس.
”مُنهنجو تخم خراب مطلب مان خراب...“ چاچي چيو ”مطلب ته اهو وڃي بيٺو نه سنئون سڌو...“
”مُنهنجو اولاد خراب نڪتو آ... مطلب مان خراب آهيان ڇا؟“ ابي سختيءَ سان چيو، ”ڳالهه کي ٿورو سمجهه ادا... ۽ هَري هَري ڳالهايو..“
”اڙي ڇا هَري هَري ڳالهيان“ سندس آواز وڌي ويو، ”تون سنئون سڌو اسان کي ڏوهي پيو ڪرين. مُنهنجي پٽ ۽ اسانجي اوطاق لاءِ الاءِ ڇا ڇا پيو ڳالهائين... اڃا مان هَري هَري ڳالهيان...!“
”مان پنهنجي پٽ لاءِ به ته ڳالهيان پيو نه، ”ابي رڙ ڪئي“ اهو توهان کي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي ڇا؟... جيڪو سچ آهي، مان سو چوان پيو... جي مُنهنجي اولاد جو ڪارو مُنهن آهي ته اهو به ته ٻڌايان پيو نه... باقي توهان ڇا تي پيا پَچَو...! ائين ناهي ڇا!... اتي پتو نه ٿو هلي ڇا؟“
”هلي ٿو، سنگت ۾ ڇو نه ٿو هلي. پر ڪهڙو جوئا جو اڏو آ...! پاڻ اتي ناهيون کيڏيا ڇا علي اڪبر!؟“
”پنهنجي وقت ۾ ۽ هاڻي ۾ فرق آ ادا... ڇوڪرا اٽڪيا آهن. پئسن تي... داءَ تي... اتان معاملو متو آ...“
”نه پر جي اهي پاڻ ۾ وڙهيا هن ته لالڻ جو ڇا ٿو وڃي!“
”ڪُجهه نه... ”ابو مُرڪيو“ بس رڳو ٽِڪري هن جي هُئي...“
”وات کي لگام ڏي علي اڪبر...“ چاچو گجيو ”وڌندو نه وڃ... هاڻي سنئون سڌو پيو اچين... پاڻ سنڀال... اهو چڱو ڪونه ٿيندئي...“
چاچا قاصد ۽ ماما امان الله وچ ۾ پيا ”ادا... ادا... قيوم... ٿورو آرام سان...“
هيڏانهن ابو به تپي ويو هو.
”تون به ٿورو ڌيان سان ڳالهاءِ... عبدالقيوم... مُنهنجو ڪو وڏڙو ناهين جو چڙهيو ٿو اچين. سڌي سنئين ڳالهه آهي... مُنهنجي اولاد ۾ هٿ پوندا ته مان ڪو ڇڏيندس ڇا؟...“
چاچا عبدالقيوم سٽَ ڏئي اٿيو.
”هاڻي جي ائين ٿو ڳالهائين... ته بس پوءِ... ڀت برادري ڇُٽي... پوءِ اچ ته آمهون سامهون ٿيون...“
امان الله هٿ ٻڌا... ”ادا... ادا... ادا قيوم...“
ابي رڙ ڪئي ”پنهنجو ڳالهائڻ ڏسين ٿو... مدد ڪرڻ آيو آهين يا احسان ڪرڻ... ۽ جي سچ چئجي ٿو ته باهه ٿي لڳئي...“
امان الله ابي کي هٿ ٻڌا... ”ادا... تون ئي کڻي بس ڪر اڪبر... ڳالهه ڇو ٿا وڌايو...“
ابي کيس پري ڪيو ”ڳالهه مان نه ٿو وڌايان، امان الله... مُنهنجي جگر ۾ هٿ پيا آهن... اتي مان پنهنجو پاڻ کي به بخش نه ڪيان ته ٻئي جي ڪهڙي حيثيت آ...“
”توکي حيثيت جي خبر پئجي ويندي علي اڪبر“ چاچي عبدالقيوم رڙ ڪئي.
”اڙي بس...“ چاچي قاصد جو مُنهن ٽامڻي هڻي ويو ”بس... عبدالقيومَ... گهڻي ٿي... ادَي کي اڪيلو سمجهيو ٿي ڇا؟... وڃي پيو وڌندو... پنهنجي جوئاري، شرابي ڇوري تي ڍڪَ رکندي ته شرم نٿو اچئي، سنگت کي لڄائيندي ته لڄ ڪر...“
عبدالقيوم چاچي قاصد ڏي وڌيو ”تون به ٿو ڳالهائين ڙي...“
مامي امان الله هڪدم ٽوپي لاٿي ۽ چاچي قيوم جي پيرن ۾ رکيائين ”او ادا... اوڀائو... هي ٽوپي ٿئي مُنهنجي پيرن ۾.... ٻيلي پاڻ ۾ نه وڙهو... ائين نه ڪيو..“
هن ٻنهين کي ڇڏايو، اَبو، عبدالقيوم ڏي وڌيو.
”ڳالهه وڌيڪ خراب ٿيندي... هتان روانو ٿي وڃ... هن مهل، نه توکي ڪجهه سمجهه ۾ ايندو نه مان ڪُجهه سمجهي سگهندس... پاڻ پوءِ ڳالهائينداسين.“
”پاڻ هاڻي پوءِ ته ڇا... ڪڏهن به ڪونه ڳالهائينداسين علي اڪبر... آئيندي اهڙي جرئت نه ڪجانءِ...“
”جرئت تون نه ڪجانءِ“ چاچا قاصد رڙ ڪئي، مامي امان الله کيس ڀاڪر ۾ ڀري پري ڪي ورتو. ”نه ته نتيجو اهڙو ٿيندئي جو راڄ ياد ڪندا...“
الاءِ سندس آواز ۾ ڇا هو... چاچا قيومَ کيس ڏٺو ۽ چپ ڪري درَ مان ٻاهر نڪري ويو. پويان عجيب حالت ٿي وئي هُئي. ماما امان الله، زوريءَ چاچا قاصد کي کٽ تي ويهاريو هو. ابو چپ چاپ ائين ئي بيٺل هو. مُڙي ڏٺم، امان جهڙو بيهوش ٿي وئي هُئي. ماسيءَ جي رڙ ته اهو ٻڌايو هو.
***