لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

ٻولي ڇا آهي؟

[b]سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي اهميت:
[/b]ٻولي ڇا آهي ۽ علم ادب ۾ ان جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته علم، ادب ۽ ٻوليءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڪهڙيءَ ريت جُڙيل آهي؟ ٻوليءَ جي وسيلي انسان پنهنجن خيالن ۽ افڪارن جو اظهار زباني ۽ تحريري طور ڪري ٿو. ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي ته ان سان گڏ ٻولي ثقافتي ڪارڪردگيءَ جو حصو پڻ آهي ۽ هر اها ٻولي، جنهن کي ڪو ننڍو ۽ وڏو انساني گروهه مادري زبان طور ڳالهائي ٿو، سا هڪ بالغ ۽ مڪمل ٻولي آهي. جيتري قدر اها ان گروهه جون ضروتون پوريون ڪري ٿي، اوتريقدر اها هڪ سڌريل ٻولي آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته،
”ٻولي چئبو آهي اهڙن تلفظي ۽ معنادار آوازن کي، جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان (ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ) کي پنهنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي“. (1)
جيئن ته ٻولي انساني اظهار جو ذريعو هئڻ سان گڏ سماجي گروهن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ ۽ واڌ ويجهه جو وسيلو آهي، انهيءَ ڪري ٻولي ۽ سماج جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو مضبوط آهي ۽ ٻولي سماج جي پيداوار هئڻ ڪري انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انهيءَ ڪري دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون آهن. هرڪا ٻولي پنهنجي پنهنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي رهي آهي. هر ٻوليءَ جو بنياد، ان جي بنيادي اکرن (حروف تهجي) آئيويٽا تي ٻَڌل آهي. ان کان سواءِ ان ٻوليءَ جو پڙهڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ مشڪل آهي. يعني ته ٻولي ذهني ۽ عملي شعور آهي.
”لکڻ جي فن سان ٻوليءَ جو تمام گهاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻولي ان جو وسيلو آهي. خاص ڪري سهڻا سهڻا لفظ جنهن سان ڏات ڌڻي هڪ سگهارو فارم يا گهاڙيٽو اختيار ڪري ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي جذبن، سوچن تي اثرانداز ٿي، منجهس انسان جي تخليقي صلاحيت تي حيرت، فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا اڀاري ٿو“. (2)
معنيٰ ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لکندڙ جي تحرير ۾ اثر تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن هو پنهنجو مدعا ۽ مطلب سهڻي نموني ظاهر ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٿو ۽ حقيت ۾ هُو اها ڪاميابي فقط ۽ فقط ٻوليءَ جي سهڻي استعمال ذريعي حاصل ڪري ٿو، جنهن سان هُو پنهنجي تقرير ۽ تحرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته اتان ئي ادب جي شروعات ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جميل جالبي جي لفظن ۾ اهو بلڪل صحيح لڳي ٿو ته،
”جڏهن انساني ارتقا جي تاريخ هڪ اهڙيءَ منزل تي پهچي ويندي آهي، جتي محسوس ڪرڻ وارو انسان، سوچڻ وارو ذهن ۽ پنهنجي ما في الضمير کي ٻين تائين پهچائڻ وارا فرد ان زبان ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ سهولت محسوس ڪندا آهن. تڏهن ادب جي تخليق پنهنجو منهن ٻاهر ڪڍندي آهي“. (3)
ان مان اها چٽائي ٿئي ٿي ته، ٻولي ادب جي ظاهر ٿيڻ ۾ وڏي وٿ آهي. عام ٻولي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ واضح فرق آهي، سائين جي ايم سيد انهيءَ فرق تي لکن ٿا ته،
”هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪ ٻئي سان لاڳاپي قائم رکڻ لاءِ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ، جذبن جي اظهار لاءِ عام ٻولي هوندي آهي، جا شروع ۾ خام ۽ اڻ پوري هوندي هئي، پر جڏهن ماڻهو بدويانه زندگيءَ مان ترقي ڪري، دريائن جي ڪنارن يا شهرن ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳندا آهن، تڏهن هُو آهستي آهستي ان کي قلمبند ڪرڻ لاءِ رسم الخط ايجاد ڪري لکندا آهن، جنهن ۾ بعد ۾ قصن ڪهاڻين، پهاڪن، شعرن، افسانن، علمي ڳالهين ۽ واقعات جو وڏو ذخير ڪَٺو ٿيو وڃي، جنهن جي مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب ۽ ساهت سڏجي ٿو“. (4)
اڳيان اهو به ڄاڻائين ٿا ته،
”هر قوم جي ڪلچر ۽ سڀيتا جو ذخيرو سندس ادب جي ذريعي محفوظ رهي ٿو. ماڻهن جو ڪوبه مجموعو زبان ۽ ادب کان سواءِ قوم بنجي نٿو سگهي، ساڳيءَ ريت زبان ۽ ادب قوم جي وجود کان سواءِ رهي نٿا سگهن“. (5)
هاڻي اها ڀليءَ ڀت خبر پوي ٿي ته ٻوليءَ جي سماجي، قومي، علمي ۽ ادبي اهميت ڇا آهي؟ اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي ڪري انسان اشرف المخلوق جي مٿانهين درجي تي قائم آهي ۽ اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي بياني ۽ تحريري قوت سکڻ سان قومن ۽ سماجن جو سڌرڻ ۽ مهذب ٿيڻ عمل ۾ آيو آهي ۽ ان سان ادب جو بنياد پيو آهي.
سماجن جي سڌرڻ، سنورجڻ، وڌڻ، ويجهڻ ۾ ٻوليءَ وسيلي علم ۽ ادب جي پکيڙ ٿئي ٿي. ڪنهن به سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي. اهو ادب ئي آهي، جنهن جي تخليق سان سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي ۽ اها تبديلي ان ٻوليءَ جي ادب جا تخليق ڪار شاعر ۽ اديب آڻين ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي ادب جي پرک ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته،
”سنڌي ٻولي هڪ ادبي ٻولي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اها جهلڪ ۽ اهو عڪس سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب وسيلي پسي سگهجي ٿو“. (6)

ڪاڪو ڀيرومل مهرچند ته ايئن به چوي ٿو ته،
”ٻوليءَ ۾ انسان جي جيوت جي آتم ڪهاڻي (Auto bio graphy) سمايل آهي“. (7)
معنيٰ ته اها فخر جوڳي حقيقت آهي ته سنڌ جي قديم خطي جي اهم، آڳاٽي ۽ اوائلي بنيادي ٻولي ”سنڌيءَ“ جي ادب ۾ هن خطي جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ سمايل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ موجوده پَدَ تي ڪهڙيءَ ريت پهتي آهي ۽ ان ۾ ڪيترو علم ادب سرجيل آهي؟ اسان جي ڇپيل نثر ۽ نظم جو معيار ڪهڙو آهي؟ اهو موضوع هن ڪتاب جي تقريبًا ٻين مقالن جو احاطو ڪري ٿو. هتي مختصرًا اهو ڄاڻ ڏينديس ته سنڌو لکت قديم آهي، جنهن جا اوائلي نشان قديم ماڳن جي کوٽائيءَ مان ظاهر ٿيا آهن. ماهرن موجب ته، ”موئن جي دڙي واري تهذيب ۾ رائج ٻولي قديم سنڌي ٻولي آهي، جنهن کي ”سئنڌوئي“ يا ”سئندب“ سڏيو ويو آهي“.

ڊاڪٽر فهميده حسين موجب،
”سئنڌوئي اها ٻولي آهي، جنهن مان سنڌو ماٿريءَ جون سڀ ٻوليون ڦُٽي نڪتون آهن. سنڌي به انهن مان هڪ آهي. سئنڌوئي سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ آهي“. (8)
اها به حقيقت آهي ته آڳاٽن ماڳن مان مليل مهرن تي اڪريل نشانين تي تحقيق اڃان جاري آهي، پر مڪمل طور ڪي حتمي نتيجا اڃان سامهان نه آيا آهن ته به اهو چئي سگهجي ٿو ته،
”سنڌي ٻولي تڏهن کان آهي، جڏهن کان خدا پاڪ سنڌ خطو خلقيو آهي“.
پنج هزار سال يا ست هزار سال ان جي عمر ڪونهي، بلڪه ان جي قدامت ڪٿڻ لاءِ مٿيون جملو ئي صحيح آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو وجود سنڌ خطي جي خلقڻ کان ئي قائم آهي. هيءَ شانائتي ٻولي، سهڻن پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن، استعارن، خيالن جي بلندي ۽ سهڻي اسلوب سان سينگاريل آهي.
”بيان جي اظهار، ايجاز ۽ اختصار پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ ساخت ايتري وسيع ڳوڙهي ۽ مڪمل آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به ماڊرن هند-آريائي ٻولين ۾ نٿو ملي. سنڌي فعل جي ڦيرن، جنس، عدد ۽ زمانن موجب اُنهن جي گردانن، ضميري پڇاڙين ۽ اعرابن جو، جن يورپي علم-زبانن جي ماهرن مطالعو ڪيو آهي، تن پڻ سنڌيءَ کي ٻين جديد هند-آريائي ٻولين کان گهڻو ترقي يافته ۽ مڪمل ڪري مڃيو آهي“. (9)
اڄ سنڌي ٻولي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ وڏي پئماني تي استعمال ٿي رهي آهي. موجوده دور جي ضرورت مطابق ڪمپيوٽر جي حوالي سان به ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي. علمي طور سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن. ادبي طور سنڌي ٻوليءَ جو نثر ۽ نظم سنڌوءَ ۽ گنگا جي اوجل جل جي ڌارا جيئن آهي، جنهن جو پاڻي ڪُجسو ۽ بيٺل ڍنڍ جيئن نه، پر سُبڪ رفتار بلند ۽ اونهائيءَ وارو آهي، جنهن کي پڙهڻ، لکڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ سان اکيون ٿڌيون ٿيون ٿين ۽ دل ۽ دماغ کي راحت ۽ تراوٽ ٿي اچي.
سنڌي ٻوليءَ جي صدين جي سفر جي تاريخ ان جي نثر ۽ نظم جي نادر تصنيفات ۾ موجود ۽ محفوظ آهي، جو اسان جو قيمتي سرمايو آهي، جنهن جي حفاظت، اشاعت، ترقي ۽ ترويج لاءِ عملي ڪوششون ڪرڻ هر سنڌ واسيءَ جو فرض هئڻ گهرجي. ضرورت انهيءَ امر جي آهي ته موجوده اليڪٽرانڪ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي سائنسي طور برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وڃن.


[b]حوالا[/b]
(1) سيوهاڻي حڪيم فتح محمد، ”آفتاب ادب عرف ساهت جو سج“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1974ع، ص- 3
(2) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“،
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1993ع، ص-227
(3) جالبي جميل ڊاڪٽر: ”تاريخ اردو ادب (جلد اول)، مجلس ترقي اردو ادب، لاهور، 2005ع، ص- 10
(4) سيد غلام مرتضيٰ ”سنڌوءَ جي ساڃهه“، سن اڪيڊمي، دادو، ص- 75
(5) ايضاً ص- 75
(6) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”مقالا“ (انسان زبان ۽ ثقافت) سنڌي ادبي بورڊ، 1998ع، ص- 64
(7) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2004ع
(8) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: (شيخ اياز آڊيٽوريم سنڌ يونيورسٽي ۾ 25 مارچ 2009ع تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ليڪچر ”شروعاتي سنڌي شاعري“ جي هڪ سوال جي وضاحت ۾ چيو)
(9) سيد جي ايم، ”سنڌوءَ جي ساڃهه“، سن اڪيڊمي، دادو، ص- 39