ڳلئَ ڳلئَ ۾ ڳائي، ڳلئَ ڳلئَ ۾ ڳائي، مون اڄ وائي، هوءَ اچي پئي ڪامڻي! گلاب وڇائي راهه ۾، راهه مون سجائي، هوءَ اچي پئي ڪامڻي! ساهه سنڀاريو هن کي، اِجھو هوءَ آئي، هوءَ اچي پئي ڪامڻي! رابيلن جا گجرا پائي، بڻجي سرهائي، هوءَ اچي پئي ڪامڻي!