آيون برســــــــــاتيون، آيون برســــــــــاتيون، سار اُٿي ساھ ۾. منهنجي من مرڪي، وايون اڄ ڳاتيون، سار اُٿي ساھ ۾. نم تي صبح جــو، ڪويل جون لاتيون، سار اُٿي ساھ ۾. تو بن ڪيئن گذرن، جوڀن جون راتيون، آيون برساتيون، سار اُٿي ساھ ۾.