رابيلي هن رُت ۾، رابيلي هن رُت ۾، تون آهين مون ساڻ، ويا رستا واسجي! چنبيلي ڄڻ چنڊ کي، ڏيکاريو آ پاڻ، ويا رستا واسجي! سانوري سينگار ڪري، جڏهن آئي ڀاڻ، ويا رستا واسجي! محبت سان سرشار ٿي، جڏهن ملي هاڻِ، ويا رستا واسجي!