نيلسن منڊيلا
”زهوسا“ روايتن موجب آفريقي ماڻهو سترنهن سالن جي ڄمار ۾ طهرن جي رسم ادا ڪندا آهن ۽ ان کانپوءِ ئي هُو جوان ليکبو آهي. ان کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت ۽ دولت جو وارث بڻجي سگهي ٿو، قبيلي جي ميڙن ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو، شادي ڪري سگهي ٿو. طهرن وقت نيلسن کي هڪ ٻيو نالو به ڏنو ويو” ڊالي ڀنگها“ ڀنگها ٽرانسڪي جي روايت حڪمران جماعت کي چوندا آهن ۽ هي ان جو بنيادي ميمبر هو. طهرن جي رسم جي خاتمي کانپوءِ هڪ خاص گڏجاڻي ڪئي ويندي آهي ان گڏجاڻي کي خطاب دوران سردار ”ميلي ڪلي“ انتهائي مختلف تقرير ڪري ويٺلن جا هوش اُڏائي ڇڏيا. هن چيو ته زهوسا قبيلي جي هن خوبصورت نوجوانن ۽ پٽن کي جيڪي اسان جي قوم جو انمول سرمايو آهن ڪجهه به ڏئي نه ٿا سگهون، اسين هنن جي جوان مردي جا خواب پورا ٿيندي ڏسي نه ٿا سگهون ڇاڪاڻ ته ”زهوسا“ قوم سميت ڏکڻ آفريقا جا سڀ ماڻهو مفتوح قوم آهيون، اسين پنهنجي ملڪ ۾ غلام آهيون، اسان کي پنهنجي وطن جي سرزمين تي ڪو به اختيار نه آهي. نيلسن منڊيلا ان تقرير کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته سردار جو خطاب بي معنى آهي، هُو سمجهي رهيو هو ته گورن جي ڪيل ترقي سردار کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، اسين نوجوان جيڪي انگريزي زبان سکي رهيا آهيون جنهن سان ترقي جا رستا نڪرندا اها به کيس سمجهه ۾ نه ٿي اچي. پر ڊگهي عرصي واري جدوجهد کانپوءِ نيلسن اهو سمجهي ورتو ته ان ڏينهن وارو مقرر اهو ڄٽ سردار نه پر ڄڻ هُو پاڻ هو. نيلسن کي وڌيڪ پڙهائي لاءِ ”ڪلارڪ بري“ جي انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ”انگ ڪوبو“ وڃڻو پيو. ”ڪلارڪ بري“ ٿمبو لينڊ ۾ آفريقن جو اعلى ترين تعليمي ادارو تصور ڪيو ويندو هو.
ريجنٽ ۽ سندس زال هن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا، هن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکندا هئا. هن تعليمي اداري ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏنو، راند ۾ دلچسپي وٺندو هو، فٽبال ۽ ٽينس هن جون پسنديده رانديون هيون. سندس تعليمي قابليت وچٿري هئي. 1937ع ۾ هن ”فورٽ بيوفورٽ“ جي هيلڊ ٽائون مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ريجنٽ جو پٽ جسٽس اڳي ئي موجود هو. اڻويهين صدي ۾ ”فورٽ بيو فورٽ“ هڪ انگريزي چوڪي هئي. گورن زهوسا ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جي زمينن تي قبضو ڪيو ان لڙاين دوران ”زهوسا“ ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن شهرت حاصل ڪئي. جهڙوڪ ”سنڊيلي“، ”مکانڊا“ ۽ ”موڪوما“. هنن کي برطانوي حڪمرانن رابن آئلينڊ ۾ جلاوطن ڪري ڇڏيو جتي هنن وفات ڪئي.
”فورٽ بيو فورٽ“ جتي اڳ صرف زهوسا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا هاڻي صرف گورن ماڻهن جي بستي هئي. هن ڪاليج ۾ هڪ ڏينهن عظيم زهوسا شاعر ”ڪرونو مڪا هوي“ آخري سال جي الوداعي پروگرام ۾ مهمان طور آيو هن جي تاريخي تقرير نيلسن منڊيلا کي شعور جي واٽ تي هلڻ لاءِ گس ڏسيو ۽ منڊيلا سوچيو ته آفريقي عوام گورن جي غلامي کان ضرور آجو ٿيندو. ان کانپوءِ نيلسن يونيورسٽي ڪاليج ”فورٽ هيري“ ۾ داخلا ورتي جنهن جو بنياد 1916ع ۾ اسڪاچ مشن وارن رکيو هو. جتي اڻويهه صدي ۾ انگريزن زهوسا قوم جي اڳواڻ ۽ ويڙهاڪ ”سنڊيلي“ کي شڪست ڏني. ان دوران نيلسن جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه هي به هئي ته صرف پڙهيل لکيل انگريز ئي سندس ماڊل آهي انهن جو مقصد صرف ڪارو انگريز بڻجڻ آهي، اهو ئي کين سيکاريو ويندو هو. هي ان تي به يقين ڪندا هئا ته بهترين فڪر ۽ نظريو انگريز نظريو، بهترين حڪومت انگريز حڪومت ۽ بهترين انسان انگريز انسان ئي آهي. هن يونيورسٽي ۾ آفريقا جا ڪجهه عظيم استاد ۽ ڏاها موجود هئا، پروفيسر ذڪ ميٿيوز هڪ کاڻيون کوٽيندڙ جو پٽ ۽ مثالي اسڪالر هو، بنا ڪنهن ڊپ جي گوري حڪمراني خلاف ڳالهائيندو هو.
پروفيسر ”جباوو“ شاگردن کي زهوسا زبان تاريخ ۽ لاطيني زبان پڙهائيندو هو، هُو آفريقي عوام جي حقن جو علمبردار هو، آل آفريقي ڪنوينشن جو باني هو، هن آفريقي عوام جي حقن جي ابتڙ ڪيترن ئي قانونن تي تنقيد ڪئي.
ڏکڻ آفريقا جتي گورن جي ڊگهي غلامي هجي، ڌرتي ڌڻين کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو وڃي، ماڻهو خاموشيءَ سان ذلتون سهندا رهن، ان جبر جي باوجود استاد جو پيشو جيڪو چيو ويندو آهي ته اسان جو ڪم رڳو پڙهائڻ آهي اُتي هنن غلامي جي خلاف آفريقي عوام کي شعور ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻايو. سنڌ ۾ جيڪي به استاد، پروفيسر، قومي غلامي ۽ جبر جي خلاف کُلي نٿا ڳالهائين ۽ شاگرد کي عام رواجي تعليم کانسواءِ قومي شعور نٿا ڏين انهن کي ”فورٽ هيري“ جي انهن استادن جي جذبي کان سکڻ گهرجي. فورٽ هيري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران نيلسن منڊيلا تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو هو ته آءُ برطانيا جي نائب وزير اعظم (Deputy Prime Minister) ”سموٽس“ جي هٿان ڊگري وصول ڪندس. هُو برطانيا جو زبردست حمايتي هو، هُو بي بي سي (BBC)تان پنهنجن دوستن سان گڏ جان ونسٽن چرچل جون پُرجوش تقريرون ٻڌي خوش ٿيندو هو پر سندس هڪ ڪلاس فيلو ”گوگيسا“ جو چوڻ هو ته ”سموٽس“ نسل پرست شخص آهي، ان ڪري مذمت لائق آهي.
عجيب ڳالهه هي آهي ته اسين پاڻ کي ڪارو انگريز سمجهون ٿا پر گورا اسان تي ظلم ڪن ٿا ۽ اسان کي مهذب بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ”گوگيسا“ جي خيالن نيلسن کي ڇرڪائي وڌو هو. هڪ ڀيري سندس دوست ”پال“ سان گڏ ٽپال گهر وٽ بيٺو هو ته گوري مئجسٽريٽ ۽ پال جي تلخ ڪلامي ٿي، نيلسن پال جي جرئت ۽ بي باڪي کي احترام سان ڏٺو. هُو آفريقي عوام سان ٿيل ناانصافي بابت ڪجهه سمجهي رهيو هو پر کيس اڃا ايتري جرئت يا شعور جي پختگي نه هئي جو پهرين صف ۾ اچي وڃي. هاڻي هُو تعليمي اداري ۾ هاسٽل ۾ رهائش، کاڌي پيتي جو معيار ۽ شاگردن کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو حصو بڻجڻ لڳو. ان دوران ”ريجنٽ“ سندس شادي هڪ مقامي خاندان ۾ ڪرائڻ پئي چاهي پر هُو ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي گڏيل تعليمي ماحول ۾ رومانيت پسند نوجوان بڻجي چڪو هو جنهن ڪري پنهنجي شريڪ حيات جي چونڊ جو اختيار ”ريجنٽ“ کي ڏيڻ لاءِ راضي نه هو.
جسٽس ۽ هن جوهانسبرگ لاءِ رٿا تيار ڪئي ۽ مختلف طريقن سان ڪاغذ پٽ ٺهرائي ”جوهانسبرگ“ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جوهانسبرگ جو بنياد 1886ع ۾ سون جي کاڻين جي دريافت ڪرڻ وقت رکيو ويو. نيلسن کي کاڻ جي هيڊمين ”پي ليسو“ وٽ پوليس مين طور نوڪري ملي وئي. کاڻين جا منتظم آفريقي سردارن جي وڏي عزت ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته کين سستي ليبر (مزدور) ملي ويندي هئي. ريجنٽ جي سردار هئڻ ڪري نيلسن کي به فائدو پهتو. کاڻين ۾ مختلف قبيلن جي ماڻهن کي الڳ الڳ رکيو ويندو هو جئين هُو متحد نه ٿي سگهن.
نيلسن جي ڊيوٽي ۾ شامل هو ته هُو مٿي تي ٽوپلو پائي هڪ هٿ ۾ ٽارچ کڻي ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو کڻي گيٽ تي بيهي سيٽي وڄائيندو رهي ۽ ان گيٽ تي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن تي لکيل هو ”خبردار مقامي ماڻهن جي داخلا تي بندش آهي“.
نوڪري جي خاتمي کانپوءِ هُو هڪ معزز ”ڊاڪٽر زوما“ وٽ پهتو جيڪو ٽرانسڪي جو رهاڪو هو ۽ آفريقن نيشنل ڪانگريس جو صدر به هو.
نيلسن پهريون ڀيرو پنهنجي پسٽل جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو جنهن تي ٿاڻيدار کيس ٻئي ڏينهن تي اچڻ جو چئي آزاد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته هن اهو پسٽل ٺڳن ۽ ڦورن کان بچڻ لاءِ رکيو هو.
نيلسن جوهانبسرگ 1941ع ۾ آيو هو. جوهانسبرگ ۾ پهچڻ سان هُو سخت پريشان هو نوڪري نه ملڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو پوءِ هُو پنهنجي سئوٽ سان گڏ رهڻ لڳو هن جي خواهش هئي ته هُو سٺو وڪيل ٿئي. ٻئي ڏينهن تي سندس سئوٽ هن کي هڪ اسٽيٽ ايجنسي جي آفيس ۾ وٺي ويو جتي هن ٽرانسڪي جي نوجوان ”والٽر سوسولو“ سان ملاقات ڪرائي. جيڪو آفريقي رهاڪن لاءِ جائيداد جي خريد و فروخت جو ڪم ڪندو هو. 1940ع ۾ جوهانسبرگ جي ڪجهه علائقن ۾ آفريقا جي رهاڪن کي جائيداد جي خريد و فروخت جا حق هئا جڏهن ته سٽي ڪائونسل جي گهرن ۾ فقط رهائش جا حق هئا. ”سوسولو“ آفريقي آبادي ۾ هڪ واپاري ۽ مقامي اڳواڻ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. هُو پنهنجن ماڻهن جي لاءِ هڪ سگهارو شخص ڄاتو ويندو هو. نيلسن پنهنجي تعليم متعلق تڪيلفن کان کيس آگاهه ڪيو ” سوسولو“ هن کي خاطري ڪرائي. سوسولو انتهائي ذهين ۽ انگريزي ڏاڍي مهارت سان ڳالهائيندو هو، حيراني جي ڳالهه اها هئي ته هُو فقط پنج درجا پڙهيل هو.
آفريقا جي اڪثر اڳواڻن يونيورسٽي جو ڪڏهن منهن به نه ڏٺو. منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هئڻ دوران مختلف هنڌن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو، ڪافي پريشان رهندو هو پر هن ڪڏهن به همٿ نه هاري. والٽر سوسولو جي مدد سان ” لازا سائٽ اسڪاءِ“ فرم ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو هن وڪيل ٿيڻ لاءِ رات جي وقت يونيورسٽي ۾ خط وڪتابت ڪورس ۾ داخلا پڻ ورتي.
اها فرم قانوني صلاحن کانسواءِ آفريقن لاءِ جائيداد جي ڏيڻ وٺڻ جو ڪاروبار به ڪندي هئي. والٽر ان لاءِ گراهڪ ڳولهيندو هو ۽ ڪميشن وٺندو هو. ڪمپني جو مالڪ ”لازار“ نيلسن کي سخت محنت جي تلقين ڪندو رهندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته پڙهيل لکيل انسان کي دٻائي نه ٿو سگهجي ان وٽ غور فڪر جي سگهه هوندي آهي. هن نيلسن کي نصيحت ڪندي چيو ته هڪ سٺو قانوندان بڻجي ديس واسين جي بهترين خدمت ڪري سگهين ٿو، تو کي هڪ ڪامياب ۽ مثالي شخص بڻجڻ گهرجي.
فرم جو ٻيو مالڪ ”سائيڊل سڪاءِ“ هو، هُو هن جو استاد رهيو معمولي کان معمولي ڪم بابت سمجهائيندو هو، قانون بابت سمجهائيندو هو، هُو نيلسن کي سياست کان پري رهڻ جي تلقين ڪندو هو، چوندو هو ته سياست تمام خراب شئي آهي، هُو والٽر سوسولو جي قابليت جو اعتراف ڪندو هو پر سندس سياست کان بيزار هو. آفيس ۾ ”گوراڊيبي“ اڪثر ”سائٽ اسڪاءِ“ سان الجهيل رهندو هو. اصل ۾ هُو آفريقي نيشنل ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو. هن ”گوراڊيبي“ سان گڏ رهي اهو سکيو ته فقط ڊگري قيادت جي ضمانت بڻجي نه ٿي سگهي. قيادت عوام جي خدمت ڪندي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ”گوراڊيبي“ نيلسن کي سينڊوچ ڏيندي چيو ته هن مان اڌ تون کاءُ، هن ائين ئي ڪيو، گوراڊيبي نيلسن کي چيو ته ڏس هي ئي ڪميونزم جو فلسفو آهي هُو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو ۽ هن نيلسن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر هن ”سڪاءِ“ جي هدايت تي عمل ڪيو ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
نيلسن ڪيئي ڀيرا ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت به ڪندو رهيو پر صرف ڄاڻ جي لاءِ.
هاڻي هُو پنهنجي وطن ۾ گورن جي ڏاڍ ۽ جبر جي تاريخ کان واقف ٿي چڪو هو، نيلسن ان کي نسل پرستي جو نتيجو سمجهندو هو. جوهانسبرگ ۾ ”اليگزينڊرا“ آفريقي ماڻهن جي لاءِ جنت جو نمونو هو هتي لُچ لوفرن، بدمعاشن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ هئڻ جي باوجود ماڻهو خوش رهندا هئا. جتي آفريقين کي جائيداد ۽ ملڪيت جو حق حاصل هو، جتي گورن آفيسرن جي ڏاڍ کانسواءِ پنهنجي معاملن جا خود مالڪ هئا. اها بستي ڳوٺن مان نڪري شهري زندگي گذارڻ جو بهترين موقعو فراهم پئي ڪري. گوري حڪومت جي ڪوشش هوندي هئي ته هو ٻهراڙين ۾ هجن يا جيڪڏهن شهرن ۾ اچن ته کاڻين جا مزدور ٿي رهن. هن وسندي ۾ نيلسن زندگي جا ڪيترائي ورهيه گذاريا، کيس فرم طرفان هفتي ۾ ٻه پائونڊ پگهار ملندو هو. ان پگهار مان ڪمري جي مسواڙ، يونيورسٽي جي في، سفر ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. هن شديد غربت جي حالت ۾ گذاريو، تيل وارو ليمپ خريد ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو. ڪڏهن ڪڏهن پئسا بچائڻ لاءِ ڪيترائي ميل پنڌ ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينهن ڪپڙا به نه مٽائي سگهندو هو.
”فلز ماسيڪو“ فورٽ هيري ڪاليج ۾ هن سان گڏ رهي چڪي هئي، اُن هن کي پنهنجو ڏس پتو ڏنو ۽ چيو هئائينس ته جڏهن به ضرورت پوي ته مون وٽ اچجانءِ. هڪ ڏينهن سخت بک لڳڻ ڪري هُو هن جي گهر ويو، جنهن هن کي سٺي ماني کارائي ۽ پوءِ اڪثر هو هن جي گهر ماني کائڻ ويندو رهندو هو. هي پنهجو گهڻو وقت تعليم جي حصول ۽ قانوني فرم ۾ نوڪري ڪندي گذاريندو هو.
هڪ ڀيري ”باسوٽو لينڊ“ جي راڻي ”موشويش وي“ سان ملاقات دوران هن منڊيلا کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون هڪ اهڙو وڪيل ۽ اڳواڻ آهين جيڪو پنهنجي قوم جي زبان کان به واقف ناهي. نيلسن گهري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيو ته ڪيئن نه گوري سرڪار اسان آفريقي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مختلف ٻولين، گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جو اسان پنهنجي وطن ۾ هڪڙي رنگ، هڪڙي ثقافت، هڪڙي ٻولي هجڻ جي باوجود گڏ ناهيون. 1942ع ۾ سندس سنڀاليندڙ ” ريجنٽ“ گذاري ويو، هي اُتي پهتو پر ريجنٽ اڳ ئي دفن ٿي چڪو هو. ريجنٽ اهڙو ماڻهو هو جيڪو سڀني جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو هو، هر ڪنهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن ڪري علائقي جا سڀ ماڻهو سندس چاهيندڙ هئا.
”ريجنٽ ننڍڙي علائقي جو سردار هو پر هن جي عوام سان پنهنجائپ، مسئلن ڏانهن سنجيدگي، سٺي انسان وارين خوبين جي ڪري باوجود ان جي ته هو سردار هو ۽ قومي اڳواڻ نه هو پر سٺين خوبين ۽ ڪردار جي ڪري علائقي ۾ قومي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو.“
نيلسن قانوني اداري ۾ ڪم ڪندي فڪري ۽ نظرياتي طور تي تبديل ٿي چڪو هو. هُو فرم جي مالڪ ”سڪاءِ“ جي تنبيهه جي باوجود گوراڊيبي جي گهڻو ويجهو رهيو جيڪو هن کي چوندو رهيو ته اسان جي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ تعليم بنيادي ۽ تمام ضروري آهي پر رڳو تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي آزادي نٿي ماڻي سگهجي ان لاءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو.
جنهن ڪري هُو عمل کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو ۽ هُو آفريقن نيشنل ڪانگريس کي سياسي سگهه جي حاصلات لاءِ بهترين ذريعو
سمجهندو هو.
آفريقن نيشنل ڪانگريس جو قيام 1912ع ۾ عمل ۾ آيو. جنهن جي پويان جدوجهد جي ڊگهي تاريخ هئي، هن جو منشور نسل پرستي جو مخالف هو. هي جماعت ڏکڻ آفريقا ۾ ڌرتي ڌڻين کي هڪ مڪمل اختيار ڏيڻ جي حق ۾ هئي.
”گوراڊيبي“ نيلسن کي ليڪچر ڏيندو هو، پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو هو، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جو بندوبست ڪندو هو ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ وٺي ويندو هو. گوراڊيبي نيلسن کي تاريخ جو درس ڏيندو هو، آزادي جي جدوجهد کان واقف ڪندو هو. گوراڊيبي کي انقلاب ۽ آزادي کانسواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان دلچسپي نه هئي ان ڳالهه نيلسن کي گهڻو متاثر ڪيو. گوراڊيبي جي ذاتي ۽ سياسي ڪردار نيلسن منڊيلا کي سياست ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ” هڪڙو سٺو سياسي ورڪر جيڪو پنهنجي فڪر ۽ نظرئي سان جڙيل هو، انقلابي ڪارڪن هجڻ جي رڳو دعوى ڪندڙ نه پر عملي طور تي به هُو نظرياتي ۽ انقلابي ڪارڪن ثابت ٿيو هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هُو پنهنجي عمل ۾ به بلڪل ائين ئي آهن جيئن هُو سوچين ٿا يا جيڪوڪجهه هُو ڳالهائين ٿا. گوراڊيبي جي ڪيل ان پورهئي هڪ اهڙي ماڻهو کي ذهني طور تيار ڪري پنهنجي فڪر ۽ نظرئي جي ويجهو آندو جيڪو اڳتي هلي آفريقي عوام جو قومي سرواڻ ٿي اڀريو.
سنڌ جي قومي تحريڪ جو الميو اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ/ ڪارڪن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق رکن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ/ڪارڪن انتهائي سهل پسندي جو شڪار بڻجي short cut جي ڳولا ۾ مصروف آهن. عام طور تي هُو ڪنهن ڳوٺاڻي غريب پورهيت ماڻهو سان ٻه گهڙيون ويهي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن، ان جو پهريون سبب يقينن سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي هجي ٿو جڏهن ته ٻيو مکيه سبب نظرياتي يا فڪري طور تي پختگي جو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن ڪو اڳواڻ/ ڪارڪن پاڻ ئي نظرياتي ۽ فڪري لحاظ سان مضبوط ڄاڻ جو مالڪ نه هوندو ته اهو پنهنجي پارٽي پروگرام جي پرچار ڪهڙي ريت ڪري سگهندو اهڙي طرح وري جيڪو ڪارڪن پنهنجي عمل ۾ پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر مطابق نه هوندو ته ان جون ڳالهيون عوام تي ڪو مثبت اثر نه ڇڏي سگهنديون نتيجي طور سنڌ جي قومي تحريڪ کي اهڙا سنجيده ۽ انقلابي ڪارڪن ڪي ٿورا ئي ملي سگهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ مضبوط ۽ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ گورا ڊيبي پئدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن ڇاڪاڻ جو سندن هدف واضح ناهي ان ڪري هڪ ڳوٺاڻو پورهيت انقلابي بڻجي تاريخ جو اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو پر هتي ڇڙواڳ ۽ جاهل ماڻهن جي فوج تيار ڪئي پئي وڃي.“
نيلسن هن مهل تائين ته گوراڊيبي جي ليڪچر، سياسي پرگرامن ۾ مبصر طور شرڪت ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ وقت گذاريندو هو پر اگسٽ 1943ع ۾ اليگزينڊرا ۾ بسن جي ڀاڙي وڌائڻ خلاف هزارين ماڻهن بائيڪاٽ ۽ مارچ ڪيو نيلسن به ان ۾ حصو ورتو ۽ گوراڊيبي ان جي اڳواڻي ڪئي. نون (9) ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ان ڏينهن کان نيلسن مبصر واري حيثيت ڇڏي عملي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، هن محسوس ڪيو ته پنهنجي قوم سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ سان ڪيتري نه راحت ۽ روح کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. 1943ع ۾ هن يونيورسٽي آف سائوٿ آفريڪا مان خط و ڪتابت ذريعي امتحان پاس ڪيو.
هن کي جسٽس ۽ ٻين دوستن ئي بار بار چيو ته جوهانسبرگ ڇڏي ۽ واپس ”امٽاٽا“ اچي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري پر نيلسن مستقبل ۾ هڪ مخصوص قبيلي يا گروهه بدران سڄي آفريقي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ذهني طور فيصلو ڪري چڪو هو.
زندگي جو تيز وهڪرو هن کي اوڏانهن ئي ڇڪي رهيو هو. فورٽ هيري مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هن فڪري طور تي پنهنجو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ طئه ڪيو ته گريجوئيشن (Graduation) ڪرڻ سان يا ٿمبو جي حڪمران قبيلي سان لاڳاپن ڪري عزت ۽ احترام ته حاصل ٿيندو پر وڏو عهدي يا سٺي پگهار جي خواهش سندس مقصد نه رهيو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان ڪجهه به نه سکيو هو ڇاڪاڻ ته اُتي نسلي مت ڀيد، ڪارن سان ٿيندڙ ڏاڍ نه پڙهايو ويندو هو. نسلي تعصب هن تعليم ذريعي نه پر عملي طور سماج ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. 1943ع ۾ هن جوهانسبرگ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”يونيورسٽي آف واٽرز رينٽ“ ۾ داخلا ورتي. هن اداري ۾ ”جوسولوو“ مستقبل جي شريڪ حيات ”روزفرسٽ“ ”جارج بزاس“ ۽ ”برام فشر“ سان سندس ملاقات ٿي، اهي سڀ انتهائي ذهين ماڻهو هئا ۽ سڄي زندگي هن جا ساٿاري رهيا. اُن دوران هن جي هندستاني شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسماعيل مير، جي.اين سنگهه ۽ احمد ڀولا شامل هئا جيڪي بعد ۾ هن جا پڪا دوست بڻجي ويا. اڳتي هلي اسماعيل مير جو فليٽ انهن سڀني دوستن لاءِ گڏجاڻي ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو مرڪز بڻجي ويو، ڄڻ ته نوجوان آزادي پسندن جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو. هڪ ڏينهن اسماعيل مير، جي . اين سنگهه ۽ نيلسن هڪ اهڙي ٽرام ۾ ويهي رهيا جنهن ۾ هندستاني ته سفر ڪري پئي سگهيا پر آفريقن جو ويهڻ منع هيو. ٿوري دير ۾ ڪنڊيڪٽر اچي هندستانين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان جي هن ڪافر دوست کي هن ٽرام ۾ ويهڻ جي اجازت ناهي“ جنهن تي هندستاني دوست هن سان تکا مٺا ٿيا، ٽرام روڪرائي وئي ۽ پوليس گهرائي نيلسن کي گرفتار ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن برام فشر کيس عدالت مان آزاد ڪرايو. ”وٽز“ ۾ هن نئين دنيا جو دروازو ڳولهي لڌو جتي فڪر، نظريو، سياست، عقيدي ۽ مناظري جي دنيا هئي. هتي نيلسن کي سفيد فارم ۽ باشعور هندستاني نوجوانن سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. هتي کيس هم عمر نوجوان دوست مليا جيڪي آزادي جي جنگ سان گهري دلچسپي رکندا هئا. هتي ڪجهه نوجوان رعايت هجڻ باوجود به محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا.