تنهنجا نقش منهنجي، تنهنجا نقش منهنجي، اڃان به اوڏا، توڙي تون وئين هليو. ڳوڙها ڪريا ڳل تان، بڻيا پڙاڏا، توڙي تون وئين هليو. باک ويل ماڪ به، ڳايا پئي لاڏا، توڙي تون وئين هليو. کڻي آئي بسنت به، گل ڀري گاڏا، توڙي تون وئين هليو.