ڦلواڙيءَ ۾ اڄ، ڦلواڙيءَ ۾ اڄ، ڪنهن کي ڳولن ٿيون، منهنجون پوپٽ اکيون. منهنجي ڳالهه مونسان، ڪين سلن ٿيون، منهنجون پوپٽ اکيون. بسنتي هن رُت ۾، مکڙي کولن ٿيون، منهنجون پوپٽ اکيون. گلڙن جي محفل ۾، ٽهڪي ٽِلن ٿيون، منهنجون پوپٽ اکيون.