آزاديءَ جي سپاهيءَ جو جنم
هن چيو ته احساس ڪمتري آزاديءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي سندس چوڻ هو ته جڏهن به جتي به موقعو مليو آهي ته آفريقي ماڻهو گوري ماڻهو کان وڌي چڙهي پنهنجي مهارت ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. ”ليم بيدي، جو واسطو نٽال سان هئو، سندس پيءُ هڪ اڻ پڙهيل هاري هيو، هن آمريڪي تعليمي اداري ايڊمس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي، جتان هن ماسٽرس ۽ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.
”ليم بيدي“ هڪ آفريقي رسالي ۾ قومپرستي جي تائيد ۾ زبردست مقالو لکيو جنهن جو تت هي آهي ته، ”بيٺڪي نظام جو سڀ کان اهم ٽوڙ قومپرستي آهي.“ ۽ اهو ئي سبب آهي جو جابر قوتون قومپرستن جون مخالف هونديون آهن، پنهنجي ڇاڙتن کي لالچ ڏئي قومپرستي جي مخالفت ۾ استعمال ڪنديون آهن. ليم بيدي جي خيالن نيلسن جي اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي، ان کي خبر پئي ته پئسو، دولت، معزز طبقي جو رُڪن سمجهڻ خودفريبي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ان سڀني شين جو ٽوڙ انقلابي انداز جي آفريقي قومپرستي ٿي سگهي ٿي.
ڊسمبر 1943ع ۾ ANC جي سالياني ڪانگريس ”بلوم فونٽيم“ ۾ ٿي، جتي نوجوانن جي هڪ عارضي ڪميٽي ٺاهي وئي، هڪ سال کانپوءِ ان جي باقائده جوڙ جڪ ڪئي وئي. جنهن ۾ آفريقي نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان اجلاس دوران ” ليم بيدي“ عالمي تاريخ جي قديم يونان کان وٺي جديد يورپي بيٺڪيت تائين ليڪچر ڏنا. هن آفريقن دورن جو به خاص خاص ذڪر ڪيو. هن گورن ماڻهن جي تصور کي به احمقاڻو قرار ڏنو ته هُو ڪو اعلى نسل سان لاڳاپو رکن ٿا. ان اجلاس ۾ ليم بيدي يوٿ ليگ جو صدر، اوليور ٽمبو سيڪريٽري ۽ والٽر سوسولو خزانچي چونڊيا ويا. ڪاروباري ڪميٽي ۾ نيلسن منڊيلا سميت ڪيترن ئي مزدورن ۽ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو. يوٿ ليگ ANC جي دستور کان مختلف نه هئي بلڪه ان جي ڪيترن ئي معاملن جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ جڙي هئي. هنن جي فڪر جو بنيادي نقطو آفريقي قومپرستي هو. مختلف قبيلن جي سهڪار سان هڪ متحد قوم تخليق ڪرڻ، سفيد فام غلبي جو خاتمو آڻڻ ۽ هڪ حقيقي جمهوريت جو قيام هنن جي منزل هئي. هنن جي منشور ۾ لکيل هو ته ”اسان دل جي گهراين سان سوچيون ٿا ته آفريقي رهاڪن جي قومي آزادي جو حصول خود سندن جدوجهد تي مدار رکي ٿو. هنن لينڊ ايڪٽ جي مخالفت ڪئي جنهن جي ڪري ڪارا ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ستاسي سيڪڙو (87%) زمين تان بي دخل ڪيا ويا. ”اربن ايريا ايڪٽ“ تحت مقامي آبادين جو وجود عمل ۾ آندو ويو جيڪي حقيقت ۾ اهڙا گندا اونداها پاڙا ثابت ٿيا جتي سفيد فام صنعت کي سستو شيدي ليبر (مزدرو) فراهم ٿيندو هو.
ڪلربار ايڪٽ: جنهن جي ذريعي آفريقي ماڻهن کي مختلف ڪمن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو هو.
بنتو ايڊمن ايڪٽ: جنهن جي ذريعي آفريقي قبيلائي سردارن جي جاءِ تي تاج برطانيا کي سڀني علائقن جو حاڪم اعلى قرار ڏنو ويو.
مقامي پنچائتي ايڪٽ: جنهن جي آڌار تي آفريقي رهاڪن کي ووٽرن جي لسٽ مان خارج ڪيو ويو. اهڙي طرح گورن سندن مٿان قانون لاڳو ڪري جبري طور تي کين محدود ڪري سندن سمورا بنيادي، جمهوري، انساني حق کسي جبر ذريعي ڊگهي عرصي تائين غلام بڻائي رکيو ۽ گورا سندن قسمت جا مالڪ بڻجي ويهي رهيا.
يوٿ ليگ جو اصل مقصد ANC کي سياسي آزادي جي حصول لاءِ صحيح واٽ ڏيکارڻ هو.
”ليم بيدي“ آفريقن ازم جو حامي هو ان کي ڪيترائي سياسي اڳواڻ نسل پرستي وارو رويو چوندا هئا، ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته آفريقا جي نسل پرستي جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن گوري رنگ جا ماڻهو به ساٿ ڏين ته خراب ڳالهه نه آهي. ڇاڪاڻ صدين کان آباد گوري رنگ جا ماڻهو آفريقي مٽي ۾ ملي ويا هئا، ڪنهن حد تائين انهن ۾ به ڪارن جي غلامي، نسل پرستي ۽ غيرجمهوري روين جي خلاف سخت چڙ هئي. اهو ئي سبب هو جو آفريقن ڪميونسٽ پارٽي ۾ گوري رنگ جا ماڻهو ميمبر هئا. انهيءَ زماني ۾ نيلسن منڊيلا پڻ گورن ۽ اشتراڪين جو يوٿ ليگ ۾ شموليت جو سخت مخالف هو. والٽر سوسولو جي گهر ۾ ئي نيلسن جي ”ايوولين ميسي“ سان ملاقات ٿي جيڪا سندس پهرين زال بڻي. هوءَ سنجيده ۽ قبول صورت ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، 1942ع ۾ آفريقا ۾ اهڙا واقعا ٿيا جهڙوڪ 70 هزار کاڻ مزدورن جي هڙتال ۽ ٻين سببن نيلسن جي سياسي جدوجهد کي صحيح رُخ بخشيو. ياد رهي ته کاڻين ۾ 4 لک مزدور ڪم ڪندا هئا، کين هرروز صرف 2 شيلنگ مزدوري ملندي هئي. گوراڊيبي ۽ ٻين آفريقي مائنز ورڪرز جي يونين جو بنياد رکيو هو. يونين اڳواڻن مزدورن جي مطالبن لاءِ تحريڪ هلائي، حڪومتي انتقام وحشياڻو هو، سموري قيادت گرفتار ڪئي وئي، مزدورن جي جلوس کي طاقت جي زور تي منتشر ڪيو ويو جنهن دوران 12 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. ان سڄي صورتحال ۾ يونين قيادت جنهن تدبر ۽ تنظيمي قيادت جو مظاهرو ڪيو ان جا گهرا اثر نيلسن جي دل ۽ دماغ تي پيا. نيلسن جا اڪثر ڪميونسٽ اڳواڻن ۽ پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ بي مارڪس، بوزون ڪوٽاني ۽ يوسف دادو سان بحث مباحثا ٿيندا هئا جيڪي هن کي جذباتي قومپرست اڳواڻ سمجهندا هئا پر هيٺينءَ سطح جا ورڪر ۽ اڳواڻ قومپرست سياست کان سخت نفرت ڪندا هئا ۽ ساڳيءَ ريت آزادي پسند آفريقي قومپرست پڻ ڪميونسٽن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪميونسٽ پارٽي آفريقي عوام کي غلام بڻائڻ ۾ گورن سان شريڪ آهي.
ان دوران بي مارڪس ۽ ڪوٽاني سميت 50 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري مٿن بغاوت جا ڪيس هلايا ويا. سموٽس جي حڪومت ”ايشياٽڪ لينڊ ايڪٽ“ منظور ڪيو جنهن جي آڌار هندستاني رهاڪن جي چرپر تي پابندي وڌي وئي، هنن جي ملڪيت ۽ خريد وفروخت تي پڻ پابندي وڌي وئي. ان کانپوءِ ڄڻ ته ڪارن هندستانين ۽ رنگ دار ماڻهن جي آزادي مڪمل طرح سان صلب ڪئي وئي ۽ نسلي مت ڀيد جو شڪار بڻايو ويو. ٽرانسوال انڊين ڪانگريس به انهن روين جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آفريقي عوام جي بنيادي، انساني حقن جي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ عهد ڪيو ۽ حڪومتي قدمن جي خلاف هڪ زوردار تحريڪ شروع ڪئي. ڊاڪٽر دادو ۽ ڊاڪٽر نيڪر جي سرپرستي هيٺ هلندڙ تحريڪ ۾ عورتون، مذهبي ماڻهو، شاگرد، مزدور هڙئي ان مُهڙ واري دستي ۾ شامل هئا. 2 هزار سياسي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، ڊاڪٽر دادو ۽ ڊاڪٽر نيڪر کي 6 مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. هندستاني ماڻهن جي ان جدوجهد ۾ يوٿ ليگ پڻ انهن جي مدد ڪندي رهي. ان تحريڪ دوران اسماعيل مير، جي. اين سنگهه، احمد ڪيٿراڊا پنهنجي جدوجهد اڌ ۾ ڇڏي جيل هليا ويا. نيلسن منڊيلا گهڻو ڪري هندستاني عورت ”مينا پهاٽ“ وٽ منجهند جي ماني کائيندو هو هڪ ڏينهن خبر پئي ته هوءَ به وڃي جيل پهتي. ان قسم جي همٿ ۽ هندستانين جي زبردست هلچل کان ANC اڃا گهڻو پوئتي هئي. ان سڄي تحريڪ نيلسن منڊيلا تي گهرا اثر ڇڏيا، هو هاڻي تيزيءَ سان سياسي جدوجهد جو حصو پئي ٿيو. هندستانين جي اها تحريڪ نئون ماڊل بڻجي سامهون آئي، ان تحريڪ عام ماڻهن ۾ بغاوت لاءِ روح ڦوڪي ڇڏيو. ان تحريڪ منڊيلا ۽ ان جي ساٿين کي اهو پيغام ڏنو ته فقط تقريرون، جلسا جلوس ڪري، قراردادون پاس ڪرڻ ۽ وفد ترتيب ڏيڻ سان آزاديءَ جي جنگ کٽي نه ٿي سگهجي پر ان لاءِ محتاط تنظيم، مجاهداڻو عوامي ڪردار ۽ جان جي قرباني ڏيڻ جو جذبو موجود هجي. هندستان جي ان تحريڪ 1913ع جي ان مزاحمتي تحريڪ جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ جي اڳواڻي ۾ هندستانين جو هڪ وڏو جلوس نعرا هڻندو، قانوني پابندين جي باوجود نٽال جي سرحد اُڪري ٽرانسوال ۾ داخل ٿي ويو. 1946ع جي شروع ۾ نيلسن منڊيلا شادي ڪري پنهنجي گهرواري سان ”اوورينڊو ويسٽ“ واري علائقي ۾ ٻن ڪمرن واري گهر ۾ منتقل ٿي ويو، ڪچي آبادي جي هن گهر جي مسواڙ سترنهن (17) شيلنگ ماهوار هئي. نيلسن جو حقيقت ۾ هي پهريون گهر هو جتي هُو آزاديءَ سان رهي پئي سگهيو. ان کان اڳ نيلسن سدائين ٻين وٽ مهمان ٿي رهندو هو، ڏکڻ آفريقا جي سماج ۾ مهمان نوازي تمام گهڻي هئي ائين چئجي ته مهمان نوازي ڏکڻ آفريقا جي عام رسم هئي. نيلسن کي ”ايوولين“ مان هڪ پٽ ”ماديبا ٿمبي ڪانيلي“ هو. نيلسن منڊيلا پنهنجي پٽ سان راند ڪندو هو، کيس ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، ٻارن سان ويجهڙائي سندس محبوب مشغلو رهيو آهي. اڪثر واندڪائي ۾ خاموشيءَ سان مطالعو ڪندو رهندو هو. نيلسن جي نئين ڄاول ڌيءَ ”مڪازيو“ ڄمڻ سان ئي ڪمزور ۽ بيمار هئي جيڪا ٿوري عرصي ۾ ئي گذاري وئي.
1947ع ۾ ”سائيڊل سڪاءِ فرم“ ۾ هن جو ٽن سالن جو لازمي تجربو مڪمل ٿيو ته هن قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪل وقتي شاگرد بڻجڻ جو ارادو ڪيو ان ڪري هن جي نوڪري وئي. قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ هن بنتو ويلفيئر ٽرسٽ کي قرض جي درخواست ڏني جيڪا منظور ٿي.
1947ع ۾ هڪ اجلاس دوران يوٿ ليگ جو صدر ۽ نيلسن جو پيارو دوست ”ليم بيدي“ پيٽ ۾ سور پوڻ جي ڪري گش ٿي پيو، کيس اسپتال نيو ويو پر هُو بچي نه سگهيو. سندس عمر 33 سال هئي، هن جو موت تحريڪ آزاديءَ لاءِ انتهائي صدمي جو باعث هو. هُو انتهائي ذهين، فڪر ۽ عمل جو سرچشمو هو. ” پيٽر مداليم“ هن جو جانشين ٿيو، هُو پنهنجي سياسي بصيرت ۽ عملي تجربي جي ڪري جلد ئي يوٿ ليگ جو اڳواڻ بڻجي ويو. هُو اختلاف راءِ ڪشاده دليءَ سان برداشت ڪندو هو. ان وقت ANC وٽ هڪ به ڪل وقتي ڪارڪن نه هو. ”والٽر سوسولو“ واحد نوجوان هو جيڪو ڪانگريس جو ڪل وقتي ڪارڪن بڻيو. ”پروفيسر ميٿيوز“ جو ذهين پٽ، تيز سڀاءَ وارو دانشور ”سبڪ وي“ به ان ۾ شامل هو.
نيلسن شروع ۾ ANC ۾ سفيد فام غلبي ۽ سهڪار سان تحريڪ هلائڻ جو سخت مخالف هو. نيلسن کي خوف هوندو هو ته ڪٿي ڪميونسٽ گڏيل جدوجهد جي نالي ۾ سندس تحريڪ تي قبضو نه ڪري وٺن، هن جي خيال ۾ نج آفريقي قومپرستي ئي آزادي ڏياري سگهي ٿي. هڪ مرحلي تي هڪ اجلاس ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته ANC مان انهن سڀني ماڻهن کي ڪڍيو وڃي جيڪي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر آهن. نيلسن کي اهو احساس هو ته هندستاني پنهنجي بهترين تعليمي معيار، ڊگهي سياسي تجربي ۽ تربيت جي آڌار تي ANC تي ڇائنجي ويندا. 1947ع ۾ منڊيلا کي ANC ٽرانسوال جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو، اهڙي طرح هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ عملي حصو وٺڻ سبب گهر دير سان اچڻ ۽ صبح سوير نڪري وڃڻ ڪري سندس پٽ اڪثر ماءُ کان پڇندو هو ته ”اسان جو بابا ڪٿي رهندو آهي.؟“ نيلسن ”راموهنوئي“ کان گهڻو ڪجهه سکيو جيڪو پرجوش قومپرست ۽ ڪميونسٽن جو مخالف هو، پر ANC کي قومي پارٽي سمجهندي هڪڙي ئي مقصد آزاديءَ لاءِ گڏ ٿيندڙ مختلف فڪر ۽ فلسفي جي ماڻهن کي ڀليڪار ڪندو هو، ڇاڪاڻ جو هن جي دلچسپي پنهنجي مقصد سان هئي نه ڪي ڪنهن شخص سان.
”سنڌ جي سياست ۾ جيڪي به آزاديءَ جي تحريڪن جا علمبردار آهن جن جو مقصد سنڌ کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ آهي اهي هڪڙو ئي نقطه نظر رکندڙ ڌريون به گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ٻئي فڪر ۽ فلسفي واري کي هضم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ پارٽين ۾ ڪجهه ڌرين جو جهنڊو، فڪري رهبر ۽ نظرياتي پروگرام به ساڳيو آهي پر ان جي باوجود سندن وچ ۾ نه ختم ٿيندڙ ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ اڻ ڳڻيا اختلاف ۽ فاصلا موجود آهن جو اهي سنڌ جي آزاديءَ واري نقطي تي ته سهمت آهن پر آزاديءَ جي حاصلات لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ سنڌ ۾ ڏاهپ ڀري، گهڻ پاسائي شخصيت جو نه هئڻ به ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصو سمجهيون ويندڙ سياسي پارٽيون مختلف وقتن تي سنڌ جي قومي مسئلن تي گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ مختلف اتحاد پڻ جوڙينديون رهيون آهن ۽ سنڌ جي عوام انهن اتحادن کي ڀرپور موٽ به ڏني آهي پر ان جي باوجود اهي اتحاد 6-12 مهينن کان وڌيڪ جٽاءُ نه ڪري سگهندا آهن پر جيڪڏهن اتحاد ڊگهو عرصو هلي به پيو ته عملي طور سان ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار هوندو. هر پارٽي جا ذميوار اڳواڻ پنهنجن ڪارڪنن کي ٻين اتحادين ڏانهن بهتر رويو رکڻ جي تلقين ڪرڻ بجاءِ کين نفرت سيکارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هوندا آهن جنهن ڪري قومي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ سهپ ۽ هم آهنگي نظر نه ايندي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي تحريڪ جو مضبوط ۽ منظم نه ٿيڻ جو ڪارڻ سنڌ جي سياسي پارٽين جي قيادت ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڏاهي ۽ مدبر قيادت عوام جي اهڙي موٽ يا وقتي اُڀار کي سگهاري، منظم ۽ مستقل تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڏانءُ رکندي آهي پر بدقسمتي سان سنڌ جي قومي قيادت وٽ ڏاهپ جي انهيءَ کوٽ جي ڪري سنڌ جو عوام بدترين غلامي ۽ معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي.“
ANC جي صدر ڊاڪٽر زوما، ٽرانسوال انڊين ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر دادو ۽ نٽال انڊين ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر نيڪر گڏيل دشمن جي خلاف هڪ ٺاهه ڪيو. آفريقي نيشنل آرگنائيزيشن به ان اتحاد ۾ شامل ٿي وئي، اهو اتحاد ڊاڪٽرز پيڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو اهڙي طرح سڄي ڏکڻ آفريقا ۾ آفريقين ۽ هندستانين جي گڏيل تحريڪ شروع ٿي وئي. گورن جي هڪ پارٽي نيشنل پارٽي جيڪا هن مرحلي تي اقتدار کان ٻاهر هئي جنهن پنهنجي اليڪشن جو نعرو هنيو ته ” ڪارن کي پنهنجي اصلي جڳهه تي رکو“ ۽ ”قلين کي ٻاهر ڪڍو“ قلين مان مراد هندستاني هئا. هن جو چوڻ هو ته گورن ماڻهن کي لازمي طور تي مالڪ هئڻ گهرجي. نسلي مت ڀيد جي ان پاليسي کي ڊچ چرچ جي حمايت حاصل هئي. جن مذهبي طور تي اهو چيو هو ته آفريقن يعني يورپي نسل جا آفريقي گورا خدا تعالى طرفان چونديل ماڻهو آهن ۽ ڪارن جو واسطو هڪ گهٽ درجي جي نسل سان آهي. چونڊن ۾ نيشنل پارٽي جي کٽڻ کانپوءِ هي ڳالهه واضح ٿي وئي ته آفريقا جون حالتون خراب ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيون هيون ڇاڪاڻ ته هو اڳيئي طئه ڪري چڪا هئا ته ڪارا ماڻهو گهٽ درجي جا شهري آهن. هوڏانهن ANC پريشان ٿيڻ سان گڏوگڏ اهو محسوس ڪري رهي هئي ته هاڻي اسان جا دوست ۽ دشمن واضح ٿي بيهندا. ان دوران نيشنل پارٽي اعلان ڪيو، ”هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ آفريقا اسان جو بڻجي ويو آهي“. ٻئي طرف يوٿ ليگ پنهنجي پاليسي دستاويز جو اعلان ڪيو جنهن ۾ هنن چيو ته هڪ سگهاري قومپرست تحريڪ منظم ڪرڻي پوندي جنهن جي قيادت خود آفريقين جي هٿ ۾ هجي. انهن جي منشور ۾ انصاف جي بنياد تي زمين جي ٻيهر ورهاست، روزگار جي ذريعن ۾ ڌرتي ڌڻين سان امتيازي سلوڪ، رنگ ۽ نسل جي پابندين جو خاتمو ۽ مفت لازمي تعليم تي زور ڏنو ويو هو. انتها پسندي کان پاسو ڪندي اعتدال پسندي وارو رستو اختيار ڪيو ويو. نيشنل پارٽي 1949ع ۾ اهڙين شادين تي پابندي جو ايڪٽ لاڳو ڪيو جنهن ۾ سفيد فارم ۽ غير سفيد فارم شادي ڪري سگهن. گورن طرفان پاپوليشن ۽ رجسٽريشن ايڪٽ تحت نسلي بنيادن تي شهرن ۾ ڌار ڌار علائقا مخصوص ڪيا ويا. هن ايڪٽ کانپوءِ گورن زبردستي زمينن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ ANC غير معمولي تاريخي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڻ کي صحيح عوامي تنظيم ۾ بدلائڻ جو اعلان ڪيو. ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ حڪومت سان عدم تعاون ۽ ٻين عوامي ردعملن جو فيصلو ڪيو. اها انقلابي تبديلي هئي، ان کان اڳ ANC هميشه قانون جي دائري ۾ رهي ڪري جدوجهد ڪندي هئي. ان پاليسي تي صدر زوما سخت اختلاف ڪيو ۽ چيو ته حڪومت تشدد ڪندي، سختي ڪندي ۽ جيل ۾ واڙيا وينداسي تنهنڪري وقت کان اڳ ائين نه ڪرڻ گهرجي. يوٿ ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪانگريس جي ٻين اڳواڻن جو ڊاڪٽر زوما تي سخت دٻاءُ هو ته وقت اچي ويو آهي ته مزاحمت ڪجي ۽ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيون، پر ڊاڪٽر زوما مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پنهنجي سٺي Doctor’s Practice ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. هن سمورن اڳواڻن کي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي گهر مان تڙي ڪڍي ڇڏيو.
”اڄ جڏهن اسين 2011ع ۾ آهيون ته اڄوڪين حالتن ۾ سنڌ جون اڪثر آزادي پسند ڌريون ڇا ان وقت واري ڊاڪٽر زوما جي پاليسي ۽ خيال سان هڪجھڙائي نه ٿيون رکن؟ جڏهن سنڌ جا سمورا وسيلا قبضاگير قوتن وٽ يرغمال آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ قديم سنڌي وسندين کي غير قانوني ۽ ڪچيون آباديون ڄاڻائي ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن شهرن مان بي دخل ڪيو پيو وڃي، روزانو ڪيترائي سنڌي ماڻهو بي درديءَ سان قتل ڪيا ويندا هجن، نسل پرست ايڪٽ ۽ قانون جي آڙ ۾ اسان کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي اعلى تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن ئي شهرن ۾ روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو ويندو هجي، سنڌي ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور هجن، پنهنجن ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني نه کارائي سگهندڙ والدين پنهنجا ٻچا شهر جي چوڪن تي وڪڻڻ لاءِ مجبور هجن اهڙين حالتن ۾ قانون جي دائري ۾ رهڻ ۽ عدم تشدد واري پاليسي جي ڪوڙي حام هڻندي قومپرست اڳواڻ/ پارٽيون رڳو سيمينار، آل پارٽيز ڪانفرنسون، عوامي ميڙاڪا ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به وڏي مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جي ثابتي ان مان به ڏسي سگهجي ٿي ته ڪنهن به سياسي پارٽي جو هڪ به ڪارڪن سرڪاري قانون جي معمولي ڀڃڪڙي ۾ به جيل ۾ بند ناهي. قانون جي دائري ۾ رهڻ ۽ پاڻ کي عدم تشدد واري پاليسي جو پيروڪار سڏيندڙ انهن ڌرين جا اڪثر اڳواڻ ۽ ڪارڪن سماج اندر مختلف غير قانوني، غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث ڏٺا وڃن ٿا، سندن عدم تشدد جي پاليسي تي ان وقت اچرج ٿئي ٿو جڏهن تعليمي ادارن اندر سندن شاگرد تنظيمن وچ ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن جي نتيجي ۾ پنهنجي ئي قوم جا نوجوان سندن گولين جو کاڄ بڻجن ٿا. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن پاران تازو 2011ع ۾ ٿيندڙ گهر شماري کي بوگس قرار ڏيندي ان کي سنڌي قوم کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو نالو ڏنو ۽ پنهنجي طرفان رسمي طرح هاءِ گهوڙا ۽ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ٿوري ڪي گهڻي عوامي رابطا مهم به هلائي وئي پر زندگي ۽ موت برابر سنڌ جي ان مسئلي تي ڪو به غير معمولي ۽ اثرائتو احتجاج نه ڪيو. نتيجي طور هاڻ وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي قومپرستن طرفان سنڌ جي مختلف مسئلن تي ٿيندڙ احتجاج به پنهنجو اثر وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي نه رڳو پاليسي ڊاڪٽر زوما جي پاليسي جهڙي آهي پر پارٽي ڪارڪنن ڏانهن سندن رويو به ڊاڪٽر زوما کان مختلف نه آهي، سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ به پارٽين کي پنهنجي جاگير سمجهن ٿا ۽ اختلاف راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان تڙي خارج ڪري ڇڏين ٿا، کين ايجنسين جو دلال، دشمن/ مخالف پارٽين جو ڇاڙتو وغيره جهڙن لقبن سان نوازي سندن پاران ڪيل سڄي حياتيءَ جي قومي ۽ سياسي پورهئي جي تذليل ڪن ٿا.“
ڪجهه عرصي کانپوءِ هڪ پڙهيل لکيل، احترام لائق شخصيت ڊاڪٽر جي. ايس موراڪا کي ڊاڪٽر زوما جي جاءِ تي صدر بڻايو ويو ۽ والٽر سوسولو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. يوٿ ليگ جا ميمبر انقلابي رستي تي وڌي رهيا هئا جڏهن ته پراڻا اڳواڻ ان ويڙهاند واري دور ۾ ٿڌا ٿيندا پئي ويا. نيلسن منڊيلا ڪميونسٽن ۽ هندستانين جي سرگرمين کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسندو هو، هن جي نظر ۾ هو آفريقي عوام جي حقيقي قومي آزادي جي تحريڪ کي يرغمال ڪرڻ چاهين ٿا. ”احمد ڪيٿراڊا“ جيڪو ان وقت صرف 22 سالن جو پرجوش نوجوان هو تنهن نيلسن کي چيڙائي وڌو ته تون اسان جي آزادي جي ڏينهن ملهائڻ جو مخالف آهين، آفريقا جا ڌرتي ڌڻي به اسان جا حامي آهن، تو ۾ همٿ آهي ۽ تون انهن ڪارن کي اسان جي ان ڏينهن ۾ شرڪت کان روڪي سگهين ٿو ته روڪي ڇڏ. حڪومت جي پابندين باوجود هي هڙتال ڪامياب رهي، پوليس وڏي جلوس تي فائرنگ ڪري ڏني، نيلسن ۽ والٽر نرسنگ هاسٽل ۾ پناهه ورتي، ان ڏينهن 18 آفريقي مارجي ويا. ان وقت کانپوءِ نيشنل پارٽي جي حڪومت ”ڪميونزم کي روڪڻ وارو ايڪٽ“ پاس ڪيو جنهن تحت ڪميونسٽ پارٽي کي آفريقا ۾ غيرقانوني قرار ڏنو ويو، جيڪو به ان جي ميمبر شپ حاصل ڪندو ان کي ڏهه سال سزا ڏني ويندي. حڪومت جي اهڙي عمل خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي جنهن ۾ نيلسن منڊيلا ۽ ٻين چيو ته هڪ سياسي گروپ جي خلاف حڪومتي جبر کي سڀني حريت پسند ماڻهن جي خلاف جبر سمجهڻ کپي. ان عمل خلاف 26 جون 1950ع واري ڏينهن کي 18 آفريقين جي قتل ۽ ڪميونزم جي روڪڻ واري ايڪٽ کي روڪڻ لاءِ، جذبي جي اظهار لاءِ قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي.
ڪالهه تائين ڪميونسٽن ۽ هندستانين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ وارو نيلسن ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکڻ بعد هندستانين ۽ اشتراڪين سان هٿ وڌائڻ جو حامي ٿي ويو.
”سنڌ ۾ به ڪيئي اهڙا موقعا/ مرحلا آيا آهن جڏهن قومپرست مختلف حڪمت عملين سان پنهنجي جدوجهد جي شروعات ڪري ڏيندا آهن ته ان وقت به اسان جي هڪ ٻئي ڏانهن روش سخت تعصب واري هجي ٿي، هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسون ٿا، قومي مسئلن تي گڏ ويهڻ ۽ گڏيل محاذ جوڙڻ وقت به انا، ذاتي پسند ناپسند جهڙا شخصي رويا سامهون اچن ٿا. نتيجي طور سنڌ جي سڄي قومي تحريڪ ۾ اهم مسئلن تي جدوجهد دوران معمولي قسم جي اختلافن تي زور ڏئي بيهڻ واري روش سبب سنڌ جي عوام جي ٻڌي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، سنڌي عوام جي اجتماعي قومي ٻڌي ۽ جدوجهد عدم ويساهه جي ور چڙهي وئي آهي، سنڌ جي قومپرست قيادت ۽ پڙهيل لکيل قومي ڪارڪنن کي نيلسن منڊيلا جي ڪردار کي مثال بڻائي سنڌ جي معروضي حالتن پٽاندڙ پنهنجي سياسي حڪمت عملين، پاليسين ۽ فطري طور سياسي اتحادين جو تعين ڪرڻ گهرجي ۽ يقينن سنڌ جي قومي آزادي وارو مقصد سندن ذاتي پسند ناپسند جهڙن سمورن شخصي روين کان مٿاهون هجڻ گهرجي. نيلسن منڊيلا جيڪو پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏهاڪي تائين ڪميونسٽن، هندستانين ۽ ٻين رنگدارن جو سخت مخالف هو پر ڏکڻ آفريقا جي معروضي حالتن کيس پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ڇاڪاڻ ته سندس منزل ۽ مقصد آفريقي عوام کي غلامي کان آزادي ڏيارڻ هو جنهن ڪري هن پنهنجا شخصي اختلاف ۽ ذاتي راءِ کي پٺي پويان واري ڇڏيو، سهپ ۽ رواداري جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو ئي سبب هو جو آزاديءَ جي اجتماعي تحريڪ اُٿي ۽ آفريقي عوام غلامي کان آزاد ٿيو. دشمن جي خلاف ڪاميابي هميشه بهترين رٿابندي، گڏيل سهڪار ۽ ٻڌي سان ممڪن هجي ٿي.“
بهرحال 26 جون واري هڙتال آفريقي ڪانگريس جي ملڪي سطح جي پهرين هڙتال هئي. هيءَ هڙتال ڪامياب رهي جنهن ڪري سندن حوصلا بلند ٿيا ۽ هاڻ 26 جون جو ڏينهن آزادي جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
”سنڌ ۾ 2010ع واري مها ٻوڏ دوران هڪ ڪروڙ سنڌي ماڻهو جڏهن تباهيءَ جو شڪار ٿيا، دربدر ٿيا ته انهن مان صرف 5 لک ماڻهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو هو ته نسل پرست تنظيم متحده قومي موومينٽ سنڌي ماڻهن کي ڪراچي شهر ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سخت ڌمڪيون ڏنيون ۽ سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ٻوڏ ستايل سنڌي ماڻهن کي ڪراچي ۾ رهايو ويو ته ٺيڪ نه ٿيندو، نتيجي طور ڌرتي ڌڻي مصيبت جي اُن گهڙيءَ ۾ شهر جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ پناهگيرن وانگر ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا. وطن جي وارثيءَ جي دعويدار ڪنهن به قومي اڳواڻ/ پارٽيءَ روايت موجب بيان بازيءَ کانسواءِ نسل پرستن طرفان ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ان ڏاڍ خلاف عملي مزاحمت نه ڪئي، بي يارو مددگار بڻيل پنهنجن ماڻهن جي وارثي نه ڪئي ۽ کين ڪراچي ۾ مستقل طور تي آباد نه ڪرائي سگهيا. هي فرق هجي ٿو هڪ سنجيده ۽ قرباني جو جذبو رکندڙ قيادت جو.“
نيلسن منڊيلا کي ايوولين منجهان هڪ ٻيو پٽ ڄائو جنهن جو نالو ”ميڪ گاٿو“ رکيو ويو. ميڪ گاٿو 1917ع کان 1924ع تائين ANC جو صدر رهيو هو، جنهن پريٽوريا جي رستن تي آفريقين جي آمد تي لڳل پابندي واري حڪم جي خلاف وڏي جلوس جي قيادت ڪئي هئي، هن جي بهادري جي ڪري ئي نيلسن پنهنجي پٽ جو نالو ”ميڪ گاٿو“ رکيو هو.
نيلسن منڊيلا اڳتي هلي اهو اعتراف ڪيو ته گهٽ علمي ڄاڻ هجڻ ڪري ئي هو ڪميونسٽن ۽ ٻين جو مخالف رهيو. هن هڪ مرحلي تي هندستانين ۽ ڪيمونسٽ اڳواڻن ۽ دانشورن سان ڊگهيون ڪچهريون ڪيون ۽ ساڳئي وقت ڪارل مارڪس، لينن، اسٽالن، مائوزيتنگ ۽ جدلياتي فلسفي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتابن جو اڀياس ڪيو، غير طبقاتي سماج جي نظرئي هن کي ڪافي متاثر ڪيو. هن ڄاڻ کانپوءِ سڄي علم کي آفريقي عوام خلاف ڏاڍ ۽ نسلي مت ڀيد جي لاءِ موزون سمجهيو، جنهن سبب هن پنهنجي فڪر کي ڪافي حد تائين بدلايو ۽ ANC ۾ مارڪسٽن جي شموليت کي قبوليو. ڪميونسٽن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو نه هو ته ڪو نيلسن به ڪميونسٽ ٿي ويو هو.
”دنيا ۾ انقلاب ۽ آزادي جي تحريڪن جي هي تاريخ آهي ته شعور ۽ تربيت انقلابي تنظيمن کي جنم ڏين ٿيون باشعور ماڻهو، باهمٿ بڻجي ٿو ۽ ڏاهپ ڀري انداز ۾ مستقل مزاجي سان قومي آجپي جي جنگ وڙهي ٿو ۽ منزل حاصل ڪجي ٿي. بدقسمتي سان سنڌ ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان شعوري طور سياسي ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت کان پري رکيو ويو آهي، قيادت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري نه ٿي سمجهي، انڌن، گونگن، ٻوڙن ۽ ڇڙواڳ ڪارڪنن جي هڪ وڏي فوج تيار ڪئي پئي وڃي. ان جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيئن ڪارڪن قيادت جي غلط پاليسين ۽ سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جهڙن مسئلن تي قيادت پاران اختيار ڪيل مصلحت پسندي وارن روين جو پڇاڻو نه ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته نظرياتي ۽ فڪري ڄاڻ رکندڙ ڪارڪن نه صرف پارٽي جي نظرياتي پروگرام، پاليسين ۽ سياسي حڪمت عملين تي گهري نظر رکندڙ هوندا آهن پر هو صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪرڻ واري صلاحيت پڻ رکندا آهن ۽ سياسي تربيت، فڪري، علمي ڄاڻ منجهن سوال ڪرڻ يا اختلاف راءِ رکڻ واري سگهه پڻ پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. پر پڙهيل لکيل سياسي ڪارڪنن جون اهي سڀ خوبيون اسان جي انهن قومي اڳواڻن کي بلڪل پسند نه آهن جيڪي صرف ۽ صرف پنهنجي تعريف ۽ واهه واهه ٻڌڻ جا عادي بڻجي چڪا آهن يا وري پارٽين کي هڪ اداري ۽ نظرياتي پروگرام مطابق هلائڻ بدران پنهنجي مرضي ۽ خواهشن هيٺ هلائڻ چاهين ٿا. اسان جي قومي اڳواڻن ۽ پارٽين کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڇڙواڳ فوج تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، ۽ اسان جون پارٽيون/ اڳواڻ به ڪارڪنن کي تعليم ۽ تربيت کان پري رکي قومي آزادي جي منزل تي رسڻ وارو خواب ته ڏسي سگهن ٿا پر عملي طور پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي نٿي ماڻي سگهجي.“ جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته 5 ڏهاڪن کانپوءِ به اسان جا قومي اڳوڻ ڪا منظم ۽ سگهاري تنظيم جوڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.“
مشن پارٽي جي حڪومت نسلي امتياز وڌائي ڇڏيا هٿ ٺوڪيل قانون تحت گورا ڪٿي به قبضو ڪري انهن علائقن کي گورن جي بستي قرار ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ اهڙي ريت ڪارن جا ڳوٺ ۽ بستيون ڊهڻ شروع ٿي ويون هر طريقي سان ڪارن کي ذلتن جو منهن ڏيڻو پئي پيو ۽ ANC جي قيادت ڏاڍي بردباري سان ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺي آفريقي عوام کي منظم ڪري رهي هئي. سياسي ڪارڪنن جي سٺي تربيت ڪئي وئي، ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪيا ويا. ANC جا دانشور مسلسل اهو ڪم هيٺين سطح تائين ڪندا رهيا ڇاڪاڻ ته ANC کي اهو اندازو ٿي ويو هو ته آزادي جي ويڙهه ڊگهي ٿيندي، باهمٿ ۽ عقلمند ڪارڪن ئي سڄي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري سگهندو، عدالتن ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪري سگهندو. تنهن ڪري سياسي جلسن جلوسن سان گڏ تربيت جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو.
06 اپريل تي گورا ”جان بان ريبڪ“ جي آمد جو 100 ساله جشن ملهائيندا آهن هن ڏينهن تي هر سال گوري حڪومت جو بنياد پوڻ جو جشن مهايو ويندو آهي ۽ ڪارا ڌرتيءَ ڌڻي غلامي جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن. هاڻ آهستي آهستي سرڪار خلاف عدم تعاون ۽ مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ٿي رهي هئي. ANC جي هڪ گڏيل اجلاس ۾ مهاتما گانڌي جي پٽ ”مني لال شنڪر“ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مهاتما گانڌي جي اصولن جي پيروي ڪندي عدم تشدد وارو رستو اختيار ڪرڻ کپي. نيلسن منڊيلا جو خيال هو ته عدم تشدد اصل ۾ ڪو اهڙو عمل نه آهي، اهو سڀ ڪجهه رياست تي ڇڏيل هوندو آهي ته هو اوهان کي ڪهڙي رستي تي هلڻ تي مجبور ڪن ٿا اصل ۾ پرامن تحريڪ به مزاحمتي تحريڪ هوندي آهي. پهرين مرحلي ۾ ننڍن ننڍن جٿن تي مشتمل تربيت يافته رضاڪارن کي شهري علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين جي خلاف مخصوص قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻي هئي، هنن ٽولين پاران پوليس کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻو هو ته هُو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا مثال طور منع ڪيل پارڪ ۾ وڃڻ، منع ڪيل اسڪول ۾ وڃڻ، ،منع ڪيل گاڏي جي دٻي ۾ چڙهڻ، منع ڪيل Toilet ۾ وڃڻ وغيره. هي جٿا مقرر وقت تي منع ڪيل علائقن ۾ وڏي جوش جذبي ۽ ذميواري جي احساس سان آزادي جا گيت ڳائي داخل ٿي رهيا هئا ۽ آفريقي عوام سندن زبردست آڌرڀاءُ ڪري رهيو هو، سوين ماڻهن جو هڪڙو ئي نعرو هو ”آفريقا اسان کي واپس ڪريو“ ۽ سمورا گرفتا ٿي ويندا هئا.
آفريقا جي منع ڪيل علائقن ۾ پارٽي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مختلف رضاڪارن جي داخل ٿيڻ ۽ گرفتار ٿيڻ آفريقي عوام جي عوامي جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.
”سنڌ ۾ به ڪجهه ڏهاڪا اڳ جڏهن سنڌ تي ون يونٽ مڙهيو ويو يا ان کانپوءِ جابر حڪمران ضياءَ جي مارشل لا جي دور ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن صحافي تحريڪ ۾ اهو رنگ ڏيکاريو. يا ان کانپوءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ايم آر ڊي جي مزاحمتي تحريڪ دوران هزارين نوجوانن، ٻارن، ٻڍن، ۽ سنڌ جي نياڻين ڏکڻ آفريقا جي ان تحريڪ جي ياد تازي ڪري ڇڏي هئي. جڏهن هُو مارشل لا جي سمورن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي فوجي راڄ جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نچندا ڪڏندا آزادي جا گيت ڳائيندا تشدد سهندي گرفتاريون پيش ڪري رهيا هئا. پر ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ سنڌ جي قومي قيادت تبديل ٿي وڃڻ سان مزاحمتي تحريڪ جي جيڪا گرمجوشي هئي اها آهستي آهستي دم ٽوڙي وئي. ياد رهي ته صحافي تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار سياسي ڪارڪنن کي ڳريون سزائون مليون ۽ اهي مارشل لا جي خاتمي تائين جيل جون اذيتون سهندا رهيا. “
ان دوران نيلسن منڊيلا ۽ تحريڪ جا ٻيا مکيه اڳواڻ به گرفتار ڪيا ويا. نيلسن ان کان اڳ ڪيئي ڀيرا ٿوري ٿوري عرصي لاءِ جيل ويندو رهيو. ٿورن مهينن ۾ 8 هزار سياسي ڪارڪن جيل ۾ واڙيا ويا. اها تحريڪ ANC جي شهرت وڌائڻ ۾ اهم ثابت ٿي ۽ لکين ميمبرن جو اضافو ڪيو. آفريقي هندستاني اعتدال پسند ۽ انقلابين جي گڏيل متحده محاذ حڪومت کي چيڙائي ڇڏيو، ان دوران سرڪار مختلف طريقا استعمال ڪندي تحريڪ کي ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر کين ناڪامي ٿي. 30 جون 1952ع تي ڪميونزم روڪڻ واري ايڪٽ تحت نيلسن ۽ سندن ساٿين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. والٽر سوسولو، بي مارڪس، ڊاڪٽر دادو، يوسف ڪچاليه ۽ ڊاڪٽر احمد ڪيٿراڊا پڻ گرفتار اڳواڻن ۾ شامل هئا. ان دوران هڪ عجيب قصو ٿيو، ANC جي صدر ڊاڪٽر موروڪا الڳ ڪيس وڙهڻ جي درخواست ڪئي جنهن تحريڪ کي نقصان ڏنو، نيلسن جي چوڻ باوجود هن نه مڃيو. هن عدالت ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڏکڻ آفريقا ۾ ڪارن ۽ گورن ۾ برابري هئڻ ناممڪن آهي، هُو پنهنجي دولت کي خطري ۾ نه پئي وجهي سگهيو. هن عدالت نيلسن منڊيلا ۽ سندس ساٿين کي 9 مهينا ٽيپ جي سزا ڏني. ان تحريڪ ۾ کوڙ سارين غلطين جي باوجود آزادي جي تحريڪ لاءِ مضبوط بنياد پئجي ويا ۽ خاص ڳالهه اها ٿي ته 6 مهينن جي انهي تحريڪ دوران اتحادين پاران هڪ به تشدد جو واقعو نه ڪيو ويو. تربيت يافته رضاڪارن هن ويڙهه کي اڳواڻن جي ڏسيلdiscipline تحت ڪاميابي سان وڙهيو. اهو ئي مکيه سبب هو جڏهن پڙهيل لکيل سمجهدار قيادت هجي ۽ بهتر ڪارڪن هجي ته هر قسم جي ڏاڍ خلاف سندن حوصلا هماليه پهاڙ جيان اوچا ٿي بيهن ٿا، ڪنهن به قسم جو ڊپ سندن ويجهو نٿو اچي. ان تحريڪ دوران نيلسن کي تجربو ٿيو ته رڳو سول نافرماني جي تحريڪ سان گورن جي بربريت جو خاتمو نه ٿو ڪري سگهجي. نيلسن هاڻ آزادي جي مجاهد جي حيثيت ۾ بالغ ٿي چڪو هو، هُو ڊپ ۽ لالچ کان مٿاهون ٿي صرف آزادي جو مقصد کڻي جدوجهد جي ميدان ۾ لٿو.
1952ع جي پڄاڻي تي ANC سالياني ڪانگريس ۾ نئين حالتن موجب پنهنجو نئون ۽ وڌيڪ متحرڪ صدر چونڊيو جيڪو قبيلائي سردار ” البرٽ لوٿولي“ هو، سندس پيءُ پادري هو ۽ سندس ايڊمس ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان تربيت حاصل ٿيل هئي. نيلسن، ڪانگريس جو پهريون ڊپٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو. چيف لوٿولي نسلي مت ڀيد جو سخت مخالف هو هن پنچائتي ڪائونسل جي ميمبرشپ ختم ڪئي، ڪانگريس ۾ سرگرم رهڻ جي ڪري حڪومت سندس سڀ رعايتون ختم ڪري ڇڏيون، جنهن تي هن بيان جاري ڪيو هو، ” آزادي جو رستو ڦاسي جي تختي تان ٿي گذري ٿو.“ نيلسن منڊيلا تي سرڪار ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، نيلسن جي سندس پٽ جي سالگرهه ۾ شرڪت به سياسي ڏوهه قرار ڏنو ويو. ANC سمجهي ورتو هو ته ڪانگريس کانپوءِ ANC ۽ آفريقا انڊين ڪانگريس تي پابندي هنئي ويندي ان ڪري اهڙو منصوبو ٺاهيو ويو جو زير زمين رهي ڪري به آزادي جي جدوجهد کي جاري رکي سگهجي. اهو منصوبو بعد ۾ ”منڊيلا پلان“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان سلسلي ۾ تفصيل طئه ڪرڻ لاءِ ته ڪيئن مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري سگهبو، نيلسن منڊيلا ڪيئي مهينا اهم اڳواڻن سان ڳجهي نموني صلاح مشورا ڪندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ بهترين تنظيمي ڍانچو ترتيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا. هيٺين سطح تي تنظيم ٺاهڻ ۽ انهن جو هر ماڻهو سان واسطو يا خبر رکڻ سان گڏوگڏ مٿين سطح تي اڳواڻن سان مستقل رابطو ضروري هو. نيلسن جي خيال ۾ هيٺين سطح جا سمورا اڳواڻ جيڪي تنظيم جي اڳواڻي ڪندا اهي مقامي سطح تي سٺي ساک رکندڙ هجن ۽ سڀئي ماڻهو مٿن ڀروسو ڪندا هجن، انهن اڳواڻن جو ڪم عوام جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ لاءِ سياسي ليڪچر ڪرڻ جو بندوبست به لازمي هو. ANC جي مٿين اداري نيشنل ايگزيڪٽو منڊيلا جي ان پلان کي قبول ڪري ورتو. ڪانگريس سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ڪارڪنن جي لاءِ ليڪچرن جا بندوبست ڪرڻ شروع ڪيا ۽ هڪ نصاب ترتيب ڏنو جنهن موجب:
1. دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا
2. اسان تي حڪومت ڪيئن ڪئي پئي وڃي.
3. انقلاب جي ضرورت آهي
انهن ليڪچرن ۾ سياسي ۽ اقتصادي حالتن، ڪارن ۽ مقامي ماڻهن جي نسلي غلامي، انهن تي ڏاڍ ۽ جبر جهڙن موضوعن تي ڳالهايو ويندو هو. اهڙيءَ ريت سرڪار جي مختلف اڳواڻن تي پابندين جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جي سياسي ڪارڪنن جي زبردست تربيت ٿيندي وئي.
”1950ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آفريقي عوام بدترين غلامي ۾ ڦاٿل هو ان جي باوجود آفريقي آزاديءَ لاءِ مزاحمتي تحريڪ اهو ضروري سمجهيو هو ته هيٺينءَ سطح تي تنظيم ڪاري عوام سان سڌو رابطو انهن جي سياسي تربيت ۽ مقامي سطح جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي سٺي ساک ۽ ڀروسي جوڳو هجڻ ڪيڏو نه اهم هو.
ڇاڪاڻ جو آزادي بي لوث جدوجهد جي ذريعي ۽ وڏي قرباني ڏيڻ سان ملندي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ پنجن ڏهاڪن کانپوءِ به ڏکڻ آفريقا جي آزادي واري تحريڪ ۾ نيلسن منڊيلا جي ڪردار ۽ جدوجهد يا دنيا جي ٻين قومي آزادي وارين ڪامياب تحريڪن مان ڪجهه به نه پِرايو آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ يا قومي تحريڪ جا اڳواڻ 5 ڏهاڪن جي جدوجهد کانپوءِ به سنڌ جي عوام جو ويساهه حاصل نه ڪري سگهيا آهن، ان جو بنيادي ڪارڻ هيٺين سطح تائين مضبوط تنظيم ۽ سنجيده اڳواڻن/ ڪارڪنن جو نه هجڻ آهي. سنڌ ۾ قومپرست سياست جي ڊگهي تاريخ باوجود اڄ به سنڌ جي قومپرست پارٽين ۾ يونٽ/ يو سي سطح جا اڳواڻ ته ٺهيو پر ضلعي سطح تي به توهان کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو اڳواڻي ڪندي نظر ايندا جيڪي پنهنجي پارٽي جي منشور يا پروگرام جي به چڱي ريت وضاحت نه ڪري سگهندا آهن. سنڌ جي قومي تحريڪ جو ويجهڙائي کان جائزو وٺڻ سان خبر پوندي ته هيٺين سطح تي علائقي ۾ سٺي ساک رکندڙ سياسي ڪارڪنن بجاءِ پارٽي قيادت پاران هٿ وٺي نالي ماتر پڙهيل، ڇڙواڳ، ڏاڍا مڙس ۽ پنهنجي ئي عوام کي آزاريندڙ ماڻهن کي اڳواڻ بڻايو وڃي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ جو اڪثريتي عوام نه چاهيندي به سنڌ جي بدترين ڪردار جاگيردار ۽ وڏيري سان گڏ بيٺو آهي يا وري موجوده صورتحال ۾ سنڌ دشمن نسل پرست ٽولي تي اعتماد ڪرڻ لڳو آهي. سنڌ جي اڪثريتي عوام جي اهڙي روش جو هڪ سبب جيتوڻيڪ سندن ذاتي مفادن جو حصول آهي، پر سنڌ جون قومپرست پارٽيون پنهنجي اندر موجود انيڪ سماجي اوڻاين جي ڪري پڻ سنڌ جي عوام جي همدردي/ حمايت حاصل نه ڪري سگهيون آهن.
مزاحمتي تحريڪ دوران نيلسن منڊيلا ٻن مختلف راهن تي هلندو ويو. هڪ طرف آزادي جي جدوجهد ۽ ٻئي پاسي پيٽ گذر، وڪالت جي ڌنڌي دوران ڪانگريس کي صرف ايترو وقت ڏيندو هو جيترو کيس وڪالت جي مصروفيت مان بچندو هو. نيلسن جي ماءُ ۽ ڀيڻ به ساڻس گڏ جوهانسبرگ ۾ اچي رهڻ لڳيون هيون، سڀني جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي جو بندوبست تمام ڏکيو ٿي رهيو هو. نيلسن وڪالت پاس ڪري هڪ ڪمپني ۾ وڪيل جي حيثيت سان ڪم جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي نيلسن پنهنجي لا آفيس قائم ڪئي، هن انڊين ڪانگريس جي اڳواڻ قاسم پٽيل جي زال زبيده پٽيل سان گڏ ڪم شروع ڪيو جنهن سان سندس وڪالت هلي پئي ۽ چڱي موچاري ڪاميابي ملي پئي. اڳتي هلي ڪانگريس جي هڪ اهم اڳواڻ ”اوليور ٽيمبو“ ۽ منڊيلا گڏجي وڪالت شروع ڪئي. منڊيلا ۽ ٽيمبو جي نالي سان هنن کي زبردست پذيرائي ملي، هاڻ قانوني معاملن ۾ ڪارن ماڻهن جي پهرين ترجيح هي فرم هوندي هئي. نيلسن منڊيلا اڪثر هر هفتي ڳوٺاڻن جهونن سان ڪچهريون ڪندو هو، جيڪي کيس ٻڌائيندا هئا ته سندن ابا ڏاڏا ستن اٺن پيڙهين کان انهن پَٽن کي آباد ڪندا پئي آيا پر گورا زبردستي کين بي دخل ڪريو ڇڏين. آفريقي رهاڪو گوري سرڪار وٽان انصاف ملڻ بابت سخت مايوس هئا، ڪٿان به ڪا امداد نه پئي ملي. ”گورن لاءِ مخصوص دروازن مان لنگهڻ ڏوهه هو، گورن جي لاءِ مخصوص ڦوهاري مان پاڻي پيئڻ ڏوهه هو، رات جو يارنهن بجي کانپوءِ روڊن ۽ گهٽين ۾ ڪنهن آفريقي جو گهمڻ ڏوهه هو، اجازت نامي جو کيسي ۾ نه هجڻ ڏوهه هو.“ سندن سمورا بنيادي حق کسيا ويا هئا، ابن ڏاڏن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، ساڻن غلامن وارو رويو رکيو ويو، ان قسم جي رياستي ڏاڍ ۽ جبر آفريقي ماڻهن کي ذهني طور چيڙائي وڌو هو جنهن جي نتيجي ۾ آفريقي عوام تيزي سان آفريقا جي آزادي جي اڀرندڙ تحريڪ سان ويجهو ٿيندو ويو.
منڊيلا، اوليور سان گڏجي وڪالت دوران پنهنجي وڪالت سٺي ڪري ورتي ۽ محسوس ڪيو ته سندس پاران ڌنڌي جي صحيح چونڊ ٿي آهي، وڪالت جي ڪري آفريقي عوام سان سندس ميل جول به وڌي وئي. نيلسن منڊيلا ڪيس تيار ڪندو هو، هو سڄو ڏينهن عدالتن ۾ قانوني ويڙهه۾ رڌل هوندا هئا، ڪٿي کين عزت ڏني ويندي هئي ته ڪٿي وري کين بي عزتو ٿيڻو پوندو هو. عدالتن ۾ اڪثر کين تعصب کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن گورا شاهد ڪاري وڪيل جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. هڪر ڀيري نيلسن منڊيلا پنهنجي موءڪل جو ڪيس وڙهڻ لاءِ مئجسٽريٽ سامهون پيش ٿيو ته گوري مئجسٽريٽ کيس چيو ته تنهنجو اجازت نامو ڪٿي آهي؟ منڊيلا وراڻيو ته آءُ نيلسن منڊيلا وڪيل آهيان ۽ هي منهنجو موءڪل آهي، مئجسٽريٽ تعصب واري انداز ۾ کيس چيو ته آءُ تو کي نٿو سڃاڻان ۽ پوءِ هڪ اردلي کي سڏي نيلسن منڊيلا کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. جوهانسبرگ ۾ آفريقي ماڻهن جي هڪ وڏي آبادي صوفيه ٽائون هئي جتي هر قسم جو آفريقي ماڻهو رهندو هو. وڏي آبادي هئڻ ڪري گورن ان کي ختم ڪري ڪيئي ميل پري آفريقين لاءِ نئين بستي اڏڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي ماڻهن ۾ تاءُ پکڙيو، ANC ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس مقامي ماڻهن جي مدد سان سگهاري عوامي تحريڪ هلائي، هر هفتي جلسا جلوس ٿيندا هئا. هڪ ڀيري نيلسن منڊيلا ان جلسي کي خطاب ڪندي چيو، ”زباني مقابلي ۽ مزاحمت جو دور ختم ٿي چڪو آهي، اهنسا هڪ بيڪار شيءَ آهي اها هن گوري حڪومت جو تختو اونڌو نه ٿي ڪري سگهي، اڄ کانپوءِ تشدد ئي اسان جو هٿيار هوندوجيڪو گوري حڪومت کي نيست ۽ نابود ڪندو. اسانکي ويجهڙائي ۾ اهو هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ کپي، ميڙ انتهائي پرجوش هو نيلسن تقرير کانپوءِ آزادي جو گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏنو.
”دشمن اسان جي سامهون آهي، اچو هٿيار کڻو ۽ مٿس حملو ڪريو“ ۽ پوءِ هن پوليس ڏانهن اشارا ڪري چيو نوجوانو! هو ڏسو اسان جو دشمن اسان جي سامهون بيٺو آهي.“ پر امن جدوجهد ان وقت تائين ڪارآمد هوندي آهي جيستائين اوهان جو مخالف به اهڙي ئي انداز ۾ اوهان سان منهن ڏيندو هجي پر جڏهن پر امن احتجاج جو جواب ظلم ۽ تشدد هجي ته پوءِ ان جي اهميت ۽ افاديت ختم ٿي وڃي ٿي. نيلسن جا اصل ۾ جذبا اهي هئا پر پارٽي جي مٿين اداري ۾ مٿس تنقيد به ٿي ۽ کيس تنبيهه به ڪئي وئي پر ڪجهه حلقي شاباس پڻ ڏني.
ان دوران گورن ANC جي ڪجهه اڳواڻن کي صلاح مشوري لاءِ گهرايو جنهن ۾ چيف لوٿولي ۽ پروفيسر ميٿيوز به شامل هئا. پارٽي جي ڪميٽي مٿين اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته گورن سان ٿيل ڪچهري جو احوال ڏيو، هنن رپورٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو تنهن تي نيلسن منڊيلا چيو ته توهان ڪهڙا اڳواڻ آهيو جو گورن سان ته ڳالهايو ٿا پر پنهنجن ساٿين کي ان بابت واقف ڪرڻ نه ٿا چاهيو، اوهان سان مسئلو هي آهي ته اوهين گوري سرڪار کان ڊڄو ٿا. ان دوران ”سوسولو“ جيڪو نيلسن جو وڏو رازدار هو نوجوانن جي هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ ٻاهر وڃي رهيو هو، نيلسن کيس صلاح ڏني ته هو عوامي جمهوريه چين جو به ضرور دورو ڪري ۽ هٿياربند تحريڪ لاءِ چين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري. نيلسن هڪ اهڙو انقلابي بڻجي رهيو هو جيڪو ضابطي کان وڌيڪ عملي ڪردار جو قائل هو. والٽر جي ٻاهر وڃڻ جي ڪري پارٽي اندر وڏو گوڙ گهمسان ٿيو، والٽر تي ضابطي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو. والٽر چين ويو جتي سندس ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو ويو. چيني اڳواڻن آفريقا جي آزاديءَ جي ڀرپور حمايت ڪئي. نيلسن صبح جو سوير اٿڻ جو عادي هو، پرهه ڦٽي ۽ رات جو بدلجندڙ وقت هن کي بي حد پسند هو. ”ٽرانسوال“ ڪانفرنس ۾ هن هڪ تاريخي تقرير ڪئي ان وقت هن جي عمر پنجٽيهه سال هئي. اها تقرير ”آزادي ڪو سولو رستو ڪونهي“ جي عنوان سان مشهور ٿي، هن ان تقرير ۾ چيو ته هاڻي عوام کي سياسي جدوجهد جا طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو، اخبارون ۽ رسالا اسان جون خبرون نه پيا ڇاپين، ڇاپا خانه اسان جا اشتهار نه ٿا ڇاپين، کين قيد وبند جو ڊپ آهي تنهنڪري هاڻي سياسي ميدان ۾ نوان طريقا استعمال ڪرڻ جو وقت آهي، ظالم ۽ مظلوم ۾ کليل مقابلو آهي، آزادي پسند ۽ آزادي مخالف قوتون آمهون سامهون آهن. زندگي جي آخري گهڙي تائين مزاحمت ڪئي وڃي. انسانيت اصولي طور تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي اجازت ڏئي ٿي ۽ اها ئي آزادي پسندن جي دلي خواهش آهي. گورن جي لا سوسائٽي نيلسن منڊيلا کي وڪالت کان روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ته هو سياسي سرگرمين ۾ شامل آهي کيس سياست کان روڪيو وڃي. هڪ گوري وڪيل ”والٽر ڪولاڪ“ ڪيس وڙهيو، سپريم ڪورٽ جي گوري جج لا سوسائٽي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، نيلسن کي انصاف مليو ۽ لا سوسائٽي کي هرجاڻي ڀرڻ جي هدايت ڪئي وئي. 1954ع کان 1955ع تائين صوفيه ٽائون کي خالي نه ڪرڻ جي تحريڪ لڳاتار جاري رهي، نيٺ 4 فيبروري تي هزارين پوليس اهلڪارن صوفيه ٽائون کي ڊاهڻ شروع ڪيو، نوجوانن جو وڏو انگ مزاحمت لاءِ تيار بيٺو هو پر آفريقي آزادي پسند تحريڪ اڃا ان سطح تائين نه پهتي هئي جو هو ڦريل ميدانن تي بنا هٿيارن جي، بنا رٿا بندي جي وڙهن ۽ ڪاميابي ماڻي سگهن. صوفيه ٽائون جي معاملي ۾ آزادي پسند پارٽين ڪيئي غلطيون ڪيون. مثال طور ان دوران اهو نعرو عام ڪيو ويو ته اسان جي لاشن تان گذري ڳوٺ ڊاٺو ويندو. اصل ۾ اهڙا نعرا پرجوش تحريڪ جو سبب بڻجن ٿا، اهي نعرا تنظيم ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي جو ڪم به ڏيندا آهن. ماڻهن جو ان تحريڪ ڏانهن ڌيان ڇڪبو آهي، نتيجي ۾ عوام يقين ڪري وٺندو آهي ته هر حالت ۾ تحريڪ هلائيندڙ آخري گهڙي تائين ان جي مزاحمت ڪندا. جڏهن ماڻهن جو ويساهه ٽٽي ويو ته عوام ”صوفيه ٽائون“ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويو. ”سياسي توڻي عوامي سگهه نه هجڻ ڪري جذباتي قسم جا نعرا ڏيڻ عارضي طور تي عوام جي ڪجهه حصي کي پاڻ سان گڏ بيهاري سگهجي ٿو پر ناڪامي جي صورت ۾ اهي ماڻهو نه رڳو مايوس ٿين ٿا پر انهن جو رستو به الڳ ٿي وڃي ٿو. ان ڪري حقيقت پسندي واري روش اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي ٻي صورت ۾ عوام جو تنظيم، انقلاب ۽ آزادي وارن مقصد تان ويساهه ختم ٿي ويندو. ڪراچي ۾ نسل پرست پناهگيرن توڻي افغانين جي والار ڌرتي ڌڻين جا ڳوٺ ڊاهڻ ۽ ان تي ڪجهه قومپرست ڌرين جي زبردست واويلا، مزاحمت ڪرڻ جا اعلان ۽ اهو چوڻ ته دشمنن کي اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو واري ٻٽاڪ بازي سنڌين کي وڏو نقصان ڏنو آهي. جي ايم نگر جو ڊهڻ ۽ گٽر باغيچه جو ٺهڻ ٻه وڏا مثال آهن، انهيءَ تي سنڌ جي قومي قيادت وڏيون دعوائون ڪيون پر عملي طور ڪجهه به نه ڪري سگهيا، نتيجي ۾ هزارين سنڌي ماڻهن جو قومي قيادت تان ويساهه کڄي ويو. سياسي جدوجهد ۾ غلطين جا امڪان تمام گهڻا هجن ٿا پر ان جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ غلطين کي قبول ڪرڻ ۽ ساڳين غلطين کي نه ورجائڻ سياسي قيادت جي ذميوارين ۾ اچي ٿو پر سنڌ جي قومي تحريڪ ان عمل کان اڃا ڪوهين ڏور آهي.“
آفريقي عوام جي ٻارن لاءِ تعليم جي سهولتن جو هجڻ بنهه گهٽ هو، گورن جي ڀيٽ ۾ ڪارن شاگردن تي ڇهه ڀيرا گهٽ خرچ ڪيو ويندو هو. بنتو ايجوڪيشن ايڪٽ تحت ڪارن لاءِ تعليم لازمي نه هئي. ان قانون جي خلاف ANC ڊگهي عرصي تائين اسڪول وڃڻ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، اهو بائيڪاٽ غير موءثر ثابت ٿيو. حڪومت اعلان ڪيو ته جيڪو به شاگرد اسڪول نه ويندو ان کي هميشه لاءِ تعليم کان پري رکيو ويندو. نيلسن ۽ سندس ساٿين پرائيويٽ اسڪول هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سرڪار ان تي به بندش وجهي ڇڏي ۽ اهڙي طرح اها تحريڪ دم ٽوڙي وئي. تحريڪ جي ناڪامي ته ٿي پر اڳتي هلي سرڪار ”بنتو تعليمي ايڪٽ“ ۾ نرمي آندي. ان زماني ۾ پروفيسر ميٿيوز هڪ سال لاءِ آمريڪا ۾ رهيو. جتان هو نئين فڪر ۽ نئين نظريي سان موٽيو. هن واپس اچي ڪانگريس کي صلاح ڏني ته ڇا اهو ممڪن نه آهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ رهندڙ سمورن نسلن ڪارن، گورن، رنگدارن ۽ هندستانين کي ملائي ڪو ڪنونشن گهرائجي، جتي مستقبل جي جمهوري ڏکڻ آفريقا جو منشور تيار ڪري سگهجي. هڪ نيشنل ايڪشن ڪائونسل ٺاهي وئي چئن تنظيمن تي مشتمل ڪجهه سوال ترتيب ڏنا ۽ سڄي ملڪ ۾ خطن جي ذريعي موڪليا ويا. جنهن ۾ ماڻهن کي دعوت ڏني وئي ته اچو سڀ پاڻ ۾ گڏجي آزادي جي عظيم منشور جي تياري ڪريون. اهم رٿ جيڪا سامهون آئي اها هي ته ”هڪ فرد هڪ ووٽ“ ڏکڻ آفريقا انهن سڀني جو وطن آهي جيڪي ان ۾ رهن ٿا. 25-26 جون 1955ع تي گهڻ نسلي ماڻهن جي بستي ”ڪئپ ٽائون“ ۾ ڪانگريس آف دي پيپل جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ٽي هزار نمائندن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اڪثريت ڪارن جي هئي. هندستانين، رنگدارن جو گهڻو تعداد به ان ۾ شامل هو. نوجوان زبردست نعري بازي ڪري رهيا هئا، آزادي اسان جي زندگي ۾ ملندي ۽ آزادي جي جنگ زنده باد جا بينر ٽنگيل هئا. ان ڪنونشن ۾ ٻي ڏينهن تي سرڪاري ايجنسين ۽ پوليس جي هٿيار بند دستن قبضو ڪري ورتو، سمورا دستاويز ضبط ڪيا ويا. سمورا ماڻهو آفريقا زنده باد جا نعره هڻي رهيا هئا. بحرحال ڪانگريس آف دي پيپل آزادي جو منشور فائنل ڪري ورتو جنهن موجب نسلي مت ڀيد کان مٿاهون جمهوري ڏکڻ آفريقا جوڙڻ هو. هي جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف عوام جي خواهشن تي ٻڌل دستاويز هو. نيلسن منڊيلا ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، جتي هي پنهنجي امڙ سان پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقاتون ڪندو رهيو. سرسبر ماٿريون، ٻنيون ٻارا گهمندو رهيو. کيس شديد احساس ٿي ويو هو ته شهري زندگي ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. ڳوٺاڻي زندگي ۾ امن، سڪون ۽ شانتي سمايل آهي. هن جي خيال ۾ سياسي ڪارڪن کي ڪنهن به ريت پنهنجي اصلي زندگي، ڳوٺاڻي ماحول کان پنهنجي پاڙن کان الڳ نه ٿيڻ گهرجي. اهو درست آهي ته آزادي جي تحريڪ ۾ ڪيئي لچ لوفر ۽ ڏوهاري ذهنن جا نوجوان به شامل ٿي ويندا آهن ڇو ته تحريڪ جا دروازا سمورن ماڻهن لاءِ کليل هوندا آهن پر تحريڪ جي قيادت اهڙن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت ڪري کين پارٽي ۽ سماج لاءِ ڪارآمد بڻائي سگهي ٿي. ڪيترائي ڏوهاري ذهن جا ماڻهو نيلسن سان ملندا هئا. پارٽي ۽ سندس لا فرم انهن جي مدد ڪندي هئي، هي انهن کان نفرت ڪو نه ڪندا هئا، بلڪه انهن کي سڌارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندا هئا. ”سنڌ جي سماج ۾ به آفريقي سماج وانگر ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون هنيون، حڪمرانن جي طرفان عوام جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪرڻ، نسلي طور تي ٻي درجي جو شهري قرار ڏيڻ جي ڪري يقينن معاشري ۾ سماجي ڏوهه وڌن ٿا. سنڌ جي نوجوانن جو چڱو خاصو حصو روزگار نه ملڻ ڪري ڏوهن جي رستي تي هليو آهي. هڪ ته سنڌ جي قومي تحريڪ انهن ڏوهارين کي پنهنجن پارٽين ۾ وڏي پيماني تي جاءِ ڏيندي رهي پر ڪڏهن به انهن جي تربيت ڪري انهن کي سٺو انسان بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي بلڪه سنڌ جي عوام جا اهي الزام گهڻي حد تائين درست آهن ته ڪجهه قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڏوهن ۾ ملوث آهن. بلڪه افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه قومپرست پارٽين جي قيادت ۾ ڏوهاري عنصر موجود آهن.“
1956ع کانپوءِ نيلسن اڳ جيان گوري سرڪار جي قانون مطابق چرپر ڪرڻ جو هاڻ مخالف ٿي رهيو هو، هاڻي هن ۾ شدت ايندي وئي ۽ پنهنجي مرضي سان نقطه نظر جوڙيندي سياسي جدوجهد ۽ قومي مسئلن ۾ شرڪت ڪرڻ جو اختيار دشمن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي مرضي موجب ڪرڻ پئي چاهيو. نيلسن منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هوندي هفتي ۾ چار ڏينهن باڪسنگ ڪلب ويندو هو سندس پٽ ”ٿيمبي“ کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. هن جي خيال ۾ ڪلب ۾ رياضت سان کين قيادت، پيش قدمي ۽ پاڻ ڀروسي جو سبق ملندو هو.