دل ۾ ٻَري ٿو، دل ۾ ٻَري ٿو، محبت جو ڏيئو، ايندو پرين اڱڻ تي. هرهر تڪي مونڏي، پائي ٿو لِيئو، ايندو پرين اڱڻ تي. نيڻ وڇائي راھ ۾، گل کڻي بيهو، ايندو پرين اڱڻ تي. محب جي ملڻ جي، آس کڻي جيئو، ايندو پرين اڱڻ تي.