سنڌ جي قومي تحريڪ ڪيئن هجڻ گهرجي
سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ ۾ لڳاتار اڻٿڪ جدوجهد ذريعي سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
1969ع دوران سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ لاءِ شروع ڪيل هلچل ۾ به سياسي اڳواڻن ان وقت جي قومي قيادت، نوجوان قيادت لالا قادر، يوسف ٽالپر، ڪامريڊ ڄام ساقي، نذير عباسي ۽ ٻيا هلچل دوران گرفتار ٿيا، اذيتون برداشت ڪيون. مستقل مزاجيءَ سان هلايل اها تحريڪ پڻ ڪامياب ٿي.
نوجوان دانشور جامي چانڊيو پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌ جي سياسي تحريڪ کي ڪيڏانهن وٺي هلجي“ ۾ لکيو آهي ته ”90ع وارو ڏهاڪو سياسي طور ڏکيو رهيو، گهوٽالي جو دور هو. فڪري وائڙائپ، سياسي تنظيمن جو ٽٽڻ، ڪمزور ٿيڻ، عوام جو سياسي جدوجهد مان ويساهه گهٽجڻ، بي يقيني، بدنظمي، بي اعتباري واري ڪيفيت رهي.“
سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇاپڻ واري جدوجهد ۾ هڪ لالا قادر جڏهن حيدرآباد ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بُک هڙتال ڪئي ته ڏسندي ڏسندي سنڌ جي
تمام گهڻن شهرن ۾ بُک هڙتالون ۽ تحريڪ اُٿلي پئي.
قاضي فيض محمد جهڙو ڏاهو ۽ عوامي ليگ جو نائب صدر، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو به هن تحريڪ جي پويان بيهي رهيا. هڪ اعتماد هو، قومي جذبو هو جنهن هن تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ مستقل مزاجيءَ واري جدوجهد منزل تي رسي. سنڌ ۾ هڪ قومپرست اڳواڻ سنڌ جي مسئلن تي مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪئي ڇا سبب هو جو کيس پذيرائي نه ملي سندس ورڪرن جي احتجاجن کانسواءِ ڪنهن به ڏاهي، سياسي طرح سان قداور شخصيت جي کيس مدد نه ملي نتيجي ۾ هڪڙي عام وزير سان ڪوڙن واعدن تي مرڻ گهڙيءَ واري بک هڙتال ٽوڙي ۽ پوءِ اُن ڏينهن کان قوم جو ويساهه گهٽجڻ لڳو.
سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي مسئلن تي قومپرستن پاران لانگ مارچ ڪيا ويا. پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام کي ٻڌايو ويو ته قومي حقن لاءِ هلندڙ هي مارچ ختم ٿيڻ کانپوءِ عملي طرح سان ان تي رد عمل ڪيو ويندو. مثال طور 1. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ 2. سنڌي ۾ اشتهار شايع ڪرڻ 3. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نصاب پڙهائڻ 4. 1954ع کانپوءِ آيل ڌارين کي ڏيهه نيڪالي ڏيارڻ وغيره. پر ڇا لانگ مارچ ختم ٿيڻ کانپوءِ رد عمل نظر آيو؟ جواب آهي نه. سنڌ جي شهري علائقن ۾ صنعتن، سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ نوڪرين لاءِ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا بند آهن ۽ سڄي دنيا جا پناهگير انهن ادارن تي قابض آهن قومي تحريڪ اُن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
هڪ تجزيي موجب ڪراچي ۾ 25 سيڪڙو پٺاڻن جي موجودگي آهي جيڪي پاڪستان ٺهڻ وقت نه هئڻ برابر هئا. انهن کي روڪڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙي پيش رفت ٿي آهي. ڌارين جي آمد سان هڪ طرف قومي سطح تي ٿورائي ۾ تبديل ٿيون ٿا، پارليامنٽ ۾ سنڌي نمائندن جون سيٽون گهٽجن ٿيون، معاشي ناڪابندي ڪئي وڃي ٿي نتيجي ۾ ڌرتيءَ ڌڻي بُکن ۽ ڏکن جي گهيري هيٺ آهن ۽ ڌاريا اسان جي وطن ۾ محل ماڙين ۽ سمورن وسيلن جا مالڪ بڻيل آهن. نسل پرستي ۽ دهشتگرديءَ جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪرڻ وارو جذبو قومي تحريڪ ۾ Corruption سبب گهٽيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ انقلابي ۽ آزادي پسند تحريڪن جا سرواڻ مرڻ کانپوءِ صرف پنهنجو نالو ڇڏي ويا آهن سندن کاتي ۾ نه زمينون، نه محل ماڙيون نه نوڪر چاڪر ۽ نه ئي بئنڪ بيلنس هئا. سنڌ ۾ به جڏهن قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سُکيا ستابا نه هئا پيرين پنڌ هلندا هئا، بس جي پٺيءَ تي چڙهي ٻوريون سياسي ۽ تنظيمي مواد جون کڻي جهر جهنگ هلندا وتندا هئا، انقلاب ۽ آزاديءَ جو وکر ورهائڻ جا هوڪا ڏيندا هئا. بکون ڪاٽيندا هئا، ڦاٽل ڪپڙن کي چَتيون لڳائي هلندا هئا، احساس ڪمتري سندن ويجهو نه هئي تڏهن شاهي قلعا، ٽارچر سيل، جيل جون اوچيون ديوارون، سندن حوصلا نه ٽوڙي سگهنديون هُيون، سنگينن آڏو بيهي رياستي جبر کي للڪاريندا هئا. ننڍي کان ننڍي قومي حق لاءِ بک هڙتال، مظاهرا، احتجاج ۽ گرفتاري معمول هئي، ڊپ جي ڪيفيت کين ڇُهي به نه سگهندي هئي.
مهاتما گانڌيءَ چيو آهي ته ”جيڪي دنيا کي بدلائڻ جو خواب ڏسن ٿا سي پهريان پاڻ کي تبديل ڪن.“
سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ ۾ ڪالهه ويساهه هو، حقيقي بنيادن تي جدوجهد هئي، وڏيراشاهي، پنجاب جي هڪ هٽي خلاف ڏاهپ سان مهم هلائي ويندي هئي. سنڌ جو قومي شعور ماضيءَ جي ڏاهن ۽ قومي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي سهپ ۽ جدوجهد جو ڪارنامو آهي. حيدربخش جتوئي وڏيرن جي خلاف وڙهندي، اذيتون برداشت ڪري ٿو ته
ساڳي وقت قومي شاعري ۽ لکڻين ذريعي قوم کي باشعور به بڻائي ٿو.
جي ايم سيد قومي جاڳرتا جي مهم ۾ جيل، نظربندين کي منهن ڏئي ٿو ته ساڳي وقت لڳ ڀڳ 60 ڪتاب لکي پنهنجي آدرش کي عوام ڏانهن منتقل ڪري ٿو. ابراهيم جويو عملي طرح سان ون يونٽ جو حصو ٿيڻ سان گڏ، بنياد پرستي، وفاق جي جبر ۽ قومي جاڳرتا لاءِ پنهنجو قلم کڻي ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ دنيا جا شاهڪار ڪتاب پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري قوم کي شعوري طرح سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪَسَر نه ٿو ڇڏي.
ٻئي طرف ڏٺو وڃي ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان قومي قيادت سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ سنڌ جي قومي تحريڪ جي Popular قيادت لکڻ ته رهيو پر ڪتابن پڙهڻ کان به پري آهي، سندن گهرن توڙي آفيسن ۾ لائبرري ناهي، ڪارڪنن جي تربيت نٿي ڪئي وڃي، عالمي معيار جي شاهڪار ڪتابن جي ته کين سُڌ ئي ناهي، دنيا جنهن تيزيءَ سان تبديل پئي ٿئي ان بابت آيل مواد متعلق کين ڄاڻ ئي ناهي.
ڄاڻي واڻي پاڻ توڙي ڪارڪن ۽ عوام کي جاهل رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو جاهل ماڻهو سوال نه ڪري سگهندو، اُهو چُپ چاپ لڪير جو فقير ٿي پيو سندس پٺيان هلندو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ٽن ڏهاڪن جي وڏي عرصي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ حاصل ڪرڻ بجاءِ وڃايو آهي ان ڪري رياستي ادارا به کانئن خوش آهن، ڇو ته قومي تحريڪ وٽ نه سٺي تنظيم آهي، نه جمهوري ڪلچر آهي ۽ نه وري رياست کي سندن طرفان ڪو چئلنج آهي.
آزادي ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهو ته جيلن ۾ واڙيا ويندا آهن. بلوچستان جي تحريڪ اسان جي سامهون آهي، کين روزانو چچريل لاش ملن ٿا، پاڻ سُک ۾ ناهن ته رياست به پريشان آهي.
سنڌي قوم ذلتن مان گذري پئي اگسٽ 2011ع رمضان جي مهيني ۾ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽو شهر ۾ ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجن ٻارن جا عضوا وڪڻڻ جا هوڪا ڏئي رهيا هئا. اگسٽ جي ئي مهيني ۾ 80 لک کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو بدين، ٽنڊو محمدخان، ميرپور خاص، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏئي رهيا هئا. اُن وقت ڪٿي هئا قومپرست جيڪي جلسن ۾ ته وڏيون ٻٽاڪون هڻندا آهن ته هارين ۽ پورهيتن جي پٽن ۽ نياڻين کي اسيمبلي ۾ پهچائبو، پر ڏکي وقت ۾ سندن واهر نه ڪئي؟ هي قومي تحريڪ جو وڏو الميو آهي جو قيادت جي قول ۽ فعل ۾ ايترو وڏو تضاد آهي.
اهو به هڪ وڏو سوال آهي ته اسان جا قومپرست اڳواڻ هارين ۽ پورهيتن جي پٽن ۽ نياڻين کي اسيمبلين ۾ پهچائڻ جا اعلان ته ڪندا آهن پر ڇا هُو ٻڌائي سگهندا ته سندن طرفان هارين ۽ پورهيتن جي اهڙن ڪيترن پٽن ۽ نياڻين جي اُن پائي جي تعليم ۽ تربيت ڪئي وئي آهي جو هُو سڀاڻي اسيمبلي ۾ پهچي آئيني، قانوني ۽ رياستي معامرا نبيريندا يا اسيمبلين ۾ ويهي پنهنجي اٻوجهه ماڻهن جي حقن جي ويڙهه وڙهندا؟ قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي اهڙن اعلانن کي نظر ۾ رکي سندن تنظيمن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو ته سندن پاران اهڙو ڪو به تربيتي پروگرام نه رٿيو ويو آهي جنهن سان هُو پنهنجن اهڙن اعلانن کي عملي شڪل ڏئي سگهن ۽ ان مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اسان جا قومپرست اڳواڻ رڳو ڪُوڙن دلاسن ۽ لٻاڙ بازيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري رهيا آهن.
هڪ طرف پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي پارلياماني سياست ذريعي آجپي ۽ خوشحالي جا خواب ڏيکاريندڙ قومپرست اڳواڻن وٽ معاشي ترقي، تعليم، صحت، روزگار، ڌاري آبادڪاري، دهشتگردي ۽ ملڪ ۾ موجود توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به جامع پروگرام موجود نه آهي ۽
جي آهي به ته اُهو عوام جي آڏو ڇو نه آندو ويو آهي؟ ٻئي طرف وري ڪجهه اهڙيون ڌريون به آهن جيڪي پاڪستان کان ڌار ٿي آزاد وطن جي قيام واري جدوجهد جون دعويدار آهن پر آزاد وطن جي نعري کانسواءِ هنن ڌرين ۽ پاڪستان جي ڍانچي ۾ رهي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين ۾ ڪو خاص فرق نه آهي بلڪه آزاد وطن جي ڳالهه ڪندڙ ڌريون ٻين ڌرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خام خيالي ۾ مبتلا آهن جو اڃا تائين آزاديءَ جي منزل تي رسڻ واري راهه جو تعين به نه ڪري سگهيون آهن، هڪ پاسي هُو پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جي خلاف آهن ته ٻئي پاسي وري هٿياربند مزاحمت کان به انڪار ڪندي عدم تشدد واري پاليسي جو پرچار ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هٿياربند توڻي پارلياماني مورچو خالي ڇڏي ڏجي ته پوءِ هي همراهه آزاديءَ واري منزل تي ڪيئن رسندا؟ اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم سوال آهي.
قومي تحريڪ جي اهڙي غيرسنجيده روش جي ڪري ئي سنڌ جي عوام جي بک، بدحالي ۽ غلاميءَ وارو سفر ڊگهو ٿيندو پيو وڃي، سندن مٿان ذلتن جا انبار وڌي رهيا آهن، حڪمران ۽ رياست قومي جمهوري معاملا نبيرڻ لاءِ تيار ناهي. قومي قيادت طرفان عملي بنيادن ۽ مستقل مزاجيءَ سان تحريڪ جي اڳواڻي نه ڪرڻ ۽ مختلف معامرن بابت ننڍين ننڍين تحريڪن کي توڙ تائين نه پهچائڻ واري روش تي قومي ڪارڪنن جو ردعمل به سامهون نٿو اچي وڏين وڏين دعوائن ۽ اعلانن کي عملي شڪل ڏيڻ بابت قيادت کان پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو ٽن ڏهاڪن کان قومي تحريڪ جي اڳواڻي اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي جيڪي ڪارڪنن ۽ عوام کي پنهنجي شخصيت جي چوڌاري گڏ ڪرڻ ۾ پورا آهن، شعور ڏيڻ وارو ڪم ته رُڪجي ويو آهي، جيڪڏهن ڪي قومي ڪارڪن پاڻمرادو مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي شعور حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن وٽ قيادت جي خلاف بغاوت کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، ڇاڪاڻ ته قومي تحريڪ جي قيادت طرفان اختلاف راءِ کي پسند نٿو ڪيو وڃي.
ڪارڪنن کي نعريبازي، ٻٽاڪ بازي، غير سياسي روين ۾ الجهايو ويو آهي. جاگيرداري ڪلچر صرف سنڌ جي وڏيرن وٽ ناهي پر سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ به ساڳيو ئي ڪلچر گهڙي آيو آهي، سنڌ جي وڏيري ۽ قومي قيادت جي روش ۾ ڪو خاص فرق ناهي رهيو. ان ڪري عوام پاڻمرادو ننڍين وڏين سماجي براين ۽ مسئلن خلاف جدوجهد ڪندو رهي ٿو.
سنڌ جون معروضي حالتون مڪمل طرح سان انقلاب لاءِ موزون آهن پر موضوعي صورتحال يعني انقلاب لاءِ سگهاري تنطيم نه هجڻ ڪري اهو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ۽ عوام ڀوڳي رهيو آهي.
ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته خود قومپرست قيادت قومي تحريڪ ۽ ان جي انقلابي ڳر کي منظم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ۾ ڊپ، لالچ، ۽ Dictation جوعمل دخل آهي. لئه لذت، عيش آرام آزادي ۽ انقلاب ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. ڪارڪنن کي جاهل رکي پارٽين جي منشور ۽ آئين ۾ تبديليون ڪري حقيقي قومي، جمهوري آزاديءَ جي مقصد کان فراريت اختيار ڪئي وئي آهي. اڄ پاڪستان جي جمهوريت پسند سياسي ڌرين ۽ آزادي پسند قوتن جي منشورن ۽ آئين جو جائزو وٺبو ته ڪو خاص فرق نظر نه ايندو. سمورا اختيار اڳواڻ پاڻ وٽ رکي سڄي تحريڪ کي پنهنجي پسند مطابق هلائڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن قومي ڪارڪن تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ اهڙين ٻين پارٽين جي آئين کي پڙهي وٺن ته سندن اکيون کُلي وينديون ته سندن انقلابي اڳواڻ به انهن وانگر
سمورن اختيارن جا مالڪ بڻجي ويا آهن ۽ پارٽين اندر جمهوريت، جمهوري مرڪزيت نالي ماتر به ناهي رهي.
ڏکڻ آفريقا جي قومي تحريڪ جي فطري رجحانن، فردن جي قومي ڪردارن، پارٽين جي عوام دوست جمهوري تحريڪن جو غور سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ پوءِ سنڌ جو تقابلي جائزو وٺبو ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟
آفريقي قومي تحريڪ غلطيون ڪري سڌارا آندا، وک وک تي پنهنجو جائزو ورتو ۽ دشمن جي خلاف حڪمت عملين، گڏيل اڳواڻي، بهادري ۽ قربانيءَ واري جذبي هيٺ اڳتي وڌندا رهيا.
سنڌ جي قومي تحريڪ نه پنهنجو جائزو وٺي ٿي، نه دشمن جي طاقت جو کين اندازو آهي. ڇڙواڳ طريقي سان سياسي رٿا بندي ۽ روايتي نعريبازي کان ٻاهر ناهن نڪري سگهيا. منهجن دولهه دريا خان جهڙي دليري ناهي، هيمون جهڙي قرباني جو جذبو ناهي رهيو، وقت پاس ڪرڻ کانسواءِ سندن وٽ ٻيو ڪجهه به ناهي بچيو.
سنڌ جي قومي تحريڪ کي روايتي طريقن مان ڪڍي جدوجهد جي غير روايتي طريقن سان ئي سوڀارو ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ جي هڪ هڪ مسئلي تي جدوجهد ڪرڻ ۽ ان ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ رٿا تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون اڳ به لکيو آهي ته جيسين قومي تحريڪ پنهنجي vision ۾ واضح نه هوندي تيسين ممڪن ئي ناهي ته هُو سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري سگهن. ڇاڪاڻ جو سوڀارو ٿيڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو مطلب آهي ته هر قسم جي قربانيءَ لاءِ تيار رهڻ.