تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو.
Title Cover of book نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

نيلسن منڊيلا جي گرفتاري

”پيٽرميرزبرگ“ جي اڳيان گورن جي گاڏين کين گهيري ۾ آڻي ورتو. ان دوران هڪ لمحي لاءِ نيلسن کي ڀڄڻ جو خيال آيو پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته ڀڄڻ جي ڪري هو گولين جو نشانو بڻجي وڃي ها. هڪ گوري آفيسر کيس تعارف ڪرائڻ جو چيو ته نيلسن سندس نالو ڪو ٻيو ٻڌايو جنهن تي آفيسر واراڻيو ٺيڪ آهي، تون نيلسن منڊيلا آهين ۽ کيس وارنٽ ڏيکاري گرفتار ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح نيلسن منڊيلا جي 17 مهينن جي روپوشي ختم ٿي ۽ قيد جي هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهڻ جي شروعات ٿي.
کيس گرفتار ڪري جوهانسبرگ پهچايو ويو سندس ساٿين کي هن جي گرفتاري جي خبر پئجي چڪي هئي، نيلسن جي گرفتاريءَ جي ردعمل ۾ سڄي ملڪ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون، مظاهرا ۽ احتجاج ڪيا ويا. جنهن جيل جي کولي ۾ هن کي بند ڪيو ويو ان جي ڀر واري کولي ۾ والٽر سوسولو به بند هو. نيلسن کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، هن پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. هن ”وني“ سان ملاقات ڪري کيس حوصلو ڏنو ۽ سندس مدد لاءِ ڪيترن ئي دوستن جا نالا ٻڌايا. هن وني کي اهو پڻ چيو ته هُوءَ ٻارن جو گهڻو خيال ڪري ۽ منهنجي گرفتاري بابت کين صحيح صورتحال کان واقف ڪري.
هن چيو ته خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس پهريون گهراڻو ناهي پر کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي خراب حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. وني ۽ نيلسن جي هي ملاقات ڏاڍي خلاصي هئي پر کين خبر نه هئي ته ان کانپوءِ هڪ ڊگهي عرصي جي جدائي جو سلسلو شروع ٿيندو. ان دوران هڪ طرف گوري سرڪار نيلسن کي هڪ قلعي نما جيل ۾ سخت پهري هيٺ رکيو ته ٻئي طرف سندس تنظيم کيس ڇڏائڻ جو ڪوششون ڪري رهي هئي. منڊيلا جي گرفتاري بابت مختلف پروپيگنڊا هلي رهيون هيون، هڪ پاسي ڊربن ۾ سندس ميزبان تي الزام هنيا پئي ويا ته ان مخبري ڪئي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪميونسٽن ۽ هندستانين تي شڪ ڏيکاريو پئي ويو. ٽئين طرف آمريڪي ڪائونسل ۾ CIA آفيسر تي الزام پئي لڳو. اصل ۾ اهي سڀ مفروضا هئا، منڊيلا آخري ڏينهن ۾ غير محتاط ٿي ويو هوجنهن جي ڪري ئي سندس گرفتاري عمل ۾ آئي.
سندس ساٿين نياپو ڪيو هو ته هُو کيس جيل مان ڀڄائڻ چاهين ٿا، نيلسن سوچيو ته ان جا فائدا ٿي سگهن ٿا، هڪ ته کيس رهائي ملندي، ٻيو گوري سرڪار تي نفسياتي دٻاءُ وڌندو ۽ ٽيون تنظيم کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي ٿو. پر هن جي خيال ۾ MK اڃا ايتري طاقتور نه ٿي آهي جو کيس سخت پهري مان ڀڄائي سگهن. ٻيو ته هن کي اڃا سزا ڪونه لڳي هئي ان ڪري هن اهو فيصلو ملتوي ڪيو ۽ پنهنجن ساٿين کي آگاهه ڪيو. ان دوران تنظيم، منڊيلا رهائي ڪميٽي تشڪيل ڏني جيڪا سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪري رهي هئي. کيس ان جيل مان پريٽوريا منتقل ڪيو ويو. هو پهرين ٻڌڻيءَ تي زهوسا قبيلي جو روايتي لباس پهري آيو هو، جنهن مان هن اهو محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو ته هڪ آفريقي اڳواڻ گورن جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. سندس سوين چاهيندڙ، مداح ۽ ڪارڪن عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچي چڪا هئا. هن عدالت جي گئلري ۾ ٻڌايو ته کيس چڱي طرح احساس آهي ته هو ڪارو آهي جيڪو هڪ گوري جج جي عدالت ۾ بيٺو آهي ائين نه ٿيڻ کپي. هن تي عدالت ۾ الزام هنيو ويو ته غيرقانوني طرح ملڪ کان ٻاهر ويو هو. آفريقي عوام کي ٽن ڏينهن جي هڙتال ڪرڻ لاءِ اُڪسايو هو. غير نسلي بنيادن تي نئون آئين ٺاهڻ جي لاءِ قومي ڪنونشن گهرائڻ جي گهر ڪئي. ان دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پهريون دفعو ڏکڻ آفريقا جي خلاف پابندين جي سفارش ڪئي. ٻئي ڏينهن عدالت ۾ نيلسن منڊيلا کي جج چيو ته توهان کي ڪجهه چوڻو آهي، هن زوردار تقرير ڪئي، سزا ۾ معافي بجاءِ آفريقي سماج جي بيهڪ تي تفصيلي خطاب ڪيو ته گورن جي اچڻ کان اڳ هو مڪمل آزاد هئا، ذلتون سندن نصيب ۾ نه هيون، کين ٻئي درجي جو شهري نه سمجهيو ويندو هو، حقن تي ڌاڙا، آفريقي عوام جي غلامي ۽ نسلي مت ڀيد کيس سياست ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو، هو آزادي چاهي ٿو هر قسم جي نسلي مت ڀيد جو خاتمو چاهي ٿو، جيڪي منهنجا ڏوهه ٻڌايا ويا آهن انهن کي قبول ڪيان ٿو ۽ موقعو مليو ته وري ڪندس، ذلتن ۾ گُهٽجي گُهٽجي مرڻ کان بهتر آهي ته سوليءَ تي چڙهي وڃجي. نيلسن جي تقرير کانپوءِ جج کيس پنج سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. نيلسن مڙي ميڙ طرف ڏٺو ۽ ٽي دفعا آزادي جو نعرو هنيائين. هجوم خوبصورت قومي گيت ڳائي رهيو هو.
هي پهريون اڳواڻ هو جنهن کي ايتري سزا ملي هئي. ٻاهر ماڻهن جا حوصلا بلند هئا، اهي اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، عورتون روئي رهيون هيون پر سندس زال ”وني“ پر اعتماد بيٺي هئي. نيلسن کي قيدين واري گاڏي ۾ جيل نيو پئي ويو ۽ پويان آفريقا زنده باد جا نعرا پئي لڳا. جيل پهچندي ئي سندس سمورا ڪپڙا لهرايا ويا ۽ کيس قيدين وارا ڪپڙا پهرايا ويا، ان دوران نيلسن ڪارن قيدين لاءِ مخصوص چڍي پائڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي جيلر کيس چيو ته کيس پتلون ملندي پر هن کي قيد تنهائي ۾ رهڻو پوندو. هن اهو قبول ڪيو ۽ ڪيترائي هفتا اڪيلائي ۾ گذاريا. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن جي قيد تنهائي ختم ڪئي وئي. هن کي جيل ۾ ”سبڪ وي“ ، ”اسٽيفن ٽيغو“ به مليو. هي اڳواڻ جيل ۾ ڪم دوران ڪچهري به ڪندا هئا ۽ صلاح مشورا پڻ ڪندا هئا. نيلسن ان دوران سبڪ وي کي ياد ڏياريو ته سندس چئن سالن ۾ آزادي وارو نعرو پورو نه ٿي سگهيو ان ڪري قومي اڳواڻن کي اهڙا نعرا نه ڏيڻ گهرجن جنهن سان عوام جو اميدون ٽٽي وڃن.
1962ع جي ANC پنهنجي ڪانگريس ۾ ويڙهاڪ تنظيم MK کي پاڻ ۾ ضم ڪري ان کي فوجي ونگ جو نالو ڏئي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جي واقعن ۾ واڌاري سان گڏ مزاحمت ۾ اضافو ٿي ويو. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گوري سرڪار ٽن مهينن جي نظر بنديءَ جو قانون لاڳو ڪيو جنهن هيٺ ڪنهن به شخص کي شڪ جي بنياد تي بنا وارنٽ جي جيل اماڻيو پئي ويو، کين ڪا به قانوني رعايت نه هوندي هئي ۽ انهن ٽن مهينن ۾ واڌارو به ٿيو پئي. سڄو ملڪ پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو هو، سياسي قيدين تي تشدد، بجلي جا جهٽڪا ڏيڻ عام ٿي ويو هو، غير قانوني تنظيم جي نالي ۾ بيشمار گرفتاريون ڪيون ويون، کين ڪميونسٽ قرار ڏيندي پنجن سالن جي سزا کان وٺي ڦاهي جي سزا به ڏني پئي وئي. ڪيئي اخبارون خاص ڪري ”نيو ايج“ کي بند ڪيو ويو. هڪ رات نيلسن منڊيلا، تيفو ۽ ٻين کي پنهنجو سامان ٻڌڻ لاءِ چيو ويو. کين هٿڪڙيون هڻي هڪ بنا دري جي وين ۾ سوار ڪيو ويو، سڄي رات جي سفر کان پوءِ کين ڪيپ ٽائون پهچايو ويو، اُتان کين هڪ ٻيڙي ذريعي هنن کي رابن آئلينڊ (ٻيٽ) پهچايو ويو جيڪو ڏسڻ ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو، قيد خاني کان وڌيڪ تفريح گاهه لڳي رهيو هو. اهو ٻيٽ ڪنڌي کان 18 ميل پري هو. زهوسا ماڻهو ان کان چڱي طرح واقف آهن. نيلسن ننڍي هوندي هن ٻيٽ جو نالو ٻڌو هو.
1819ع ۾ ڏهه هزار زهوسا فوج پنهنجي سردار ”ماڪنا“ جي اڳواڻي ۾ برطانوي ڪمانڊر گراهمز ٽائون جي خلاف چوٿين زهوسا جنگ ۾ حصو ورتو پر شڪست کاڌائين. ماڪنا کي رابن آئلينڊ جلاوطن ڪيو ويو جتان هو ٻيڙي ذريعي ڀڄي نڪتو پر بد قسمتي سان ڪنڌي جي ويجهو ٻڏي ويو. ان سور ۾ سردار جي ياد ٻه صديون گذرڻ جي باوجود عوام جي دلين ۾ تازي آهي، سندس داستان مشهور آهن. ”ماڪنا“ کان اڳ 1658ع ۾ هڪ آفريقي سردار ”آتشو مائوڪو“ کوٽي قبيلي ۽ ڊچ فوج جي وچ ۾ هڪ جنگ جي نتيجي ۾ کيس رابن آئلينڊ طرف ديس نيڪالي ڏني وئي جيڪو ان ٻيٽ مان هڪ ٻيڙي وسيلي ڀڄي نڪتو ۽ خير سان آفريقي ساحل تي اچي پهتو. ٻيٽ تي لهندي ئي قيدين جو واسطو ٿلن متارن گورن هٿيار بند محافظن سان پيو جيڪي ڍورن جيان رنڀون ڪري رهيا هئا ۽ آفريقي زبان ۾ چئي رهيا هئا ته هي ٻيٽ آهي ۽ اوهان کي هتي ئي مرڻو پوندو. آفيسر زور سان رڙيون ڪري کين چيو ته ٻه ٻه ٿي هلو ۽ آفريقي ٻولي ۾ چوندو رهيو ”ماس ماس“ معنى تڪڙا هلو. نيلسن تيفو کي چيو ته اسان کي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ کپي نه ته آئينده هي اسان کي دٻائي هلندا، اسان سياسي ڪارڪن آهيون، تيفو نيلسن جي خيال سان سهمت ٿيو. هنن اهڙو عمل ڪري جيل انتظاميا کي اهو پيغام ڏيڻ پئي چاهيو ته هُو عام قيدي نه پر سياسي قيدي آهن ۽ کين پنهنجي نظرين جي بنياد تي ديس نيڪالي ڏني وئي آهي. نيلسن ۽ تيفو آهستي هلڻ لڳا پوليس عملدار رڙيون ڪري کين تکو هلڻ لاءِ چوندا رهيا، آخرڪار هڪ آفيسر بيهي هنن کي سمجهائڻ لڳو ته هي جوهانسبرگ نه آهي اسان توهان کي ماري ڦٽو ڪري ڇڏينداسي پر نيلسن منڊيلا ۽ تيفو انهن جي هڪ نه ٻڌي. نيلسن جيل آفيسر کي چيو ته تون پنهنجو فرض پورو ڪري رهيو آهين ۽ اسين پنهنجو ۽ هاڻ اسين گهڻي ذلت برداشت نه ڪنداسين. سندن ڪپڙا لاهي پاڻي ۾ اڇلايا ويا ۽ وري کين چيو ويو ته اهي پسيل ڪپڙا پائي ڇڏيو.
قيد جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي کين سخت دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر نيلسن منڊيلا ۽ سندس ساٿين انتهائي بهادري سان انهن سختين کي منهن پئي ڏنو. ڪنهن به گهڙي تي هي آزادي جا متوالا جهڪڻ لاءِ تيار نه هئا بلڪه هي واسطيدار عملدارن کي اهو محسوس ڪرائيندا هئا ته اسين پنهنجي عوام جي حقن لاءِ سزائون ڀوڳي رهيا آهيون، ڏوهاري اسين نه پر توهين آهيو جن سڄي قوم کي غلام بڻائي ذلتن ۾ جڪڙي رکيو آهي.
”سنڌ جي قومي آزادي واري تحريڪ پڻ همٿ وارا ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن ڪافي ذلتن کي منهن پئي ڏنو آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت جيل ۽ نظربندي ۾ گذاريو، هن مهل تائين هزارين قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سالن جا سال جيل ۾ گذاريا آهن پر آءُ ذميواري سان چوان ٿو ته تمام گهٽ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن همٿ ۽ حوصلي سان جيلن ۾ نيلسن منڊيلا ۽ ان جي ساٿين وانگر مزاحمت ڪندي يا سخت پورهيو ڪندي گذاريو هوندو. اڪثر قومي اڳواڻن کي جيلن ۾ زبردست رعايتون ملنديون رهيون، سندن مستقل ملاقاتون ٿينديون رهيون کين نوڪر چاڪرن جون سهولتون هيون ايستائين جو جڏهن موبائل فون جي سهولت ٿي ته اها به هنن استعمال ڪئي. آزادي جي تحريڪن ۾ سڀ کان ڪمزور ترين اڳواڻن جو وڏو حصو سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن جو رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب هجي ٿو جو جڏهن اوهين جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿا هجو ۽ خوف ۾ ورتل هجو ٿا ته پوءِ قيادت رعايتون وٺي ٿي ۽ مزاحمت واري جذبي تان هٿ کڻي وڃي ٿي.“
پهرين رات ئي هڪ رنگدار وارڊن دري مان نيلسن کي آواز ڏيندي چيو ته تنهنجي زال ۽ پارٽي کي رابن آئلينڊ منتقل ڪرڻ جي خبر ملي آهي جيڪو اخبارن ۾ ڇپيو آهي، هو اسان کي سينڊوچ ۽ سگريٽ ڏيندو رهيو جيڪو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو. ٻئي ڏينهن کان هنن کان مٽي جو ڪم ڪرايو ويو. هڪ ڀيري رابن آئلينڊ جيل جي معاملن جو انچارج نيلسن ۽ سندس ساٿين سان ملڻ آيو ۽ سندن شڪايتون ٻڌيون، آفيسر وراڻيو ته آءُ انهن تي ويچاريندس، واپس ويندي هن ”تيفو“ ڏانهن نهاريو جنهن جو پيٽ وڌيل هو ۽ کيس آفريقي ۾ چوڻ لڳو ” تنهنجو هي وڌيل پيٽ هن جيل ۾ رهي جلد گم ٿي ويندو“ تيفو پنهنجي تذليل برداشت نه ڪري سگهيو ۽ جيل آفيسر کي جواب ڏنو ته تون منهنجو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهين آءُ دنيا جي سڀ کا وڏي انقلابي تحريڪ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهيان. اسين سڄي دنيا ۾ عوامي خدمت لاءِ مشهور آهيون، تون ۽ تنهنجي نيشنل پارٽي جلد ئي تاريخ جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويندي. آءُ تنهنجي ڏڏ صدر کان وڌيڪ عالمي سطح تي ڄاتل سڃاتل شخص آهيان، تون وري ڪير آهين معمولي قسم جو ٽڪي جو نوڪر آهين.
ٿورن ڏينهن ۾ ٻيا سياسي قيدي به هتي آندا ويا PAC جي ڪجهه ميمبرن کي نيلسن منڊيلا جي کولي جي سامهون رهايو ويو. هڪ رات نيلسن سيخن پٺيان بيهي انهن نوجوانن سان ڳالهايو ته خبر پئي ته سندس ڀائٽيو ”نڪا بيٽي“ به موجود آهي. سندس ڀائٽي هڪ ڀيري نيلسن کان پڇيو ته چاچا اوهان جو ڪهڙي تنظيم سان واسطو آهي ۽ نيلسن واراڻيو ته ANC سان اهو ٻڌي جيڪي قيدي هن سان بيٺا هئا ناراضگي مان هٽي ويا، هنن جي خيال ۾ نيلسن PAC ۾ شامل ٿي ويو هوندو. هڪ ڏينهن اوچتو نيلسن کي رابن آئلينڊ کان پريٽوريا پهچايو ويو ۽ جيل کاتي هڪ بيان شايع ڪيو ته رابن آئلينڊ تي نيلسن کي PAC جي قيدين مان خطرو آهي تنهن ڪري کيس بدلي ڪيو ويو. ”پريٽوريا“ ۾ هن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن کي خبرون چارون ملنديون رهيون ۽ کيس خبر پئي ته MK جا ڪيترائي ڪارڪن هن جيل ۾ موجود آهن. هڪ ڏينهن کيس جيل جي آفيس ۾ آندو ويو اُتي هن جي ملاقات والٽر، احمد ڪيٿراڊا، بوب هيل ۽ ٻين سان ٿي. هنن سڀني تي ڀڃ ڊاهه جو الزام هو. انهن ساٿين کي ليويز فارم ۾ پوليس ريڊ ڪري گرفتار ڪيو هو. پوليس کي اُتان گوريلا جنگ شروع ڪرڻ جي پروگرام متعلق دستاويز هٿ آيا. هاڻي MK جي سڄي هاءِ ڪمانڊ پوليس جي قبضي ۾ هئي. ٻئي ڏينهن سڀني کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سندن وڪيل ”برم فشر“ کين ٻڌايو ته عدالت توهان کي سخت ۾ سخت سزاءِ موت ٻڌائي سگهي ٿي. تنهن ڪري ڏينهن رات هي ساٿي ڦاهي جو انتظار ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هڪ وارڊن نيلسن کي اچي ٻڌايو ته نيلسن تون ننڊ جو فڪر نه ڪر تون جلد ئي ڊگهي ننڊ جا مزا ماڻيندين.
9 آڪٽوبر 1963ع تي پوليس جي زبردست پهري هيٺ ايوان عدل نيو ويو. اڄ ان اهم ڪيس جي شروعات ٿيڻي هئي جيڪو پوءِ اڳتي هلي نيلسن منڊيلا بنام رياست جي نالي سان مشهور ٿيو. ايوان عدل جي ڀرسان ئي جمهوريه ”ٽرانسوال“ جي هڪ اڳوڻي صدر پال پروگر جو مجسمو کتل آهي، جنهن 19 صدي ۾ انگريزن خلاف جنگ وڙهي هئي. ان مجسمي جي هيٺان مشهور ”ولندنري“ نسل جي هيري تي هڪ تقرير جا اقتباس اڪريل آهن ” اسين مڪمل اعتماد سان پنهنجو معاملو سڄي دنيا جي سامهون پيش ڪري رهيا آهيون، اسين ڪامياب ٿيون يا موت سان همڪنار، آزادي آفريقا ۾ اهڙي شان ۽ شوڪت سان ايندي جيئن سج صبح جو سوير ڪڪرن جي اوٽ مان نڪرندو آهي.“
”1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو، سنڌ مان جيڪا به مزاحمت ٿي ان کي دٻايو ويو هو، ان آزادي جي تحريڪ دوران هيمون ڪالاڻي به هڪ نوجوان هو جيڪو مزاحمت دوران سکر مان گرفتار ٿيو کيس موت جي سزا ملي، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڦاهي جو قيدي هو جنهن جو ڦاهي وقت ست پائونڊ وزن وڌي ويو. کيس ڪيئي ڀيرا معافي گهرڻ عيوض جان جي امان جي پيشڪش ٿي هئي پر هن هر دفعي اها رد ڪري ڇڏي. ڦاهي وقت کائنس آخري خواهش پڇي وئي ته هن وراڻيو ” منهنجي آخري خواهش هي آهي ته آءُ پنهنجي کوليءَ کان ڦاهي گهاٽ تائين نعرا هڻندس ۽ اوهان ڦاهي ڏيندڙ انهن نعرن جو جواب ڏيندا“ ۽ پوءِ هن آزادي زنده باد ۽ انگريزو سنڌ خالي ڪيو جا پرجوش نعرا هڻي وڏي شان ۽ شوڪت سان ڦاهي چڙهي ويو.“
عدالت دوران سڄي علائقي کي پوليس جو ڪڙو چڙهيل هو ۽ ٻاهر هزارن جي تعداد ۾ نوجوان آزادي جا گيت ڳائي رهيا هئا. اخبارن ۾ هن ڪيس کي ملڪي ۽ عالمي تاريخ جو وڏو ڪيس ڪري پيش ڪيو ويو. هنن تي سختي جو مطلب اهو هو ڪيئي آزادي پسند قيدي جيلن مان ڀڄي نڪتا هئا ۽ سرڪار پريشان هئي. ان دوران منڊيلا جي گهر واري ”وني“ پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪئي وئي. والٽر سوسولو جي گهر واري نظر بند ڪئي وئي، قيدين کي ٽن هفتن تائين صلاح مشورو ڪري ڪيس وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي. عدالت ۾ جسٽس ڊي ويٽ جوابدار نمبر پهرين منڊيلا کان پڇيو ته ڇا تون پنهنجي ڏوهه جو اقرار ڪرين ٿو؟ منڊيلا جواب ڏنو ته ڏوهاري مان نه پر توهان آهيو ۽ هن ڪٽهڙي ۾ توهان کي بيهڻ گهرجي. والٽر سوسولو به ساڳيو جواب ڏنو.
قيدين تي فرد جرم عائد ڪئي وئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ANC گوريلا جنگ جي رٿا بندي ڪئي آهي جنهن لاءِ هنن هزارين ڪارڪن تيار ڪيا آهن، پرڏيهي فوجي طاقت جي ذريعي ڏکڻ آفريقا تي قبضو ڪري عارضي حڪومت جي قيام جو اعلان ڪرڻو هو.
ان لاءِ ”امخنوي سوزي“ MK مڪمل تياري ڪري ورتي هئي. ٽن مهينن تائين فريادي 173 شاهد هزارين مسوده، تصويرون، گوريلا جنگ جي باري ۾ لکڻيون، مارڪسزم تي لکيل ڪتاب ۽ نقشا وغيره عدالت ۾ پيش ڪيا. ڦاسي جي تختي تائين پهچائڻ واري ان فيصلي جي باوجود خوش رهندا هئا، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا هئا. انهن سمورن قيدين جا هڪ جهڙا ڏوهه نه هئا، ڪنهن تي سخت ڪيس مڙهيو ويو هو ڪي وري بلڪل بي ڏوهي واڙيا ويا هئا. بحرحال ڇهن قيدين اهو طئه ڪيو هو ته هُو اعتراف ڪندا کين سزا جي گهٽ وڌائي ۾ ڪا دلچسپي نه هئي، کين صرف پنهنجي نظريي جي پرچار کي بنياد بڻائڻو هو پر انهن ڳالهين تي ڪجهه ساٿين کي اختلاف به هو. نيلسن منڊيلا عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته هو ڀڃ ڊاهه ۽ گوريلا تنظيم ٺاهڻ وارن معاملن جا ذميوار آهن پر ڪنهن به ماڻهو کي نه اسان ماريو آهي ۽ نه اسان جي ذهن ۾ اهڙو ڪو خيال هو.
ANC سدائين ڏکڻ آفريقا ۾ غير نسلي حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي، گذريل 50 سال ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته ANCعدم تشدد جي قائل رهي آهي جڏهن ته گوري سرڪار بدترين تشدد ڪندي رهي آهي.
نيلسن چيو ته اسان جي سموري جدوجهد ۽ گهڻ رخي ويڙهه صرف ۽ صرف گورن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آهي. نيلسن منڊيلا گوريلا جنگ جي تياري ۽ سندس پرڏيهه وڃڻ وارن معاملن کي قبوليو. هن چيو ته ڪانگريس جو نظرياتي عقيدو سدائين آفريقي قومپرستي رهيو آهي پر گورن کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪرڻ واري سوچ ڪڏهن به ناهي رهي. ڪانگريس جو سڀ کان اهم دستاويز پنهنجي وطن جي آزادي آهي. هن چيو ته اسان تي الزام مڙهيو وڃي ٿو ته اسان ڪميونسٽ آهيون ۽ ان جي اثر هيٺ آهيون پر آءُ ٻڌائيندو هلان ته مان ڪميونسٽ نه پر هڪ محب وطن آفريقي آهيان. ڏکڻ آفريقا جي ڪميونسٽ پارٽي جنهن ۾ گورن جو به هڪ وڏو تعداد آهي، جيڪي ڌرتي ڌڻين کي انسان سمجهن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو آفريقي عوام ڪميونسٽن کان نفرت نٿو ڪري، هو آفريقا ۾ گوري سرڪار جي نسل پرستي خلاف، آزاد ڏکڻ آفريقا ۽ غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اهي اسان جا اتحادي آهن ۽ اسان انهن کان الڳ نٿا ٿي سگهون. هن چيو ته آفريقي پنهنجن جائز حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، تحفظ ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهن، هو هڪ جهڙن سياسي حقن جو مطالبو ڪن ٿا، گورا انهن مطالبن کي انقلاب جو درجو ڏين ٿا ڇاڪاڻ جو کين خبر آهي ته ڪارا اڪثريتي قوم آهي ۽ ان ڪري گورا جمهوريت کان ڊڄن ٿا. هن چيو بس! اها سڄي آفريقي عوام جي نج قومي جنگ آهي اها جيئري رهڻ جي حق جي جنگ آهي. آخر ۾ نيلسن چيو ته مون پنهنجي زندگي آزادي لاءِ ارپي ڇڏي آهي، مان گوري غلبي ۽ ڪاري غلبي خلاف وڙهي رهيو آهيان، جمهوري معاشري جو گهرجائو آهيان، مان انهيءَ مقصد خاطر جيئرو آهيان، مونکي انهيءَ جي حاصل ٿيڻ جو پورو ڀروسو آهي، جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته موت کي به ڀليڪار چوندس ۽ هن پنهنجو خطاب پورو ڪيو. هن پنهنجي بيان ۾ تقريباَ چار ڪلاڪ لڳايا. نيلسن جي اها تقرير پابندي جي باوجود ڏيهه توڻي پرڏيهه جي اخبارن ۾ جيئن جو تيئن شايع ٿي. ٻين قيدين پڻ لڳ ڀڳ هڪ جهڙا بيان ڏنا، ان کانپوءِ عدالت جي ڪارروائي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي.
هي ڪيس عالمي سطح تي مشهوري ماڻي ويو هو، هنن لاءِ سينٽ پال ڪيٿراڊ ۾ خاص دعا گهري وئي، لنڊن يونيورسٽي جي شاگرد يونين نيلسن کي پنهنجو صدر چونڊيو. گڏيل قومن ۾ ماهرن جي هڪ گروپ ڏکڻ آفريقا ۾ هڪ اهڙي گڏيل ڪنونشن جي گُهر ڪئي جيڪو صحيح معنى ۾ پارليامينٽ جو روپ وٺي سگهي. سلامتي ڪائونسل ڏکڻ آفريقي سرڪار تي زور ڀريو ته ڪيس ختم ڪري سمورن سياسي قيدين کي فوري آزاد ڪيو وڃي.
11 جون جي ڏينهن سمورا قيدي عدل جي ايوان ۾ فيصلو ٻڌڻ لاءِ گڏ
ٿيا، جسٽس ڊي ويٽ هڪدم ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي، جوابدار نمبر 1 سڀني الزامن ۾ ڏوهي پاتو ويو آهي اهڙي طرح تڪڙ تڪڙ ۾ جوابدارن جا نالا کڻندو ۽ الزامن بابت ٻڌائيندو ويو ۽ چيائين اڄ آءُ سزا جي باري ۾ اعلان نه ڪندس، سڀاڻي وڌيڪ دليل ٻُڌا ويندا. نيلسن ۽ والٽر سوسولو طئه ڪري ورتو هو ته ڀلي موت جي سزا ڇو نه ملي پر فيصلي جي خلاف اپيل ڪو نه ڪبي ڇاڪاڻ جو معافي جو مطلب نظرين جي اخلاقي شڪست هوندي. هنن جي خيال ۾ ته هنن جيڪو به هن مهل تائين ڪيو آهي تنهن تي کين فخر آهي ۽ سندن موت جي سزا جي صورت ۾ عوامي جدوجهد ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو. هنن جو پيغام هي هو ته قومي آزادي لاءِ سڀ کان وڏي قرباني به ڪا حقيقت ڪا نه ٿي رکي. نيلسن ۽ سندس ساٿي ڦاسي جو ڦندو چمي اکين تي رکڻ لاءِ تيار هئا، کين شيڪسپيئر جو اهو قول ياد هو ته ”موت جي باري ۾ بي پرواهه ٿي وڃو زندگي يا موت مان هڪ ئي شيءَ مٺي يا عزيز ٿي سگهي ٿي.“
12 جون آخري ڀيرو هي سياسي قيدي عدالت جي ڪمري ۾ گهڙيا، ڪيس کي هلندي لڳ ڀڳ سال گذري چڪو هو، عدالت سخت پهري هيٺ هئي ان جي باوجود لڳ ڀڳ ٻه هزار ماڻهو عدالت جي ڪمري سامهون بينر کڻي بيٺا هئا جن تي لکيل هو ” اسين پنهنجي اڳواڻن سان گڏ آهيون.“
نيلسن جي ماءُ ۽ وني به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هيون، سندس ماءُ پنهنجي پٽ جي موت جو اعلان ٻڌڻ آئي هئي پر ٻئي حوصلي سان ويٺيون رهيون. آخري لمحي ۾ هنن قيدين جي وڪيل دليل ڏنا، هن چيو ته جذبا ۽ احساس ڪونه ڪو گهٽ گهيڙ ڪڍي وٺندا آهن، پنهنجي اصول ۽ مقصدن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي. هن چيو ته گهربل جوابدارن جي سامهون فقط ٻه رستا هئا، ڪنڌ جهڪائي ڇڏڻ يا بهادري سان ظلم جو مقابلو ڪرڻ، هنن سان نرمي وارو ورتاءُ ڪيو وڃي نه ته ڏکڻ آفريقا جو آئيندو ويران ٿي ويندو.
جج پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار سازش جي ڏوهه جا ڏوهاري آهن ۽ اهو ڏوهه عام طور تي بغاوت تي دنگ ڪندو آهي بحرحال مون حڪومت جي نقطه نظر جي ابتڙ پوري غور ۽ ويچار کانپوءِ جوابدارن کي نرم سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جوابدارن کي جنم ٽيپ ڏجي ٿي. سياسي قيدين هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪڻ لڳا، پوليس ماڻهن کي ڌڪا ڏيندي قيدين کي وين ڏانهن وٺي وئي، منڊيلا فتح جو نشان ٺاهي ماڻهن طرف هٿ کنيو. اصل ۾ اهو فيصلو سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ احتجاجن، مزدور يونين جي ڪم ڇڏ هڙتالن سڄي دنيا جي گودين تي آفريقي سامان کي هٿ نه لائڻ عالمي سطح تي دٻاءَ سبب گوري سرڪار موت جي فيصلي کان ڊڄي وئي ۽ سزا ۾ نرمي ڪئي.
بحرحال گوري جج گوري قوم جو حصو هوندي انهن جي جذبن تحت ئي اهو فيصلو ٻڌايو ”پريٽوريا“ جيل ۾ پهرين رات جيل جي مختلف حصن مان آزادي جا زور زور سان نعرا ۽ گيت گونجڻ لڳا جن منڊيلا ۽ ساٿين کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ تڪليفن جي سامهون فولادي قوت بڻجي جيئرو رهڻ جو جذبو عطا ڪيو. اڳتي هلي جيل ۾ رهڻ دوران سياسي قيدي دوستن، جيل کان ٻاهر مٽن مائٽن، پارٽي قيادت تائين جيل جي داروغن ذريعي خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جيل اندر ڪنهن به ساٿي سان ملڻ جو بهترين طريقو بيماري جو بهانو هوندو هو ڇاڪاڻ ته سڄي جيل ۾ اسپتال صرف هڪڙي هوندي هئي، اهڙي طرح ڪنهن به طريقي سان ٻاهرين حال احوال کان هڪ ٻئي کي باخبر رکندا هئا.