14
هن مون کي نه سڃاتو هو. ڪڏهن مومل پئي سڏيائين، ڪڏهن مون کي پئي ڏَسيائين ته مُنهنجي ڌيءَ آ زيبُل. اُها علاج ڪري ويندئي. ڪڏهن ادي پئي چوي... الاءِ دوائن اثر ڪيُس به پئي الاءِ نه... ڊاڪٽرَ ته اهو ڏَسيو هو ته ڪُجهه وقت لڳندو، علاج سست آهي، دير ته ٿيڻي ئي آهي. پر حال ڪُجهه ته بهتر ٿئي ها، هيءَ ته ماڳهين ڄڻ اڃان پوئتي وڃي رهي هُئي.
ٻارن جي پٽي ڪرائڻ وئي هُئس ته به ماسي حنيفان پويان هُئي. امان جو حال نه هُو. الاءِ ڇا ڪري وجهي ها. خوف هو جيڪو لاڳيتو کائي رهيو هو.
اَبي جي فون به نه پئي آئي. دل چيو ڪال ڪيانس. امان بابت ٻُڌايانس ته ٿئيس ڇا پيو، وري اهو ڌيان آيو ته هڪ ته هن، فون ڪرڻ لاءِ چيو ناهي، سواءِ ايمرجنسيءَ جي... ۽ هي ڪا اهڙي ايمرجنسي نه هُئي جو کيس ڪال ڪجي... ۽ ٻيو ته هيترن مائٽن جي جهان ۾ هن مون کي اڪيلو ڇڏيو هو يا وڌ ۾ وڌ ٻن عورتن جي ساٿ جي حوالي ڪري ويو هو، معنيٰ کيس پڪ هُئي ته مون ۾ ڪُجهه ڪڻا آهن هاڻي جي ائين ولوڙ ٿي مچايان ته اهو سڄو خاڪو، خاڪ ٿي ويندو.
مائٽن جي به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته سَون جي تعداد ۾ هوندا آهن. چاچا، ماما، انهن جا ڪهول...ڪزنز... پر انهن سڀني جي هوندي به ڪٿي ڪٿي ڪيڏي نه اڪيلائيپ هوندي آهي. هر ڪو پنهنجي پٽَ کوههَ ۾ پورو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مليو ته به خير آهي. عزازت ڪڏهن ڪڏهن رڳو عيادت تائين محدود ٿي ويندي آهي. سا به ڪڏهن ٿيندي آ ڪڏهن نه... جائُو جي وڃڻ کان پوءِ گهڻا ماڻهو لڙي آيا هُئا؟... ڪنهن ڪنهن پڇا ڪئي هُئي! ڪير فڪرمند ٿيو هو؟ آيا ته ڄڻ ڪُلها ڇنڊڻ هُئا. امان کي ڏسڻ آيا ۽ بس... ڪنهن به ته رڳو هڪڙو اکر، مدد جو نه آڇيو. تماشو هليو پئي، تماشائين جو ڪهڙو ڪم هو.
پريان، ڪٿان ڪنهن ريڊيو کوليو هو. هوا تي آواز جون لهرون ڊوڙي رهيون هيون.
محمد رفيع ڳايو پئي ”تون آهين صاحب صورت جو، هي آ غلام تُنهنجو“ الاءِ ڪهڙو سُر هو. الاءِ ڇا هُئس... مُنهنجي اندر ۾ غبار ڄڻ چڙهڻ لڳو. آواز ڏاڍو چٽو هو... ڪنهن ويجهو ئي ريڊيو هلايو هو يا وري، هوائن مون کي اهو آواز ٻُڌرائڻ پئي چاهيو... سينو الاءِ ڇو ڀرجڻ لڳو هو... اَبي جي مُرڪ گهري ٿي سامهون آئي هُئي.
هُو خوش هوندو هو ته اهو ڪلام ڪيڏي نه لئه سان جهونگاريندو هو... خاص طور تي جڏهن مٿي ۾ ميندي وجهائي، منجيءَ تي پير رکي، کٽ تي ويهندو هو. ابو پيرن جي ترين کي به ميندي هڻائيندو هو. کيس لڳندو هو ته ان سان اکيون ٺريو ٿيو پون ۽ چشمي پائڻ جي نوبت نه ٿي اچي. هُو ڪلهي تي ڪو رومال رکندو هو ته جيئن مينديءَ جو ڳارو هيٺ نه وڃي... پير منجيءَ تي سڌا ڪندو هو... يا وري لڙڪائي ويهندو هو. هٿن ۾ ڪو رسالو يا ڪا اخبار کڻندو هو... گهڻو ڪري پراڻين اخبارن مان تفصيل سان نه پڙهيل خبرن جو ورجاءُ ڪندو هو ۽ انهن لمحن ۾ سندس جهونگار جاري رهندي هُئي.
الاءِ ڇو، سندس چونڊ ڏاڍي مخصوص هُئي. هُو ايترو شدت سان جهونگاريندو هو جو اسان کي خبر پئجي ويندي هُئي ته اهو ڪلام سچل سائينءَ جو آهي. مٿان وري سائين اعجاز شاهه جو ڪلام ته بس چڻ سندس اندر جي جهڙ ڦُڙ هو.
هُو ”ڀلي يار آئين... تُنهنجو لک ڀلايون“ جهونگاريندو هو ته اخبار پاسي تي رکي، اکيون ٻوٽي ڇڏيندو هو. خاص طور تي ”اسان تُنهنجي ٻيلهپ عبادت ٿا ڀانئيون“ ته ڄڻ سندس چپن تي چڙهي پوندو هو. هُو ڄڻ دل سان خادمي ڪرڻ سڀ ڪُجهه سمجهندو هو.
اِن ڪافيءَ جو هڪ ٻيو بند به ڄڻ، سندس روح تي رچيل هو.
تولا تنَ ۽ مَن جي تَهن ۾ به جايون...
تولاءِ هنڌ هنئِين ۾، سيجون سَوَ وڇايون...
اسين سڀ پيا سندس حال تي مُرڪندا هُئاسين. کلڻ جي مجال نه هوندي هُئي. جائُو، اکين جي اشاري سان چوندو هو ”حال ڏسينس، ويو فقير حال ۾...“
ابو سڀ سمجهندو هو پر مون کي الاءِ ڇو لڳندو هو ته هُو لنوائيندو هو... ڀلي سڀ ڪُجهه به سمجهن اها جهونگار سندس رياضت هوندي هُئي.
هڪ واري، هٿ جهلي پاسي کان ويهاريو هُئائين.
”هنئين ۾ هنڌ خبر ٿئي ڪيئن وڇائبو آ زيبُل..“ هن اوچتو چيو هو. مون کيس حيرانيءَ سان ڏٺو هو. اهو ڪو اڪيلو موقعو نه هو. اَبو ائين مون سان فلسفي جون ڳالهيون ڪندو ئي رهندو هو. مان سمجهان ٿي ته نصيبان ۽ مون ۾ شعور جو وڏو حصو، ابي جي صحبت هُئي. هُو اسان کي ڪتاب پڙهائيندو هو، معلومات ڏيندو هو. معلومات جا ذريعا هٿ ڪري ڏيندو هو. هُن اسان کي ريڊيو ٻُڌڻ تي هيرايو هو. ننڍا ننڍا ٻه ريڊيا هُو مون لاءِ ۽ نصيبان لاءِ وٺي آيو هو. کيس اهو شوق هوندو هو ته اسين خبرون ضرور ٻُڌون... باخبر رهڻ ۽ رکڻ سندس جيون هو. هُو ڪنهن ٻئي کي باخبر رکڻ گهري نه گهري... اولاد لاءِ سندس اها سوچ لازم هوندي هُئي.
هُو مون سان خاص طور تي عجيب ڳالهيون ڪندو هو. مون کي به وراڻين ۾ مزو ايندو هو.
سندس مُرڪَ گهري ٿي وئي هُئي.
”هنئين جهڙو ڪو هنڌ ناهي ٻيو زيبُل... جتي ڪنهن کي آرام ڪرائجي... جڏهن ڪنهن جو چاههُ مٿانهين درجي تي پهچي ويندو آهي نه امان... ته ان جون جيءَ ۾ اهڙيون جايون جُڙي وينديون آهن، جو سندس بسترو ئي اتي لڳي ويندو آهي.“
”سدائين لاءِ بابا...“
ٻاراڻو سوال هو... هن وڌيڪ مُرڪيو هو.
”ها سدائين لاءِ امڙ.“
”پر اسين، ساڳئي ماڻهوءَ سان نفرت به ته ڪندا آهيون بابا... محبت ختم به ته ٿي ويندي آ نه...“ مون کي لڳو هو، مون وٽ دليل آهي، منطق آهي ڳالهه ۾ وزن اٿم.
”محبت ختم نه ٿيندي آهي امان... جذبو ختم ٿي ويندو آهي.“
”محبت ته جذبو ئي آهي بابا...“
”اهو ئي ته مسئلو آهي امان... محبت رڳو جذبو ناهي... محبت بس محبت آهي..“
”هلو ڀلا.. جيڪو توهان چئو ٿا اهو ٻُڌايو، جذبو ناهي ته پوءِ ڪيئن آهي؟“
”محبت جَڙَ هوندي آهي امان... پاڙ هوندي آهي، سندس محسوسات جذبو هوندي آهي.... ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي ٻوٽا لڳل هوندا آهن... انهن جون پاڙون به هونديون آهن پر اهي نسرندا ڪونهن... ۽ نظر نه ايندا آهن... پاڙَ جي اها به وڏي مصيبت هوندي آهي ته اها ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي آهي.“
مون حيرت مان ابي ڏانهن ڏٺو پئي
”نفرت بي پاڙي هوندي اٿئي... ان جي ڪا پاڙ ناهي هوندي... سدائين سطحي هوندي آهي“.
”پر ان جي ڪري ايڏا نقصان ٿي ويندا آهن بابا..“
”نقصان نفرت جي ڪري ناهن ٿيندا امان... ان جي سڳنڌَ جي ڪري ٿيندا آهن... جڏهن نفرت جي بُوءِ زور ٿئي نه... ته نقصان شروع ٿيندو آهي.. ماڻهوءَ جو اندر، ڪروڌ جي ڪري، ساڙ جي ڪري بيمار هجي نه... ته نفرت وڌيڪ نقصان ڪندي آهي... جيتوڻيڪ ان عمل جا فائدا به الاهي هوندا آهن. بُرن ڪمن کان جي نفرت نه ڪجي ته انهن مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟ معنيٰ اتي نفرت ضرورت آهي نه... بس اتي ڪروڌ ناهي... اهو توکي محسوس نه ٿو ٿئي؟...“
اَبي جو علم ڪمال هو... هُو واقعي حيران ڪندڙ هو.
”گڙدي جي مريض کي پالڪ ۽ ٽماٽا کائڻ کان روڪيندا آهن نه... ڇو؟ ڇاڪاڻ ته ان سان چوندا آهن ته پٿري ٺهندي آهي... اسان جو ڪروڌ به ائين ٿئي... نفرت به ائين ٿئي... ٿين ٿا ته اسان جي وجود جي گڙدن ۾ پٿريون ٺاهڻ ٿا شروع ڪن...“
”پوءِ ڇا ڪجي بابا؟...“
”ڪُجهه نه ڪجي... سيج وڇائجي امان..“ سندس اکيون الاءِ ڇو آليون هيون، ”سائين اعجاز شاهه نه چئي ويو. تولاءِ هنڌ هئين ۾ سيجون سَوَ وڇايون... پنهنجي اندر ۾ سوين سيجون وڇائجن... محبت جون، اَمن جون، ڀائپيءَ جون، رواداريءَ جون.. هر ان جذبي جون...جنهن سان محبت ويهڻ پسند ڪري... جنهن سان محبت رهڻ پسند ڪري... ۽ جڏهن اها پنهنجي پوري جاههُ و جلال سان ايندي آهي نه... ته پوءِ چئبو آهي، ڀلي يار آئين... تُنهنجون لک ڀلايون... اسان پاڻ تُنهنجو ڳالهيون ويٺي ڳايون...“
”الا...“
”ٻيو نه ته وري... ماڻهوءَ جو روح ته هلڪو هوندو آهي کيس نفرت جي هڪ سٽَ به ياد نه ٿئي. اها ته کيس اسين پاڻ ياد ڪرائيندا آهيون... روح ته محبت جا گيت ڳائيندو آهي.. روح ئي ته راهه نهاريندو آهي.. اکيون ته بس اوزار آهن... ڏسڻ جو...“
”اَبا... اهو سڀ اوهان ڪيئن ٿا ڄاڻو..“
مون هڪدم پڇي ورتو هو... هُو وڻَ ويڙهيءَ جيان، ورائجي ويو.
”اهو نه پڇندي ڪر... بس رمز آهي... توسان سلجي ٿي.. جي اجازت نه هجي ته فقير اهو دڪان بند ڪري...“
مون کلي ڏنو هو، ”فقير جي ڌيءَ کي اهو سڀ سکڻو آهي بابا...“
عام طور تي هُو سخت مزاج هو، انهن گهڙين ۾ الاءِ سندس سخت مزاجي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندي هُئي، هُو لڳندو ئي ڪونه هو ته ڪو ايڏو نرم به ٿي سگهي ٿو. رفيع جي آوازَ، ڪهڙا دروازا کولي ڇڏيا هُئا.
***
ڪمري ۾ ڏٺو هُئم، هُوءَ بيخبر سُتل هُئي.
امان کي اهڙي گهري ننڊ گهٽ ايندي هُئي. سندس کونگهرا ٻُڌڻ ۾ پئي آيا. ننڊ ۾ به ڏٺم ته دوائن واري دٻي کي ڀاڪر پاتل هُئس. هُوءَ پاڻ سان گڏ رکي سُتي هُئي. جنهن شئي جي ڳڻتي هُئي، اُها ئي ٿي پئي. مون جلد کان جلد کيس اُن دٻي کان پري رکڻ پئي گهريو.
امان جي حالت اندر ۾ کٽڪو پيدا ڪري ڇڏيو هو، اُن ڪري مُنهنجو اسڪول به جهڙوڪر ختم ئي ٿي ويو هو. يڪو ڪونه وئي هُئس. ڊپ هوندو هُئم ته هُوءَ ڪُجهه ڪري نه وجهي. اوچتو رڌڻي ۾ نه وڃي! ڪُجهه گرم نه کڻي...باهه نه ٻاري وجهي... ڪو ٿانوَ ٿپو نه کڻي.
مون رڌڻي مان خطرناڪ سامانَ گم ڪري ڇڏيا هُئا. اُهي سامانَ جن مان مون کي ڊپ لڳو پئي ته هُوءَ ڪُجهه ڪري وجهندي. ڇُريون... چاقو... شيشي جا گلاس سڀ ڪوشش ڪري لڪايا هُئم. اسٽيل جو سامان رکيو هُئم، گلاس... پليٽون. شڪر آهي ته اڳ ۾ ئي گهر ۾ هُئا. الاءِ ڇو ايترن احتياطن کان پوءِ به، هُن کي اُهو باڪس هٿ اچي ويو هو. هُن ڪيو ته ڪُجهه نه پئي پر الاءِ ڇو ڪُجهه ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو هُئم.
آهستي آهستي، سندس ويجهو آيس. هُوءَ پاسيري هُئي. هِڪ طرف ٻانهن هيٺ اُهي دٻو هُئس. مون غور سان جائزو ورتو. جي سندس ٻانهن جي پاسي کان ٿورو ڌِڪو ڏيان ته اُهو دٻو کسڪي هيٺ ڪري سگهي ٿو. ڪرڻ کان اڳ جهٽي وٺان ته آواز به ڪونه ٿيندو. چڱيءَ طرح ڏٺم... جيڪو سوچيو هُئم سو سوَلو لڳم پئي. آهستڙي آهستڙي هٿ وڌايم، دٻي کي ٿورو کسڪايم ۽ هُن رڙ ڪئي.
”آيو...آيو“
سَٽَ ڏئي اُٿي، اُٿندي ئي مون تي اُلر ڪري آئي.
”ڇو آئي آهين؟“
اُلر ڪندي ڪندي به هُن دٻو وري جهلي ورتو. مان بدحواس ٿي وئي هُئس. سندس اهڙي قسم جو ردِ عمل ته مون سوچيو ئي ڪونه هو. ايڏي گهري ننڊ ۾ هُئي... ايترو تڪڙي جاڳ!؟ سا به ايڏي ڇتي!
”دٻو ڪريو پئي، اُن کي سِڌو پئي ڪيم“ مون پاڻ سنڀاليو هاڻي ڊپ ٿيڻ لڳو هُئم.
”ڪهڙو دٻو؟“ هُن دٻي کي وڌيڪ جهليو مون کي ائين ئي لڳو.
”اِهو“ مون دٻي ڏانهن اشارو ڪيو.
”اِهو ته سڌو آ“ هُن دٻي کي ڏٺو، چڱي طرح چيڪ ڪيائين، ”ٽيڏو ته ڪونهي.“
”اُن مهل ته هو“
”ڪنهن مهل؟“
”جنهن مهل اوهان سُتل هُئو“
”مان ڪڏهن سُتل هئس؟... مان ته جاڳيس پئي“
”مون کي لڳو هو اوهان سُتل آهيو“
”توکي لڳڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟“ هُوءَ اُٿي ويٺي... هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. لڳم رئو پئي ٿي ڳولهي. مون سندس پيرن کان چُرڙ مُرڙ ٿيل رئو کيس کڻي ڏنو. هُن هڪ ٻانهن سان دٻو جهليو، ٻئي سان رئو مٿي تي رکيائين.
”سمهي پئو امان... اڃان رات آهي“
”رات آهي؟!“ هُن ٻاهر نهاريو. ”مون کي لڳو ڏينهن آهي“
”نه نه... رات آهي“ مان هاڻي بهتر ٿي وئي هُئس.
”رات آهي ته هُجي...“ هُن ٺيڪ نموني سان دٻو ڪَڇ ۾ ڪيو. ”مان ڇا ڪيان؟“
”سُمهي رهو“
”مان زيبُل جي پٽي ڪري اچان؟“
”صُبح ڪجائنس“
”صبح ڇو؟... هنيئر ڇو نه؟“
”هِن مهل سمهي پئي هوندي نه...“ اکيون ۽ آواز ڀرجڻ لڳو هُئم. امان جي سلوڪ جي ڪري رات خوفائتي ٿي رهي هُئي. امان واقعي شعور وڃائي ويٺي هُئي.
”اُٿاري پٽي ڪري اچانس وڃي؟“
”اُٿاري پٽي نه ڪبي آهي“ مون وراڻيو. هُوءَ عجيب بيجان انداز سان هُئي. ڳالهايائين به پئي پر لڳو پئي ڄڻ ڪو روبوٽ هُجي.
”ڪالهه ڪري پئي هُئي رستي تي“ هُن هيڏي هوڏي نهاري ٻارن کي ڏٺو ”او جيئن اهي ٻئي آهن نه... ائين ڌَڪَ لڳا ٿس. هِنن جي به مون ئي پٽي ڪئي اٿمانءِ... ڏس ڪيئن نه آرام ۾ سُتا پيا آهن... زيبُل جي پٽي ڪنديس نه ته هُوءَ به ٺيڪ ٿي ويندي.“
”هي ٻئي ڪير آهن؟“ مون هڪدم سوال ڪيو، هُن ٻارن کي وري ڏٺو.
”الاءِ ڪير آهن“
”توهان نٿا سُڃاڻونِ؟“
”نڪو“
”ڀلا ڏٺل وائٺل؟“
هُن وري غور سان ڏٺو، ”مُنهنجي اسڪول ۾ پڙهندا هِن“
”توهان جو اسڪول؟!“ مون کي سندس ڳالهه تي حيرت ٿيڻ لڳي هُئي.
”ها... مان پڙهائيندي آن نه... مُنهنجو پنهنجو اسڪول آهي... هي به اتي پڙهندا آهن“
هُوءَ الاءِ ڪٿان کان ڪيڏانهن وڃي رهي هُئي. مون کي لڳو پئي هُن سان وڌيڪ ڳالهائڻ اجايو سلسلن کي طويل ڪرڻو آهي. اِها حرڪت به مون جهڙو اجائي ئي ڪئي هُئي، پر مون کي ڪهڙي خبر هُئي ته سندس ننڊ اهڙي هوندي.
”هي دٻو مان پاڻ وٽ رکندي آن... سدائين... رش هوندي آ نه اسڪول ۾... راند ڪندا آهن ته ڌڪجي پوندا آهن... پوءِ هڪدم پٽي ڪندي آهيان... ٻار آهن نه“
هُن پيار سان دٻي تي هٿ ڦيريو، ”زبردست شئي آ هيءَ“
”دوائون ڪهڙيون آهن اِن ۾؟“ مون ڳالهه مٽائي. ”ڏسان...“ اڳتي وڌيس.
”نه نه“ هُن رڙ ڪئي. ”تون نه ڏس...مون کي خبر آهي نه ته ان ۾ ڇاهي“ دٻي کي سيني سان لائي ڇڏيائين مان پوئتي موٽيس.
”نٿي ڏسان... نٿي ڏسان... بس“
هُن کِلي ڏنو، ”هل ڏيکاريائين ٿي“ هُن پڪڙ هلڪي ڪئي ۽ دٻو کوليائين، ”پريان پريان کان ڏسجانءِ... ڪم جون شيون آهن... متان کڻي وڃي.“
مون کي کِل اچي وئي. الاءِ امان کي اڃا ڇا ڇا چوڻو هُو. هُن دٻو کولي سامان ڪڍيو، ”ڪپهه آ... پٽي آ... هي دوا آ واڱڻائي... هي گوريون آهن سور جون.“
هُن دٻي کي ڪڇ ۾ اوندهو ڪيو. سامان سندس هنج ۾ ٽڙي پکڙجي ويو. مُنهنجو ساهه سُڪي ويو. فارسيپ، اسڪيلپر ۽ ڪينچي اُن ۾ نه هُئا.
”بس... اهو ئي سامان آهي؟“ مون به سنڀاليو هو پاڻ کي، الاءِ ڇا چوڻ واري هُئس.
”نه نه... ٻيو به سامان هوندو آ اُن ۾“
”اهو ڪونهي!؟“
”اِهو لڪائي رکيو ٿم... خطرناڪ آ...“ هُن مُرڪيو.
”خطرناڪ مطلب“
”مطلب... ٻارن جي کڻڻ جهڙو ناهي...“ هُن ٻارن ڏي نهاريو، ”هي نه کڻن ته چڱو آ... اُن ڊپ کان لڪائي رکيو ٿم“
”ڪٿي؟“
”توکي ڇو ٻُڌايان؟“ هُوءَ کِلي ”تون جو هُنن کي ٻُڌائين ته پوءِ“
”مان ڇو ٻُڌائيندم“
”الاءِ... متان“
”نه نه... ڪونه ٻُڌائيندم... اوهان اهو رکيو ڪٿي آ؟“
”چيم نه لڪائي رکيو ٿم“
”ڪٿي؟“
”تُنهنجو ڪم آ؟“ هُوءَ وحشي ٿي وئي. ”ڪيڏو نه مٿو ٿي کائين مائي... نالو ڇا ٿي؟“
”زيبُل“
”هُن کي ته ڌڪَ لڳل آهي... پريان سُتي پئي آ... تون ڪير آن؟“ هُوءَ بلڪل اجنبي ٿي وئي هُئي. دوائون ۽ ٻيو سامان دٻي ۾ واپس وڌائين پئي.
”مهرو... مهرالنساء“ مون ڳالهه مٽائي. هُن کي زيبُل مان لڳس نه پئي... بس اُهو نالو ٺهي آيو هو ذهن تي.
”مهرو ڪير؟“
”مان“
”تون ڪير؟“
”چيم نه... مهرالنساء“
”اهو ته ٺهيو... پر آهين ڪير؟“
”زيبُل جي ساهيڙي آهيان“
”ائين چئو نه... ڪلاڪ کان پئي سوال ڪرائين“ هُن دٻو بند ڪيو. ”هاڻي وڃ اتان... مون کي سمهڻو آهي.“
هُن دٻو هنج ۾ ڪيو ۽ ليٽي پئي. مون کيس ڏٺو ۽ ٻاهر نڪري آيس. هاڻي اُتي بيهڻ مان فائدو به ڪهڙو هو.
***
ڏني نه ورتي هاڻي هي ٻي مصيبت اچي ڪڙڪي هُئي.
مون کي پاڻ تي باهيون هيون. ڏاڍو عقلمند ٿيندي آهيان. هڪڙو ٽڪي جو دٻو مون کان سنڀاليو نه ٿيو هو! ڳالهيون ته ڪيڏيون نه وڏيون ڪندي آهيان. مٿان وري هُن جو عقل به ڪيڏو نه ڪمال هو. سامان ڪڍي ورتو هُئائين ۽ مٿان وري لڪائي به ڇڏيو هُئائين. چريائپ جي دوري ۾ به عقل گڏ هُئس ۽ هڪ مان هُئس، جيڪا سنئي سڌي به جهڙو چري هُئي.
***
سڄو گهر ڳوليو هُيوسين.
نصيبان ۽ مون سڀ اُٿل پُٿل ڪيو هُو، پر اُهي ٽئي شيون اسان کي نه لڌيون هيون. ماسي حنيفان ڄاڻي واڻي امان کي ڪچهريءَ ۾ لايون ويٺي هُئي ته جيئن ڌيان اسان ڏي نه ٿيس. اهي سڀ حرڪتون اجايون پئي لڳيون. ڪُجهه هٿ ئي نه پئي آيو.
ماسي حنيفان کي جڏهن اُن سڄي ڳالهه جي خبر پئي هُئي ته هُوءَ به ڏاڍي ڪاوڙي هُئي.
”تون چري آهين ڇا زيبُل؟... ايڏي لاپرواهي ڪبي آهي؟“
”ماسي... الاءِ ڪيئن ٿي ويو اهو سڀ... مون کي پاڻ سمجهه ۾ نه آيو.“
”هُوءَ عجيب ٿي وئي آ... دورا پونس ٿا.... واقعي چري ٿي وئي آ... هلڻو پوندو شهر، ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچونس نه ته ڪُجهه ڪري نه وٺي.“
”اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي امان“ نصيبان ڪُڇيو، ”في الحال ته هي سڀ ڳولي وٺون“.
”ننڍڙو گهر آهي، ڪهڙو محلات آهي!؟“ ماسي به بيزار هُئي. ”ڳولي وٺو مان سنڀاليانس ٿي“
مون کي ماسيءَ جو لهجو اگرو لڳو هو... سڀ مٽجن ٿا پيا ڇا!؟
”لڪائڻ ۾ وري ڪهڙا ايڪڙ ٿا گهرجن امان؟“ نصيبان مُنهنجي احساسن کي سمجهي وئي هُئي. ”ايترڙيون ته شيون آهن... ڪٿي به لِڪائي سگهجن ٿيون.“
”شئي کڻي ڪيتري به هُجي... اُن جي خطرناڪيءَ کي ڏسبو آهي امان“ ماسيءَ کي هڪدم احساس ٿي ويو هو، هُن پيار سان مون ڏي ڏٺو هو.
”تون مُنهنجي ڏاهي ڌيءَ آهين... مُنهنجي لهجي کي محسوس نه ڪر... مان به الاءِ ڇو اڄڪلهه هڪدم پريشان ٿي ٿي وڃان... وڃ... وڃي ڳول... ملي ويندوَ. “
هُوءَ امان سان اجايا سجايا زٽ هڻڻ ويهي رهي هُئي ۽ اسان گهر کي کنگهالڻ شروع ڪيو هو. ٻيو ڪمرو، رڌڻو، ورانڊي ۾ رکيل ڪٻاٽ... سڀ ڏسي آيا هُئاسين. جنهن ڪمري ۾ هُو ويٺل هيون هاڻي اُهو بچيو هو. پر اُتي اها ڳولا ڪيئن ٿي سگهي هان! اُتي ته هُوءَ ماسي حنيفان سان گڏ ويٺي هُئي.
اسان ٻئي اندر گهڙيوسيون ته هُن الاءِ ڪهڙيون ڪچهريون پئي ڪيون.
”چيو هو مانس ته پٽي ڪرايانءِ“ هُن ڳالهه ڪندي، هڪدم مون کي اندر ايندي ڏٺو ته ڳالهه مٽايائين. مٽايائين ڇا وڌيڪ سِڌي ڪيائين. ”اجهو اچي وئي نه...“ مون ڏي نهاريائين. ”مون تُنهنجي ڳالهه پئي ڪئي.“ وري رُخ ماسيءَ ڏانهن ڪيائين. ”چيو مانس... مُنهنجي ڌيءَ زيبُل ٿئي... علاج ڪندي آهي زبردست... سڀاڻي اچي ڪري ويندئي.“
ماسي ماٺ ڪري کيس ڏسندي رهي.
”ويچاري نياڻيءَ کي ڌڪ به ڏاڍو لڳو آهي.“ امان مون ڏي ڏُک وچان ڏٺو. ”ڪالهه پنهنجي ساهيڙيءَ سان ويٺي روئي... مون کان سَٺو نه ٿيو... دٻو کڻي هلي وئي مانس.“
هُن ساندهه ڳالهايو پئي، اسان جي اندر اچڻ مهل، ماسيءَ اکين ئي اکين ۾ پُڇيو هو، ”مليو؟“
نصيبان ڪنڌ کي ناڪار ۾ لوڏيو هو. ماسي ڄڻ مايوس ٿي وئي هُئي. امان سندس ٻانهن جهنجهوڙي هُئي. ”مون ڏي ڏس... مُنهنجي ڳالهه ٻُڌ نه ادي“
هُوءَ اسان کان بلڪل لاتعلق هُئي. ماسيءَ سان الاءِ ڇو ايڏي گهري هُئي. ”پوءِ هِن به نهڪار ڪئي... مون کي وري ڊپ لڳو... زيبُل آهي به ڇِتي... چئي... مون کي ڏي سامان... مان زوريءَ ٿي وڃي پٽي ڪري اچانس... ته پوءِ مان ڪيئن روڪيندي مانس... مون سامان ئي پٽيءَ واري دٻي مان ڪڍي ڇڏيو.“
وڏي عَقُل سان ماسيءَ حيرت جو اظهار ڪيو. ”الا“
”ٻيو نه ته“ هُن خوشيءَ وچان ٻارن جيان ڏند ٽيڙيا. ”رڳو ڪڍيم ڪونه... لِڪائي به ڇڏيم.“
”هان!“
”ٻيو نه ته...“
”ڪٿي؟“ ماسيءَ هڪدم پُڇيس.
”ڪٿي؟... ها، ڪٿي؟“ هُن سوچڻ جي اداڪاري ڪئي، پر وري اسان کي ڏٺائين. ”هِنن جي سامهون ڇو ٻُڌايانءِ.؟“
ماسي اسان ڏي نهاريو، ”مايون توهان وڃو... مون کي اديءَ سان ڪُجهه ڳالهائڻو آ.“
”ڳالهائڻو ٻالهائڻو ڇاهي؟“ امان جو لهجو ڪرخت ٿي ويو. ”بس مڙئي کوٽ کوٽان ٿس... مان نٿي سمجهان ڇا؟... هان... مان ڪا چري آهيان جو نه سمجهان“.
ماسيءَ منٿ واري انداز ۾ ڳالهايو“ ادي مون ڪو اهو چيو ڇا؟...“
”نه نه... چيئي ته ڪونه.... پر مون کي ته لڳو نه...“ امان ضد ڪيو.
”الاءِ ڇو لڳو توکي...!“ ماسيءَ حيرت ۾ اظهار ڪيو، ”مون ته اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي...“
”ته ڪر نه... مون ڪڏهن توکي روڪيو آهي...“ هُوءَ کلي.
هاڻي ڳالهه وڌي رهي هُئي... سندس اکين جي تارن جو ڦرڻ عجيب ٿي رهيو هو. دل ۾ خوف جي لهر بُلند ٿي رهي هُئي.
ٻارَ ٻاهر کيڏي رهيا هُئا. در جي سامهون گهٽيءَ ۾ ئي کيڏندا هُئا. پاڙي جي ٻارن سان گڏ کيڏندا هُئا ته گوڙ گهر تائين پيو ايندو هو. وچان وچان جهاتي پائي کين ڏسي به سگهبو هو.
اندر اسان چار ڄڻيون ئي هيوسين، هن جي مُنهن تي وحشت ايتري گهڻي هُئي جو لڳو پئي ته هوءَ اسان سڀني کان سگهاري هُئي.
هُوءَ وري جهڙوڪر لاتعلق ٿي وئي هُئي. ڪنهن سان به ڪو به رشتو ڄڻ نه هُجيس... اسان ٽئي ٻاهر نڪري آيو هيوسين... پريشاني پنهنجي پوري جوڀن تي هُئي.
”هاڻي ڇا ڪيون؟“ ماسيءَ اسان ڏي نهاريو، ”هيءَ بلڪل آئوٽ ٿي وئي آهي... ڪنهن مَهل به ڪُجهه به ڪري سگهي ٿي...“
”شهر واري ڊاڪٽر جو نمبر آهي نه؟“ نصيبان مون ڏي ڏٺو. مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”ان سان ڳالهائي ٿا وٺون... حال احوال ٻُڌايونس ٿا... پوءِ جيڪي ڪُجهه هُو چوي...“
”تون ترس... مان اندران فائيل کڻي اچان..“ مون کي هن جي راءِ وڻي هُئي. اندر ويس ته هُوءَ کٽ تي سِڌي ليٽيل هُئي. اکيون ڇت ۾ لڳل هُئس.
”تُنهنجيون ساهيڙيون ويون ادي...!“ هُن ان حالَ ۾ ئي پُڇيو.
”نه ٻاهر ويٺيون آهن!“
”چانهن ٻانهن پڇي اٿئينِ؟“
”ها... پيئن ٿيون پوءِ...“
مون اندر ڪٻاٽ مان فائيل ڪڍيو.... ٻاهر نڪتس ته هُن پويان چيو.
”سُڪي چانهن نه ڏجائين... ڪو بسڪوٽ بَڙو به ضرور ڏجائن ادي...“
ٻاهر اچي، مون فائل مان نمبر ڪڍيو... ملايم... رنگ ويندي رهي... ڪنهن کنيو ڪونه.
اضطراب ۽ فڪر، هنن ٻنهين جي مُکَ تي هو... نصيبان وڌيڪ بيتاب هُئي. ”ڪير نه ٿو کڻي ڇا؟...“
مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو...
”رنگ وڃي پئي؟“ ماسيءَ پُڇيو.
”جي..“
وري ملايم... ساڳيو حال هو.... ڊاڪٽر نمبر ڏئي شايد وسري ويو هو.
”نه ٿو کڻي...“
”ته هُن کي ٿا ڪال ڪري وٺون... ڊاڪٽر اشفاق کي...“ ماسيءَ چيو، ۽ اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺائين.
”هي ڇا ڪندو؟“ مون پُڇيو، نصيبان تڪڙ ۾ ورندي ڏني ”نفسيات ڄاڻي ٿو... ڪو حل ته ڪڍندو نه؟...“
”متان هُن کي ٻڌائي ته اهو سامان ڪٿي لڪايو اٿائين“ ماسيءَ چيو، ”نمبر ملائينس زيبُل.... ٿي سگهي ٿو هن وٽان مدد ملي پوي..“
مون نمبر ملايو... رنگ وڳي، هُن ٻين بيل تي ئي فون کنئين.
”هلو“
سندس آواز به باڪمال هو... ننڊ آکڙو... ڳرو... رات لهي رهي هُئي، ڄڻ آواز جو چنڊ اڀريو هو.
”اسلام عليڪم ڊاڪٽر صاحبَ.“
”و عليڪم سلام... ڪير؟“
”مان زيبُل... زيب النساء..“
هُن ڪُجهه لمحن جو ڄڻ وقفو ڏنو هجي ”ڪير...؟“
الاءِ ڪٿان ڪنهن دل ۾ پُڪاريو ”هُو ته توکي سڃاڻي ئي نه ٿو“
”زيب النساء... علي اڪبر جي ڌيءَ...“
”علي اڪبر... ڪير صاحب...؟“
هن وري سوال ڪيو... دل مان وري آواز آيو ”هن جي وڌيڪ سوالَ ڪيا ته مُنهنجا جواب رڳو مُنهن مٿو پٽيندا... هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڇا؟“
”شبانه ۽ رضا جي ڀيڻ... جن جي توهان پٽي ڪندا آهيو..“
”اري ها...“ کيس ڄڻ ياد اچي ويو ”اوڪي... اوڪي... جي مئڊم... حڪم..“
”امان جي طبيعت خراب آهي...“ مون ڪا ڍيگهه ويڪر ڪرڻ نه پئي گهري... خدا جو شڪر ته ٽئين دفعي ته سڃاتو هُئائين.
”اڇا... دؤرو پيو ٿن ڇا؟“
”جي ها...“
”ڪيڏي مهل؟“
”لاڳيتو پئين پيو ٿو...“
”مطلب...“
”لاڳيتو جو مطلب لاڳيتو ئي هوندو آهي... مُنهنجي خيال ۾...“
هُو ڄڻ شرمسار ٿي ويو.
”توهان کي خبر آهي ته مطلب مُنهنجو تڪيو ڪلام آهي.“
”نه... مون کي اها خبر ناهي..“ مُنهنجو لهجو سخت ٿي ويو. نواب صاحب کي پاڻ کي ڪُجهه ياد ڪونهي باقي مان سڀ ياد رکندي وتان.
”مُنهنجي خيال ۾ ته مون اوهان کي ٻُڌايو هو... مطلب... مون کي ياد اچي ٿو...“
الاءِ ڪيئن مُنهنجي واتان نڪري ويو.
”اهو سڀ ياد اچيوَ ٿو... باقي مُنهنجو آواز اوهان کان وسري ويو آهي... ڪمال آهي“
لڳو... فون جي پويان هُو ڄڻ شرمسار ٿي ويو.
”آئم سوري مس اڪبر...“
”اٽس اوڪي...“
”اصل ۾، شايد ڪُجهه جهوٽن ۾ آهيان... رات سڄي رات هڪ مريض لاءِ جاڳڻو پيو هو... مطلب... سيرئيس هو... سو جاڳڻو هو پيو... اَينَي وي حڪم.“
”امان جي طبيعت مزي ۾ ناهي.. اچي سگهو ٿا؟“
”ڪٿي؟“
”گهر............ اسان وٽ...“
”ڇا ٿيو اٿن؟“
”دؤرو پويس ٿو شدت سان، سڃاڻي به نه ٿي هاڻي اسانکي“
”دوائون ڏنيون اٿوَس؟“
”ها... دوائون ته سڀ هلن پيون... وقت سِر..“
”هيڏي نه ٿا وٺي اچي سگهو؟..“
”رات آهي... ڏُکيائي ٿيندي..“
”اصل ۾ مان هڪ مريض مٿان ويٺل آهيان... مطلب... سندس ڊرپ فائنل پيو ڪيان... متان نيبيولائيز به ڪيانس.... ٿورو ڏُکيو ڪم آهي... هن وٽان نڪري نه ٿو سگهان... مون کي ٿوري دير ٿي سگهي ٿي...“
”گهڻي..“
”ٻه ڪلاڪ کن... مطلب... ڪلاڪ ڀي..“
”ٺيڪ آهي... ان کانپوءِ به جي اچو ته ٺيڪ آهي..“
اتي ماسي حنيفان مون کي چيو، ”مون کي ڏي فون... مان ٿي ڳالهايانس...“
ڊاڪٽر اڃان پريان ڪُجهه چيو پئي، ماسيءَ فون وٺي ڇڏي ”ابا... ايمرجنسي نه هجي ها ته هن مهل توکي تنگ ڪرڻ جو ڪو شوق هو ڇا اسانکي!“
نصيبان ۽ مُنهنجي حالت خراب ٿي وئي هُئي، هن ته شروع ئي دڙڪن کان ڪيو هو... هُو ڪو اسان جو نوڪر هو ڇا؟ ماسي پنهنجي ڌُنَ ۾ هُئي... يڪو پئي ڳالهايائين.
”حالت سٺي نه ٿي لڳي اسانکي... توکان پُڄي ته هليو اچ...“
اسان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو هو...
”ٺيڪ آهي... اهو به ٺيڪ آهي... الهه واهي..“
هن فون بند ڪري مون کي ڏنو هو... ”اچي ٿو...ڪلاڪ کن ۾...“
”اهو مونکي به چيائين پئي“
”ائي امان ته ڀلا ڇا ٿا ڪري سگهونس... مرضيءَ جو مالڪ آهي..“
”ڪو مريض هُئس ماسي... سيريس...“
مون الاءِ ڇو هُن جي ڀر کنئين.
”ائي ته هي به ته سيريس ئي سمجهه... ماڻهين... رات پيٽ ۾ ڪُجهه ڪري وجهي ته... ڪُجهه ڪپيائين ڪوريائين... ته ڪير مُنهن ڏيندو...“
”جَي ڊاڪٽر نه ٿو اچي ته پوءِ هليا ٿا هلونس امان.. ائين رِسڪ کڻڻ واقعي ٺيڪ ناهي...“
نصيبان جو مُنهن الاءِ ڇو لهي ويو هو. مون کي لڳو، مون کي ڪابه راءِ نه ڏيڻ گهرجي.
”ٺيڪ آ... ڏسونس ٿا ڪلاڪ کن.. اچي ويو ته واهه.... نه ته هليا ٿا هلونس... پر الله ڪري هوءَ مائي به هلي... جي ڪيائين کيٽو ته مصيبت ٿي ويندي..“
”مان سمجهائي وٺندي مانس...“ نصيبان چيو ”مڙئي رَيهي ريبي وٺي هلنداسينس... هونئن مون کي لڳي ٿو ته ڊاڪٽر اچي ويندو...“
ماسي اندر وڃڻ لاءِ مڙي ۽ بيهي رهي.
”زيبُل، چانهه پيئون... مٿو ٿو ڦاٽي...“
”اڃان ڪونه پيتي ٿوَ ڇا؟...“ اندران امان جو آواز آيو. اسان سڀ سراپجي وياسين.
ماسيءَ جي واتان بي اختيار نڪري ويو ”ائي گهوڙا... ٻڌي پئي ڇا سڀ؟“ هن هڪدم پاڻ سنڀاليو ”نه ادي... هاڻي ٿا ٺاهرايون...“
امان ٻاهر نڪري آئي... ”ڊاڪٽر جيسين اچي، چانهن پي وٺو..“
سڀني جي مُنهن تي جهڙيون هوائون هيون...
هوءَ مُنهنجي ويجهو آئي.
”مون کان به پٽي نه ٿي ڪرائين... زيبُل کان به نه... ڀلي هُو اچي ڪرئي...“
اسان کي سمجهه ۾ آيو ته هُوءَ ڇا پئي سمجهي، پر بي اعتباري سڀني جي مُنهن تي ظاهر هُئي.
”ضديري آ نه...“ ماسيءَ چيو ”تون هل ته اندر ٿا هلي ويهون... چانهن ٺاهي اچي ته پيئون ٿا... ڀلي ڊاڪٽر به اچي...“
”تو گهرايوٿس ته ڪيئن نه ايندو ادي... تُنهنجا ته هٿ ڊگها هن... ها نه... ها نه...“
هُوءَ کلڻ لڳي هُئي... کلندي کلندي اندر مُڙي وئي... ماسيءَ اسان کي رڌڻي ڏي وڃڻ جو اشارو ڪيو هو ۽ پاڻ سندس پٺيان هلي وئي هُئي. الاءِ ڇو رات هڪدم ڪاراٽجي وئي هُئي.
***