ويڙهاڪ تنظيم جو قيام
نيلسن جي انڊرگرائونڊ هئڻ دوران سرڪار به چرپر ۾ هئي ۽ نيلسن کي ڳولهڻ لاءِ سرڪاري ايجنٽ نوس نوس ڪندا وتندا هئا. هڪ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيلسن پنهنجي ساٿين آڏو اظهار ڪيو ته هاڻ آفريقي عوام پاڻ مرادو هٿيار کڻڻ تي مجبور آهي ڇو نه ان کي منظم انداز ۾ هٿياربند جدوجهد جي شڪل ڏجي؟ سڄي رات جي بحث کانپوءِ چيف لوٿولي سميت سمورن ساٿين ان جي حمايت ڪئي. هاڻ فوجي انداز جي جدوجهد آفريقي عوام لاءِ اڻٽر ٿي وئي آهي. هي طئه ٿيو ته نئين هٿياربند تنظيم ۽ ANC ٻن الڳ الڳ ڌارائن ۾ ڪم ڪنديون، تشدد واري جدوجهد سان گڏوگڏ عوامي جدوجهد کي به جاري رکيو ويندو. ”نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريقا جي آزادي جي تحريڪ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو معروضي حالتن موجب هٿياربند جدوجهد کي اهميت ڏئي آزادي جي جنگ کٽڻ پئي چاهي. جنهن وطن ۾ ڌارين جو قبضو هجي، جمهوري جدوجهد جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن، قومي جبر ۽ نسلي بنيادن تي ڌرتي ڌڻين کي غلام بڻايو وڃي، عوام وڙهڻ لاءِ تيار هجي ته پوءِ عوامي جدوجهد ۽ هٿياربند جدوجهد ذريعي غلامي کان نجات ممڪن ٿي سگهي ٿي.
27 ڊسمبر 2007ع ۾ جڏهن هڪ آمر جنرل مشرف جي سازش سان دهشتگردن هٿان ملڪ جي عوامي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ملڪ جي وڏي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اڪثر جمهوريت پسند پارٽين ان قتل جي مذمت ڪئي، عوام روڊن ۽ رستن تي نڪري آيو، صرف عوامي سطح ۽ ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن کي وڏو نقصان رسايو ويو. ان غير منظم تحريڪ رياستي ادارن کي ڪو به نقصان نه ڏنو. جڏهن ته ٻئي طرف 26 اگسٽ 2006ع تي بلوچستان جي سردار نواب اڪبر بگٽي کي مزاحمت ڪندي ماريو ويو ته بلوچستان جي قومي تحريڪ جيڪا ان وقت تائين جمهوري پارلياماني سرشتي جو حصو هئي ان کي سرڪار جي دهشت ۽ سندن لاءِ جمهوري رستا بند ڪرڻ واري عمل چيڙائي وڌو، انهن منظم ٿي هٿياربند جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو ۽ ان واقعي کي 5 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به 2011ع تائين بلوچن جي مزاحمتي هٿياربند جدوجهد ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، بالاچ مري، غلام محمد بلوچ، حبيب جالب سميت مکيه اڳواڻن جي مارجي وڃڻ باوجود بلوچن جي هٿياربند جدوجهد اڳ کان اڳڀري آهي. روزانو بلوچن کي سندن نوجوانن جاچچريل لاش ملي رهيا آهن، انساني حقن جي تنظيم HRCP مطابق 140 گم ٿيل بلوچ سياسي ڪارڪن تشدد ڪري ماريا ويا آهن. هڪ طرف بلوچن خلاف رياستي ڏاڍ جاري آهي ته ٻئي طرف بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ به شدت آئي آهي.
ان ڪري قومي جمهوري تحريڪ دوران ان جو ضروري ڌيان رکڻو پوندو آهي ته معروضي حالتون ڪهڙيون آهن، عوام جو ان هٿيار بند جدوجهد ۽ سندس عوامي جمهوري جدوجهد سان ڪيترو ساٿ آهي. عوام جي پذيرائي کانسواءِ هٿياربند جدوجهد ۽ نه وري عوامي جدوجهد ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي. نيلسن منڊيلا جي هٿيار بند جدوجهد جي تجويز وقتائتي هئي، آفريقي عوام غلاميءَ جي ڳٽ ۾ ڦاٿل هو، سندن سمورا بنيادي، انساني حق صلب ٿيل هئا، عوام مزاحمت لاءِ تيار هو ۽ اڳتي هلي اهو ثابت ٿيو. تحريڪ جي ان تسلسل جي سبب ڪري ئي عوام کي آزادي نصيب ٿي.“
نيلسن منڊيلا ڪڏهن به سپاهي نه رهيو هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن جنگ ۾ حصو ورتو هو، هن دشمن تي ڪڏهن هڪڙي گولي به نه هلائي هئي. فوج کي منظم ڪرڻ جو فرض کيس سونپيو ويو. هن (امخونٽري سزوي) قوم جو نيزو يا بڻڇي نالي سان هڪ نئين تنظيم جو بنياد رکيو، جنهن کي مختصر MK چيو ويو. نيزي جو نشان ان لاءِ چونڊيو ويو جو هن ساڌي هٿيار سان آفريقين صدين تائين گورن جي يلغار جو مقابلو ڪيو هو. نيلسن منڊيلا پنهنجي چيئرمين شپ ۾ والٽر سوسولو، جوسولوو تي مشتمل هاءِ ڪمانڊ قائم ڪئي ۽ هنن طئه ڪيو ته حڪومت خلاف پرتشدد ڪارروائين جو هڪ سلسلو شروع ڪريون جنهن ۾ سرڪار جو وڌ ۾ وڌ نقصان ٿئي. ڪم جي شروعات، نيلسن منڊيلا ماهرن جا رايا وٺڻ ۽ هٿياربند انقلاب جي بنيادي لٽريچر پڙهڻ سان ڪئي. نيلسن ان متعلق ڪافي محنت ڪئي ته گوريلا تنظيم ڪيئن ٺاهجي، ان کي ڪيئن منظم ڪجي. هن ڪيوبا جي گوريلا تحريڪ جو جائزو ورتو، هن اينگلو بوئر جنگ جي دوران گوريلن جي غير روايتي جنگي چالن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي. هن چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ۽ مائوزيتنگ جي لکڻين کي پڙهيو. هن ”بنهام بيگن“ جي ڪتاب(The Revolt) جو پڻ مطالعو ڪيو، جنهن هن کي سگهه بخشي جنهن سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ گوريلا ويڙهه وڙهي وئي جتي پهاڙ آهن نه ٻيلا. هن ڏکڻ آفريقا جي ماضي کي به پڙهيو ۽ گورن جي اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ کي به مطالعي هيٺ آندو. هن ملڪ جي اهم صنعتي علائقن، مواصلاتي نظام، چرپر جي نظام جو به مطالعو ڪيو ۽ تفصيلي نقشا پڻ گڏ ڪيا. ”نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريقا جي سڀني اخبارن جي نالي هڪ خط روانو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته منهنجي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوليس منهنجي ڳولا ۾ آهي، پارٽي مون لاءِ روپوش رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڻ کي حڪومت جي قبضي ۾ نه ڏيندس جنهن کي آءُ قانوني طور تي مڃان ئي ڪونه ٿو. مون پنهنجي لاءِ جيڪا واٽ چونڊي آهي اها قيد ۾ ويهي رهڻ کان وڌيڪ ڏکي، خطرن واري ۽ تڪليف واري آهي. مون کي پنهنجن ٻارن، زال، امڙ ۽ ڀينرن کان پري ۽ وطن ۾ ئي جلاوطن ٿي رهڻو پوندو، مونکي پنهنجو ڪاروبار ۽ پيشو ڇڏڻو پوندو. آءُ واهان سان گڏ وک وک ۽ ميل ميل تي سوڀ جي حصول لاءِ رڌل رهندس. سوال هي آهي ته اوهين ڇا سوچي رهيا آهيو ۽ ڇا اوهان اسان جو ساٿ ڏيندا يا هن حڪومت جو؟ جيڪا حڪومت اسان جي عوام جي ڳوڙهن ۽ اڌمن جو ڳلو گهٽڻ تي ضد ٻڌي بيٺي آهي. ڇا اوهين قومي موت ۽ زندگيءَ جي هن گهڙي ۾ خاموش اڻ ڌريا ويٺا رهندئو؟ مون پنهنجي باري ۾ هڪ پڪو فيصلو ڪري ورتو آهي ته نه ڪڏهن ڏکڻ آفريقا ڇڏي ويندس ۽ نه ڪڏهن ڪنڌ جهڪائيندس. قومي آزادي فقط سختيون سهڻ ۽ مجاهدانه ڪردار ادا ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. عملي جدوجهد منهنجي زندگي آهي ۽ آءُ پنهنجي زندگي جي آخري پساهن تائين وڙهندو رهندس.“
عملي جدوجهد ۾ ”ولفي ڪوديش“ سان گڏ هڪ ڪمري واري فليٽ ۾ گڏ رهيو، هُو نيوايج ۾ صحافي هو. ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران اتر آفريقا ۽ اٽلي ۾ جنگي خدمتون انجام ڏئي چڪو هو. سندس معلومات ۽ هن جي چوڻ تي “On War” ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ سان، نيلسن گوريلا جنگ وڙهڻ بابت کوڙ ساري معلومات حاصل ڪئي. نيلسن ٻن مهينن تائين هن جي گهر ۾ ئي رهيو. هو ڏينهن جو مطالعو ۽ جنگي حڪمت عملين بابت رٿابندي ڪندو هو ۽ رات جو ڪنهن نه ڪنهن گڏجاڻي ۾ حاضر ٿي ويندو هو.
MK ڳجهي تنظيم ڌماڪا ڪرڻ جون مشقون شروع ڪري ڇڏيون. هڪ ڏينهن شڪ جي ڪري هي اهو فليٽ ڇڏي ويو. نيلسن ڏاڍين مشڪل حالتن ۾ ڪڏهن ڪنهن جي گهر ته ڪڏهن وري ڪنهن جي گهر رهندو هو پر پنهنجي ڪم کي وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري رکيو پئي آيو ۽ هر حال ۾ خوش رهڻ، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي ڪم کي مستقل مزاجيءَ سان منهن ڏيڻ، پنهنجي مقصد سان بيهڻ هن جي خوبي هئي جيڪا هن کي سندس منزل ڏانهن پنهنجي چيچ مان وٺي اڳتي وڌي رهي هئي. هڪ ڀيري هڪ ڳوٺ ۾ زرعي ماهر طور ڪم ڪندو رهيو، اوچتو ڳوٺ جي چڱي مڙس وٽ هلي ويو، ان سان حال احوال اوريائين، ان چڱي مڙس نيلسن کي وراڻيو نوجوان اسان تو کي هن ڳوٺ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا پر اهو ٻڌاءِ ته چيف لوٿولي ڇا ٿو چاهي؟ جنهن تي هي ڇرڪي پيو ۽ هڪ دم پاڻ سنڀالي وراڻيائين ته چيف لوٿولي چاهي ٿو ته اسان جون زمينون اسان کي واپس ڪيون وڃن، اسين مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندڙ هجون ۽ پنهنجي مرضي موجب جيئن وڻي تيئن ئي زندگي گهاريون. پوءِ پوڙهي چيو اهو سڀ ڪيئن ٿو ڪري سگهي، جڏهن وٽس ڪا به فوج نه آهي. هن دل ۾ سوچيو ڪاش ان صورتحال ۾ هجان ها ۽ مان ٻڌائي سگهان ها ته آءُ اها فوج تيار ڪري رهيو آهيان، پر روپوشي جي تقاضا ڪري هو خاموش رهيو. اڪثر نيلسن منڊيلا ان روپوشي دوران پنهنجو نالو مٽائيندو رهندو هو. هو شيدي گهريلو نوڪرن وارو ڪوٽ پائيندو هو. ليويز فارم انڊرگرائونڊ ڪارڪنن جي لاءِ جوڙيو ويو جتي سڄو ڏينهن ڪارا مزدور ڪم ڪندا هئا ۽ نيلسن ويٽر طور اُتي رهيو پيو هوندو هو. هن کي ننڍن وڏن ڪم ڪارين جي سلسلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن موڪليندا هئا. فرش صاف ڪرڻ ۽ گند ڪچرو صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا. ”ڏکڻ آفريقا جي آزادي جي تحريڪ جو انتهائي بهادر، سمجهدار اڳواڻ جيڪو مستقبل جي هٿياربند فوج ٺاهڻ جي تياري ۾ رڌل هو، اهو ڪم ڪو حوصلي ۽ همت وارو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. هيڏو وڏو اڳواڻ هوندي به جنهن ذميواري سان هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو بغير ڪنهن ڏيکاءَ جي مشڪلاتون ۽ ذلتون سهڻ لاءِ تيار هو. پنهنجي مقصد سان سچائي جي حد تائين commitment هئڻ ڪري ڪٿي به اڻ لاڳاپيل ماڻهو جي سامهون هن اظهار نه ڪيو ته هو ڪو نيلسن منڊيلا آهي ۽ MK جو چيف آهي.
”سنڌ جي قومپرست سياست جو هي به الميو آهي جو سندن ڦونڊ ۽ هلڪڙائپ جي ڪري سنڌ جي ماڻهن جو مٿن ويساهه نه ٿو رهي معمولي قسم جي مزاحمتي تحريڪ جي سرگرمين دوران وقت کان اڳ ٻڌائي ڇڏڻ، هر ماڻهو آڏو پاڻ کي وائکو ڪرڻ، ڊگهو عرصو انڊر گرائونڊ نه رهي سگهڻ، روپوشي دوران به وڏيرڪي انداز ۾ عياشين ۾ رڌل هجڻ، اهي بنيادي سبب آهن جو کين مقصد ۽ منزل جي ويجهو اچڻ بجاءِ سڄي قومي تحريڪ کي هڪ ڇڙواڳ، وڏيرڪي ۽ شوبازي واري ڪلچر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نيلسن منڊيلا روپوشي ۾ جيئن زندگي گهاري، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۾ هڪ به اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو ان لائق سمجهيو وڃي.“
هن فارم مان ويهي اڪثر رٿا بندي ڪئي ويندي هئي ۽ اڪثر ڪارڪنن کي تربيت لاءِ چين موڪليندا هئا. آهستي آهستي ان فارم ۾ گوريلا ويڙهه جا اهم اڳواڻ ايندا ويا. هنن اهو طئه ڪيو ته خاص فوجي، بجلي، ٽيليفون ۽ مواصلاتي نظام کي نقصان پهچايو وڃي ته جيئن حڪومت کي نقصان ٿئي ۽ گوري سرڪار ڊڄي وڃي ۽ پرڏيهي سرمايو اچڻ رڪجي وڃي. MK جي ميمبرن کي سختي سان پابند ڪيو ويو ته اهڙين ڪارروائين سان ڪنهن به انساني جان کي ڪو به نقصان نه پهچايو وڃي.
ANC جي عالمي سطح تي مشهوري سبب ANC جي مرڪزي صدر سردار لوٿولي کي اوسلو جي تقريب ۾ امن جو نوبل انعام مليو. ڊگهي جدوجهد ۽ عقملندي سان وڙهڻ سبب اوڀر جي دنيا آفريقي عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ لڳي هئي ته ٻئي طرف ان انعام گوري سرڪار کي پشيمان ڪري وڌو هو ۽ سياسي طرح تنهائي جو شڪار ٿي رهيا هئا. MK جيئن ئي پنهنجي ڪاروائي شروع ڪئي پهرين ڏينهن جي عمل ۾ سندن هڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويو کين افسوس ته ٿيو پر آزادي جي جنگ ۾ قرباني ڏيڻي پئي ٿي، ڪارڪنن کي اڳواٽ ئي اهڙو شعور ڏنو ويو هو ته هو ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا. قومن جي تاريخ ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن جڏهن کين فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪنڌ جهڪايو وڃي يا ڪنڌ ڪپائي به قوم جي عزت ۽ وقار کي اوچو ڪري آزادي واري منزل ڏانهن وک وڌائجي. MK پنهنجي هٿياربند جدوجهد جي شروعات 16 ڊسمبر کان ڪئي هئي جڏهن ڏکڻ آفريقا جا گورا 1838ع واري ”بنڊريو“ جي جنگ ۾ عظيم زولو اڳواڻ ”ڊگي“ جي شڪست جي خوشي ملهائيندا هئا. ڌماڪن جي گوري سرڪار مذمت ڪئي ۽ ان کي بيوقوفاڻو ۽ ٽرڙن ماڻهن جو عمل قرار ڏنو ويو. اهو سلسلو جاري رهيو، هاڻ ANC ۽ MK وڌيڪ متحرڪ شڪل ۾ سامهون آيون. ANC کي ٻين آزادي پسند پارٽين ”اديس ابابا“ ۾ ٿيندڙ آزادي پسندن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ڪانگريس جي مرڪزي ڪميٽي نيلسن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي. نيلسن اهو طئه ڪيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪندو پر پنهنجي فوجي تنظيم جي لاءِ فوجي ۽ اقتصادي مدد حاصل ڪرڻ، فوجي سکيا جو بندوبست ڪرڻ، ANC کي متعارف ڪرائڻ جي به خواهش هئي. نيلسن پنهنجي دوستن جي مدد سان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پويان والٽر گرفتار ٿي ويو. نيلسن زميني رستي، جهازن جي رستي سفر ڪندو ”روڊيشا“ پهتو.
نيلسن آفريقا جي انهن هنڌن تي پهتو جتي ڪاري چمڙي وارا ماڻهو حڪمران هئا ۽ پنهنجي ڌرتي جا مالڪ هئا. هي جتي به ويو انهن ملڪن جي صدرن ۽ پارٽين PAC جي وڏي ساراهه پئي ڪئي ۽ ANC کي ڪا پذيرائي نه ملي. هن هر هنڌ ANC جو موقف رکيو ۽ مقصد واضح ڪيو. ”اوليورٽيمبو“ جيڪو اڳي ئي ملڪ کان ٻاهر نڪري چڪو هو ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ سوڊان ۾ هنن جي ملاقات ٿي، اوليور انهن ٻن سالن ۾ گھانا، انگلينڊ، مصر، تنزانيه ۾ ANC جون آفيسون کولي چڪو هو. اوليور سفارتڪارن ۽ سياستدانن تي گهرا اثر ڇڏيا هئا. هو پرڏيهي ملڪن ۾ ڏکڻ آفريقي عوام ۽ ANC لاءِ زبردست طريقي سان ڪم ڪري رهيو هو. اهو زمانو هو جڏهن آزاد آفريقي رياست ۾ غلام آفريقا جي رياست جا نمائندا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ پنهنجي آزادي جي تحريڪ لاءِ سياسي ۽ مالي مدد وٺندا هئا ۽ تربيت جا هنڌ ٺاهيندا هئا.
”ڪنهن به وطن جي آزادي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد گهڻ رخي هجي ٿي. پهريون مرحلو تنظيم ذريعي عوام کي گڏ ڪرڻ هجي ٿو جيڪڏهن جمهوري جدوجهد جا جمهوري طريقي سان حق حاصل ڪرڻ جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ اُتان هٿياربند جدوجهد جنم وٺي ٿي ۽ پوءِ انهن لاءِ، آزادي جي حاصلات لاءِ عالمي مدد ضروري ٿيو پوي، جنهن لاءِ دنيا ۾ هم خيال ڳولڻا پون ٿا.“
نيلسن منڊيلا آزاد آفريقي ملڪن جي حڪمرانن سان ۽ ڪانفرنسن ۾ آفريقي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کان کين باخبر ڪيو، مدد جي اپيل ڪئي. گهڻين مشڪلاتن جي باوجود کيس ڪجهه پئسا، تربيت جي هنڌن جو طئه ڪرڻ ۽ هٿيارن جي مدد جو آسرو مليو. جيستائين اوليور ٽيمبو ۽ منڊيلا آفريقي ملڪن ۾ نه ويا هئا تيسين ANC جي جدوجهد کي ”زهوسا“ قوم جي جدوجهد سمجهيو ويندو هو.
”سنڌ به هڪ اهڙو بدقمست وطن آهي، دنيا ۾ ڌرتي ڌڻين جو موقف نه ٿو ٻڌو وڃي پر 1947ع ۾ آيل پناهگيرن کي سنڌ جو نمائندو سمجهيو وڃي ٿو. ان جا ڪارڻ هي آهن ته هو سنڌ جي شهري علائقن ۾ منظم تنظيم رکن ٿا، دهشت جي زور تي کين عوام جي حمايت حاصل آهي. ايوانن ۾ هڪ وڏي گروپ طور سڃاتا وڃن ٿا. سندن اڳواڻ يورپ، آمريڪا، آفريقا ۽ عرب دنيا ۾ سٺن سفيرن طور ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ان جي ابتڙ سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جا وارث نه پنهنجي وطن ۾ منظم آهن ۽ نه وري ٻاهرين دنيا ۾ ڪا سنجيده سياسي چرپر آهي. حيرت جي ڳالهه هي آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي پنج ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر عالمي سطح تي دنيا ۾ ڪٿي به قومپرست پارٽين جو هڪ به يونٽ قائم ڪونهي. جيڪي ماڻهو هتان روپوش ٿي يورپ ۽ آمريڪا ويا تن به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو پر ويتر ٻاهرين ملڪن ۾ رهي پنهنجو قومي مقصد وساري ويٺا. جنيوا يا يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ سنڌ جي نمائندي طور ڌرتي ڌڻي نه پر نسل پرست قبضي گيرن کي نمائندگي ملي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ ذميوار اسان جي قومي تحريڪ آهي جيڪا ڇڙواڳ ۽ شوبازي جي ور چڙهيل آهي. پري پري تائين امڪان نظر نه ٿو اچي ته ڪو سنجيدگي سان ٻاهرين دنيا ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪا به سگهاري ڪوشش ڪئي ويندي.“ نيلسن منڊيلا الجزائر ۾ احمد بن بيلا سان به ملاقات ڪئي جيڪو تازو فرانس جي قيد مان آزاد ٿيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد الجزائر جو وزيراعظم ٿيڻ وارو هو. ياد رهي ته احمد بن بيلا جي اڳواڻي ۾ هٿياربند جدوجهد ذريعي الجزائر فرانس کان آزادي حاصل ڪئي هئي. نيلسن منڊيلا آفريقا جي اڪثر ملڪن کانپوءِ انگلينڊ به ويو، هتي هن کي ”يوسف دادو“ به ملي ويو جيڪو ANC جي نمائندگي ڪري رهيو هو. لنڊن ۾ مشهور اخبار ”آبزرور“ وارا ANC کي قديم شيءَ سمجهندا هئا جڏهن ته PAC جي وڏي پروپيگنڊه ڪئي ويندي هئي. اوليور، نيلسن جي آبزرور جي ايڊيٽر سان ملاقات ڪرائي ۽ کين تفصيل سان آگاهه ڪيو ۽ ڪجهه برطانوي سياستدانن سان پڻ ملاقات ڪرائي جتان هڪ راهه هموار ٿي. اهو ياد رهي ته نيلسن منڊيلا کي هر هنڌ آفريقا توڻي يورپ ۾ PAC جي پروپيگنده جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو ته هو گورن جي شرڪت ۽ ڪميونسٽن جي حمايت ڪري گهاٽي ۾ ويندا. پر نيلسن منڊيلا ڏاهپ سان انهن معاملن جو دفاع ڪندو هو، ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه ايندو هو بلڪه سنجيدگي سان کين سهمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نيلسن 6 مهينن جي فوجي سکيا لاءِ ”اديس ابابا“ پهچي ويو جتي هن فوجي تربيت حاصل ڪئي. جتي هن حڪومتي فوج ۽ گوريلا فوج جو فرق پڻ سمجهيو. فرق هي هو ته گوريلا جنگ ۾ جڏهن جنگ جي ميدان ۾ هجي ته سندس اٿارٽي محسوس ڪرائي ۽ جڏهن واندڪائي هجي ته گوريلا ساٿين سان گڏ ويهي رهي ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياري. هڪ آفيسر جي بدران هڪ عام دوست رهي، هر ڳالهه ۾ برابري جو عمل ٿيڻ گهرجي. 6 مهينن جي مقرر ٿيل سکيا دوران ٻن هفتن ۾ سندس پارٽي ملڪ واپس اچڻ جي هدايت ڪئي. نيٺ هُو مختلف رستن کان ٿيندو واپس پنهنجي وطن پهتو. نيلسن ليويز فارم تي پهچي پنهنجن ساٿين سان سمورا احوال اوريا، مليل ڏوڪڙ ۽ ٻيو مواد سندن حوالي ڪيو، آفريقي حڪمرانن جي ANC بابت نقطه نظر کان کين واقف ڪيو. دوستن ساٿين کيس سڄي صورتحال کان واقف ڪرڻ لاءِ چيف لوٿولي سان ملڻ جي صلاح ڏني. چيف لوٿولي نيلسن جون سموريون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو رهيو ۽ نيٺ چيائين ته ANC جي معاملن ۾ غير ملڪي سياستدانن کان هدايتون وٺڻ تصور جوڳو ڪونهي. ملاقاتن کانپوءِ ڊربن کان هڪ شوفر جا ڪپڙا پائي ساٿي سان گڏ جوهانسبرگ واپس روانو ٿيو.