لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اُٿي رائو ريل

”اُٿي رائو ريل“ جا مضمون/مقالا سنڌي ادب جي تاريخ جي اهم موضوعن تي مشتمل آهن ۽ خاص طور گهڻي ڀاڱي نثر بابت لکيل هنن ليکن ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. هي مضمون/مقالا مختصر هوندي به پنهنجي عنوانن سان لاڳاپيل ۽ ڪارائتي معلومات مهيا ڪندڙ آهن
Title Cover of book اُٿي رائو  ريل

افسانو/ ڪهاڻي

افسانو/ ڪهاڻي ادب جي اهم تخليقي صنف آهي، جنهن ۾ فرضي ڳالهين جي اوٽ ۾ صداقتن جي ترجماني ڪئي وڃي ٿي. حياتيءَ جي حقيقت نگاريءَ جو بيان ثابت ٿيل ڪهاڻيءَ جي صنف جون مختلف نوع سان وصفون بيان ڪيل آهن.
”افسانو هڪ اهڙو ادب پاره آهي، جو ڪنهن به حڪايتي انداز ۾ لکيل ٿئي ٿو، مگر خالصتًا حقيقت تي مبني نه آهي. هڪ ناول يا ننڍي ڪهاڻيءَ کي افسانو چئجي ٿو“. (1)
”مختصر ڪهاڻي اها آهي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن جي اندر پڙهي سگهجي“. (ايڊگرايلن پو)
”افسانو هڪ تمام وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي، جنهن ۾ هاڻوڪين جديد صنفن ناول ۽ مختصر ڪهاڻيءَ کان سواءِ اڳين دور جا روماني قصا، ڳاهون، ساديون ۽ ترڪيبي آکاڻيون ۽ حڪايتي نظم به اچي وڃن ٿا“. (2)
”مختصر ڪهاڻي نثري افساني (Prose Fiction) جو هڪ قسم آهي هڪ اهڙو ايجاز ۽ اختصار جو فن آهي، جنهن جا سڀئي فني پهلو گڏجي هڪ ڀرپور واحد تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا“. (3)
”انساني زندگي جي جذبن، حادثن، آزمائش جي گهڙين مان ڪنهن به هڪ گهڙيءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي (Short story) آهي“. (4)
”افسانو هڪ جديد نثري صنف آهي پراڻن قصن ۽ آکاڻين جو افساني جي پس منظر سان تعلق ناهي. افسانو هڪ اهڙو ننڍو داستان آهي، جو هڪ ئي نشست ۾ پڙهي ختم ڪري سگهي ٿو، جيڪو هڪ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هجي، جيڪي ڳالهيون هڪ تاثر بنائڻ ۾ مدد نه ڪنديون هونديون، سي افساني ۾ ضمني طور به نه اينديون“. (5)
محققن جي ڄاڻايل مٿين وصفن جو اختصار شيخ اياز جي لفظن ۾ اهو آهي ته ”هيءَ زندگي گهڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، ته ٻئي پاسي هر هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جهلڪ آهي“.
حاصل مطلب اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته نثري ادب جي تحريري طور رونما ٿيڻ کان اڳ بياني روايتن جو رواج هو. تحرير جي گرفت ۾ اچڻ کان پوءِ ادب نثر جي مختلف قسمن ۾ ورهايو ويو ۽ وقت سان جيڪا صنفن جي ورهاست ٿي، انهيءَ ۾ جديد مختصر ڪهاڻي ويهين صديءَ جي شروع ۾ سنڌي ادب ۾ آئي. شروع دور جا افسانا آکاڻي نما هئا، پر جلد ئي افسانه نويسيءَ جو جديد فن مرتب ٿيو، جنهن ۾ مڪان، زمان ۽ عمل جي اتحاد سان حقيقت نگاريءَ جا رنگ ڀري، ڪردارنگاريءَ جو توازن عمل ۾ آندو ويو. اختصار ۽ اثرانگيزيءَ کي اولين حيثيت ڏيئي، افساني کي غيرفطري ماحول مان آزاد ڪرائي حياتيءَ جي هڪ پهلوءَ کي اجاگر ڪندڙ تحرير جو روپ ڏنو ويو. آکاڻي نما افساني کي جديد ٽيڪنيڪ سان سجائي ان جي آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيتون ڏنيون ويون.
”سنڌي ادب ۾ ابتدائي ڪهاڻيون هندي، اردو، بنگالي ۽ فارسيءَ تان ترجمو ڪيون ويون. سڀ کان پهرئين نثر ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ديوناگري ۾ لکيل آهن، جن کي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجي سنڌي گرامر 1849ع ۾ درج ڪيو آهي“. (6)
انهيءَ کان پوءِ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ نموني جون آکاڻيون شايع ٿيون. پهريون سنڌي افسانو ”شريف بيگم 1914ع مرزا قليچ بيگ جو شمار ٿئي ٿو، جنهن جو حوالو رانجهن خان ميمڻ ”سنڌي افسانو“ (مونوگراف) ۾ ڏنو آهي. ڊاڪٽر تهمينه مفتي موجب، ”هن افساني جو ذڪر مستند پراڻين ادبي تاريخن ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي رانجهن خان هن حوالي جي ڪا فهرست ۽ تصديق ڏني آهي، فقط سن 1914ع ڄاڻايو اٿس، انهيءَ ڪري هن ڪهاڻيءَ بابت کوجنا جي ضرورت آهي“. (7)
1915ع ۾ لکيل نانڪ رام ڌرمداس جي ڪهاڻين ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“ کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اخلاق آموز آکاڻيون سڏيو آهي“. (8)
ساڳيءَ ريت چند ٻيون به آکاڻي نما ڪهاڻيون شايع ٿيون. هڪدم ننڍي کنڊ جي حالتن ۾ وڏو ڦيرو آيو 1914ع کان لڳل عالمگير جنگ سبب برصغير جي وڏي خطي تي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن منهن ڪڍيو. انگريز حڪومت جي راڄ ۾ علمي طور جديد انگريزي تعليم جو سرشتو قائم هو ته تمدني ۽ تهذيبي طور به قومن جي سماجي ۽ خانگي زندگيءَ ۾ تبديليون آيون ۽ ادب ۾ پڻ نوان رجحان آيا ڪيترن ملڪن جو ادب انگريزي ٻوليءَ معرفت برصغير ۾ پهتو ته ڏيهي ٻولين جي ادب ۾ نوان لاڙا روشناس ٿيا، جنهن سبب جديد ڪهاڻيءَ جي پرڏيهه ۾ ٿيل ترقي يافته شڪل هتي به متعارف ٿي. 1925ع کان 1947ع تائين جي عرصي ۾ جديد ڪهاڻيءَ لاءِ فني طور ترقيءَ جون راهون هموار ٿيون. هن دور جي ڪهاڻين ۾ لعل چند امرڏنومل جون ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“، ”ڏکن ڏڌي زندگي“، ”نؤورنيءَ جو خون“، ”لڄاوتي“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڪهاڻي ”گونگي ڪنوار“، ڀيرومل جي ”پريم جو مهاتم“، ڄيٺمل جي ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“، امرلعل هنڱوراڻيءَ جون ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي“، ”ادو عبدالرحمان“ ”هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز“ ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو گناهه“، مرزا نادر بيگ (فرزند مرزا قليچ) جون ”مس رستم جي“، ”موهنيءَ جي ڊائري“، ”ماءُ جو قهر“، ”انقلاب“، ”اڇوت“، ”گهر جي ڇڪ“، آسانند مامتورا جون ”لکيو ڪين ٽريو“، ”آرسي“، ”ڳنوارڻ“، ”جا آگيا“، عثمان علي انصاريءَ جي ”ململ جو چولو“، ليکو تليساڻيءَ جي ”منجري ڪولهڻ“، شيخ اياز جون ”سفيد وحشي“، ”کلڻي“، ”مسافر مڪراني“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ”نيت جو ڦل“، ”اقبال جي ڀيڻ“، ”شاهدي“، ”شانِ مسلم“، ”فريبي دنيا“، ”زماني جي گردش“، ”معصوم مجاهده“، ”جنات جو خلل“، ”سدرو شهزادو“، ”منشاراماڻي“ جي ”گهوٽ راجا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون ڇپيون، جن مان ڪي ترجمو هيون ته ڪي طبعزاد. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو وڏو تعداد بنگالي ۽ اردو ڪهاڻين مان هو ته ڪجهه انگريزيءَ مان پڻ هيون. مطلب ته ترجما گهڻا ٿيا طبعزاد ڪهاڻين جو تعداد گهٽ آهي. ڪجهه افسانوي مجموعا پڻ شايع ٿيا، جيئن پرڀداس ڀيرومل جا ”هيرا جواهر“، ”اندر جا اڌما“ (ٻه مجموعا)، ڄيٺمل جو ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“، آسانند مامتورا جو ”پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون“، ”آرسي“، عثمان علي انصاريءَ جو ”پنج“، گوبند مالهيءَ جا ”سرد آهون“، ”سورج مکي“، ”هوءَ موٽي آئي“، ”ريگستاني ڦول“ (ترتيب ڏنل)، شيخ اياز جو ”سفيد وحشي“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ”گلشنِ عبرت“، لطف الله بدويءَ جو ”دستهءِ گل“، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جو ”مرڪندڙ اکيون“، عيسيٰ نظاماڻيءَ جو ”تاريخي افسانا“ (ترتيب) شايع ٿيا.
ترجمن ۾ هندي، مرهٽي، اردو، بنگالي، ڏيهي ۽ ٻين ٻولين جي ليکڪن جيئن رابندر ناٿ ٽئگور، گنجيدرمتر، نارائڻ پرساد، سريندر بئنرجي، بئڪم، پرشاد چترجي، منشي پريمچند، ڪشور ساهو، رڻبير سنگهه، ڪملا ڪانت ورما، ڪنيالال منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، خواجه احمد عباس، ابراهيم جليس، خليل جبران، منٽو ۽ پرڏيهي ڪهاڻيڪارن ۾ الاسڪان، موپاسان، چيخوف، ٽالسٽاءِ، گورڪي، پشڪن، اوهينري، پرل بڪ، ميري ڪاريلي، گالسوردي ۽ ٻين جي ڪهاڻين جا ترجما سنڌيءَ ۾ ڪيا ويا.
1947ع کان اڳ جي طبعزاد ۽ مترجم ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪارائن ۾ ڀيرومل مهرچند، لال چند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، پرڀداس، نانڪرام ڌرم داس، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، رام پنجواڻي، آنند گولاڻي،
سوڀو گيانچنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، شيخ عبدالستار، عثمان علي انصاري، آسانند مامتورا، پرمانند ميوارام، مرزا نادر بيگ، نانڪي گدواڻي، مائي واساڻي، ايشور چندر، ايشوري جوتواڻي، ايم آرمائيداساڻي، خوشيرام واسواڻي، ڊي ڪي منشاراماڻي، چندرا آڏواڻي، حيشو ڪيولراماڻي، محمد عيسيٰ نظاماڻي، لڇمڻ راجپال، ڀڳونتي ديالاڻي، محمد صديق مسافر، عبدالله عبد، ڀون پنجواڻي، ليکو تليساڻي، بهاري ڇاٻڙيا، ڪيرت ٻاٻاڻي، لطف الله بدوي، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، نارائڻ داس ڀمڀاڻي، سڳن آهوجا، محمد خان غني، شيخ عبدالستار، نورالدين سرڪي، خانچند درياڻي، ڪشن کٽواڻي، پير
حسام الدين راشدي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ ٻيا آهن.
مٿي ڄاڻايل ليکڪن مان ڪي 1947ع کان اڳ جي افسانا نويسي جو پايو وجهندڙ هئا.
”1943ع ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌ سرڪل“ جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي بڻايو ويو ۽ پروفيسر رام پنجواڻي ان جو چيئرمين مقرر ٿيو. ان سرڪل سنڌي ادب جي خاطر خواهه خدمت ڪئي. 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌي هندو ليکڪن جو هڪ وڏو ٽولو هندوستان هليو ويو، جنهن جي ڪري سنڌي ادب جي اوسر ۽ ارتقا کي ڪي قدر ڌڪ رسيو، جنهن جو اثر سنڌي افساني تي پڻ پيو.“ (9)
ورهاڱي کان پوءِ 1948ع کان 1953ع تائين جي سالن ۾ افسانن توڻي افسانوي مجموعن جو تعداد گهٽ آهي. ڪل 6 مجموعا شايع ٿيا، جڏهن ته 1947ع ۾ ئي 12 ڪتاب ڇپيا هئا ۽ پوءِ تقريبًا هر سال ۾ پنجن کان پندرهن تائين يا ان کان مٿي افسانوي مجموعا شايع ٿيندا رهيا. (ڊاڪٽر بشير احمد شاد طرفان 1947ع کان 1987ع تائين سنڌ ۾ ڇپيل افسانوي مجموعن جو وچور ’مقالا‘ ڪتاب ۾ ص 129 کان ڏنل آهي).
1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو. حالتن جي تبديليءَ سبب افسانا نويسيءَ ۾ نه فقط نوان موضوع متعارف ٿيا، پر فني جوڙجڪ، مقصديت، ٻولي ۽ ٻين افسانوي خوبين تي نظر رکي ويئي. سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ افسانن کي پڙهڻ ۽ تبصري ڪرڻ جو رواج قائم ٿيو، جنهن سان لکندڙن جي اصلاح ۽ رهنمائي به ٿي ته ذوق ۽ شوق سان گڏ افسانن لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڇپجڻ جي رفتار به تيز ٿي. 1953ع کان 1990ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو ترقي يافته دور شمار ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن ڪهاڻيڪارن شاندار ڪهاڻيون لکيون. سنڌي ادب ۾ معياري ڪهاڻيءَ جاءِ والاري. ڪيترائي نوان موضوع متعارف ٿيا. 1947ع کان اڳ عالمي جنگيون، معاشي بدحالي، هندو مسلم فساد، آزاديءَ جي جدوجهد، قوميت، مذهبيت، علاقائيت ۽ ٻيا موضوع هئا ته ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جي افراتفري، ذهني ڇڪتاڻ، نئين آبادڪاريءَ سبب سنڌ کي درپيش مسئلا، ون يونٽ جو قيام، سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، مختلف مارشل لاز، قلم جون پابنديون، وارنٽ، جيلون، سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي طرفان استحصال ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع آيا، جن ۾ مزاحمت جو زور وڌيڪ هو. سماجي ڏاڍاين جي هن دور جو مزاحمتي ادب غيرت، سرڪشي، خودداريءَ سان گڏ قوميت جي جذبي سان ڀرپور هو. انيڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين ڪهاڻيون شايع ٿيون. مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ وڏي ترقي ٿي، ورهاڱي کان پوءِ جي ڪهاڻين جي مجموعن جو وچور ڏبو ته اهي پنج سؤ کان به مٿي ٿي ويندا.
ترجمن کان علاوه طبعزاد هزارن جي تعداد ۾ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن جا به انيڪ مجموعا ڇپيا آهن، جن ۾ ”سفيد وحشي“، ”پنهل کان پوءِ“، ”جي تند برابر توريان“ شيخ اياز، ”پشو پاشا“ جمال ابڙو، ”عبرت ڪده“ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ”آبحيات“ غلام رباني آگرو، ”بلو دادا“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”روشن ڇانورو“ ثميره زرين، ”اي درد ھلي آءُ“، ”اٺون ماڻھو“ سراج ميمڻ، ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”پڪار“ پوپٽي هيراننداڻي، ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“، ”چوٽيھون در“، ”ڊمي“ نسيم کرل، (ھاڻي ھي ڪھاڻيون ھڪ ڪتاب ۾ ”نسيم کرل جون ڪھاڻيون“ جي عنوان سان آھن). ”دل جي دنيا“، ”جڏھن مان نه ھوندس“، ”ٽيون وجود“، ”منھنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”سنڌو منھنجي ساھ ۾“ امر جليل، ”مرڪ ۽ مامتا“ ڪلا پرڪاش، ”سمنڊ اپسمنڊ“ قاضي خادم ”ڊاڪ بنگلو“ شيخ راز ”سوکڙي“ ”اباڻو گھر“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”طوفان جي تمنا“، ”پٿر تي ليڪو“، ”جيڪي منھنجي من ۾ آھي“، ”ايڏو سور سھي“ ڊاڪٽر نجم عباسي، ”پسي ڳاڙھا گل“ رسول بخش پليجو، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”سيمي“، ”دردونديءَ جو ديس“، ”راڻا جي راجپوت“، حميد سنڌي، ”ڌرتي ڌڪاڻا“، ”آيل ڙي اولاڻا“ علي بابا، ”مٺي مراد“، پل صراط“، ”لهر لهر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”واٽون راتيون ۽ رول“، ”ويندڙ وھي لھندڙ سج“ عبدالقادر جوڻيجو، ”ھاري ڪھاڻيون“، ”ھاري انقلاب“ حيدر بخش جتوئي، ”چنڊ جا تمنائي“، ”ڌرتي روشن آھي“ آغا سليم، ”هڪ حوا، ڪيئي ڪهاڻيون“ فهميده حسين، ”نئون شھر“، ”رات جا نيڻ“، ”رات منھنجي روح ۾“، ”اونداھا رستا ۽ دونھاٽيل گھٽيون“، ”سٺ ستر اسي“ غلام نبي مغل، ”سونھن پٿر پيار“، ”درد جا ڏينھن درد جون راتيون“، ”بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ طارق اشرف، ”حويليءَ جا راز“ ماڻڪ، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق شورو، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”ڪيڏارو“ نورالهديٰ شاهه، ”الزام“، ”اوڙاھ“ حليم بروھي، ”مورتي“ زيب ڀٽي، ”من جي پاتال مان“ طارق عالم ابڙو، ”ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر“ زيب سنڌي، ”ڪشمڪش“ سليم ڪورائي، ”ٽٽل شيشا ۽ آڱريون“ نور گھلو، ”پيار جي گھٽ“ الطاف شيخ، ”من تنھا منزل“ ڪرم الاھي چنڊ، ”رھيل قرض“ ظفر حسن، ”ٿڪل جذبن جو موت“ مشتاق شورو، ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“، شوڪت حسين شورو، ”امن جي نالي“، ”ڪافر ديوتا“ رسول ميمڻ، ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ شبنم گل، ”مٽيءَ سندو مامرو“ رفيق سومرو، ”اجهاميو ٻرن“ (انعام يافته) سيد ماڪن شاهه رضوي ۽ ٻيا افسانوي مجموعا آهن.
مطلب ته افساني جي صنف ۾ ورهاڱي کان پوءِ ئي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، جنهن ۾ فن، موضوع ۽ ٻوليءَ تي توجهه سان گڏ ٻين جدتن ۽ نون لاڙن اچڻ سان اعليٰ پئماني جا افسانا لکيا ويا آهن. سنڌي سماج جي گهڻن رخن جي عڪاسي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ملي ٿي. ممڪن آهي ته ڪجهه موضوعن ۾ صحيح نموني معنويت واضح نه ٿي هجي ته به گهڻي ڀاڱي سنڌي سماج جي اوڻاين، چڱاين، سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جا نقش چٽيل آهن. ڳوٺن ۽ شهرن جي مسئلن جا تفاوت الڳ الڳ پيش ٿيل آهن ته زميندارن، ڪامورن، پيرن، ڌاڙيلن جا هارين نارين، غريبن، اٻوجهن ۽ مريدن تي ڪيل ظلم ۽ سختيون به بيان ٿيل آهن. ڏاڍ، ڏمر ۽ استحصال خلاف واڪا آهن ته وڏيرڪي ۽ جاگيرداري نظام خلاف جاکوڙ ۽ مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ اُتساهيو ويو آهي. آزاديءَ ۽ بنيادي حقن جي حاصلات کي اهميت ڏني ويئي آهي. ڪهاڻيءَ جي عبوري دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين تي ٿيل ظلمن (جن سبب عوام پوئتي پيل آهي) کي موضوع بنايو ويو ته تعميري دور ۾ واضح مقصدن تحت مختلف نوان موضوع آندا ويا، جن ۾ قومي سجاڳي ۽ غيرت جي للڪار آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ موجب ته:
”هن دور ۾ اڪيچار سنڌي ڪهاڻين ۾، قوم جي مختلف تهذيبي، روحاني، سماجي ۽ نفسياتي مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي. قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ادب کي هڪ ڪامياب وسيلي طور پڻ ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي ذريعي عوام جا ستل جذبا، قومي احساس ۽ اُمنگ بيدار ڪيا ويا آهن، جن ۾ مختصر ڪهاڻي ۽ ناول ۾ ان جو مؤثر ترين ۽ شانائتي نموني سان استعمال نظر اچي ٿو“. (10)
سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي مطالعي مان اها ثابتي ملي ٿي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سماجي شعور پيدا ٿيو، جنهن جو مکيه سبب حقيقت نگاريءَ جي تحريڪ جو پروان چڙهڻ آهي. سنڌي ادب ۾ انهيءَ جي ابتدا ويهين صديءَ جي برصغير جي حالتن، عالمي جنگين ۽ بين الاقوامي ادب جي اڀياس سان ٿي.
گورڪي، ترجنيف، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين ڪيترن پرڏيهي اديبن ادب ۾ حقيقت نگاريءَ کي ترجيح ڏيئي ادب کي افاديت وارو ڄاڻايو ته بئڪم چندر جئرجي، شرٽ، رابندرناٿ ٽئگور بنگالي اديبن ۽ اردو ٻوليءَ جي ڪيترن اديبن پڻ دنياوي حالتن سبب خيالي ڳالهين جي بجاءِ سماجي حقيقتن کي اهميت ڏني. 1947ع کان پوءِ ڪيترن ڪهاڻيڪارن ۽ ڪهاڻيڪارائن جا نالا افسانا نويسيءَ جي ميدان ۾ ملن ٿا، جيئن: شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر نجم عباسي، الطاف قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، محمد حسين ڪروڙپتي، غلام رباني آگرو، قمر شهباز، عبدالرزاق راز، ابن حيات پنهور، بشير مورياڻي، عبدالجبار جوڻيجو، عبدالحئي قريشي، عبدالحق عالماڻي، حميد سنڌي، جمال رند، شمشيرالحيدري، عثمان علي انصاري، ع.ق شيخ، حفيظ شيخ، نور عباسي، بيدل مسرور، رسول بخش پليجو، شوڪت حسين شورو، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، طارق اشرف، رشيد آخوند، مدد علي سنڌي، علي بابا، طارق عالم، عبدالقادر جوڻيجو، خواجه سليم، فضل احمد بچاڻي، نثار حسيني، غياث جوڻيجو، فدا حسين بلوچ، محمد بخش مجنون، محمد نواز مخزون، قاضي خادم، نورالدين سرڪي، ارباب سنڌي، دادا سنڌي، عبدالقيوم صائب، يوسف سنڌي، سرور علي سرور، ناصر مورائي، محسن ڪڪڙائي، گلزار علي خواجه، نعيم دريشاڻي، محمد دائود بلوچ، علي گل عباسي، الطاف شيخ، ڪيهر شوڪت، منير احمد ماڻڪ، مشتاق شورو، اخلاق انصاري، رزاق سهتو، قبول ابڙو، ساقي سجاولي، سليم چنا، نذير شيخ، نور گهلو، ممتاز عباسي، سليم ڪورائي، زيب سنڌي، بشير احمد شاد، غلام نبي سڌايو، هدايت پريم، بادل جمالي، شرجيل، ظفر حسن، رسول ميمڻ، ممتاز مهر، ڪرم الاهي چنا، رفيق سومرو، اشتياق انصاري، بدر ابڙو، مختيار جانوري، روشن علي تنيو، عبدالواحد هاليپوٽو، سڪندر چانڊيو، فيروز ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن.
هندستان جي ليکڪن ۾ ايشور چندر، گنوسامتاڻي، لعل پشپ، رام پنجواڻي، نارائڻ ڀارتي، اتم، هيرو شيوڪاڻي، آنند ٽهلراماڻي، برج موهن، موهن ڪلپنا، جگديش لڇاڻي، گل آسناڻي، منوهر لال، داس طالب، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، هريش واسواڻي، موهن ديپ، آنند کيماڻي ۽ ٻين سنڌي افساني کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو.
”هند توڙي سنڌ ۾ سنڌي عورتن پڻ افسانانويسيءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي، جن ۾ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلاپرڪاش، ريٽا شهاڻي، ويناشرنگي، بيگم زينت عبدالله چنا، ثميره زرين، رشيده حجاب، خيرالنساء جعفري، ماهتاب محبوب، تارا ميرچنداڻي، اندرا شبنم، جميله نرگس، ثريا ياسمين، اقبال شيخ، ثريا ڀٽي، رضيه کوکر، نيلوفر جويو، انيس ميمڻ، فهميده ميمڻ، سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، نذير ناز، ثريا ”سوز“، ج.ع منگهاڻي، تبسم ماهتاب قريشي، تهمينه مفتي، ليليٰ بانا، سيما عباسي، زبيده ميتلو، نسرين جوڻيجو، سلمه صديق قاضي، ۽ ٻيون آهن“. (11)
سنڌي ادب ۾ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ڪهاڻيڪارائون موجود آهن، جن جي قلمي سرمايي سان سنڌي افسانوي ادب جو مان مٿانهون آهي، جن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، محمد عثمان ڏيپلائيءَ وقت جي وهڪري مطابق انهيءَ دور جي سياسي ۽ سماجي موضوعن مطابق لکيو ته وٽن مقصدي پهلو پڻ نمايان آهي. شيخ اياز نج سنڌي ڪردارن کي آندو آهي ته سندس اسلوب بيان لطافت سان معمور آهي. غلام رباني آگرو ٺيٺ سنڌي لفظن سان حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندي ”آب حيات“ جهڙو (مجموعو) سنڌي ادب کي ڏنو. جمال ابڙو مقاميت ۽ ارضيت جو فنڪار آهي، سندس ڪهاڻين کي وڏي مقبوليت ملي، خاص طور ”پشوپاشا“ سنڌي ادب جي اهم ڪهاڻي آهي. حفيظ شيخ جي ”امان مان اسڪول ڪونه ويندس“ شاهڪار ڪهاڻيءَ جو درجو رکي ٿي. (موجوده وقت بي اي جي نصاب ۾ شامل آهي) اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ ڪافي مقبول ٿي، جنهن تي پنهنجي وقت ۾ گهڻا تبصرا ٿيا ۽ هر جڳهه پسند ڪئي ويئي. آغا سليم، امر جليل ۽ نسيم کرل سنڌي افسانانگاريءَ ۾ هڪ منفرد ۽ اهم مقام رکن ٿا. آغا سليم رومانويت ۽ ٻوليءَ جي سهڻي استعمال سبب، امرجليل ڪردارنگاري ۽ مڪالمابازيءَ سان گڏ اڇوتن موضوعن ۽ ڇرڪائيندڙ پڇاڙيءَ سبب ته نسيم کرل واقعات نگاري کي سهڻي نموني سان ڪهاڻيءَ ۾ اجاگر ڪيو آهي. قوميت ۽ سنڌيت تي امر جليل، نجم عباسي، سراج ميمڻ، شوڪت شورو، ۽ ٻين لکيو آهي. هند توڙي سنڌ جي سنڌي افساني ۾ ڏيهي پرڏيهي ادبي قدرن ۽ حالتن موجب ڪئين نوان لاڙا آيا آهن جن ۾ اشاريت يا علامت نگاري، ظاهريت، وجوديت، خود وجوديت، سرئيلزم ۽ رمزيت خاص مشهور آهن.
موجوده وقت ضروري آهي ته ڪهاڻيءَ جي صنف جي واڌ ويجهه ۽ نون ڪهاڻيڪارن کي ڪهاڻيءَ جي فن ۽ اصولن سان واقفيت ڪرائڻ لاءِ افسانانويسيءَ جي باري ۾ سيمينار/گڏجاڻيون ڪوٺايون وڃن. ميڊيا ذريعي سٺين ڪهاڻين ۽ ناولن تي تبصرو ڪري، ڪمرشلائيز ڪرڻ لاءِ انهن کي ناٽڪ جي صورت ۾ فلمايو وڃي. سٺين ڪهاڻين تي انعام ڏنا وڃن. پرڏيهي سٺين ڪهاڻين جي ترجمن کي به همٿايو وڃي ته جيئن موجوده وقت جيڪا ڪجهه ماٺار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، انهيءَ ۾ فرق اچي ويندو ۽ ڪهاڻي وري نئين سر جِي اٿندي، پر وري به ايئن چونداسين ته قديم ۽ جديد روين ۽ نون فني اصولن سان سنڌي افسانو اڄ به لکجي رهيو آهي. مقدار ۾ ڪميءَ جي باوجود به ان جو معيار ڪجهه سالن کان وڌندڙ آهي.

[b]حوالا[/b]
(1) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص- 9
(2) ايضًا ص- 10
(3) ايضًا ص- 169
(4) امرجليل، ”سهڻي امرجليل نمبر“، سهڻي پبلشرز الهندو ڪَچو حيدرآباد، 1973ع، ص- 208
(5) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص- 68
(6) ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت آکاڻي نويس“ ڪينجهر، (قليچ نمبر) 1991ع سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ص 70
(7) ايضًا ص- 71
(8) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006، ص- 69
(9) ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“، ”سنڌي افسانو، آزاديءَ کان اڄ تائين“ (مقالا)، سنڌي ادبي بورڊ 1988ع، ص- 126
(10) عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص- 262
(11) ميمڻ پروين موسيٰ، ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2008ع، ص-344