منهنجي من اڱڻ تي، منهنجي من اڱڻ تي، خوشبو ٿي آيو، تنهنجو پيار پرين. منهنجي حياتيءَ لئه، آهي سرمايو، تنهنجو پيار پرين. مقدس ڪتاب جيئن، مون سيني لايو، تنهنجو پيار پرين. بڻجي باک بسنت جي، من ۾ سمايو، تنهنجو پيار پرين.