ناول

زيب النساء

محمود مغل سنڌي ٻوليءَ جو منفرد انداز وارو نثر نويس آهي. سندس نثر جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو هوندي آهي. محمود مغل بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي پر جڏهن هن ناول تي طبع آزمائي ڪئي تڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هيءَ طويل ڪهاڻي ”زيب النساء“ سندس ويجھڙائيءَ ۾ تخليق ڪيل نثر جو سهڻو نمونو آهي. هيءَ ڪهاڻي سماجي رشتن ۽ ناتن جي مختلف رنگن کي انتهائي نفيس انداز ۾ نروار ڪري ٿي.
  • 4.5/5.0
  • 2353
  • 1083
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زيب النساء

5

واپسيءَ جي رستي تي، هوءَ نان اسٽاپ ڳالهائي پئي.
”تُنهنجو دماغ خراب آهي زيبُل... ڳالهه ڪيتري هُئي، تو ڪري ڪيتري ڇڏي!؟“
”ڪيتري ڳالهه هُئي؟... هان... ڪيتري ڳالهه هُئي... اڌ پاءُ، ڪلو... ٽي پاءُ“ مُنهنجو دماغ اڃا به ڀنوانٽين ۾ هو، ”هُن جي جرئت ته ڏسو... آيو آهي ڳالهائڻ... اڳ ۾ ڪهڙيون ڪچهريون ڪيون اٿائون جو هن واري آيو هو ملڻ...“
”ڀلا جي هڪ ٻه جملو ڳالهايائين ته اُن جي موٽ اهڙي هوندي آ ڇا؟“
مان هلندي هلندي بيهي رهي هُئس، نصيبان ڏانهن نهاريو هئم، ”تُنهنجي مُنهنجي جُدا ٿيڻ جو وقت به اچي ويو آهي ڇا نصيبان! اڄ تون پئي اُبتو ڳالهائين.“
هُوءَ هڪدم هيٺانهينءَ تي اچي وئي ”اڙي نه نه... مُنهنجو مطلب اهو ناهي“
”ته هُن جي ڀَرِ ڇو ٿي کڻين؟“ مون سندس ڳالهه ڪٽي.
”ڀَرِ نٿي کڻان... ڀر ڇو کڻندنم؟“ هُن مون کي ٻانهن کان جهليو.” هلندي هل... رستي ۾ تماشو نه ڪرائيجانءِ“
”مان تماشو ٿي ڪرايان؟!“
”الله اڪبر، تون هر ڳالهه مان ائين سوال ڇو ٿي ڪڍي وٺين زيبُل“ هُن هٿ جوڙيا، ”ٻانهون ٿي ٻڌائين، ڪُجهه ٿڌي ٿيءَ.“
”هُن مُئي کي ته مان ٿُڪ به نه هڻان... تون اهڙيون ڳالهيون ڪندينءِ ته مان ڌوڙ ٿڌي ٿيندس؟“ مُنهنجو پارو چڙهيل هو.
”مان غلط نٿي چوانءِ... تو جيئن ري ايڪٽ ڪيو نه... اهو سڀ اوچتو هو.“
”نه ته ٻُڌائي ري ايڪٽ ڪبو آهي ڇا!؟ ادا، هاڻي دڙڪا ڏينديس تون تيار ٿيءُ“
مُنهنجي ڳالهه تي هُن کي کِل اچي وئي. ”ڪمال آهين يار تون... واقعي به ڪمال آهين.“
”ڏس ته سهي تون به ڳالهيون ڪهڙيون ٿي ڪرين... ري ايڪٽ ڪيم... ڪهڙو ري ايڪٽ ڪيم؟“ مون کان به کِل نڪري وئي ”ڳوهه کي کُٽي کڻندي آهي ته ڳوليندي آهي شڪارين جا گهر... هن کي به کُٽيءَ کنيو هو جو آيو هو“
”اها ڳالهه الاهي پري تائين ويندي زيبُل... هُو ايڏو سٿرو ته ماٺ ڪونه ڪندو... هاڻ ته ڄڻ ڀڀڙ کي باهه ڏئي ڇڏيئي“
”اها باهه لڳڻي هُئي نصيبان... اڄ نه ته سُڀاڻي... جنهن ڏينهن کان اها رشتي جي ڳالهه هلي آ، مُنهنجي ته تن بدن ۾ باهه آ، سوچيم پئي، ڪڏهن به سامهون ايندو ته گهٽ ڪونه ڪندي مانس... اڄ اچي ويو سو به ايڏو بدلڇڻو... ته بس ائين ته ڪرڻو هو.“
”ويرُ وڌائيندئي توسان هاڻي... اهو پڪ سمجهجانءِ.“
”هونئن ڪهڙا سڄڻ هُئاسين جو هاڻي ڳڻتي ڪجي... هلڻ ڏينس... ڏسون ڇا ٿو ڪري“
”ماسيءَ سان ڳالهه ڪندينءَ؟“
”ڪهڙي؟“
”اڄوڪي“
”ڪيان نه ڪيان؟“
”مُنهنجي خيال ۾ ته ڪرڻ گهرجي.... اها ڳالهه لڪڻ جهڙي ناهي. هُن جا سڀ چمچا ته ماٺڪا نه هوندا... ڪو ته ڳالهه ڪندو... مُٺ جي تريءَ جيترو ڳوٺ آهي، سڀني کي پنهنجي گهرن ۾ پهچڻ کان اڳ خبر پئجي ويندي.“
”ٺيڪ آهي... ڪري ڇڏينديمانس... بلڪه ڪرڻ گهرجي... تون سهي ٿي چوين.“
***
امان جي مُنهن تي، ماٺ هُئي، ڳالهه ٻڌڻ ساڻ هُوءَ چُپ ٿي وئي هُئي.
ٻارَ، مدرسي ويل هئا، جائُو به گهر ڪونه هو، هُنن سان ئي نڪتل هو، شام شروع ٿي هُئي، اڱڻ ۾ پاڇا لڙيا هُئا.
”تنهنجو آواز زور هو يا گهٽ؟...“ هن ماٺ ٽوڙي.
”مان سمجهيم ڪونه...“
”زبرو هو... يا مناسب...“
”الائي، مُنهنجي خيال ۾ تيز هوندو..“
”سندس ساٿين الاءِ ٻُڌو هوندو الاءِ نه...“
”مُنهنجي خيال ۾ ته ٻڌو هوندائون...“
”هُو جي اڪيلو آيو هو ته سندس اهو ئي مقصد هوندو ته توهان سان اڪيلو ڳالهائي، هنن کي پرڀرو ڇڏي آيو هوندو...“
”ها... مون ڏٺا ته ڪونه ها...“
”ٻيا ماڻهو ها...“
”نه ڪو... ان مهلَ ته ڪونه هُئا...“
”اهو چڱو ٿيو... هئُو مَئُو ٽريل هئي...“
”جي هجي به ها ته ڪهڙو فرق پئي پيو امان... مون کي هن کي ست سُريون ٻڌائڻيون هيون. هر حالَ ۾ ٻڌايان ها.“
”ڌيءَ ڌڻ آهين امان.. ڪُجهه لحاظ ڪر...“
”اهڙو ڇا ٿي ڪيان امان..؟“
”ائين نياڻيون نه ڳالهائينديون آهن...“
”نياڻين سان به ائين نه ڳالهائبو آ امان... هن جو ڪم ڪهڙو هو مون سان...“
”وقوف ڌار زيبُو... هُو مرد ماڻهو ها.. مرد ماڻهن جا هزار ڪم هوندا هن. ويهه بهانا ڄاڻندا هن... نڪرڻ جا سوين گسَ جانچي، پوءِ صورتحال ۾ داخل ٿيندا آهن.... عورت ته اٻوجهه هوندي آ، جتان داخل ٿئي، اتان ئي سنئين سڌي واپس موٽي ته لک کٽيائين.“
”هاڻي ائين به ناهي امان... اڄ جي عورت ائين ناهي..“
”پر لڳي ويا ٿس ڇا امڙ؟...“ امان به توائي ٿي وئي... ”يا سڱ نڪتا ٿس..؟... تنهنجو ڀي مٿو خراب ٿي ويو آ... اجايو ايڏو اُڏر نه... چيم نه وقوف ڪر... وقوف...“
”هن گهر ۾ رڳو مان ئي ڇو بيوقوف آهيان امان..!“ مان روئڻهارڪي ٿي ويم...“ تون آهين ته الائي ڪهڙيون عالمن فاضل واريون ڳالهيون ڪندين آهين... ننڍڙا ٻار آهن ته اُهي پيا جهڙو تقريرون ڪن. هڪ ٻئي کي سمجهن.... هڪڙي مان ئي اهڙي وائڙي ڇو آهيان امان...“
هن مون کي ٻانهن ۾ جڪڙيو... پنهنجي سيني سان لائيندي چيائين.
”جواني، وقوف کي ساڻ نه کڻندي آ چري... ان ڪري پوڙها ۽ ٻارَ، يا ته عقلمند هوندا ٿئي يا چريا... جواني بس چري هوندي آهي. عقل ساڻ کڻڻ کيس ايندو ناهي.. تڏهن ته ايترا غلط فيصلا جوانيءَ ۾ ٿيندا آهن. تون هاڻي ٻار ناهين... نه مون جيتري آهين... وچ ۾ آهين ته... بس... اهو ائين ئي ٿيندو... مان به تنهنجي عمر ۾ تو جهڙي ئي هئس... مون وٽ وري ڪهڙو عقل جا ڀنڊارَ هوندا هُئا.“
”تنهنجي ٻولي هاڻي مَٽي آهي امان...“ .مون سندس ڪڇ ۾ مٿو رکيو، ”اڳي ته تون اهڙا ادبي ۽ دماغ هڻندڙ جملا ڪونه ڳالهائيندي هئينءَ...“
”اڳي مان اهڙي هئس ڇا زيبُل“ سندس مُنهن سخت ٿي ويو. مُنهنجي مٿي کي پنهنجي ڪڇ ۾ ٺيڪ طرح سان رکندي، هن جهڪي مُنهنجي پيشاني چمي.
”ماڻهوءَ کي به ربَ عجيب خلقيو اٿئي زيب النساء... جي مَٽجي ته هڪ لحظي منجهه مَٽجيو وڃي... ۽ جي نه بدلي، ته سالن جا سالَ بس ڳهندو رهي...“
مُنهنجا وار سنواريائين... مون کي آسيس لڳڻ لڳو. اکيون بند ڪندي ڳالهايم،
”ورهين جا ورهيه ساڳيو ماڻهو، هڪ لحظي منجهه ڪئين مَٽجندو امان..!“
”جيئن مان مَٽيس...“ هن هڪدم وراڻيو ”جيئن مان مَٽيس امان...“
مُنهنجيون اکيون کلي ويون، سندس چهرو، سدائين جيان سانورو هو، چمي ڏيڻ کان پوءِ به هُن مُنهن مٿي نه ڪيو هو. سندس وارن ۾ اها ئي تيل جي سرهاڻ هُئي.
”۽ تون ڇا تي مَٽينءَ امان...“ مون غور سان ڏانهس ڏٺو، هوءَ سڌي ٿي ويٺي.
”اندر ۾ اوپرائپ لهي آيم زيبُل...“ هن وڏو ساهه کنيو ”تنهنجو پيءُ پيو چوندو هو. مان به پئي هڪ ڪن سان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندي هئس. هن واري الائي ڇو ڄڻ ٻيو ڪن بند ٿي ويو. هڪڙي ڪنَ مان جو ڳالهه دماغ ۾ وئي ته ڦاسي وئي، ٻئي ڪنَ مان نڪتي ئي ڪونه... بس جهيڙو جڪڙي ڇڏيائين.“
”بابا سوري ڪئي آ امان؟..“
”ڪندو آ ڇا؟“... هُن ڳالهه ڪٽي ”مرد ماڻهو معذرت ڪندو آ ڇا؟..“ خفيف مُرڪي ”مرد کي معافي وٺڻ نه ايندي آ... هُو بس پرچائي جند ڇڏائيندو آهي...“
”پرچائڻ معافي هوندو آ امان؟“
”نه... پر هُو ته ائين ئي سمجهندو آ...“ هن مُنهنجي وارن ۾ نُنهن ڦيرايا.“ مرد کي الائي ڪيتريون شيون سڄي عمر سمجهه ۾ نه اينديون اٿئي زيبُل... بس رڳو کيس ائين لڳندو آهي ته ڄڻ هو سڀ پيو سمجهي... ۽ عورتون انهيءَ ۾ خوش به هونديون آهن... ته هُو پنهنجي مڳيءَ ۾ ئي ٽلندو رهي. جي سمجهڻ شروع ڪيائين ته وڏي مصيبت ڪندو.“
اوچتو مون کي خيال اچي ويو ”بابا سان، لالڻ واري ڳالهه ڪيون امان... يا نه ڪيون؟“
”في الحال نه ٿا ڪيون امان... مُنهنجي خيال ۾ ته هاڻي هُو اڳڀرائي نه ڪندو... تنهنجا تارا سُجهنس ٿا.“
کڙڪي تي، ڌيان ڇڪجي ويو هو، جاويد تڪڙو تڪڙو، گهر ۾ گهڙيو هو ۽ سڌو ڪمري ڏانهن ويو هو. تيزيءَ ۾ هو، پر سندس ڦاٽل ڪپڙا نظر اچي ويا هُئا... ڄڻ ڪٿان ڌَڪجي آيو هو.
امان هڪدم هُن ڏانهن ڊوڙي هُئي... ”جائُو... جاويد... ڇا ٿيو؟...“
مون کي ڪڇ مان ڌڪيو هئائين ته مان پاسيري ٿي وئي هُئس، ذري گهٽ ڪرندي ڪرندي بچيس... اٿي سندن پويان ڀڳس... ٻئي ڪمري ۾ جاويد قميص لاهي، مَٽائي، ٻي پائي رهيو هو. لٿل، قميص جي ٻانهن ڦاٽل هُئي. ٿورا رت جا نشان به هُئا.
”ڪري پيو هئس... سائيڪل تان..“ هن اکيون چورايون ”پر سڀ ٺيڪ آهي..“
”هي ته مدرسي جو ٽائيم آ...“ امان کيس ٻانهن کان جهليو ”سائيڪل تي تو ڇا پئي ڪيو..؟“
هن ٻانهن ڇڏائي ”دوست جي هئي... مڙئي چڪر پئي ڏنم..“
”چڪر!...“ مان حيران ٿي ويس ”مدرسي ۾ چڪر!؟“
”مدرسي ۾ نه...“ هن جهڻڪيو ”مدرسي کان ٻاهر... دوست سائيڪل کڻي آيو هو... ان تي چڪر پئي ڏنم... چين ۾ ڪُجهه ڦاٿو.. مان ڪري پيم“
امان سندس قميص جانچي رهي هُئي ”تنهنجي ٻانهن ايترو ڊگهي ٿي وئي آهي جائُو.. جو اها هاڻي چين ۾ ڦاسڻ لڳي آهي!..“
”مون ٻانهن چئي ڇا امان...؟“ هن ڪاوڙيل انداز ۾ چيو ”مون چيو.. الاءِ ڇا ڦاٿو هو... بس سائيڪل ڪنٽرول مان نڪري وئي.“
”ڏيکار ڪٿي ڌڪ لڳو ٿئي... ڏيکار...“ مون سندس ٻانهن جهلي... هن ڇڏائي ورتي.
”بس اتي ئي آ... ٻانهن ۾ ڌڪ...“
”ڪنهن سان وڙهي آيو آهين؟“ امان هاڻي مٿان چڙهي آئي هئس.
”ڪنهن سان وڙهندس“ هن لاپرواهيءَ سان چيو ”ٻڌايم ته سهي، سائيڪل تان ڪريو آهيان“ اوچتي جهڙپ ڏئي، امان کڻي کيس ڳٿڙ کان جهليو، جاويد کي ڪُجهه سمجهه ۾ نه آيو، امان وڃي کيس ڀت ۾ هنيو ”ڪنهن کي ٿو چريو ٺاهين چريءَ جا پُٽَ... هان... ڇا ٿو سمجهين؟ اسين ايڏو اُول جلُولَ هون... ايڏا بيوقوف هون... ڇو ٿو ڪوڙ ڳالهائين؟“
هُن پاڻ کي سنڀاليو ۽ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ”ڇڏ امان... ڇڏ... مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان...“
امان کي ايڏي ڪاوڙ ۾ ڏسندي، مان وچ ۾ پيس
”امان.. امان.. گهٽو اچي ويندس... مري نه پوي... ڇڏينس امان...“
هن مون کي به ڌڪو ڏئي پري ڪري ڇڏيو ”اُڪو ئي مري وڃي... ڇڏ تون زيبُل... اهڙي گندي بيضي کان ٽوڪري خالي چڱي آ؟“
ڳوٺاڻي عورت هُئي، متاري هُئي، مان ته هٿ وجهي ئي نه سگهي مانس، هن جاويد کي ڀت ۾ رونبيو.
”سچ ڳالهاءِ.... سچي ڳالهه ڪر... ڇڏي ڏيندي مانءِ... ڪوڙ هڻندين... رتورت ڪندي مانءِ... اڃان ته ٻانهن تي چٽا آهن... پوءِ سڄو نشانَ ٿي ويندين...“
مون کي امان جي ڪاوڙ سمجهه ۾ نه پئي آئي هي اڄڪلهه ڪهڙي موسم وري هُئي. سڀ ڪُجهه جهڙو کن پلَ ۾ ٿي رهيو هو... جاويد جي حالت خراب هُئي، هُو پاڻ کي ڇڏائڻ لاءَ جتن پيو ڪري، ڇڏائي نه پيو سگهي. هيڏانهن امان جو پارو سخت چڙهيل هو.. اها امان جيڪي پنج منٽَ پهرين مون کي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو ويٺي هئي.
جاويد جو جملو مڪمل نه ٿيو هو، ۽ زپڪا ٿي ويا هُئا، امان ٽي چار چماٽون گڏي وهائي ڪڍيس. جاويد هيٺ ڪري پيو ۽ روئڻ لڳو... مون کي ڪُجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو... امان رڙ ڪندي چيو ”زاهد سائيڪل تي هي ٻه هزار کڻي آيو هو ڇا...؟“
هن مُٺِ کولي، ڪُجهه نوٽ مُڙيل، تُڙيل، سندس تريءَ تي هُئا... ”هاڻي چئجان ته هي مُنهنجا ناهن.. ماڻهين ڪمائڻ شروع ڪيو آ نه...“
جاويد سڄو ڪاراٽجي ويو... مُنهن لهي ويس... هن زور زور سان روئڻ شروع ڪيو.
امان مون ڏي نهاريو ”ٻه هزار ڪمائي آيو آهي صاحب جوئا ۾... پڪَ اتي ڪنهن سان جهيڙو ٿيو ٿس، تڏهن ٻانهن به ڦاٽي آ... رت به وهيو آ... پر اٿس شابس... پئسا سو بچائي کڻي آيو آ...“
هن جاويد ڏانهن نهاريو... جاويد ڪا به ورندي نه پئي ڏني... مُنهنجو ته وات ئي پَٽجي ويو هو.
”گهر ۾ گهڙيو هو ۽ مون کي شڪ پيو هو زيبُل... تڪڙ ۾ ڪليءَ تان قميص لاهي مٽايائين ته ته سهي، پر ڦاٽل قميص مان رقم ڪڍي ناهي سگهيو. پڇينس مان سچ ٿي چوان يا ڪوڙ؟...“
مان ڇا پڇان ها... پڇڻ لاءِ بچيو ئي ڇا هو؟
”ته مُنهنجا جواري پُٽ... هاڻي تُنهنجو مان ڇا ڪيان... هان؟“ امان کيس ٻانهن کان جهلي اٿاريو ”ٻڌايانءِ پڻهين کي، ته ڪرئي سڌو روانو... دنيا جا ڌِڪا کائڻ لاءِ...“
هُو روئي پيو هٿ جوڙيندي انڪار ڪيائين، ته نه ٻڌايوس.
”نه پر تون جو هي روز روز ڀينرن جو ڏاج ٺاهڻ لاءِ رقم کنيو پيو اچين، سا ته تنهنجي پيءُ کي خبر پئي نه...“
سُڏڪندي هن چيو ”آئيندي ڪونه ڪندس....“
”ڇا ڪونه ڪندين...؟“ امان گجگوڙ ڪئي
”جوئا... جوئا ڪونه ڪندس...“
”ڪنهن سان رهندو آهين؟“
”لالڻ سان... لالڻ ۽ ٻيا... زاهد وارا..“
”اهو ئي زاهد، جنهن جي سائيڪل آ... زهيران جو پُٽ...؟“
جاويد، هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”ڏس جائُو... تون شڪر ڪر، ته مدرسي جو ٽائيم آهي ۽ ٻئي ننڍا، گهر ڪونهن... نه ته انهن جي سامهون بيزتو ٿين ها ته سڄي عمر ڪنڌ نه کڻي سگهين ها... ان ۾ به ڪا ڀلائي آهي جو اڪيلي مار کاڌي ٿئي... پر اهو ياد رکجانءِ... جي نه مڙئين، ته هُنن سامهون به کلَ لاهيندي مانءِ...“
هن ٻانهن سان مُنهن اگهيو ”نه ڪندس آئيندي“
امان جون اکيون ڀرجي آيون، ڪنڌ ٻئي ڦاسي ڦيريندي چيائين ”مُنهنجو اندر ساڙيو ٿئي... مان ڪهڙي دعا ڏيان؟... الله ڪري شل ائين آئيندي نه ڪرين...“
مون کي به ساهه ۾ هورا کورا محسوس ٿي رهي هُئي... مُنهنجو ڀاءُ هو، ڌڪ لڳل هئس، مٿان چار پنجَ ٿڦون...
”زيبُل، وڃي هٿ مُنهن ڌوئارينس.. ڊيٽال سان زخم صاف ڪرينس.... ڏس متان، تنهنجي ڇُهاءُ تي سڌري وڃي“
هوءَ تڪڙي مُڙي ۽ ٻاهر نڪري وئي... مان ۽ جاويد هڪ ٻئي کي ڏسندا رهجي ويا هئاسين.
***
الاءِ ڇا ٿي ويو هو، مُنهنجي ڀاءُ کي... هُو اڳ اهڙو ته ڪونه هو.
پٽي ڪندي، سندس هلڪا سلڪا سُڏڪا هلي رهيا هُئا. مون جي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڇا چوان.
منهن سُڄيو پيو هوس. امان ٻاهر وڃي چُڪي هُئي.
”ڌڪُ ڪيئن لڳو ٿئي؟..“
هُن ورندي ڪانه ڏني.
مون سندس ٻانهن کي صاف ڪيو پئي، جنهن تي مٽي لڳي هُئي. ڪپڙن تي به رت جي داغن وٽ مٽي لڳل هُئي، معنيٰ هُو يا ته پٽَ تي ڪريو آهي يا هُن ليٿڙيون پاتيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن گهليو به هجيس.
”امان کي دانهن مون ڏني آ ڇا؟... جو مون کي ورندي نه ٿو ڏئين؟“
هن وري به ڪجهه نه ڪڇيو. مان به توائي پئي ٿيس.
”سمجهين ڇا ٿو لاٽ صاحب!.. وڃي کڏ ۾ پئو... هڪڙو ته چڱائي ٿي ڪيائين مٿان وري نخرا“
”زاهد سان ئي جهيڙو ٿيو هو“ هُن آهستڙي جواب ڏنو.
”ڇا تي؟“
”بازي کٽي هُئي مانس... ان تي.“
”نه پر هُو ته تُنهنجو دوست آهي... هُو ڇو ڪاوڙيو.“
”ڀيچي نه هو... مخالف هُو.“
مون ’ڀيچي‘ پهريون ڀيرو ٻُڌو هو... هُو سمجهي ويو.
”ڀيچي معنيٰ ساٿي... ساٿي نه هو مُنهنجو... بس پئسا لڳايائين پئي.“
ٻوليءَ مان اندازو ٿئي پئي ته مُنهنجو ڀاءُ اُن ماحول جي رنگ ۾ ڪيستائين رنڱيل آهي.
”تو گهڻا لڳايا هُئا؟“
”هڪ تي هڪ... مطلب هزار تي هزار... پنج سئو تي پنج سئو“
”تو ڪٿان آندا هزار رپيا؟“
”هزار نه لڳايم... پنج سئو لڳايم“
”پوءِ ٻه هزار ڪاٿائون آيا؟“
”اَٺن جي بازي هُئي... پنج سئو واري“
”ته پوءِ ٻه هزار ڇو مليئي؟“
”ٻيو به ته هو نه ڀيچي... ڪو اڪيلو ٿوري هئم... ڇڏ تون، توکي سمجهه ۾ نه ايندو، جلد ڪر، پٽي ڪر.... ڇڏاءِ...“
”ٻنهي کي ٻه ٻه هزار آيا؟“ مون ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي.
”هائو“
”ٻيو ڪير هو جيڪو تُنهنجو ڀيچي هو؟“ هُن ڪابه ورندي ڪانه ڏني.
”ٻڌائين ٿو يا هاريانءِ اسپريٽ جي سڄي بوتل زخم تي... مان ڪا امان آهيان ڪونه جو ٿڦڙن هڻڻ تي گذارو ڪنديس“
الاءِ ڊڄي ويو الاءِ ڇا... چئي ڇڏيائين ”ادا لالڻ هو“
مُنهنجي ته تن بدن کي باهه لڳي وئي.
”اهو تنهنجو ادو ڪڏهن کان ٿيو؟“
سٽ ڏئي پٽي ٻڌي مانس ۽ ڪينچيءَ سان پٽيءَ جا پُڇڙ ڪٽيامانس.
”لالڻ هو... اُهو ڀيچي هو“
هُو اُٿي ڀيٺو، قميص جي ٻانهن هيٺ ڪيائين... مون ڊريسنگ جو سامان ميڙيو.
”ڏس جائُو... اُهو نه سمجهجانءِ ته امان کي اڄ خبر پئي آهي... خبر هُن کي الاهي ڏينهن کان هُئي پر هُن تنهنجو لحاظ پئي رکيو... مان به الاءِ ڇو ماٺ هُئس ۽ ابي کي نه پئي ٻُڌايم، پر هاڻ مُنهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻُڌ... جي تو آئيندي اها حرڪت ڪئي آهي ته سڀ کان پهرين ته مان حساب ڪتاب صاف ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪندي مانءِ... اُن کان پوءِ ٻيو جهان ڏسنداسين. مان، توکي تُنهنجي اِن ادي جي اوسي پاسي به آئيندي نه ڏسان. جي ڏٺم ته تُنهنجي ته کَل لاهينديس ئي لاهينديس... اُن ادي سان پهرين ليکو چوکو ڪنديس.“
***
مُنهنجي ذهن کي ڀنواٽيُون اچي ويون هُيون. صرف هڪ مهينو... صرف هڪ مهينو اڳ، مُنهنجي حياتي ڇا هُئي.... هي ايڏا فڪر ۽ ايڏيون پريشانيون ڪٿي هيون...! مون ته اُنهن بابت سوچيو ئي ڪونه هو، هي سڀ ڇا ٿي ويو هو ۽ ڇو ٿي ويو هُو!؟ امان جي دل جو درد ڇو شروع ٿيو هو... لالڻ ڪٿان اچي ٽُٽو هو ۽ مٿان جاويد کي اُن سڄي ماجرا ۾ ڪيئن ڦاسڻو هو... هي سڀ ڳالهيون ايڏي تيزيءَ سان ٿيون هيون جو مون کي ته ڪُجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو. ماءُ هُئي ته ماٺ ۾ هُئي، جي ڦاٽي ته هڻي ڇوڪري کي ڊڙي رکيائين... ابو هو ته کيس اهو احساس نه هو ته هُن مون لاءِ اهڙو رشتو سوچيو ئي ڪيئن... ۽ ڀاءُ هو، جنهن کي ادو لالڻ هٿ اچي ويو هو.
مُنهنجي اندر کي ڄڻ ڪُجهه کائي رهيو هو. ڪو اڻڄاتل خوف، مون کي وڪوڙي رهيو هو، هاڻي ته مون کي ننڊ ۾ ڇرڪ به اچڻ لڳا هُئا. روز رات جو، اڌ رات... منجههَ رات جاڳي پوندي هُئس. اونداهه ڪُجهه وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳي هُئي.
***
”ٿيندو آ ائين زيبُل“ نصيبان سان حال اوريو هُئم ته هُن ڄڻ دلداري پئي ڏني. ”زندگي، هڪدم پرسُڪون ٿي ويندي آهي، هڪدم گڙٻڙ ڪندي آهي. ايندڙ وقت جي ڪا خبر ٿورئي هوندي آهي.“
”نه پر هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهاءِ نصيبان“ مون کي پڪ هُئي ته ڄڻ مُنهنجي مصيبت جو وٽس ڪو نه ڪو علاج ضرور هوندو. ”اوچتو ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن... اُهو مان به سمجهان ٿي پر هي جيڪو ڪُجهه ٿيو آهي اِهو اوچتو ۾ اچي ٿو؟ ڇا رشتا اوچتا طئه ٿيندا آهن؟ ڇا جوا جي ٽڪريءَ تي اوچتو چڪر لڳندو آهي؟ ۽ ڇا اوچتو ڪمايون ٿينديون آهن؟“
”خبر زندگيءَ ۾ سدائين اوچتي پوندي آهي زيبُل... جي اوچتو نه هُجي ته خبر لڳي!؟ ڪڏهن بريڪنگ نيوز لفظ نه ٻُڌو اٿئي ڇا؟“
سندس ڳالهه تي مُنهنجو ته وات ئي پٽجي ويو هو. هُوءَ ايڏي هوشيار آ مون کي ڪڏهن ڌيان ۾ ئي نه آيو هو. هُن ڳالهه جاري رکي هُئي.
”خبر هميشه تازي ۽ اوچتي هُوندي ٿئي... پراڻي ٿي ته خبر، خبر ناهي رهندي... هاڻي اهو رشتو چاچي تولاءِ سوچيو پهرين هوندو... اُن جو اظهار تازو ڪيائين ته بريڪنگ نيوز بڻجي وئي ۽ توکي اوچتي لڳي... مٿان وري اهو جائُو به ڪو هفتي ڏيڍ کان ڪونه ويندو هوندو... اِهو به پراڻو پاپي هوندئي... پڪڙيو هاڻ آ... ڳالهه اوچتي اچي ٿي آ“
مون کي چُپ وٺي وئي، بس حيرت سان رڳو هُن کي ڏٺم ويٺي.
”ڏُک صرف ان ڳالهه جو آ جو سڀ ڪُجهه هاڻي اچي گڏيو آ... سڀ خبرون هڪ وقت پيون آهن باقي اوچتو ٻوچتو ڪُجهه به ناهي.“
”هل ڀلا ناهي“ مون همٿ ساري ”ته پوءِ هاڻي ڇا ڪجي!؟“
”مُڙس ٿي مُنهن ڏجي ٻيو ڇا ڪجي“ هُو کِلي ”مُڙس پاڻ ناهيون ان ڪري عورتون ٿي مُنهن ڏينديونسين ۽ ياد رک زيبُل جتي عورت مُنهن ڏيندي آ نه... اُتي مرد ڀڄي جان ڇڏائيندا ٿئي.“
”توکي ائين سڀ خبرون ڪٿان ٿيون پون نصيبان؟! ايڏو علم ڪٿان هٿ ڪيو ٿئي؟“
مون کي هُن تي شديد پيار پئي آيو مُنڌل سُٽ هُوءَ ڪيئن سڌو ڪري وئي هُئي. مُنهنجي ڳالهه تي سندس مُنهن الاءِ ڇو ماٺڪو ٿي ويو هو. هُن مون ڏي غور سان ڏسندي چيو ”جيڪي اڪيلا هوندا آهن نه زيبُل، اُنهن جو جهان عجيب هوندو ٿئي... اڪيلائپ کين اهو ڪجهه سيکاريندي آهي جيڪو گوڙ سيکاري نه سگهندو آهي.
”تون اڪيلي آهين ڇا؟... مان ناهيان توسان“
مون سندس هٿ جهليو، هُن موٽ ۾ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ مُنهنجو هٿ جهليو.
”تون ئي ته آهين... پر هن دل جي اڪيلائي ڇا تون نٿي ڄاڻين... هان...“ هُن پاٻوهه مان چيو. مُنهنجي اکين جي اڳيان ڪو زمانو لنگهي ويو. هُوءَ مُرڪندي رهي. ”ايڏو نه سوچ چري... تو پُڇيو، مون ٻُڌايو... هل ته هلي ساجن سوائيءَ واري اسٽال تي باقي سامان سيٽ ڪيون... سڀان ميلو شروع ٿيندو... وقت پاڻ وٽ ڪهڙو بچيو آهي.“
”اڃا ڪيترو سامان رهي ٿو؟“
”رهندو وري ڇا... آهي کائڻ پيئڻ جو سامان سو وري کڻي اينداسين...مطلب ميلي واري ڏينهن صُبح ساڻ ئي جي اچي وڃي ته پنهنجو ڪم ٿي ويندو.“
”ته بس پوءِ نٿا هلون... هلي به ڪنداسين ڇا... ٽيبلون لڳل آهن، قنات ويڙهيل آهي باقي ڇا.“
”تون آهين ته ٺيڪ نه“ هُن مون ڏي غور سان نهاريو ”هر سال پاڻ پهرين هلندا آهيون، هر شئي جو جائزو وٺندا آهيون... هن سال ڇا ٿيو آهي... اهو ٽڪي جو دڪان هنيو ٿئون ته مٿو خراب ٿي ڪرين ڇا... هل مائي... هل ته هلي ٿي ٿا اچون.“
الاءِ ڇو مُنهنجو خوف، مُنهنجي زبان تي اچي ويو.
”هُو جي وري اچي وڃي ته؟!
”هُو ڪير؟“
”اِهو مئو لالڻ...!“
”تُنهنجي دماغ ۾ اڃا اُهو پيو ڦري ڇا... کڏ ۾ هڻينس... هاڻي ٿو اچي... ڀلا جي آيو به ته ڪهڙو فرق پوندو!؟“
***
ميلي جي رات، اندر کي الاءِ ڪهڙا وهمَ ورائي ويا هُئا.
هن نڀاڳي سان ڇو، ٽڪري هئس مان...!؟ الاءِ ڇو اٽڪي به هُئس. ضرور ڪهڙو هو! پيو ڌوڙ پائي ها... ڀلا هن سان ضد بحث ڪرڻ ضروري هو ڇا!... وري سڀاڻي سامهون ٽڪرجندو... وري اچي اهي ٽيڏا ڦڏا ڏندو ڪڍندو!.. ”سئوٽيءَ سئوٽ هون... هان.“
***
رات جو بابا جو موڊ ڏاڍو سٺو هو. زورَ ڏيندي محسوس ڪيم ته هن اکيون بند رکيون هيون ۽ سندس جهونگار بلند هُئي.
”تون آهين صاحب صورت جو، هي آ غلام تنهنجو“.
ابي جي عادت عجيب هُئي. ننڍڙي هوندي کان ئي مون محسوس ڪيو هو ته جڏهن هن جو روح راضي هوندو هو ته هُو ٻن مان ڪو هڪڙو ڪلام جهونگاريندو هو. ”تون آهين صاحب صورت جو، هي آ غلام تنهنجو“ يا وري ”ڀلي يار آئين، تنهنجيون لک ڀلايون...“
سندس آواز پاٽ دار هو ۽ عجب سوز سُرن ۾ سمايل هوندو هئس. گهڻو ڪري ته، ڪڏهن ڪڏهن مٿي کي ميندي لائي، جڏهن هُو وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي،
ميندي سُڪڻ جو انتظار ڪندو هو ته پوءِ اهو آواز بلند ٿي ويندو هو. هُو مستقل ڳائيندو پيو هو... وراڻيءَ تي وراڻي... ٿلههَ تي ٿلهه... اسين سڀ جيڪي سندس اوسي پاسي پيا ڦرندا هُئاسين هن جي جهونگار تي پيا سرها ٿيندا هُئاسين. هُو ڳائيندو واقعي ڪمال هو.
امڙ به چڪر هڻي وئي هُئي... مُنهنجي زورن کي به ڏسي وئي هُئي، ۽ سندس ڳيتن جي گونجار به ڄڻ پنهنجي سماعتن ۾ سمائي وئي هُئي.
امان بابا کي ڏسندي هُئي ته ڄڻ اکين ۾ جؤت جلي پوندي هُئس. مون کي لڳندو هو ته ڄڻ رتن جؤت جو ٻوٽو ڪٿي ٽڙي پيو هجي... جيتوڻيڪ هن جي اندر ۾ ابي جي سلوڪ جو ڏار پئجي ته چڪو هو، پر وري به سندس نيڻن جي جؤت اها ئي شاندار هُئي.
عورت جي محبت ائين ئي هوندي آ... هوءَ پنهنجي سڄي جسم کي دڙي سگهي ٿي، دٻائي سگهي ٿي، ان تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي، پر سندس اکيون سدائين نافرمان رهنديون آهن. عورت جي اندر ۾ جذبو هجي ۽ اکيون ضابطي جي فرمان کي مڃين، اهو ٿي نه ٿو ٿي سگهي. امان به بابا سان سڄي عمر محبت جي شدت ۾ رهي هُئي. پنهنجي نگاهه تي قبضو ڪٿان ڪري ها.
ابي کي مُرن تي زور پئي ڏنم... جو هن پاسو ورايو. جهونگار بند ڪيائين ۽ مون ڏي نهاريائين.
”توکي خبر آ نه زيبُل... اهو ڪنهن جو ڪلام آ...؟“
”جي..“ مون هاڪار ڪئي ”سچل سرڪار جو...“
هن مرڪيو ۽ وري اکيون بند ڪري ڇڏيائين... ”۽ هُو ٻيو جيڪو... ڀلي يار آئين...“
... ”اهو سائين اعجاز شاهه جو آ بابا...“ مون کان کِلَ نڪري وئي... اهو سڀ هن پاڻ ئي هزار ڀيرا ٻڌايو هو... اڄ الاءِ ڇو پڇي رهيو هو.
مُنهنجي کِلَ تي هن اکِ کولي، اٿي ويٺو... پير، مُنهنجي هنجَ مان سرڪي ويا.
”ڇا ٿيو بابا...؟“
”تنهنجي کِلَ ٻڌايو ته مان ڪراڙو ٿي ويو آهيان...“ هُو مُرڪيو ”ونڌڪو ٿو ڪيان...“
”الا نه بابا....“ مون هٿ ٻڌا ”هٿ ٿي ٻڌانءِ ائين نه سوچجو... مون کان ته بس ائين ئي کلَ نڪري وئي.“
اتي امان اندر آئي پئي... ايندي ايندي هُن به جملو هنيو ”ائين ٻئين ڪونهي سائين. ڄاڻي واڻي کلي اٿوَ اوهان جي لاڏلي...“
اجهو، وري هيءَ ٿي مارائي. ”ائي امان... سچي به... مان ابي تي کليس ڪونه...“
امان کلي ڏنو ”ته پوءِ ڇا تي کلينءَ؟...“
”الاءِ ڇو بس کِلَ اچي وئي...“ مون وٽ ڪو سبب نه هو. اهو سڀ الاءِ ڇو ائين ٿيو هو.
”هل چڱو ٿيو ڀلا کلي ته سهي“ اَبي، وهاڻي کي ٺيڪ نموني سان ٽيڪ لڳائي. ”رب ڪريم کلندو رکيس...“
”هونئن توهان جي پهرين ڳالهه صحيح آ...“ امان به ويهي رهي.
”ڪهڙي؟...“
”ڪراڙپ واري.... هاڻي جهازَ جهونا ٿين پيا...“
”اي پر سِڙهه جي سٽَ جي ڳالهه نه ڪجانءَ... اڃان چڱن موچارن نوجوانن کان زبرو آهيان مان...“
ابي ڏؤنَرن تي هٿ ڦيرايو.... وري پاڻ ئي کلي ڏنائين...
”شرع ۾ شرم ڪهڙو الهه جي بندي... اها پيري به نيٺ ته اچڻي آهي نه...“
”اڄ ننڊ نه آيوَ ڇا؟... زيبُل جي ڀيڙن تي...؟“
”آيم پئي... پر الاءِ ڇو وري اها جهونگار اچي وئي، سُک کڻي وئي...“
”چڱو ٿيو جاڳو پيا. هلو ڀلا... توهان سان ڪُجهه ڳالهيون ڪري وٺان...“ امڙ ٿورو سُري ويٺي، کٽ تي. ڇاڪاڻ ته پهرين ڪافي پرڀري ويٺل هُئي.
”حڪم...“ ابي ڌيان ڏنو ۽ مُنهنجا ڪَن اڀا ٿيا... ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪرڻ گُهري... ويهي ٻڌان...؟ يا نه ٻڌان...! اتي اندر ۾ ڪنهن چيو ته اتي ويهڻ مناسب ناهي. بداخلاقي آ... مان اٿي ويس، ٻنهين مان ڪنهن به نه روڪيو. ابي امان ڏي نهاريو. ۽ امان ڄڻ منتظر هئي ته مان اُٿي وڃان... ڪمري مان نڪري ته آيس... پر عجيب اڻ تڻ اندر ۾ ڀرجي وئي هُئي. الاءِ هُوءَ لالڻ واري ڳالهه ڪندس، الاءِ جائُوءَ واري، جيڪا به ڪندس... مانڌاڻ ته ڪو مچندو ئي مچندو....
***
ان رات پنهنجي ڊائريءَ ۾ مون لکيو. ”ڊيئر ڊائري...
نصيب ۾ الاءِ ڇا لکيل آهي... سمجهه ۾ ڪُجهه نه ٿو اچي... ڪير ٽَڪرجي پيو.. ڪنهن سان ڇا ٿيڻو آهي، اهو ته سڀ ربَ پاڪ جل شانه ئي ڄاڻي ٿو... پر الاءِ ڇو، دل کي اهو وهم ورائي پيو ته ڪُجهه مزيدار ناهي. اندر ۾ الاءِ ڇو مزو ناهي.
مُنهنجي ساٿ ۾ رهجانءِ... مون کي ڇڏي نه وڃجانءِ ڊيئر ڊائري...“
***