ڊاڪٽر غلام علي الانا جون سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات ۾ خدمتون
انيڪ اعزازن سان نوازيل هن محقق جي ڪتابن جا موضوع، علم، ادب، تاريخ، تهذيب، تمدن، ثقافت، آثار قديمه، موسيقي ۽ خاص طور سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن. ٻولي ۽ لسانيات جي حوالي سان سندن گرانقدر خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن وقت تائين پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ لسانيات جي حوالي سان ٿيل ڪم ۾ سڀ کان گهڻو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن جي نظر ۾ سڀ کان وڏو حصو ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو آهي. لسانيات، سنڌي ٻولي، ادب ۽ نثر سان تعلق رکندڙ سندن چند ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌي صورتخطي: ڊاڪٽر صاحب 1963ع ۾ لکيو ۽ پهريون ڇاپو 1964ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم.اي سنڌيءَ جي نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب جي بابن جا عنوان هن ريت آهن: ”سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۽ قدامت جا اهڃاڻ“، ”ديسي سنڌي رسم الخط جا ڌار ڌار نمونا“، ”خواجڪي سنڌي صورتخطي“، ”عربي-سنڌي صورتخطي“، ”چچنامي ۾ لکيل سنڌي لفظ“، ”البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي لفظ“، ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“، ”رسم الخط لاءِ سرڪاري ڪاميٽي“، ”ايلس واري صورتخطي“، ”ايلس جي ٺاهيل صورتخطيءَ جون خصوصيتون“، ”سُر (Vowels) ”شد“، ”جزم“، ”تنوين“، ”همزو“، گهڻا سُرَ، ”وسرگائي، ”ايلس واري صورتخطيءَ ۾ لفظن جي صورتن ۾ اختلاف“، ”هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ عام خاميون“.
مٿين عنوانن کي سهڻي ۽ سولي نموني سان مختلف وزنائتن دليلن ۽ حوالن سان سمجهايو ويو آهي. سنڌي رسم الخط جي ابتدا لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته،
سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي-سنڌي رسم الخط جي ابتدا 864ع ۾ جاحظ جي ڪتاب ”رسالة فخر السودان في علي البيضان“ ۾ نج سنڌي لفظن کي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکڻ سان ٿي. انهيءَ عرصي کي سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿئي هڪ سؤ سال کن گذريا هئا. هن رسم الخط ۾ اڳتي هلي چچنامي جي مصنف البيروني ۽ ٻين ماهرن ۽ محققن پنهنجي نموني سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان کي وڌيڪ معياري بنايو.“ (2)
الانا صاحب، اصطخري، بشاري، مقدسي، ابن نديم، ابن حرقل، البيروني ۽ ٻين جي حوالن سان ثابت ڪيو آهي ته، ”سنڌي ٻولي اسلام جي آمد وقت نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي.(3)
”سنڌي صورتخطي“ ڪتاب پنهنجي موضوع جي حوالي سان نه فقط موضوع تي مواد جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو، بلڪه معياري ۽ مدلل معلومات مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ انگريزيءَ جي ڪتب آيل اصطلاحن جا
نعم البدل سنڌي لفظ ڏنل آهن ته جيئن صوتيات جي شاگردن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. هيءُ ڪارائتوڪتاب عرصي کان شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ئي لفظن ۾ ته،
”هن ڪتاب لکڻ جو خاص مقصد آهي ته سنڌي زبان جا عالم، استاد، تعليمي ماهر ۽ عربي رسم الخط جا ڄاڻو سنڌيءَ جي موجوده صورتخطيءَ جوگهرو مطالعو ڪن“.
ڊاڪٽرعبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، ”الانا صاحب جي هن ڪتاب کان اڳ سنڌي زبان ۾ رسم الخط جي اڀياس لاءِ مواد هڪ هنڌ گڏ ٿيل نه هو ۽ ان کي پهريون ڀيرو تنقيد جي تارازيءَ ۾ پروفيسر غلام علي الانا توريو. هن ۾ الانا صاحب واضح طور ڄاڻايو آهي ته رسم الخط ۽ صورتخطيءَ ۾ فرق محسوس ڪرڻ گهرجي.“ (4)
سنڌي نثر جي تاريخ: 1966ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو ۽ پوءِ ٻه ڇاپا ڇپيا آهن. خاص طور فقط سنڌي نثر جي موضوع سان لاڳاپيل هن ڪتاب جي ادبي تاريخن ۾ وڏي اهميت آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جي لکڻ موجب ته، هن ڪتاب جي اهميت ٻين ادبي تاريخن، موجود هئڻ جي باوجود ان ڪري برقرار رهي، جو هيءُ بنيادي طرح نثر جي مختلف صنفن جي باري ۾ مواد رکي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ايترو تفصيل سان ڪنهن به نه ڏنو هو. هن ڪتاب جي ترتيب عام ادبي تاريخن کان مختلف آهي ۽ هيءُ ڪتاب نثر جي باري ۾ پيرائتو احوال ڏئي ٿو“. (5)
نثر جي هن تاريخ جا ٻه ڀاڱا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي نثر جي اوسر، ننديرام دؤر، قليچ دؤر، سنڌي نثر جا سرچشما، ”نثر جون خصوصيتون، موضوع، عبارت جون خوبيون ۽ نثر جا قسم بيان ڪيل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ اٺاويهن سنڌي نثر نويسن جي سوانح سان گڏ سندن تصنيفات جو جائزو ڏنل آهي، جن ۾ سورنهن هندو، ٻارنهن مسلمان نثر نويس شامل آهن. انهيءَ برابريءَ جي امتزاج سان هن ڪتاب مان سنڌي مسلمان ۽ هندو ليکڪن جي لکڻين جي نمونن ۽ سندن ڪم جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ جي حيثيت کان علاوه سوانح نگاريءَ جي مَدَ ۾ پڻ خاص جڳهه والاري ٿو. اهم سنڌي نثر نويسن جي سوانح علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ ٻوليءَ جي جائزي لاءِ سندن تحريرن مان حوالا ڏنل آهن. ديوان ننديرام سيوهاڻي، آخوند لطف الله محمد اسحاق، شمس الدين بلبل، لالچند امرڏنومل، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، محمد صديق مسافر، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري ۽ ٻين نثرنگارن جو ذڪر آهي.
”ڊاڪٽر الانا صاحب جي هن تاريخ کان اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نثر نويسن جو تفصيلي احوال آيل نه هو. هن کان اڳ نثري صنفن بابت مقالا ته گهڻا لکيا ويا هئا، پر نثر جي وصف، قسمن، ابتدا ۽ تاريخ سان گڏ وڏن سنڌي نثرنگارن جو مڪمل ذڪر ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ ٿيل نه هو“. (6)
سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي: جولاءِ 1979ع ۾ شايع ٿيو. لساني جاگرافيءَ جو مطالعو ۽ اڀياس زبان جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب هن ڏِسَ ۾ هڪ اهم قدم آهي. هن ڪتاب تي کين 1979ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايوارڊ ۽ 1981ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ايوارڊ عطا ٿيو.
ڇهن بابن تي مشتمل هن لساني جاگرافيءَ جي بابن جا موضوع هن ريت آهن: ”سنڌي زبان ۽ ان جا لهجا“، ”ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ“، ”ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڦهلاءُ“، ”راجسٿان ۾ ڦهلاءُ“، ”بلوچستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جواثر“، ”سرائيڪي ايراضيءَ ۾ سنڌي زبان جو ڦهلاءُ“.
سنڌي ٻوليءَ جي مٿين ايراضين ۾ پکڙجڻ ۽ ڦهلاءَ جي سببن جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد، ”سنڌي قبيلن جي حڪومت“، سنڌي ٻوليءَ جي انهن ايراضين ۾ حيثيت، سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ناتا، ٻولين جا بنياد ۽ ٻولين ۾ صوتي هڪ جهڙائيون ۽ ٻيا عوامل چٽائيءَ سان واضح ڪري، ڊاڪٽر صاحب لساني جاگرافيءَ جي اهميت ڄاڻائي آهي. سنڌي زبان جي لهجن جي ڄاڻ ڏيندي الانا صاحب لکن ٿا ته:
”جاگرافيائي حالت جي لحاظ کان سنڌي زبان اترادي يعني سريلي، لاڙي، وچولي، ٿري، ڪوهستاني، ڪڇي ۽ لاسي لهجن ۾ ورهايل آهي. اهي لهجا وري مقامي لحاظ کان ننڍن ننڍن گروهن ۽ محاورن (colloquials) ۾ ورهائي سگهجن ٿا. نه فقط ايترو، پر هر لهجو ۽ محاورو وري ڪرت، ڌنڌي ۽ پورهئي جي لحاظ کان ننڍن ننڍن مقامي محاورن ۾ ورهايل آهي“. (7)
لساني جاگرافيءَ ۾ سنڌي زبان جي پکيڙ جي سببن ۽ وسعت جي ڄاڻ ملي ٿي. پکيڙ جي سببن ۾ باهمي شاديون، سماجي ناتا، سياسي رشتا، مذهبي ۽ روحاني لاڙا، آس پاس جي ايراضين سان تعلقات ڄاڻايل آهن. سنڌي زبان جي پکيڙ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان، راجسٿان سان گڏ قديم سنڌ جي ملتان صوبي تائين ڏسي ويئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ مٿين ڪتابن وانگر هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل ۽ شاگردن ۽ استادن لاءِ مفيد آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس: جون 1989ع ۾ شايع ٿيو. 400 صفحن جو هيءُ ڪتاب خاص سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي احوال تي مشتمل آهي، ”هن ڪتاب ۾ آيل سڄو مواد تازو ۽ نئون آهي، سواءِ هڪ يا ٻن بابن جي، جيڪي سه ماهي مهراڻ ۾ مقالن جي روپ ۾ اڳ ۾ ڇپجي چڪا هئا“. (8)
هن ڪتاب جي يارهن بابن جا عنوان، ”لسانيات مقصد ۽ اهميت“، ”علم صرف ۽ سنڌي ٻولي“، ”علم نحو ۽ سنڌي ٻولي“، ”سنڌي ادغام“،
”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون“،”علم لسان۽ سچل جو ڪلام“، ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج“، ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽ ابتي ٻولي“، ”سنڌي ٻوليءَ جي قديم تاريخي حيثيت جو اڀياس“، ”سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، ان جو مستقبل ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون“، ”رسم الخط جي ابتدا ۽ اوسر“، ”قديم سنڌ جو رسم الخط“، ”سنڌي لپي“، ”رسم الخط جي قدامت جا اهڃاڻ“، ”لوهاڻڪو، ارڌناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم الخط“، ”سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين تهذيبن جو اثر“، ”عربي ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ جا لفظ“، ”دنيا جي ٻين ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان“.
ٻوليءَ جي اڀياس جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته، ”علم اللسان، انسان ذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميڙن، صوتين، صرفين، فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب يعني صوتي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ عملن بابت مواد مهيا ڪري ٿو“. (9)
هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، صورتخطي، رسم الخط، علم صرف و نحو، ڪلاسيڪل شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موجوده مقام جي مفصل ڄاڻ ڏئي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا: سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب جا 13 ئي باب سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ اوسر کي تفصيلي نموني واضح ڪن ٿا. شروع جي ٻن بابن ۾ علم اللسان جي ماهرن جي راين تي بحث ڪندي، الانا صاحب زبان جي تهذيبي، تمدني ۽ سماجي ڳانڍاپي کي لازم ملزوم قرار ڏنو آهي ته گڏ انساني فطري ۽ قدرتي ورثي يعني ٻوليءَ جي اوسر جي اهميت ڄاڻائي آهي. ٽئين کان ٻارهين باب تائين سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اوسر ڏنل آهي، انهيءَ کي ڊاڪٽر صاحب ”سنڌو ماٿر جي قديم دؤر کان، موجوده مقام تائين“ ٽن عنوانن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ ”سنڌي زبان جي حيثيت“، ”سنڌي ٻوليءَ جي معياري حيثيت“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ معياري حيثيت آهن. آخري باب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل ۽ ترقيءَ لاءِ تجويزون ڏنل آهن.
عنوان مطابق هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ ارتقا جي جامع معلومات تي مبني آهي، پر حقيقت ۾ هن ڪتاب جو هڪ اهم رخ اهو به آهي ته انهيءَ ۾ ”سنڌي نثر“ کي سهڻي پيرايي سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خاص طور سنڌو ماٿر جي مهرن لاءِ مقرر ٿيل ملهه، ديسي لفظن جون لڙهيون، اسلام کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ جو سٽاءُ، رگويدڪ ۽ چچنامي ۾ سنڌي لفظ، وزن، تور، وقت جي ماپ، طرفن، ڏسن، ڏينهن لاءِ سنڌي لفظ، قديم سنڌي نثر ۾ ڪم آندل قديم ٻوليءَ جو نمونو، لوڪ ادب، نثري ادب، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌي نثر، اصطلاحن ۽ پهاڪن جو اڀياس، ترجمو ٿيل پهاڪا، سنڌي ٻوليءَ جو پڌرنامو، سنڌي ٻوليءَ جي دفتري لکت جو هڪ نمونو 1859ع ۽ ٻيا ذيلي عنوان سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي نثر جي اوسر تي وضاحت سان روشني وجهن ٿا.
منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي سڀني مٿين ڪتابن جي اڀياس کان پوءِ هڪ اهم رُخ سامهون ٿي آيو آهي، سو آهي سندن سنڌي نثر جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششون، سنڌي نثر جي تاريخ، هن موضوع تي سندن مڪمل ڪتاب آهي، پر سندن ٻين تحريرن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سنڌي نثر جي بنياد، اوسر، ارتقا ۽ موجوده مقام۽ حيثيت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. بلاشبه اهو چئي سگهجي ٿو ته لسانيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي نثر تي ڪم ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو نالو صفِ اول جي محققن ۽ عالمن ۾ شمارٿئي ٿو.
شخصي طور پاڻ اڻ ورچ، نيڪ دل، بااخلاق انسان آهن. اعليٰ حوصلي ۽ همت سان اڄ ڏينهن تائين علم ادب جي تحقيقي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيندا ۽ نوجوان طبقي جي رهنمائي ڪندا اچن. علمي جستجو ۽ ڄاڻ کي وڌائڻ ويجهائڻ ئي سندن منشا آهي. هن وقت به پنج ڪتاب سندن هٿ ۾ تڪميل جي مرحلن ۾ آهن. ڌڻي سڳورو شال هن مهربان ۽ محنتي محقق کي سٺي صحت ۽ عُمرِ خضري عطا ڪري ۽ نئين نسل کي هن پرعزم زندگيءَ مان سبق سکڻ جي قوت عطا ڪري.
حوالا
(1) ميمڻ سراج الحق: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع (مهاڳ) ص- 6
(2) الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي، (ڇاپو ٽيون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص- 90
(3) الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي صورتخطي، (ڇاپو ٽيون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1993ع، ص- 91
(4) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، (ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص- 30
(5) ميمڻ فهميده حسين ڊاڪٽر: ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“، سنڌ ادبي اڪيڊمي، 1992ع، ص- 148
(6) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (ٽيون ڇاپو)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص- 15
(7) الانا غلام علي ڊاڪٽر: ”لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص- 9
(8) ايضًا ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع، ص- 5
(9) ايضًا ص- 3