تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو.
Title Cover of book نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

بغاوت

5 ڊسمبر 1956ع تي صبح سوير گوري پوليس جا سپاهي سندس گهر گهڙي آيا، سڄي گهر جي تلاشي ورتي وئي، ان دوران معصوم ٻار به اُٿي ويهي رهيا جيڪي ڊپ واري ڪيفيت ۾ هئا. نيلسن کي حڪم نامو ڏيکاريو ويو جنهن ۾ بغاوت جي الزام هيٺ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو. ٿوري دير کانپوءِ کيس جوهانسبرگ جيل موڪليو ويو جتي اڳ به مزاحمتي تحريڪ دوران رهي چڪو هو. ڪيترائي ساٿي اڳ ۾ ئي اُتي موجود هئا. خبر پئي ته ان ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ ANC ۽ اتحادين جي اڳواڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا. ڪانگريس الائنس جي مڙني اڳواڻن کي بغاوت ۽ تختو اونڌو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل 144 اڳواڻن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي جنهن ۾ چيف لوٿولي به شامل هو. هڪ هفتي کانپوءِ والٽر سوسولو ۽ ڪجهه ٻين اڳواڻن جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي اهڙي طرح گرفتار اڳواڻن جو انگ 156 تائين وڃي پهتو هو.
نيلسن سميت سمورن اڳواڻن کي ٻئي جيل منتقل ڪيو ويو، اُتي جيل جي اڱڻ تي سمورن اڳواڻن کي مڪمل ڪپڙا لاهي اگهاڙو ڪري ڀت سان ٽيڪ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، کين هڪ ڪلاڪ تائين ائين ئي بيهاريو ويو. تمام گهڻي ٿڌ ڪري سخت پريشاني ۾ هئا. پروفيسر، ڊاڪٽر، وڪيل، واپاري وچين ۽ وڏي عمر جا ماڻهو جيڪي عام زندگي ۾ تمام محترم سمجهيا ويندا هئا سي سمورا هن قلعي نما جيل ۾ ٻن هفتن تائين قيد رهيا، جيل جي سختين ۾ سندن حوصلا بلند رهيا. هنن جي گرفتارين تي سڄي ملڪ ۾ زبردست مظاهرا ٿيا. سرڪار جي رويي جي مذمت ڪئي وئي، ساڳئي طرح سڄي دنيا ۾ پڻ نيلسن ۽ سندس ساٿين جي گرفتارين جي شديد مذمت ڪئي وئي. جيل دوران سينئر ساٿي اڳواڻ نوجوانن کي ليڪچر ڏيندا هئا. قيد خاني ۾ پروگرام مطابق ورزش، عام ڪچهري ۽ تربيتي ڪلاس هلائيندا هئا. ان قيد ۾ هن جو هڪ ساٿي ” ووزائل ميني“ آزادي جا گيت ڳائيندو هو ۽ ٻيا سمورا سندس آواز سان آواز ملائي، ”شيدي اچي ويا آهن، شيدين کان ڊڄو“ گيت ڳائيندا هئا. ”ووزائل ميني“ کي بعد ۾ سياسي ڏوهه ۾ ڦاهي ڏني وئي.
حڪومت 156 ڄڻن تي بغاوت جي سازش جو الزام هنيو هو، ان بغاوت جو عرصو 1952ع کان وٺي 1956ع تائين پکڙيل هو. ان ۾ مزاحمتي تحريڪ ۽ صوفيه ٽائون جي منتقلي خلاف جدوجهد سميت سمورين ڪارواين کي شامل ڪيو ويو. هنن قيدين کي روزانو مقامي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ آندو ويندو هو. کين سيخن واري بينچ تي ويهاريو ويندو هو، ڪيئي هٿياربند گارڊ سندن رکوالي ڪندا هئا. سندن ڪيس جي پيروي لاءِ وڪيلن جي سگهاري ٽيم جو بندوبست ڪيو ويو. هڪڙي پاسي سرڪاري وڪيل آزادي پسند قيدين تي جرح ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي هن 1800 صفحن تي ٻڌل الزام لڳائڻ شروع ڪيا ته ٻاهر هزارين نوجوان نعرا ۽ آزادي جا گيت چئي رهيا هئا. ان دوران ٻاهر گولي هلڻ جو آواز آيو، وڌيڪ پرجوش نعربازي ٿي، عدالت ملتوي ڪئي وئي. ان دوران عدالت ٻاهران ويهه ماڻهو زخمي ٿي پيا. چئن ڏينهن کانپوءِ سمورن ملزمن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. اهو ڪيس هلندو رهيو ۽ پيشين جو سلسلو جاري رهيو. نيلسن منڊيلا جا پهرين گهر واري ”ايوولين“ سان معاملا ڳنڀير ٿي ويا، سندس زال جو خيال هو ته نيلسن سياست ڇڏي مذهبي ماڻهو ٿي وڃي ۽ گهر کي وڌيڪ ٽائيم ڏئي ۽ واپس پنهنجي ڳوٺ ٽرانسڪي هلي. نيلسن منڊيلا زال کي سندس زندگي ۽ مستقبل جي باري ۾ سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ته سياست سندس لاءِ وندر جو سبب نه آهي پر سندس زندگي جو تمام ضروري ۽ بنيادي عنصر آهي، سندس زال نه مڃيو ۽ سندن وچ ۾ علحدگي ٿي وئي. نيلسن کي ذهني طور وڏو صدمو رسيو پر ڪنهن به صورت ۾ هو پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۽ عوام جي ڏکن ۽ سورن کي پنهنجي ذاتي زندگي لاءِ قربان نه پئي ڪري سگهيو.
هڪ ڏينهن رستي ويندي بس اسٽاپ تي بيٺل هڪ خوبصورت ۽ دلڪش نوجوان عورت تي نظر پئي سندس دل ڇڪ کاڌي پر اڳتي نڪري وڃڻ ڪري واپس مڙي نه سگهيو. ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ عجيب اتفاق ٿيو جو جيئن هو اوليور جي آفيس ۾ سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو ته اها ساڳئي عورت پنهنجي ڀاءُ سان ويٺي هئي. اوليور سندس تعارف ڪرايو ته هي” وني“ آهي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي قانوني صلاح وٺڻ آئي آهي. هوءَ ”يوگوناٿ“ اسپتال ۾ سوشل ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهئي هئي. وني جو تعلق به نيلسن جي علائقي ٽرانسڪي جي ويجهو ” ڪونڊو لينڊ“ سان هو سندس پڙ ڏاڏو نٽال جي هڪ طاقتور قبيلي جو سردار هو. نيلسن بهانو ڪري بغاوت ڪيس جي بچاءَ جي سلسلي ۾ ”وني“ کي فون ڪئي ۽ کيس ماني جو دعوت ڏني، ”وني“ اها دعوت قبول ڪري ورتي. پهرين ملاقات ۾ ٻنهي کُلي ڳالهايو، نيلسن آئندي بابت تفصيل ٻڌايا ۽ هن ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. ان کانپوءِ بغاوت ڪيس جي هر ٻڌڻي تي هو ”ڊرل هال“ ايندي هئي. نيلسن جي آفيس ۽ جِم ۾ به هن جو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. وني سياسي معاملن ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، نيٺ نيلسن ۽ وني شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. بغاوت جي ڪيس دوران منڊيلا جي معاشي حالت خراب ٿي چڪي هئي، سندس قانوني فرم جو ڌنڌو تباهه ٿي چڪو هو. نيلسن وني کي انهن حالتن کان پوري طرح خبردار ڪيو هو. کيس گهڻو وقت ”وني“ جي پگهار تي گذارو ڪرڻو پيو. وني هر طرح جو خطرو کڻڻ ۽ پنهنجي قسمت نيلسن سان جوڙڻ لاءِ تيار هئي. اصل ۾ آزادي جي تحريڪ ۾ مصروف ڪنهن سياسي اڳواڻ جي زال هڪ بيوهه جيان زندگي گذاريندي آهي، پوءِ ڀلي سندس مڙس ريل ۾ هجي يا جيل ۾. بغاوت جي ڪيس دوران ۽ سياسي جدوجهد دوران وني هميشه نيلسن کي پر اميد ۽ پُرجوش رکندي هئي. 1958ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ صرف 30 لک گورن کي ووٽ وجهڻ جو حق هو جڏهن ته هڪ ڪروڙ ٽيهه لک آفريقين کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو. ANC ۽ اتحادين انهن چونڊن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي عام هڙتال جو اعلان ڪيو. سياسي ڌرين زبردست سرگرمي ڪئي، ڀرپور تياري جي باوجود هڙتال جو پهريون ڏينهن بري طرح ناڪام ٿيو. سياسي ڌرين گڏجي هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا خود هڪ ناڪامي هئي پرهڙتال جي فيصلي تي هوڏ ڪري بيهڻ به وڏي شڪست هئي. سخت مزاج رکندڙ سياسي اڳواڻن جو مشورو هو ته جيڪڏهن تشدد واريون ڪاروايون ڪجن ها ته هڙتال ڪامياب ٿئي ها پر نيلسن هميشه عوام جي مرضي سان سندن شرڪت جي حق ۾ هوندو هو.
ANC وومين ليگ جو بنياد وڌو جنهن سڄي آفريقا ۾ عورتن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو عورتن جي ننڍين وڏين تحريڪن ۽ عورتن جي پنهنجي حقن لاءِ هلايل تحريڪ کانپوءِ ”چيف لوٿولي“ چيو ته؛ ”جڏهن تحريڪ ۾ عورتون عملي طور تي شامل ٿي وڃن ته هاڻ دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي آزاد ٿيڻ کان روڪي نه ٿي سگهي.“ وني به عورتن جي ان سڄي تحريڪ ۾ شامل ٿي وئي. نتيجي طور نيلسن منڊيلا خوشي سان گڏ سندس زال کي محتاط رهڻ جو به چيو ته مستقبل ۾ کيس مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.
”سنڌ ۾ عورتن جو انگ 52 سيڪڙو آهي يعني سنڌ جي اڌ آبادي کان به وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي پر سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ عورتن جي شموليت نه هئڻ برابر آهي. ان جو مکيه ڪارڻ سنڌ جي اڪثر قومپرست پارٽين جو سياست ڏانهن غير سنجيده ۽ مبهم رويو، سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد، سندن ڪٽنب جو تحريڪ کان پاسيرو رهڻ ، سنڌ جي عورتن جو مجموعي طور تي مرداڻي سماج تي ويساهه نه هئڻ آهي. ڪنهن زماني ۾ اختر بلوچ جي مزاحمت ، سندس جيل ۾ وڃڻ جا سنڌ جي سياست تي سٺا اثر پيا ۽ اڄ به انهيءَ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌڙي ۾ عورتن جو چڱو تعداد شامل آهي پر جيسين عورتن کي سياست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيده رويو اختيار نه ڪيو ويندو، عورتن کي مڪمل ڀروسو نه ٿيندو تيسين سماج جو اڌ حصو عورتون آزادي جي تحريڪ کان بنهه الڳ هونديون ۽ هي طئه آهي ته جيسين عورتن جي ذهني هم آهنگي ۽ سياست ۾ عملي ڪردار نه ٿيندو ته اسين پنهنجي منزل ۽ مقصد کي ويجها نه ٿي سگهنداسين. افسوس هي به آهي ته قومي تحريڪ جا سربراهه پنهنجن زالن کي عورتن جي تحريڪ جي اڳواڻي ته پري پر سرگرم ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن پر عورتن جي تنظيم جي حق ۾ زبردست دليل بازي ڪندا رهندا آهن. حيرانگي جي ڳالهه هي آهي ته سنڌ ۾ شعور جي فقدان جي ڪري جاگيرداري ۽ قبيلائي نظام هئڻ ڪري عورتن سان جيڪا نا انصافي ٿئي ٿي انهن جي تعليم ۾ جيڪا رڪاوٽ آهي، ڪاري ڪري کين ماريو وڃي ٿو، سندن بنيادي انساني حق صلب ٿيل آهن پر سنڌ جي قومي تحريڪ انهن سڀني معاملن تي بيان کان اڳتي ناهي وڌي! جڏهن ته نيپال، هندستان، سريلنڪا ۾ عورتون انقلابي، مزاحمتي تحريڪ ۾ گوريلا تحريڪ جو اهم حصو رهيون آهن.“
بغاوت جي ڪيس ۾ ٻين سمورن ملزمن کي آزاد ڪيو ويو ۽ صرف 30 تي ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
6 اپريل 1959ع تي ANC جي مقابلي ۾ هڪ نئين سياسي تنظيم ۽ نج قومپرست جماعت ”پان آفريقنسٽ ڪانگريس“ PAC جوبنياد رکيو ويو، جنهن ANC جي گهڻ نسلي نظرين کي رد ڪري ڇڏيو. ان جماعت جي نئين صدر ”سبڪ وي“ پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ” آفريقين جي حڪومت آفريقين جي ذريعي آفريقين جي لاءِ“ جو نعرو بلند ڪيو. ياد رهي ته هي انتها پسند قومپرست پهرين ANC ۾ هئا ۽ اُتي پنهنجو موقف پيش ڪندا رهيا، جنهن تي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ANC مان خارج ڪيو ويو. اصل ۾ ANC طرفان فريڊم چارٽر ۽ ڪانگريس الائنس جي قيادت ۾ عورتن ۽ هندستانين جي موجودگي PAC جو سبب بڻي. PAC وارا هندستانين، رنگ دارن ۽ گورن کي ڌاريا سمجهندا هئا. PAC اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته هو 1963ع جي پڄاڻي تي آزادي حاصل ڪري وٺندا. جيتوڻيڪ ان اڳڪٿي مايوس آفريقين ۾ جذبو پيدا ڪيو پر ڪنهن به تنظيم طرفان اهڙا وعدا ڪرڻ جنهن کي هو پورو نه ڪري سگهي انتهائي خطرناڪ هوندو آهي.
”سنڌ جي قومي سياست ۾ به ماضي ۾ اهڙا تجربا ٿيا آهن. ڪن ڌرين دعوى ڪئي هئي ته هو ڪجهه سالن ۾ آزادي حاصل ڪري وٺندا، ڪن وري ڪجهه سالن ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوى ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي نه آزادي نصيب ٿي نه وري اهڙي ڪنهن قومي پارٽي جي حڪومت جڙي سگهي. اصل ۾ جذباتي نعرا ڏئي نوجوان نسل کي متحرڪ ڪرڻ ۽ هيسيل ۽ پيڙهيل ماڻهن جي اکين ۾ عارضي طور روشني جا ڏيئا ٻارڻ لاءِ ته ڪافي هو پر جيڪي نتيجا نڪتا، ماڻهن جو قومي تحريڪ سان لاڳاپيل گهڻو تعداد اونداهين ۾ هليو ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جو ويساهه ٽٽي پيو. سچ اهو آهي ته صحيح معنى ۾ آزادي پسند ۽ انقلابي اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو معروضي حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پارٽي جي سگهه ۽ عوام جي طاقت کي نظر ۾ رکندي ڪو درست فيصلو ڪري. اجايا ڪوڙا دلاسا ڏيئي پارٽي ڪارڪنن ۽ قوم کي گمراهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيوڪجهه به ناهي هوندو.
PAC پنهنجي ڪميونسٽ مخالف نظرئي جي بنياد تي جلد ئي مغربي پريس ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي محبوب بڻجي وئي. نيلسن منڊيلا PAC جو جائزو وٺندو رهيو، سندس صدر ”سبڪ وي“ سان ملي منشور ۽ آئين ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو مواد منڊيلا جي حوالي ڪيو ويو.
نيلسن جي خيال ۾ ضرور هڪ ڏينهن آزادي جي تحريڪ ANC۽ PAC گڏجي وڙهنديون.
هڪ مرحلي تي نسلي مت ڀيد وارن قانونن تي آفريقي سردار به ساٿ ڏيندا هئا، جنهن ۾ نيلسن منڊيلا جو ڀائٽيو ”متزلي ڊولي ووگا“ به حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيو هو، هن جي گهڻي سمجهائڻ باوجود به هو نه مڙيو. PAC زبردست تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، گوري سرڪار PAC جي صدر ”سبڪ وي“ کي 3 سال سخت پورهئي سان ٽيپ جو حڪم ڏنو. ان دوران سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ واقعو جوهانسبرگ کان 35 ميل پري سندس ئي علائقي جي صنعتي مرڪز ” شارڪ ويلي“ ۾ پيش آيو، جتي هزارين ماڻهن تي ٻڌل هٿياربندن جي ميڙ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو، پوليس ڊپ ۾ ان عوامي ميڙ تي گوليون هلائي ڇڏيون، 78 آفريقي ماڻهو ماريا ويا. ٻئي ڏينهن سڄي دنيا جي اخبارن ۾ ان بربريت ۽ ظلم جون تصويرون ڇپيل هيون.
ان واقعي هڪ طرف سڄي ملڪ ۾ هلچل مچائي ڇڏي ٻئي طرف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريقي معاملن ۾ مداخلت ڪندي حڪومت کي انهن معاملن جو ذميوار قرار ڏنو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي اچي وئي، سرمايو تيزي سان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لڳو، ڏکڻ آفريقا جي گورن ڊپ ۾ ملڪ ڇڏڻ جي رٿا بندي ڪري ورتي. PAC هڪڙي ڏينهن جي تحريڪ ۾ ئي ملڪي توڻي عالمي سطح تي آزادي جي تحريڪ ۾ پهرين صف ۾ اچي بيٺي. هوڏانهن ANC پاران چيف لوٿولي ”شارڪ ويلي“ واري واقعي تي PAC سان يڪجهتي طور قومي سطح تي ماتم جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. 28 مارچ تي لکين ماڻهن چيف لوٿولي جي اپيل کي زبردست موٽ ڏني. ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ فساد ڀڙڪي پيا. هاڻ ڏکڻ آفريقا مڪمل طور فوجي قبضي ۾ هو. نيلسن منڊيلا کي ايمرجنسي ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. نيلسن منڊيلا ان سڄي جدوجهد ۾ ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيندو رهيو، کيس ٿاڻن ۽ جيلن ۾ رکي کيس وري آزاد ڪيو ويندو هو. رات جو دير سان پوليس جا سندس گهر تي ڇاپا روز جو معمول بڻجي ويا. سندس گهر ڀاتي ڪافي پريشان رهڻ لڳا. نيلسن هاڻ هڪ ميچوئر ۽ پاپولر اڳواڻ ٿيڻ لڳو هو. هر پاسي سنجيده بحث، پنهنجي ساٿين سان گڏجي ANC کي سگهارو بڻائڻ سندس ڪرت ۾ شامل هو. ”شارڪ ويلي“ کانپوءِ هنگامي حالتن وارو سڄو وقت نيلسن ۽ سندن ساٿين پريٽوريا جيل ۾ گذاريو جتي کين ڏاڍي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پيو، 24 ڪلاڪن مان کين هڪ ڪلاڪ لاءِ کولين مان پسار لاءِ ڪڍيو ويندو هو. ”جيئن جئين سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيل ۾ بند ٿيندا هئا، تشدد کي منهن ڏيندا هئا تيئن تيئن سندن حوصلا وڌندا هئا، همت ۽ بهادري سان گوري سرڪار جو مقابلو ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا هئا. جڏهن ڪو ماڻهو طئه ڪري وٺي ته سندس مقصد عظيم آهي ته هو ذاتي زندگي کي بي معنى سمجهي وٺندو آهي. عظيم مقصد کانسواءِ وٽن ٻيو ڪو مقصد ناهي هوندو ۽ آزادي جي ان عظيم مقصد لاءِ هو پنهنجي زندگي ارپي ڇڏيندا آهن. تاريخ ۾ اهڙين قربانين ۽ ڪردارن ذريعي ئي انقلاب ۽ آزادي ممڪن ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ذاتي لالچ هئڻ ڪري انسان معمولي کان معمولي مقصد ماڻي نه ٿو سگهي.“
هنگامي حالتن جي خاتمي کانپوءِ ANC جي قومي مرڪزي ڪميٽيءَ هڪ ڳجهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته آئينده هو پنهنجون سرگرميون ڳجهي نموني ڪندا، ڇاڪاڻ ته سرڪار کانئن سياست ڪرڻ جو حق کسي ورتو هو. منڊيلا ڪافي سرگرم هو، سندس لا فرم ”منڊيلا اينڊ ٿمبو ڪو“ بند ٿي چڪي هئي، معاشي مشڪلاتون اچي چڪيون هيون، پر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هو پنهنجو گذر سفر جاري رکيو پئي آيو، سياسي ڪارڪنن سان لهه وچڙ ۾ ايندو هو، پريٽوريا ۾ هلندڙ ڪيس کي به منهن ڏيندو هو. نيلسن هي طئه ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن بغاوت جي ڪيس مان کيس آجو ڪيو ويندو ته هو انڊر گرائونڊ ٿي ويندو ۽ عوام کي وڌيڪ متحرڪ ڪندو. منڊيلا وني کي هڪ ٿيلهو تيار ڪرڻ جو چيو، هن وني کي هڪ ڏکئي سفر تي روانو ٿيڻ جي ڄاڻ ڏني، وني کي دلداري ڏني ۽ کيس چيو ته منهنجي غيرموجودگي ۾ مٽ مائٽ ۽ دوست يار هن جي سار سنڀال ڪندا رهندا. هي وني کان موڪلائي روانو ٿيو. اهڙي طرح منڊيلا کي هن ڪيس مان آجو ڪيو ويو ۽ هو روپوش ٿي ويو، اهو ڪيس لڳاتار چار سال هليو.