ايندو پرين شال! ايندو پرين شال! ويندا سڀ ملال، ٽڙندا رابيل دل جا. اچي ڪندو سپرين، اندر جا احوال، ٽڙندا رابيل دل جا. ملندو محب مونسان، مٽائي ملال، ٽڙندا رابيل دل جا. اينديون اڱڻ خوشيون، شال! هن ئي سال، ٽڙندا رابيل دل جا.