توڙي آهي جھل، توڙي آهي جھل، جذبــــــــا هن جبل، پرينءَ پار پهچبو. پرينءَ ڏي ويندي، قـــدم هن اڻجھل، پرينءَ پار پهچبو. ساجن سوا مونکي، صديون لڳن پــل، پرينءَ پار پهچبو. ڏکن ۾ به منهنجا، نـــــاهن نيڻ ڀنل، پرينءَ پار پهچبو.