ڳالهين جي شروعات
منڊيلا پرڏيهي وزير کي خط لکي مشروط آزادي جي آڇ کي رد ڪيو ۽ چيو ته مونکي پنهنجي عوام سان سڌو رابطو ڪري صلاح مشورو ڪرڻ ڏنو وڃي. اصل ۾ نيلسن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي پر نيلسن جو خيال هو ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. هن وني کي لکت ۾ نياپو ڏنو جيڪو هڪ وڏي عوامي ميڙ ۾ پڙهي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته مونکي پنهنجي آزادي مٺي آهي پر آءُ گوري سرڪار کان مطالبو ٿو ڪيان ته سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن، جلاوطن ٿيل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي وطن واپس اچڻ ڏنو وڃي، سمورا نسلي قانون ختم ڪيا وڃن، سياسي طور ANC سميت سمورين سياسي پارٽين کي عوام تائين پهچڻ جو رستو فراهم ڪيو وڃي ۽ ان کان پوءِ عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ڳالهيون ٻولهيون فقط هڪ آزاد ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. قيدين سان معاهدا ڪونه ڪيا ويندا آهن. ان صورتحال کانپوءِ منڊيلا کي ٻيهر پنهنجي ساٿين کان الڳ رکيو ويو. آهستي آهستي دنيا جي مختلف علائقن کان وفد ايندا رهيا ۽ نيلسن منڊيلا سان انهن جون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ان دوران منڊيلا کُلي اظهار ڪيو ته صدر هُو نه پر ”اوليور ٽامبو“ آهي ان سان به ڳالهين جو دور شروع ڪيو وڃي. ابتدا ۾ منڊيلا اهو اظهار ڪيو ته اهي سمورا خيال سندس ذاتي آهن. هن وفد کي ٻڌايو ته آءُ قومپرست آهيان ڪميونسٽ ناهيان، سرڪار غير ضروري پروپيگنڊا ڪري رهي آهي. آءُ غير نسلي معاشري تي ايمان رکان ٿو ۽ اسان جو آزاديءَ جو منشور، سوشلزم جو مسودو ڪونهي. ڪيترن ئي مشڪلاتن جي ڪري حڪومت مزاحمتي تحريڪ جي وچ ۾ ڳالهين ٻولهين جي کوٽ آهي هاڻ ڳالهين جو وقت اچي چڪو آهي. هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ٿيڻ وارا آهن پر حڪومت اوچتو بورڊ سوانه، زيمبيا ۽ زمبابوي ۾ ANC جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ۽ ڳالهين جي عمل تي پاڻي ڦيرجي ويو. مزاحمتي تحريڪ ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي. بهرحال هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪار کي خط لکي ڳالهين جا دروازا کوليا. هن جنرل وليم سان ملاقات ڪئي ان کانپوءِ انصاف واري وزير ”ڪوبي“ سان پڻ ملاقات ڪئي. هنن جي وچ ۾ آفريقا جي مستقبل جي باري ۾ ڪافي تفصلي ڳالهه ٻولهه ٿي. گوري اقليتن جي باري ۾ پڻ ڪچهري ٿي. هاڻ ڳالهين کانپوءِ گوري سرڪار به پنهنجي روش ۾ تبديلي آندي هئي. نيلسن کي ڪافي سهولتون ڏنيو ويون ان حد تائين جو کيس شهر جا سير به ڪرايا ويندا هئا. سرڪار اعلى سطحي وفد جوڙيو جنهن نيلسن منڊيلا سان ڳالهين جي شروعات ڪئي هئي. نيلسن قيد ۾ پنهنجن ساٿين سان صلاح مشورا ڪيا ۽ انهن کان رهنمائي ورتي. سمورن ساٿين ٿورن گهڻن اختلافن سان نيلسن سان اتفاق ڪيو ته ڀلي اهي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان دوران اوليور جو کيس نياپو پهتو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي، کيس ڪوشش ڪري قومي مفادن جو ڪنهن به ريت سودو نه ڪري. جنهن تي منڊيلا، اوليور کي جواب ڏنو ۽ پڪ ڏياري ته حڪومت سان منهنجي ڳالهين جو مقصد آهي ته ANC مرڪزي ڪميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو بندوبست ڪرڻ. هن سرڪار لاءِ هڪ ياداشت نامو تيار ڪيو جيڪو پهريائين پارٽي صدر ۽ مرڪزي ڪميٽي ڏسي وٺندي ۽ سمورا خدشا دور ٿي ويندا ته ڪو آءُ اصل راهه تان هٽي ويو آهيان. 1988ع ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل ڪميٽي سان ڳالهين جي باضابطا پهرين ملاقات ”پولرزمور“ جيل ۾ ٿي. هي ڪميٽي ڪافي تحمل واري هئي پر کين ANC بابت اهائي ڄاڻ هئي جيڪا ANC متعلق ايجنسين جي هئي. نيلسن هنن کي ANC جي تاريخ ۽ مستقبل جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ڏني. ڪميٽي جي پهرين گڏجاڻي ۾ اهو شرط هو ته صدر بوٿا سان ملاقات کان اڳ هٿياربند جدوجهد ختم ڪئي وڃي. نيلسن جي خيال ۾ جڏهن حڪومت پر امن طريقو اختيار ڪري ته ANC به ان جو آڌرڀاءُ ڪندي. ٻيو شرط هي به هو ته ANC ڪميونسٽ پارٽي سان اتحاد ختم ڪري، هنن کين وراڻيو ته آزادي جي ڪا به خوددار تحريڪ ان قسم جا حڪم مڃڻ لاءِ تيار ٿي نه ٿي سگهي. هن وضاحت ڪئي ته ANC ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٻه الڳ پارٽيون آهن سندن هڪ گڏيل نقطي تي اتحاد آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي مت ڀيد جو خاتمو ۽ هڪ جمهوري نظام تي ٻڌل حڪومت.
ڪيئي مهينن تائين اهي ڳالهيون جاري رهيون. هو اقليتن جي معاملي تي به فڪرمند هئا ته مستقبل ۾ گوري اقليتن جو ڇا ٿيندو؟ نيلسن ورجايو ته آفريقا انهن سڀني ماڻهن جو وطن آهي جيڪي منجهس رهن ٿا پوءِ اهي ڪارا هجن يا گورا. گورا رهاڪو مڪمل طور تي آفريقي آهن کين ڪنهن به صورت ۾ سمنڊ حوالي نه ڪيو ويندو. انهن ڳالهين کانپوءِ نيلسن کي ٻڌايو ويو ته صدر ”بوٿا“ ساڻس ملڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي چڪيون هيون، پرڏيهي دٻاءُ وڌي چڪو هو، ڪيتريون ئي عالمي ڪمپنيون پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري واپس وڃي چڪيون هيون ۽ آمريڪي ڪانگريس پڻ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. ساڳئي وقت ANC پنهنجي 75 سالگرهه جي موقعي تي تنزانيه ۾ هڪ عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ اوليور خطاب ڪندي چيو ته جيستائين ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي مت ڀيد جا قانون ختم نه ٿا ٿين تيسيتائين اسين پنهنجي هٿيار بند جدوجهد تان هٿ نه کڻنداسين.
حڪومتي ٽيم منڊيلا کي اهو بانور ڪرائيندي رهي ته کيس اهڙو گس ڪڍي ڏجي جو هو آزاد ٿي وڃي پر هن صاف انڪار ڪيو.
1988ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منڊيلا کي وڪٽرورسٽر جيل پهچايو ويو، اهو جيل ڪيپ ٽائون ۾ هو جتي کيس ڪافي سهولتون ڏنيو ويون. حيرت جي ڳالهه هئي ته سخت رويي، سخت پورهيو ڪرائڻ ۽ دهشتگرد قرار ڏيڻ واري هڪ قيدي کي هاڻ سهولتون ۽ تحفا ملي رهيا هئا. سرڪار جو رويو نرم ٿي رهيو هو ۽ لڳي رهيو هو ته منڊيلا هن گهرنما جيل مان جلد آزاد ٿي پنهنجي عوام جي وچ ۾ پهچندو.
سرڪاري ڪميٽي سان ملاقاتون ته جاري رهيون پر ٻه مکيه سببن 1. هٿيار بند تحريڪ 2. ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپن جي ڪري اهي ڪڏهن تعتل جو شڪار ته ڪڏهن وري اڳتي نه پئي وڌيون.
جنوري 1989ع ۾ پولرز مور جيل مان سندس چار ساٿي، منڊيلا وٽ آندا ويا جتي هنن ويهي صدر بوٿا کي ياداشت نامو موڪلڻ جون تياريون ڪيون. جنهن ۾ بوٿا کي ٻڌايو ويو ته هو تشدد پسند نه پر اعتدال پسند ماڻهو آهن، هو ڏکڻ آفريقا ۾ ٻن ڌار ڌار ۽ سخت گير گروهن جا سخت مخالف آهن. ڪارا هڪ طرف ۽ گورا ٻئي طرف آهن. انهيءَ تعصب اوري ورهاست کي ڳالهين ٻولهين ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. هن لکيو ته حڪومت اڃا سوڌو ڪارن سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. هنن ڪميونسٽ پارٽي جي باري ۾ چيو ته ڪو به عزت ڀريو شخص پنهنجي سڄي عمر جي حامين کي ڪنهن به ريت الڳ نه ٿو ڪري سگهي. پر اوچتو صدر بوٿا صدرات تان استعفى ڏئي ڇڏي، ان باوجود آفريقي سرڪار تي آزادي جو دٻاءُ وڌندو رهيو، سمورن سياسي قيدين بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. عوامي مزاحمت جي تحريڪ ۾ شدت اچي وئي. اوليور عالمي سطح تي ڪافي متحريڪ ڪردار ادا ڪري رهيو هو، آمريڪا، آفريقا ۾ حالتن جي بهتري لاءِ ANC کي جز طور مڃي ورتو ۽ اقتصادي پابنديون جاري رکيون.
بوٿا جي استعفى کانپوءِ ”ڊي ڪلارڪ“ کي آفريقا جو صدر بڻايو ويو. جنهن اچڻ سان ڪجهه نرمي ڪئي ۽ پر امن مظاهرن جي اجازت ڏني وئي.
10 آڪٽوبر 1989ع تي صدر ڊي ڪلارڪ اعلان ڪيو ته والٽر سوسولو، ريمانڊ ملحب، احمد ڪيٿراڊا، اينڊريو، الياس، چيف ميسي مولا بلٽن ۽ آسڪر کي آزاد ڪيو پيو وڃي. پنجن ڏينهن کانپوءِ جوهانسبرگ جا قيدي به آزاد ڪيا ويا. ڪافي پابنديون کنيون ويون هيون ۽ ڊي ڪلارڪ جي ان رويي جي سڄي ملڪ ۾ ساراهه ٿي رهي هئي. ڊي ڪلارڪ جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي عمل ڪري رهيو هو. هن ڏکڻ آفريقا جي ساحلي تفريح گاهن کي سڀني لاءِ کولي ڇڏيو جيڪي اڳ صرف گورن لاءِ هيون. هن 1953ع ۾ ڪيل ننڍا ننڍا نسلي فرق ختم ڪري ڇڏيا جن موجب تفريح گاهون، بسون، ٽرينون، اسڪول، ڪاڪوس خانه نسلي بنيادن تي ورهايل هئا. نيلسن منڊيلا جي ڊي ڪلارڪ سان ملاقات جو طئه ٿيو ته منڊيلا پنهنجن سمورن ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڳالهين جي نتيجي ۾ منڊيلا هڪ خط ڊي ڪلارڪ لاءِ روانو ڪيو ۽ کيس ڳالهين لاءِ چيو ويو ۽ ڏکڻ آفريقا کي تشدد کان آجو، نسلي مت ڀيد کان آجو ۽ معاشري کي خوشحال ڪرڻ لاءِ تجويزون شامل هيون.
نيلسن منڊيلا جي ڊي ڪلارڪ سان ملاقات ٿي منڊيلا جيڪو کيس چوندو رهيو، هُو غور سان کيس ٻڌندو رهيو ۽ واقعي هو سنجيدگي سان ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو هو ڄڻ ته هو به هڪ نئين تاريخ لکڻ وارو هو. نيلسن منڊيلا آخر ۾ پنهنجي آزادي جو مسئلو اُٿاريو، سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي، جلاوطن اڳواڻن کي وطن ورڻ جي گهر ڪئي ۽ ANC سميت سمورن سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي ڊي ڪلارڪ غور ڪرڻ جو چيو.
2 فيبروري 1990ع تي ايف. ڊبليو ڊي ڪلارڪ پارليامينٽ ۾ اعلان ڪيو جنهن مطابق ANC سميت سياسي پارٽين ۽ گروپن تان پابندي ختم ڪئي وئي. تشدد کانسواءِ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو، موت جي سزا ختم ڪئي وئي. هنگامي حالتن تحت مختلف پابندين جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.
هن چيو پاڻ ۾ ڳالهين ٻولهين جو وقت اچي ويو آهي. ڊي ڪلارڪ جي بيان کانپوءِ يڪسر حالتون تبديل ٿي ويون. ANC سميت سمورين سياسي پارٽين جي حيثيت قانوني ٿي وئي، کين جهنڊي کڻڻ ۽ نعري هڻڻ تي گرفتار نه ٿي ڪيو ويو. ڊگهي عرصي جي جدوجهد، جانين جي قربانين، جيل جي تڪليفن، اڳواڻن جي ڏاهپ ۽ دليري سبب ئي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو.