سرتي ڏئي ٿي سام، سرتي ڏئي ٿي سام، پنهنجي دلڙيءَ ۾. سڏي مونکي سڪ مان، ڪري ٿي سلام، پنهنجي دلڙيءَ ۾. منهنجو ساٿ مٺڙي، سمجھي ٿي مام، پنهنجي دلڙيءَ ۾. پريت ــ پکيئڙي جي، ڪري ٿي اڏام، پنهنجي دلڙيءَ ۾.