تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

علي حسن چانڊئي جو هي ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ علي حسن چانڊئي، ڏکڻ آفريڪا جي جدوجھد آزادي، نيلسن منڊيلا جي سوانح ۽ قربانين واري تاريخي ڪردار کي قلمبند ڪري ان جي روشني ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ علي حسن چانڊئي جو قلم ڀرپور نموني، سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ ۽ جدوجھد جو، ماضي ۽ هال بيان ڪرڻ سان گڏ آئيندي جو نقشو به پيش ڪري ٿو.
Title Cover of book نيلسن منڊيلا جي جدوجھد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ

سنڌ کي اڳواڻ نه پر انقلابي پارٽي گهرجي

آفريقا ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڻ اُن نتيجي تي پهتا آهيون ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ انقلابي تحريڪ ۾ کوڙساريون ۽ بنيادي ڪمزوريون موجود آهن.
اڳواڻي جو فقدان، سٺي تنظيم جو نه هجڻ وارو بحران، سياسي ڪيڊر جو نه هئڻ جو ڪارڻ، Corruption، ٻٽاڪ بازي، ڇڙواڳي ۽ قومي، طبقاتي ۽ جمهوري Issues سائنسي ۽ فڪري انداز ۾ ادراڪ نه هئڻ ڪري ڪيئي ڏهاڪا گذرڻ باوجود عوام تائين رسائي نه ٿي سگهي آهي، بهتر تنظيم ناهي جُڙي سگهي. مضبوط تنظيم بنا آزادي ۽ انقلاب جي دعوى ڪرڻ ٻٻرن مان ٻير لاهڻ برابر آهي ۽ ساڳي وقت نالي ماتر تنظيم جو وجود هجي ۽ ڪم وڏيرڪي انداز وارا هجن ته پوءِ به کانئن آزادي ۽ انقلاب جي اميد رکڻ ڌوڪي ۽ خودفريبي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
تاريخ ۾ Popular قيادت صرف پاڻ کي ٺاهيو آهي، عارضي طرح سان عوام کي معمولي رليف ڏياري سگهيو هوندو پر قوم ۽ عوام جي ڏکن ڏوجهرن جو خاتمو ڪري سگهيو هجي اهو نا ممڪن آهي.
اسين اڪثر بحث ڪندا آهيون ته ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽي کي انقلابي انداز ۾ نه جوڙي سگهيو عوام کي پنهنجي چوڌاري گڏ ڪيائين پوءِ اوهان ڏٺو ته ملڪ جي وڏي پارٽي جنهن ۾ قربانيءَ جو جذبو به موجود هو پر ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي کان نه بچائي سگهي، بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ڦاهي نه ڏياري سگهي.
اڄ وري ڪي قومپرست پاڻ کي ڀٽو بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، هُو ساڳي غلطي ورجائي رهيا آهن، لکين انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ڪارڪن ۽ عوام گڏ ڪري پاڻ لاءِ تاڙيون، نعرا ۽ جمهريون هڻائي رهيا آهن. تاريخ ۾ سندن حشر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙو به نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته اها مٿين ٻنهي اڳواڻن جي خوش قسمتي هئي جو کين شهادت نصيب ٿي، سندن دليري ڪم اچي وئي ۽ تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ کين شاندار عزت ۽ وقار نصيب ٿيو. پر Corrupt ، غير جمهوري ڪردارن جو مستقبل ڇا ٿيندو اهو به تاريخ ورجائيندي ۽ ايندڙ نسل انهن تي پنهنجي راءِ ڏيندو.
سنڌ ۾ قومي تحريڪ جا بنياد وجهندڙ اڳواڻ گهڻي حد تائين جمهوري ڪلچر، تنظيم سازي، ڪمٽمنٽ، ڪرپشن کان پاڪ ۽ عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪندڙ هئا. پر موجوده قيادت پاڻ متعلق سماج ۾ ڪيئي سوال ۽ منفي خاڪا ڇڏيا آهن. هر قسم جي سماجي برائي موجوده اڳواڻن جي کاتي ۾ اچي ٿي ۽ پنهنجو پلئه انهن الزامن مان آجو نه ڪرائي سگهيا آهن. ڪنهن پڇيو ته چري ڪيئن آهين، جواب مليو ته ويران ويران وڌ. جڏهن پنهنجو جائزو نه وٺبو ۽ هر ڀيري اهڙا عمل ڪيا ويندا جنهن سان سنڌ کي نقصان پيو ٿئي ته پوءِ ضرور شعور رهنمائي ٿو ڪري ته سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ٿي رهيو آهي.
سندن اهڙي ڪردار مان رياست به خوش آهي جنهن جو اظهار هن طرح سان ٿئي ٿو جو ملڪ ٽوڙڻ ۽ آزاد وطن جي لاءِ جاکوڙيندڙ موجوده تنظيمون بنا روڪ ٽوڪ جي آزاديءَ سان پنهنجي جدوجهد ۾ مصروف آهن کين ڪجهه نٿو چيو وڃي. ڇاڪاڻ جو انهن اڳواڻن توڙي تنظيمن جي ڪردار ۽ جدوجهد مان رياست ڪوبه خطرو محسوس ئي نٿي ڪري.
سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ سوچڻ جو وقت آهي ۽ کين دنيا جي آزاديءَ جي تحريڪن ۽ انقلابن جي سرواڻن ۽ انقلابي تنظيمن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي ۽ پوءِ ان مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي پنهنجي قيادت ۽ قومي تحريڪن بابت سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي.
قومي ڪارڪن، مائوزيتنگ، لينن، هوچي منهه، چي گويرا، ڪم اِل سنگهه ۽ فيدل ڪاسترو جي جدوجهد ۽ سندن عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي پڙهن ۽ پوءِ پنهنجي قيادت ۽ پارٽين جو جائزو وٺن ته فرق واضح نظر ايندو.
ڏکڻ آفريقا جي قومي تحريڪ جي اڳواڻن نيلسن منڊيلا، اوليور ٽمبو، احمد ڪيٿراڊا، نانا سيٿا، سبڪ وي، چيف لوٿولي جهڙن اڳواڻن جي قرباني ڏاهپ، سندن جستجو سبب آفريقي عوام ذلتن مان آجو ٿي ٻاهر نڪتو.
مٿين اڳواڻن جدوجهد دوران پنهنجا سمورا اثاثا وڃائي ڇڏيا، پئسي لاءِ محتاج هئا پر سندن حوصلي ۽ وطن سان وفاداريءَ سبب پنهنجو مال، پنهنجي جان، پنهنجا ٻار ٻچا آزاديءَ جي عظيم مقصد لاءِ ارپي ڇڏيا. ڪيئي ڏهاڪن تائين گرفتارين، روپوشين ۽ سوليءَ جو سينگار بڻجڻ کانپوءِ کين آزادي نصيب ٿي.
ان ڪري پاڻ جيڪو هتي بحث ڪري رهيا آهيون ته ڇا سبب آهي جو سنڌ ۾ اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪاميابيءَ جي ويجهو ناهيون پهچي سگهيا؟
دنيا جي انقلابي تحريڪن جي ڄاڻ کانپوءِ سادو جواب ملي ٿو ته ڳالهه ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ فرق هجي ٿو. ڪاميابي ماڻيندڙ اڳواڻن ۽ پارٽين ڏاهپ، ويساهه ۽ عمل ذريعي منزل حاصل ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڏاهپ جي کوٽ، عمل نه هئڻ، قرباني کان پري ڀڄڻ ۽ پارٽين اندر ڪارڪنن منجهه ۽ عوام وٽ ويساهه وڃائڻ مُکيه سبب آهن.
سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ سنجيده ۽ باشعور قومي ڪارڪن هميشه تنقيد ڪندا رهيا آهن ته ويٽنام، روس، چين، ڪيوبا، ڏکڻ آفريقا ۽ انگولا جهڙي قيادت ۽ پارٽيون ٺاهيو پر جاهل، بي عمل ۽ روايتي قيادت اهڙن ڪارڪنن جي ڳالهين تي ڪن ڌرڻ بجاءِ کين تڙي ڪڍيو ڇڏي ۽ جاهلن جي فوج جا جاهل سپهه سالار بڻجي ويهي رهن ٿا.
چون ٿا ته سڪندر مقدوني 325 (ق.م) جڏهن دنيا کي فتح ڪرڻ چاهيو هو ته ساڻس گڏ وڏو انگ ڏاهن ماڻهن جو هو. جيسين هُن انهن جي راءِ ۽ رهنمائي پئي ورتي ته هُو ڪامياب ٿيندو رهيو پر جڏهن هُن انهن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني ته هُو ناڪام ٿيو. ساڳي طرح سان جيڪڏهن قومي، جمهوري انقلابي تحريڪن ۾ سوچ سمجهڻ رهنمائي ڪندڙ Think tank نه هوندي ته سمجهو دڳ ملڻ محال آهي.
جڏهن به ڪاميابيون حاصل نه ٿين ته ٿيڻ ائين گهرجي جو پنهنجي حڪمت عملين ۽ جدوجهد جو گڏجي ويهي جائزو وٺجي پر هتي قصو ئي اُبتو آهي.
سنڌ جي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جيسين ڏاهي قيادت، بهادر سپاهي هجن ٿا ته حاصلات ٿيڻ ممڪن هجي ٿي پر ويجهي ماضي جي تاريخ ۾ قيادت سنڌ کي مايوس ڪيو آهي. کانئن سخت پورهيو ڇڏائجي ويو آهي، وڏيرڪي ڪلچر جو حصو بڻجي ويا آهن. تنقيد برداشت ڪرڻ توڙي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ سندن مزاج ۾ ناهي، پنهنجا وسيلا قربان ڪرڻ ته ٺهيو پر پارٽيءَ جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ وسيلا به سندن ذاتي ڪتب ۾ اچن ٿا. پارٽين کي جمهوري ۽ ڪارڪنن کي تربيت يافته بڻائڻ بجاءِ ذاتي ڌنڌن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن وانگر قرباني ڏيڻ جو جذبو ناهي رهي، Compromise کي حڪمت عملي جو نالو ڏئي تحريڪ کي وڌائڻ بجاءِ بند ٻڌي ڇڏين ٿا.
ڪارڪن سان ذلتن ڀريو سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو، ڄڻ پارٽي ڪارڪن پارٽي، سنڌ ۽ انقلاب لاءِ نه پر سندن ذاتي نوڪر هجي. ڪارڪنن سان نذير عباسي شهيد واري شفقت نه پر هٽلر واري مزاج ۽ اسٽالن جي طريقي کي اپنايو پيو وڃي. قيادت کي مڪمل سُڌ آهي ته سندن ڪيڊر اڻ پڙهيل، جاهل آهي هُو پارٽي لاءِ ڪارائتو ثابت نه پيو ٿئي بلڪه سندن اڪثر عمل پارٽي ۽ قيادت جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن پوءِ به اهڙن ڪارڪنن جو احتساب ڪرڻ بجاءِ کين اڳتي آڻي اڳواڻ بڻائي رکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو جاهل اڳواڻ پارٽي قيادت پاران اختيار ڪيل مصلحت پسنديءَ وارين حڪمت عملين، بي عملي ۽ لٻاڙ بازي واريءَ سياست لاءِ مسئلا پيدا نه ڪندو.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي اڄ ۽ سڀاڻي جي تاريخ لاءِ اڳواڻ نه پر سٺي انقلابي پارٽي گهرجي جيڪا گڏيل اڳواڻي ۾، جمهوري ڪلچر سان، تنقيد ۽ خود تنقيد سان، عمل ۽ قرباني سان، پائي پائي جو حساب ڏيڻ سان، ڪارڪنن ۽ خاص ڪري غريب ساٿين جي ڏک سک ۾ انهن جي اهنجن کي ختم ڪرڻ سان سنڌ ۾ انقلاب ۽ آزادي برپا ٿي سگهي ٿي.
آءُ واري به قومي ڪارڪنن کي گذارش ڪندس ته هُو دنيا جي آزادي ۽ انقلابي اڳواڻن جون يادگيريون پڙهن، انهن پارٽين ۽ تحريڪن کي پڙهن ۽ پوءِ سنجيده ٿي گهڙيءَ لاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ اُن جي قيادت جو جائزو وٺن ته کين فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.
سنڌ ۾ نسل پرستي جي ذريعي پناهگير ۽ افغاني جيڪي ڪلور ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي وجود لاءِ خطرو پيدا ٿي پيو آهي، اسان جي قومي تحريڪ جي قيادت اُن بابت جدوجهد جو ڪهڙو پروگرام رٿيو آهي؟ چڪرا ڳوٺ ۾ نسل پرست دهشتگردن هٿان سنڌين کي يرغمال ڪرڻ، کين مارڻ، سندن ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ڇا ڏکڻ آفريقا جي نسل پرستي کان مختلف آهي؟ جي نه ته پوءِ اسان کي ضرور سمجهڻ گهرجي ته آفريقي قيادت ۽ پارٽين ڪيئن انهيءَ جارحيت ۽ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو.
هتي چڪرا ڳوٺ ۾ روايتي طريقي سان ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه قومي اڳواڻ اُتي وڃي خطاب ڪري آيا ۽ واعدا ڪيائون ته دشمن سان مقابلو ڪبو، اوهان کي اڪيلو نه ڇڏبو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چڪرا ڳوٺ جي عوام طرفان هڪ بيان روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيو ته ”قومي اڳواڻن جي مهرباني هُو آيا، همدردي ڪيائون پر مدد ۽ واهر نه ٿي.“
اُن کانپوءِ اڄ تائين مختلف ڳوٺن ۾ نسل پرست دهشتگرد حملا پيا ڪن، سنڌين کي تڙڻ جي ڳالهه پئي ٿئي، سنڌ کي ورهائڻ وارين سازشن جو ذڪر پيو هلي، اهڙي صورتحال ۾ ڪٿي آهي قومي قيادت؟
اُن ڪري سائنس جو سادو اصول آهي ته چُرپُر واري شيءَ نظر ايندي، 30 لک سنڌي ماڻهو ڪراچي ۾ رهن ٿا. 30 لک نيپالين آمريڪا، فرانس، جاگيردارن، حڪمرانن کي شڪست ڏئي آزادي ماڻي پر اسين ڇا پيا ڪريون؟ اصل ۾ قرباني، مستقل مزاجي ۽ اُصولي سياست جو فقدان اچي ويو آهي. دڪانداري هلڻ گهرجي، اُن ڪري معمولي چُرپُر، ٻٽاڪي سياست ذريعي ماڻهن جي هڪ گروهه کي پاڻ سان گڏ رکڻ ضروري آهي. سنڌ جون معروضي حالتون ته انقلاب جون گهرجائو آهن ته پوءِ تبديلي ڇو نه پئي اچي؟ سنجيدگي سان غور ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته اهو سڀ ڪجهه قيادت جي مبهم ڪردار ۽ سٺي جمهوري طرز جي سائنسي نقطي نظر مطابق انقلابي پارٽي نه هئڻ ڪري ٿي رهيو آهي. لفاظي کان ڪم وٺندي نسل پرست تنظيم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پنهنجي سگهه کي ته ٻيڻو ڪيو آهي پر نسل پرستي ذريعي قومي جبر، قومي استحصال، تهذيب جي تباهي ۽ شهري زندگيءَ ۾ غلاماڻي روش جي خلاف ڪڏهن به منظم طريقي سان جدوجهد ناهي ڪئي وئي. جو اڄ نسل پرست تنطيم سنڌ کي ورهائڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. 30 سالن جي تاريخ ۾ نسل پرست منظم ٿيا. وسيلا گڏ ڪيائون، هٿياربند قوت پيدا ڪيائون پر ڌرتيءَ ڌڻين جون وطن دوست پارتيون لٻاڙ بازيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيون.
ڇا ٻٽاڪ بازي ۽ نعريبازي سنڌ کي تقسيم ٿيڻ کان بچائي سگهندي؟ ڇا ڇڙواڳ فوج قوم کي ذلتن مان آجو ڪرائي سگهندي؟ ڇا بد عنوان قيادت قوم جي سرواڻي ڪري وطن کي آزاد، خودمختيار 7 خوشحال رياست بڻائي سگهندي؟ جواب آهي نه!
ماضيءَ ۾ قومي اڳواڻ ڪارڪنن جي تربيت جو بندوبست ڪندا هئا، اسٽڊي سرڪل ٿيندا هئا، ڳوٺن ۾ عوامي ڪچهريون ٿينديون هُيون، ننڍڙا ڪتابچا لکي ڪارڪنن ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جو ڪم ڪيو ويندو هو، ساڃاهه وند اديبن ۽ شاعرن جي ادب ۽ شاعري ۽ سياسي لکڻين کي ڪارڪنن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو هو، هر هنڌ نظرياتي ۽ سياسي بحث مباحثا ٿيندا هئا. مطلب ته سنڌ جي سياسي ميدان ۾ قومي تحريڪ ۽ ترقي پسند تحريڪ جي وچ ۾ زبردست بحث ٿيندا هئا ۽ انهيءَ سبب جي ڪري اڄ سنڌ ۾ جيڪا به سنجيده قيادت يا ڪارڪن آهن اُهي سڀ اُن دور جي پيداوار آهن. موجوده قيادت کان پڇيو وڃي ته ڪارڪنن جي تربيت نه ڪرڻ سان ڪنهن جو نقصان ۽ ڪنهن جو فائدو ٿو ٿئي؟
سڄي بحث جو نچوڙ هي آهي ته سنڌ جي موجوده حالتن ۾ قومي قيادت ناڪام ٿي آهي، هُو سٺي ۽ عوامي اڳواڻ ٿيڻ بجاءِ متنازع شخصيت
طور ڄاتا وڃن ٿا. قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، وچولي طبقي ۽ عام جي اڪثريت وٽ سندن قيادت ۽ ڪردار بابت ويساهه ختم ٿي چڪو آهي ان ڪري هاڻ سنڌ کي اهڙي شخصي اڳواڻي بجاءِ قومي سطح تي قومي جمهوري، انقلابي بنيادن تي منظم پارٽي جي گهرج آهي، جنهن جا تنظيمي ادارا مضبوط هجن، اُن پارٽيءَ جا نه فقط ڪارڪن پر اڳواڻ به پارٽي ضابطن جا پابند هجن، هڪ شخص کي سگهارو بڻائڻ بدران پارٽي جي تنظيم کي مضبوط بڻايو وڃي، اُن پارٽي تي عوام جو اعتبار ۽ اعتماد هجي. ڇاڪاڻ جو فرد Corrupt ٿي سگهي ٿو، فرد ڪردار جي لحاظ کان ڪمزور ٿي سگهي ٿو، فرد وڪامجي سگهي ٿو، فرد ڀاڙيو ۽ بي همت ٿي سگهي ٿو. فرد پنهنجي ذاتي مفادن يا ڀاڙيائپ جي ڪري سڄي تحريڪ کي وڪڻي سگهي ٿو پر پارٽي جي گڏيل قيادت ۽ عوام سان مضبوط هيٺين سطح تائين جا رشتا ڪڏهن به قومي جمهوري تحريڪ کي کاٽ نٿا هڻي سگهن.
سنڌ جي جاگيرداري سماج جي ڪري فردن جي ڪردار کي اهم بڻائي اُن جي پذيرائي ٿي ۽ پوءِ اُهي حقيقي وڏيرن کان وڌيڪ وڏيرا ثابت ٿيا.
تاريخ ۾ فرد جي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر فرد جيڪو ڏاهو، معياري فڪر ۽ چِٽي موقف رکڻ سان گڏ قرباني ڏيندڙ آهي ۽ تنظيم جي اُصولن سان گڏ قرباني ڏيندڙ آهي ۽ تنظيم جي اُصولن ۽ ان جي رهنمائي ۾ هلي ٿو ته ڪامياب ڪردار طور اُڀري سامهون آيو آهي.
نيلسن منڊيلا جڏهن به سياسي جدوجهد ڪئي، هٿيار بند جدوجهد هلائي، روپوش ٿي عوام کي منظم ڪيو، ٻاهرين دنيا ۾ وڃي پنهنجا اتحادي ڳوليا ته اهو سڀ ڪجهه هُن تنظيم جي ماتحت ۽ رهنمائي ۾ ڪيو. ۽ جڏهن وري جيل مان رياست سان ڳالهيون شروع ڪيون ته ڏکين حالتن باوجود هن تنظيم کي اعتماد ۾ ورتو. وک وک تي اڳواڻي ڪندي، تنظيم، عوام ۽ جيل جي ساٿين کي ويساهه ۾ وٺي هلڻ سندس ڪارنامو هو. انهيءَ ڪِرت کيس آفريقا ۽ دنيا جو عظيم انقلابي اڳواڻ طور روشناس ڪرايو.
فرد پاڻ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ثابت ڪندو آهي ته هُو اڳواڻي جو حقدار آهي. سياست سائنس ۽ فن آهي. جڏهن ٽن ڏهاڪن کان ڪي فرد سنڌ جي قومي تحريڪ جي اڳواڻي جا فرض پيا نڀائين ته ناڪامي کانسواءِ انهن ڪجهه نه ڏنو آهي پر اڳواڻي تان هٿ کڻڻ لاءِ هرگز تيار ناهن. ڏکڻ آفريقا ۾ چئن ڏهاڪن کان اڳواڻي ڪندڙ قيادت جڏهن حاصلات نه ڏئي سگهي ته انهن منجو ڇڏيو، نئين قيادت نئين ولولي ۽ سائنسي ۽ آرٽ جي ذريعي ٽن ڏهاڪن ۾ آزاديءَ واري منزل ماڻي ورتي.
ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام ۽ قومي ڪارڪن قومي تحريڪ جي انهن اڳواڻن کان پڇاڻو ڪن جيڪي قوم جي عزت، وقار ۽ آزاديءَ جي فڪر کي اڳتي آڻڻ بجاءِ پنهنجي موجودگيءَ جو فڪر کڻي پيا هلندا آهن.
سنڌ تبديلي چاهي ٿي، ڇڙواڳ، جاهل، غير اهم، ٻٽاڪي اڳواڻن کان نجات چاهي ٿي، سنڌ واجهائي رهي آهي هڪ سٺي جمهوري انقلابي طرز جي پارٽي لاءِ جيڪا سنڌ کي غلامي ۽ ڏاڍ مان آجو ڪرائي سگهي ته جيئن سنڌي قوم کي وقار سان جيئڻ، پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجو اختيار هجڻ ۽ پورهيت طبقي جي حڪمراني وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي.